سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آڪٽوبر  2023ع

باب:

صفحو:6 

Text Box: مضمون

ڪرشن چندر                         (قسط: ٽين)

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)

ھي سيٽ تي ويھي رھيو، وري آواز   ٻُڌائين، ڪيڏانهن ھلڻو آھي سائين، يوسف چيو بازار ھل، ايتري ۾ سائي بتي ٻري ته ڪار ھلڻ لڳي. بازار ۾ ھر دڪان کليل ھو، دڪانن تي ڪيتريون ئي شيون رکيل هيون، خوبصورت ڪپڙا، ميوات، ڪيڪ بسڪوٽ ۽ رنگ برنگي مِٺايون. ھر شيءِ سجائي رکي وئي هئي، پر تعجب جي ڳالهه اھا ته، اتي ڪو به ماڻھو نه ھو! ڪار ھڪ پيٽرول پمپ تي بيھي رھي، آواز آيو معاف ڪجو پيٽرول ٿورو آهي، آئون  پيٽرول ڀرائي وٺان، تيستائين توھان دڪان ڏسي وٺو. دڪان ڏسڻ کان پھرين يوسف پيٽرول پمپ ڏسڻ لڳو، پيٽرول ڀرڻ وارو نل پاڻھي ڪار ۾ پيٽرول ڀرڻ لڳو. پيٽرول ڀرجڻ کانپوءِ نل پاڻھي پنھنجي جڳهه تي اچي ويو. يوسف دڪانن ڏي ويو، ھتي مِٺايون ٿالھن ۾ سجايل ھيون، پر  نه دڪاندار ھو نه گراھڪ.  يوسف ٻه گلاب جامن، ٻه رس گُلا ۽ برفي کائي رومال سان مُنھن اُگھيو، واپس وريو ته ڪنھن چيس جناب پئسا ته ڏئي وڃو. يوسف حيران ٿي پُٺيان ڏٺو، دڪان تي ڪير به ماڻھو نه ھو، ھن چيو مون وٽ ته ھن وقت کيسي ۾ ھڪ رپيو به نه آھي، ٺيڪ آ ڪو مسئلو ناھي، توھان جي کاتي ۾ لکي ڇڏبو. ايتري ۾ ٺڪاءُ ٿيو، يوسف ڏٺو ته دڪاندار جي ويھڻ واري جڳهه تي ھڪ مشين ويٺي ھئي، يوسف جي جواب ڏيڻ تي مشين جي ھڪ بتي ٻري، ٻه دفعا ھلڪن ٺڪن جو آواز آيو، مشين مان لوهه جو ھٿ نڪتو، جنھن ۾ ھڪ ساسر ھئي، ۽ ساسر ۾ اٺ آنن جي بل جي پرچي پيل ھئي. آواز آيو. پرچي پنھنجي کيسي ۾ رکو، شھر مان واپسي تي توھان کان حساب ورتو ويندو. يوسف حيران ٿي پرچي کنئي ۽ موٽر ۾ ويھي رھيو. موٽر پڇيس ھاڻ ڪيڏانھن ھلون. يوسف چيو ٿڪي پيو آھيان، اھڙي جڳهه کڻي ھل، جتي آرام ڪري سگھان. موٽر ھڪ عاليشان ھوٽل وٽ بيھي رھي، ھوٽل جو دروازو پاڻھي کُلي ويو، يوسف اندر ويو، ھن کي ھاڻ ڪجهه ڳالھيون سمجهه ۾ اچي ويون ھيون. ھن ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو، ھن کي ھڪ وڏي مشين نظر آئي، جنھن جون رنگبرنگي بتيون ٻرڻ لڳيون، يوسف مشين وٽ ويو ۽ چيائين مونکي ھڪ ڪمرو گھرجي، مشين نالو پڇيس، يوسف، ڪٿان کان آيو آھين؟  بادشاهه جي نگريءَ کان، ڪيئن آيو آهين؟ وڻ تي چڙھي، ھتي ڪيترا ڏينهن رھندين، جيترا ڏينھن ڪو انسان نه ڏسندس، مشين کِلڻ لڳي، يوسف به کِليو، ھي سامھون ڪمرو آھي، جنھن کي لفٽ چوندا آهن، ھن ۾ وڃي بيهه، توکي تنھنجي ڪمري جي سامھون لاھيندي. يوسف ايئن ئي ڪيو، لفٽ ھن کي وڏي ڪمري وٽ پھچايو، يوسف دروازي وٽ پھتو ته دروازو پاڻھي کُلي ويو. اندر ويو، ڏٺائين ته ڪمري ۾ ڪيترن ئي قسمن جون مشينون پيل آھن، ڪُنڊ ۾  ھڪ ڪرسي پيل آھي، جنھن تي ننڍڙو ڇوڪرو ويٺل آھي، ڇوڪري جي اکين ۾ غير معمولي چمڪ ۽ ڪشش آھي، ھن جي ھٿ ۾ آڱريون نه آھن، صرف آڱوٺو آھي. يوسف چيو اسلام عليڪم، ڇوڪري چيو ھيلو، يوسف پڇيو تنھنجيون آڱريون ڪيڏانهن ويون! ڇوڪري چيو آڱرين جو ڪھڙو ڪم، ھتي سڀ ڪم بٽڻ دٻائڻ سان ٿيندا آهن، ان لاءِ  آڱوٺو ئي ڪافي آهي. يوسف پڇيو ھن شھر جا ماڻھو ڪيڏانھن ويل آھن، آئون سڄو شھر گُھميو آھيان، مونکي ڪو به ماڻھو نظر نه آيو. ڇوڪري چيو، ھن شھر ۾ ماڻھو نه رھندا آھن، صرف مشينون ۽ بٽڻ آھن. ماڻھو ڪيڏانھن ويا يوسف پڇيو، اھي سڀ مري ويا يا ماريا ويا، ڇوڪري ڏک مان چيو، يوسف پڇيو تنھنجا ماءُ پيءُ ڪٿي آھن، اُھي به مري ويا، ڇوڪري چيو، منھنجو پيءُ ھن شھر جو مالڪ ھو، تو نالو ٻڌو ھوندو، موٽو رام درلا. ھا ھا ٻڌو اٿم، اسان جي بادشاهه جو گھاٽو يار ھو. کيس پئسن ڪمائڻ جو وڏو شوق ھوندو ھئس، انڪري ھِن، شھر ۾ ڪارخانا کوليا، جن ۾ ھزارين مزدور ڪم ڪندا هئا، منھنجي بابا کي نيون مشينون خريد ڪرڻ جو شوق ھوندو ھو. ھڪ مشين سؤ مزدورن جي جڳهه تي ڪم ڪندي ھئي، منھنجو پيءُ ڪارخاني ۾ مشين لڳائيندو ھو، ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ ھڪ مزدور رکندو ھو، باقي نوانوي مزدورن کي ڪڍي ڇڏيندو ھو. اھڙيءَ طرح مشينون وڌنڌيون ويون، ماڻھو بيروزگار ٿي ويا ۽ پوءِ مرڻ لڳا. تنھنجي پيءُ ايئن ڇو ڪيو، جڏھن ھڪ مشين سؤ مزدورن جو ڪم ڪندي ھئي، ته تنھنجو پيءُ سؤ مزدورن کي ڪم مان نه ڪڍي ھا، ٿورو ٿورو ڪم سڀني کان وٺي ھا. يعني 12 ڪلاڪ بدران 12 منٽ. پر بابا جي اھا سوچ نه ھئي، سندس چوڻ ھو، ته منھنجا مزدور 12ڪلاڪ ڪم ڪندا ھئا، انڪري ھاڻ به 12ڪلاڪ ڪم ڪرڻ گھرجي، پوءِ چاھي مزدور ھڪ ھجي يا سؤ ھجن. پر ڇو، مشين ته ماڻھن لاءِ آھي، ماڻھن لاءِ مشين نه ۽ مشين جو فائدو ماڻھن کي ملڻ گھرجي، جيئن کين محنت گھٽ ڪرڻي پوي. سمجهه ۾ ته اھو ٿو اچي. پر منھنجي پيءُ کي اھا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ھو مزدور گھٽ ڪرڻ لاءِ تيار ھو، پر مزدور جي ڪم ۾ گھٽتائي ھن کي منظور نه ھئي، ھو چوندو ھو ان سان مزدور خراب ٿي ويندا، مشين خراب ٿيندي آھي، ته ان جو پرزو تبديل ڪيو ويندو آھي، مزدور جيڪڏھن خراب ٿي وڃي، ته ان کي ڇا ڪجي. تنھنجو پيءُ به عجيب سوچ جو مالڪ ھو. ٻُڌ ته، پوءِ نيٺ سڀ ڪم مشينون ڪرڻ لڳيون، ۽ ماڻھو بيروزگار ٿي بُک مرڻ لڳا، بابي کي گھڻو منافعو ٿيو، ھو ته خوش ٿيڻ لڳو. پوءِ ھڪ ڏينھن ڏُڪار آيو، بازارون ويران ٿيڻ لڳيون. بازارن ۾ سڀ سامان موجود ھو، پر ماڻھن وٽ پئسو نه ھجڻ ڪري خريد نه ڪري سگھندا ھئا. انڪري گھڻا ماڻھو مري ويا، جيڪي بچيا اھي بغاوت ۾ مارجي ويا ۽ ڪجهه شھر ڇڏي ڀڄي ويا. ھن شھر جا فقط ٽي ماڻھو بچيا، آئون، منھنجو پيءُ ۽ منھنجي امان. ڇاڪاڻ ته شھر ۾ ھاڻ ڪو به ماڻھو نه ھو، بابا کي ھاڻ منافعو به نه ٿيندو ھو، توکي خبر آهي، نفعو مشينن مان نه پر ماڻھن مان ٿيندو آهي، ھاڻي ڪو ماڻھو ئي نه رھيو ته بابي کي ڪٿان نفعو ٿئي، انڪري ھن خودڪشي ڪري ڇڏي! ٽي سال ٿيا منھنجي ماءُ به گذاري وئي. تڏھن کان آئون ھن شھر ۾ اڪيلو آھيان ۽ مشينن جا بٽڻ دٻائيندو رھندو آھيان. يا فرصت ۾ سينيما ڏسندو آھيان. پر ڪا به فلم ٻارن لاءِ نه آهي، انڪري مون ڪاوڙ ۾ اچي سڀني فلمي ڊائريڪٽرن کي چٻرو بڻائي وڻ تي ويھاري ڇڏيو آهي، تو انھن کي اچڻ مھل ڏٺو ھوندو. ھا، پر تو آڱرين واري ماجرا ته ڪونه ٻڌائي، ڳالهه اھا آھي، ته مون کي ھٿ سان ڪم ڪرڻ جو شوق ھوندو ھو، بابا چوندو ھو توکي ڪم ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت، جڏھن ته مشينن تي ڪم ٿئي پيو، تون صرف بٽڻ دٻا، انڪري ھن منھنجيون آڱريون ڪپي ڇڏيون، ڇوڪري ڏک مان پنھنجي ھٿن ڏانھن ڏٺو. يوسف چيو، تون مون سان گڏ ھل، ھن شھر کي ڇڏ، ھي شھر نه پر منافعي خورن جو قبرستان آھي. ڇوڪري چيو توسان ھلي ڇا ڪندس. يوسف چيس وڻ تي چڙھي نئين دنيا جا ماڻھو ڏسنداسين. ڇوڪري چيو آئون وڻ تي ڪيئن چڙھندس، آئون ته صرف بٽڻ دٻائي سگھان ٿو. يوسف چيو اھو آئون توکي سيکاريندس. ٺيڪ آ، پر تو پنھنجو نالو ڪونه ٻڌايو، 001، اھو ڪھڙو نالو آھي، مونکي ته ٽيليفون نمبر ٿو لڳي. ڇوڪري چيو، اسان جي شھر ۾ ماڻھن جا نالا نه ھوندا آھن، نمبر ھوندا آھن، منھنجو نمبر 001 آھي. يوسف چيو، اڄ کان آئون توکي موھن چوندس. موھن، 001 دھرائيندي چيو، موھن سٺو نالو آھي ۽ گھنٽيءَ وانگر وڄندو آهي. جڏھن موھن يوسف سان گڏ ھلڻ لڳو، ھن آخري نظر شھر تي وڌي ۽ افسوس مان چوڻ لڳو ايڏو وڏو شھر، خوبصورت روڊ، ڪارخانا، ڪارون، گھر، بازارون، دولت جا انبار، اھي سڀ ڪيڏانھن ويندا. ماڻھن کانسواءِ انھن جي ڪابه حيثيت نه آهي، انھن جي اھميت ماڻھن سان آھي. ڪپڙا ماڻھن جي پھرڻ لاءِ آھن، مِٺايون ٻارن جي کائڻ لاءِ آھن، روڊ راھگيرن لاءِ آهي، پر جيڪڏهن ڪارخانن ۾ مزدورن جا ھٿ ڪم نه ڪندا ھجن، گھرن مان عورتن جي ٽھڪن جا آواز نه ايندا ھجن ۽ گھٽين مان ٻارن جو گوڙ نه ايندو ھجي........! ڇا تو ڪڏھن ڪنھن گھٽيءَ ۾ کيڏڻ دوران شور ڪيو آهي؟ گوڙ ڪرڻ ڇا کي چوندا آهن؟ موھن ڏکارو ٿي يوسف ڏي ڏٺو. يوسف پنھنجي ڳالهه مڪمل نه ڪئي، ھن موھن جي ٻانھن کان جھليندي چيو، جلدي ھل ته ھتان نڪرون، نه ته ھن شھر جي خاموشي توکي کائي ويندي. يوسف ۽ موھن ڪئميرا جي اک مان ٻاھر نڪري آيا. ٻاھر وڻ جي شاخ تي فلم ڊائريڪٽر سنجيدگيءَ سان بحث ۾ مصروف ھئا، ھڪ چئي رھيو ھو، آئون توکان وڏو ڊائريڪٽر آھيان، ٻي چيو، نه آئون توکان وڏو آھيان، پھرئين ڊائريڪٽر چيو، ان جو ثبوت ڏي، ٻي ڊائريڪٽر چيو ھن وڻ جي شاخ تي آئون اُبتو لڙڪي سگھان ٿو، اھو چئي ھو اُبتو لڙڪي پيو. پھرين ڊائريڪٽر چيو، مون تنھنجون فلمون ڏسڻ سان ئي اندازو لڳايو ھو، ته تو فلمون به ڪئميرا کي اُبتو جھلي ٺاھيون آھن. يوسف موھن کي چيو، انھن ماڻھن جي بحث ۾  اسان جو ڇا، اچ ته ھلون. وڻ جي شاخن کان ٿيندا ھو، وڻ جي ٿُڙ تي اچي ويا، موھن ھڪ وڏي چالاڪي ڪئي، ھُو ٽارچ کڻي آيو ھو، ٽارچ جي روشني ۾ ھُو ٻيئي مٿي چڙھندا ويا، اڳيان موھن ھو، يوسف پٺيان، موھن پنھنجي آڱوٺي جي مدد سان چڙھي رھيو ھو، ٿوري دير اونداھي ۾ چڙھڻ کانپوءِ آھستي آھستي روشني نظر اچڻ لڳي، اھڙي روشني جھڙي چانڊوڪي راتين ۾ ھوندي آھي. اڳتي وڃي انھن ڏٺو ته ھڪ پڃرو لڙڪي رھيو آھي ۽ ان ۾ چنڊ کي قيد ڪيو ويو آھي. ان پڃري ۾ عجيب شڪل جو ھڪ دَيوُ ويٺل آھي، سندس رنگ چانديءَ جھڙو آھي، ڳالھائڻ مھل سندس وات مان لفظن بدران رپيا نڪرندا ھئا، رپيا عجيب آواز ۾ ھن جي وات مان نڪري ھيٺ چانديءَ جي وڏي ٿالهه ۾ ڪِرندا ويندا ھئا، ٿالهه جي وچ ۾ ھڪ وڏو سوراخ ٿيل ھو،

(هلندڙ......)


 

آخوند  نور احمد ڏهوٽ

ڦلجي اسٽيشن / دادو

سؤ رپين جو نوٽ

بابر ٽئين ڪلاس جو شاگرد هو. بابر جي ماءُ کيس هڪ ڳالهه سمجهائي هئي، ته رستي ۾ ڪڏهن ڪو غير واقف ماڻهو پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چوي يا زوريءَ وٺي وڃي، يا ڪجهه کائڻ لاءِ ڏئي، ته ڪڏهن به نه کائجان. ۽ نه ڪاڏي وڃجان. هميشه اسڪول کان سِڌو گهر ايندو ڪر. اڄڪلهه حالات ٺيڪ نه آهن، ان ڪري ڪنهن به غير واقف تي اعتبار ڪرڻ عقلمندي نه آهي. بابر جي امڙ هن کي روز اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندي رهندي هئي، ته جيئن هن ۾ هوشياري ۽ چالاڪي پيدا ٿئي. پر بابر تمام گهڻو لاپرواهه ۽ غير ذميدار ڇوڪرو هو ۽ ڪڏهن به امڙ جي ڳالهه غور سان نه ٻڌندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن بابر اسڪول پهتو ته هن کي ياد آيو ته هو لنچ باڪس گهر وساري آيو آهي، بريڪ ٽائيم ۾ بابر ڪجهه شيون کاڌيون، پر موڪل جي ٽائيم تي هن کي ڏاڍي بُک لڳِي، ته هن شارٽ ڪٽ رستي سان گهر وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هو جلدي جلدي وڃي رهيو هو، ته جيئن گهر پهچي.

اوچتو اڳيان هڪ ويران گهٽي آئي، جنهن ۾ هن ڏٺو ته سؤ رپين جو نوٽ پيو هو. هن جلدي ۾ نوٽ کنيو ۽ هيڏي هوڏي ڏسي اڳتي وڌيو، گهر پهچي، بابر ماني کاڌي ۽ نوٽ جي باري ۾ ماءُ کي نه ٻڌايو. ان ڪري ته سندس امڙ چوندي، ته نوٽ اتي رکي اچ جتان کنيو اٿئي. ٻئي ڏينهن به بابر اُتان ئي لنگهيو ۽ هن ڏٺو، ته وري سؤ رپين جو نوٽ اُتي ئي پيو آھي ۽ هن خوشيءَ خوشيءَ مان نوٽ کنيو ۽ ماءُ جون سڀ نصيحتون ڀُلجي ويو. عجيب ڳالهه آهي، ته روزانو اُتان ئي نوٽ ملي وڃي، بابر کي هن ڳالهه جي پرواهه نه هئي. لالچ ۾ اچي ويو، ٽئين ڏينهن جڏهن بابر اُتان لنگهيو ڏٺائين، ته پاسي کان هڪ پوڙهو ماڻهو بيٺو هو. جنهن بابر کي اشارو ڪيو، ته ٻچا هيڏي آءُ. جڏهن بابر هن وٽ ويو، ته چيائين پيٽ بُکايل آهيان جو هلي به نه ٿو سگهان، مون کي سهارو ڏي ۽ گهر وٽ ڇڏي اچ. بابر کي دير ٿي رهي هئي، ان ڪري پوڙهي کي گهر پهچائڻ کان انڪار ڪيو. پوڙهي هن جو جواب ٻڌي چيو، ته منهنجو گهر ويجهو آهي، تون منهنجي مدد ڪر، مان توکي انعام ۾ سؤ رپيا ڏيندس.

بابر سؤ رپئي جو ٻُڌي لالچ ۾ اچي ويو. بابر پوڙهي کي هٿَ کان وٺي، هن جي گهر ڇڏي آيو. اُتي پهتو، ته پوڙهي چيس ته، اندر گهر ۾ اچ ۽ پنهنجو انعام وٺ. بابر جيئن ئي گهر ۾ اندر قدم رکيو، ته پوڙھي دروازو بند ڪري ڇڏيو، گهر ۾ پوڙهي جا ٻيا ساٿي به موجود هئا. اهي سڀ زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳا، پوڙهي پنهنجي نقلي ڏاڙهي، مُڇون ۽ ٽوپي لاهي ڇڏي، ته هو هڪ صحتمند ماڻهو هو. بابر هن کان ڊڄندي چيو، ته مونکي پنهنجي گهر وڃڻو آهي، انهن ماڻهن بابر کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. جتي ٻيا ٻار به قيد هئا، جن کي هنن چاڪليٽ ۽ پيسن جي لالچ ۾ هتي پهچايو ھو، انهن ماڻهن جو تعلق خطرناڪ گروپ سان هو. جيڪي ويس بدلائي مختلف علائقن مان ڪيترائي ٻارڙا اغوا ڪندا هئا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ موڪيلندا هئا ۽ تمام گهڻو پئسو ڪمائيندا هئا. سڀئي ٻار پنهنجن مائٽن کي ياد ڪري روئيندا هئا، ته بابر به روئي رهيو هو، ته هڪ ٻار بابر کي چيو، ته خاموش ٿي وڃ، نه ته هي ماڻهو اسان کي ماريندا ۽ کاڌو به نه ڏيندا.

بابر کي هاڻي احساس ٿي رهيو هو، ته مان پنهنجي ماءُ جي نافرماني ڪئي هئي. مون کي اُن جي سزا ملي رهي آهي. پوءِ هن سڀني ٻارن کي چيو، اچو ته ربّ تعاليٰ کان غلطين جي معافي گهرون ۽ دعا ڪريو ن ته اسان کي هن قيد مان آزادي حاصل ٿئي. سڀئي ٻار هن جي ڳالهه تان متفق ٿيا. معافي گُهري ۽ اهو عهد ڪيو، ته اڳتي پنهنجي وڏن جي نافرماني نه ڪنداسين. ٻئي ڏينهن سمجهي ويا، رات جو ٽِين بجي پاڙي ۾ گوڙ ٿي ويو ۽ گهر تي پوليس ڇاپو هنيو. پوليس گهر جي تلاشي ورتي، ته سڀئي اغوا ڪيل ٻار ملي ويا. پاڙي جي هڪ ماڻهوءَ جي احمد جي گهر تي مشڪُوڪ 20 ماڻهن تي نظر هئي ۽ اُن پوليس کي اطلاع ڏنو، اُن کانپوءِ انهن سڀني ٻارن کي حفاظت سان پنهنجي پنهنجي گهرن تائين پهچايو.

    }پيارا ٻارو ھميشه ماءُ، پيءُ ۽ وڏن جو چيو مڃيندا ڪريو، نه ته بابر وانگر نقصان کائيندؤ.{

***


 

نيٽ جي ٿورن سان

ٻين جو به احساس ڪريو

هاريءَ جي گهر ۾ هڪ ڪُئو رهندو هو، هڪ ڏينهن ڪُئي ڏٺو، ته هاري ۽ ان جي زال هڪ ٿيلي مان ڪجهه ڪڍي رهيا هئا، ڪُئي سوچيو ته شايد ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان آهي. غور سان ڏسڻ کان پوءِ ڪُئي کي خبر پئي، ته دراصل اها ڪوڙڪي هئي، خطرو محسوس ٿيڻ تي ڪُئي گهر جي پويان رهندڙ ڪبوتر کي اها ڳالهه ٻڌائي، ته گهر ۾ ڪوڙڪي اچي وئي آهي.

ڪبوتر ڀوڳ ڪندي چيو، ته مون کي ڇا؟ مون کي ڪهڙو ان ۾ ڦاسڻو آ. مايوس ڪُئو اها ڳالهه ڪُڪڙ کي ٻڌائڻ ويو، ڪُڪڙ به ڀوڳ ڪندي چيو، ڀائو اهو مسئلو منهنجو ناهي.

مايوسي ڪُئي کي وڪوڙي ڇڏيو، پر آخري ساٿي ٻڪر جو خيال آيس، ته ٻڪر سان وڃي سڄي ماجرا بيان ڪيائين، ٻڪر کِل ۾ ليٿڻيون پائڻ لڳو.

انهيءَ رات ڪوڙڪي مان کُڙڪي جو آواز آيو، جنهن ۾ هڪ زهريلو نانگ ڦاسي پيو هو. اونداهي ۾ نانگ جي پُڇَ کي ڪُئو سمجهندي هاريءَ جي زال ان کي ڪوڙڪي مان ڪڍيو ۽ نانگ عورت کي ڏنگي وڌو.

طبيعت خراب ٿيڻ تي هاريءَ حڪيم کي گهرايو، حڪيم هاريءَ کي ڪبوتر جو
سوپ ٺاهي پيارڻ جو مشورو ڏنو.

ڪبوتر ديڳڙي ۾ اُٻري رهيو هو.

اها خبر ٻڌي هاريءَ جا ڪافي مائٽ اچي پهتا. جن جي کاڌي جي انتظام لاءِ اڳئين ڏينهن ڪُڪڙ کي ذبح ڪيو ويو.

ڪجهه ڏينھن کان پوءِ هاريءَ جي زال فوت ٿي وئي.... ڪانڌپي لاءِ ٻڪر کي قربان ڪرڻ کان سواءِ ڪو به چارو نه هيو. ۽ ڪُئو گهر جي اها حالت ڏسي پري وڃي چڪو هئو..... تمام پري

جيڪڏهن ڪو ماڻهون توهان کي پنهنجو ڪو مسئلو ٻڌائڻ لڳي ۽ توهان کي ايئن لڳي، ته هي مسئلو منهنجو ناهي، ته پهرين ٿورو سوچيو..... اسان سڀ خطري ۾ آهيون.... سماج جو هڪ عضوو، هڪ طبقو، هڪ شهري خطري ۾ آهي، ته پورو ملڪ خطري ۾ آهي..... ذات، مذهب ۽ طبقي جي دائري کان ٻاهر نڪرو...... پاڻ تائين محدود نه رهو... ٻين جو به احساس ڪيو. پاڙي ۾ لڳل باهه توهان جي گهر تائين به پهچي سگهي ٿي.

***


 

عبدالواسع عبد سهندڙو

عظيم سهندڙو ـــ شڪارپور

وحيد محسن

}ٻاراڻي ادب جو چمڪندڙ ستارو{

وحيد محسن جي ڇٺيءَ جو نالو عبدالوحيد ۽ والد جو نالو عبدالقادر عنبر سومرو آهي. جڏهن ته ادبي دنيا ۾ وحيد محسن جي نالي سان مشهور آهي. پهرين ڊسمبر 1968ع ۾ ننڍڙي شهر رستم ضلعي شڪارپور ۾ اک کولي، پرائمري کان مئٽرڪ تائين رستم ۾ ئي تعليم، پرايائين. انٽر سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور 1988ع ۾ پاس ڪيائين. بي ايس سي گريجوئيشن 1992ع ۽ ماسٽرس سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس 2004ع، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. اهڙيءَ طرح بي ايڊ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان حاصل ڪيائين.

1985ع ۾ پهرين لکڻي لکي ادبي دنيا ۾
پير
پاتائين. گهر ۾ هن کي ادبي ماحول
مليو جو هن جو موڀي ڀاءُ استاد محمد
شريف شاد سومرو هڪ وڏو نامور اديب، محقق موجود مليو، پوءِ وحيد کي به اُتان اُتساهه ۽ جذبو پيدا ٿيو. وحيد کي مطالعي ۽ لکڻ جي اهڙي لنوَن لڳي، جو هو اڄ سوڌو لکڻ ۾ جُنبيل آهي. خاص طور تي ٻاراڻي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ ٻاراڻي ادب ۾ هڪ مڃيل شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ اديب طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. وحيد جو ٻاراڻي ادب توڙي عام ادب جي حوالي سان هڪ نرالو نالو آهي. هن جي ادبي پورهئي جو مختصر وچور هيٺ ڏجي ٿو.

سرد لاش 2002ع (گڏيل شاعريءَ جو مجموعو) بُرائيءَ جو بدلو 2003ع (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، مهمان جهرڪي 2016ع (اردو ترجمو ننگر چنا مهمان چڙيا جي نالي سان 2022ع ۾ ڪيو)، ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا 2017ع (ٻارن لاءِ شاعري)، راندين جو هفتو 2018ع (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، ننڍڙي پري (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، ڪرونا جنگ جهڙي آ 2020ع (شاعري)، ڪاغذ جون ٻيڙيون“ 2020ع (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، ڀنڀوريون ۽ خديجا 2021ع (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ۽ هالار جو خواب 2022ع (ٻارن لاءِ ناول) وغيره لکيل آهن. ڪيترائي ٻيا ڪتاب پڻ اڻ ڇپيل مواد جي صورت ۾ موجود آهن. ان کان علاوه مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ وحيد جا ليک، مضمون، آرٽيڪل ۽ تاثرات ڇپجي چڪا آهن. وحيد جي دلي خواهش آهي ته هن کي ٻاراڻي ادب جي خادم طور ئي سڃاتو وڃي، ته ڄڻ هن لک کٽيا. ان ڪري ڏينهن رات ٻاراڻي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ فڪرمند رهي ٿو. مٿين ڪتابن جي پڙهڻ مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته هو پوين ڪجهه سالن کان ڪيڏو تيزيءَ سان قلم هلائي رهيو آهي، جو هن جا ڪتاب ڌڙاڌڙ ڇپجي رهيا آهن. ان مان محسن جو جذبو ۽ شوق ظاهر ٿئي ٿو. هيٺ وحيد محسن جي ٻاراڻي ادب جي لکيل ڪجهه چونڊ ڪتابن جو جائزو پيش ڪجي ٿو. بُرائي جو بدلو وحيد محسن جو ٻارن لاءِ لکيل پهريون ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن ۾ يارنهن ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ ڪهاڻي امتحان جي نالي سان آهي، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته جيڪو امتحان دوران ڪاپي ڪري محنتي شاگردن جا حق ماري ٿو. آخرڪار اُهو پڪڙجي، ٽن سالن لاءِ امتحان ڏيڻ لاءِ نااهل ٿي وڃي ٿو، مطلب ته جيڪي محنت ڪن ٿا، اهي محنت جو ڦل حاصل ڪن ٿا.

ڪتاب مهمان جهرڪي ۾ هي ڪهاڻيون شامل آهن، علم جي روشني، ڀٽڪيل مسافر، ڪَانوَن جو ايڪو، مشعل، سنڌ امڙ، اسڪول لائبريري، مهمان جهرڪي، طوطو اسان جي گهر جو ڀاتي، هندورو ۽ شرارت ڪهاڻيون شامل آهن. سڀئي ڪهاڻيون احساسن ۽ جذبن سان ٽٻٽار آهن. وحيد محسن جو ٻاراڻي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ٻالڪ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا پنهنجي پر ۾ ٻالڪ ادب جي حوالي سان هڪ سُٺو ۽ ڪارائتو اضافو آهي. ٻالڪ شاعريءَ لاءِ وحيد محسن جو هي هڪڙو ئي ڪتاب آهي، باقي ٻيا ڪتاب ڪهاڻين جا مجموعا آهن. هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جا مختلف رنگ ۽ عنوان آهن. جن ۾ حمد، نعت، شاهه ڀٽائي، ٽانڊاڻو، سنڌي ٻولي، گُڏڙو گُڏڙي، روشن تارا، ڪاپي ڪلچر، پوپٽ، عيد مبارڪ، ٽيليويزن، وطن جا راڻا، اُڀ تي تارا، اُستاد، روئي جيجل ٿي، ميلا آهن هتڙي، ڏاها ٿيندا، مستقبل جا معمار، محنت، ٻار اسان جا مورَ، سکر شهر، بادل، جوت، چوڏيل، سائيڪل، لغڙ، اسڪول، جاڳي پئو، سنڌ سونهاري، طوطو، علم پرايون، لولي، مٺڙي ٻولي، چؤسٽا جاڳو، کِلن ٿا جيءَ جيارا، معصوم، ڦاٽل چولا، راند ۽ سنڌي الفابيٽ تي ٽيڙو پٽي شامل آهي.

ڪتاب جي مُنڍ ۾ حمد جي عنوان تحت ربّ سائينءَ جي ثناء ۽ ساراهه ڪندي ڍاپجي ئي نه ٿو. نهايت سهڻن سلوڻن ۽ مختصر پر جامع نموني ربّ پاڪ جي تعريف ڪري ٿو. جيئن چوي ٿو:

حاڪم آهين، حڪيم تون ئي،

مالڪ منهنجا، عظيم تون ئي،

رزق ڪشادو عطا ڪيو تو،

رازق سهڻا، رحيم تون ئي،

هردم تنهنجو ڪرم رهي ٿو،

ڪرم خدارا، ڪريم تون ئي،

راحت تنهنجي نانوَ وٺڻ سان،

ساهه سهارا، عليم تون ئي،

محسن تنهنجو ٻانهو آهي،

قدرت وارا، حليم تون ئي.

ٻارڙن چنڊ تارن جي حوالي سان محسن جا خيال نرالا ۽ نيارا آهن. هو ٻارن کي مختلف نمونن سان ڀيٽا پيش ڪري ٿو.

راندين جو هفتو وحيد محسن جو ٻاراڻي ڪهاڻي جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ هيٺيون ڪهاڻيون آهن. مِٺُو موٽي آءُ، پکين جو پيءُ، راندين جو هفتو، پين جو انعام، ننڍڙي ٻلي، استاد جي شفقت ۽ علم جي عظمت ڪهاڻيون شامل آهن. عبدالجبار عبد هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: وحيد محسن جون هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي ڪهاڻيون سبق آموز ۽ نصيحت ڀريون هجڻ سان گڏوگڏ ٻارن جي لاءِ وندر تفريح ۽ دلچسپين سان ٽمٽار آهن.

ننڍڙي پري ڪتاب ۾ وحيد محسن جون ڪهاڻيون به لاجواب ۽ منفرد آهن، جنهن ۾ سالگرهه، گُڏين جي راند، نم جو وڻ، سائنس جو پيرڊ، هاريءَ جو پٽ، ننڍڙي پري، ڪنجوس آفيسر، ساهيڙيون، پينگهه لڏون، ڪتابن جو ميلو، ڀنڀوري ۽ پوپٽ ڪهاڻيون شامل آهن. وحيد محسن جي ڪهاڻين بابت بيدل مسرور بدوي هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته: وحيد محسن جي تحرير جو انداز به پنهنجي شهر شڪارپور وارو آهي، سندس ڪهاڻين جي ڪردارن، منظرن محاورن ۾ به پنهنجي شهر شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ جي رهڻي ڪهڻي جو نقش عمدي انداز سان چٽيل آهي.

ڪاغذ جون ٻيڙيون ڪتاب به سنڌي ٻاراڻي ادبي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. هن ۾ شامل ڪهاڻيون آهن: احساس، اسڪول جي ياد، ماءُ کان وڇڙيل ٻلونگڙو، لائبريري، علم جو اتساهه، خرچي، فرمانبردار شاگرد، ڪاٺير جو پٽ، خديجا جي گُڏڙي، علم جو ڪرشمو، ڪاغذ جون ٻيڙيون، رابعا جو خواب، ڳوٺ جا ٻار، نظم رسيلا رنگ ۽ ٻار، طارق، پوپٽ ۽ ڪنول آهن.

وحيد محسن ڄائو نپنو شهر رستم ۾، ان کانپوءِ 2005ع ۾ لڏي شڪارپور ۾ آيو ۽ اتان وري پوءِ ڪراچيءَ لاءِ اُڏام ڪيائين. هن ڪتاب جي ڪجهه ڪهاڻين ۾ سنڌ جي مارئي ڪراچي شهر جي ماحول کي به ڏيکاريو ويو، جيئن ڪهاڻي، احساس، ۽ ڪاغذ جون ٻيڙيون، ۾ هن شهر جو وايومنڊل ڏيکاريل آهي.  هن جي خاص ڳالهه اها آهي، ته ڪجهه ڪهاڻين جي گهرج موجب موزون جڳهه تي شعر پيش ڪري هر ڪهاڻيءَ کي چار چنڊ لڳايا آهن. جنهن سان ڪهاڻين ۾ وڌيڪ رس چس پيدا ٿيو آهي. هنن ڪهاڻين جي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هنن ڪهاڻين ۾ وحيد محسن جو شاعراڻو خيال جاڳي پوي ٿو.

ڀنڀوريون ۽ خديجا ڪتاب ۾ هي ڪهاڻيون آهن، ٽي ساهيڙيون، مزدور ٻار، ڀنڀوريون ۽ خديجا، جيڏو تنهنجو نانءُ، اڇي ڏاڙهيءَ وارو ڪاڪو، وقت جي ڏور، معصوم پکي، ڏاڏي امان، ننڍي ڀيڻ، روشنيءَ جا خواب، نيڪدل پري، ۽ بهادر شهزادو شامل آهن. وحيد محسن جي پتڪڙي پوٽي نالي خديجا آهي، ڏاڍي پياري سُلڇڻي ۽ سياڻي آهي. وحيد لاءِ اکين جو تارو آهي. مون سدائين وحيد کي هن سان پيار ڪندي ڏٺو آهي. مطلب ته ان سان ايندي ويندي اول گهول پيو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح وحيد جون هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون پنهنجي پوٽي خديجا سان منسوب آهن. ۽ جن کي مشاهداتي ڪهاڻيون چئي سگهجي ٿو، جيئن ڀنڀوريون ۽ خديجا، اڇي ڏاڙهي وارو ڪاڪو ۾ ڏيکاريل آهي. ڀنڀوريون ۽ خديجا ڪهاڻي ۾ وحيد محسن ڏيکاري ٿو ته ڪراچي جي سچل ڳوٺ ۾ رهڻ دوران سانوڻي مينهن جي رم جهم وسڻ جا منظر آهن. مينهن جڏهن وسندو آهي ته ٻار ڏاڍيون هنبوڇيون هڻندا آهن. گهر جي پڌر ۽ گهٽين ۾ کيڏندا ڪُڏندا آهن. پراڻن توڙي نوَن ڪپڙن جو به نور چَٽُ ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح جڏهن خديجا اهي ڀريل بادل ڏسي ٿي، ته اها به خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾ ئي نه ٿي ماپي. مينهن کانپوءِ جڏهن اُڀ تي ڀنڀوريون اُڏرندي نظر اچن ٿيون ته خديجا ڏاڍي سرهي ٿئي ٿي، انهن کي سڏي ٿي ته، اچو هيٺ لهي اچو ته گڏجي راهل ماحل ٿي کيڏون ۽ اهي ڀنڀوريون هيٺ لهي هن سان کيڏن ٿيون.

وحيد محسن ٻارن لاءِ شاعري به ڪئي، ڪهاڻيون به لکيون. هاڻي وري پنهنجي قلم کي نئون موڙ ڏنو. ٻارن جي لاءِ هڪ ناول هالار جو خواب لکي پاڻ کي ناول نگارن جي صف ۾ اچي بيهاريو. هيءُ ناول اٺن بابن تي مشتمل آهي. هالار جيڪو ٻڪرار آهي. ٻڪريون چاريندي، جڏهن هو ٻارن کي اسڪول ويندي ڏسي ٿو، ته هن جي دل ۾ به پڙهڻ جي اُميدن جا ڏيئا ٻرن ٿا ۽ هالار پڙهڻ لاءِ سوچي ٿو. جڏهن ان جو مامو هن کي اُداس ڏسي ٿو، ته هن کان ان جو سبب پڇي ٿو.  هالار چوي ٿو، ته مان پڙهي تعليم پِرائي هڪ سٺو انسان بڻجڻ چاهيان ٿو. مامو ان کي پڙهائڻ لاءِ حامي ڀري ٿو.

وحيد محسن هڪ سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار آهي. هو ٻارن لاءِ ٻار ٿي لکندو آهي. هن روايتي ڪهاڻين سان گڏ سائنسي عنوانن تي به قلم هلايو آهي. دنيا ۾ نوَن اُڀرندڙ واقعن جي اثرن کي به پنهنجي ڪهاڻين جي خوبصورت انڊلٺي رنگن ۾ رنگيو آهي. جيئن ڪرونا وائرس آئي، ته ان سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. انهيءَ جو اثر اسان جي ملڪ ۽ معاشري تي به ٿيو. اهڙي موضوع تي به هن جون ٻارن لاءِ سرجيل ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون.

وحيد محسن کي وقت بوقت ڪيترائي ادبي انعام، اڪرام ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملندا رهيا آهن. جن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته وڏي ڄمار ماڻي. ۽ ٻاراڻي ادب جي ائين ئي خدمت ڪندو رهي. آمين.

***


 

السلام عليڪم: مانَ واري ايڊيٽر صاحبه،

آگسٽ 2023ع جو شمارو پڙهي ڏاڍي  خوشي ٿي، توهان جي ٽيم ماشاءَ الله بهترين ڪم ڪري رهي آهي. هن شماري ۾ اسان جي اسڪول جي ايوارڊن جي تقريب جو احوال ۽ فوٽو ڏسي خوشي ٿي. گل ڦل ۾ معياري لکڻيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون، جن مان اسان ۽ ٻارڙا گهڻو ڪجهه سِکون ٿا. مان توهان جو ساليانو ميمبر ٿيڻ چاهيان ٿو، ته جيئن وقت تي گل ڦل جي ڪاپي ملي سگهي.

دادو ضلعي جي ڪنهن به بُڪ اسٽال تي گل ڦل موجود نه آهي. ڪجهه سرڪيوليشن وڌايو، ته جيئن وڌ کان وڌ ٻارڙا ٻاراڻي ادب مان مُستفيد ٿي سگهن.

مان ادا رفيق جمالي جو به ٿورائتو آهيان، جيڪي اسان جي راءِ کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا. گل ڦل ۾ شاهه جو پيغام ۽ ٻيا سلسلا بهترين ۽ ڄاڻ وارا آهن. گل ڦل جي سڄي ٽيم کي سلام آهي. جيڪي سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هميشه خوش ۽ آباد رهو.

آخوند نور احمد ڏهوٽ (استاد ۽ اديب)

ڦلجي اسٽيشن، ضلع دادو.

*

ڀيڻ نجمه پنهور

ادي، اوهان کي جسُ هجي جو ايترين مصروفيتن جي باوجود به رسالو وقت سر مارڪيٽ ۾ ملي رهيو آهي. ٻارڙا ڏاڍا خوش آهن. ادي هن ڀيري ڪجهه مواد، آمريڪي لوڪ ڪهاڻي، سهڻا سخن ۽ کِل ته سهي اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته اُن کي رسالي ۾ ضرور شامل ڪنديون.

اوهان جو دُعاڳو.

علي محمد پلهه

ڳوٺ: پلهه، ضلع سانگهڙ

*

السلام عليڪم، ايڊيٽر صاحبه

گل ڦل آگسٽ 2023ع جو شمارو پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي. شاهه لطيف جا بيت پڙهي، اُن مان گهڻي ڄاڻ پِرائي آهي. هن رسالي ۾ اسان جي اسڪول جي اُستادن ۽ شاگردن جون تصويرون ڏسي مزو آيو ۽ ڏاڍي خوشي ٿي. ان کان سواءِ گل ڦل جا ٻيا سلسلا تمام ڀلا آهن. منهنجي گل ڦل جي انتظاميا کي گذارش آهي، ته رسالا وڌيڪ ڇپرايا وڃن ته احسان ٿيندو.

مهرباني

مدثر علي خاصخيلي

ڪلاس چوٿون، ڪئمپس اسڪول ڦلجي اسٽيشن، دادو

*

ڀيڻ نجمه پنهور، ايڊيٽر گل ڦل

عرض آهي، ته ڪجهه مهينا اڳ مون سنڌي ادب ۾ شڪارپور جي ٻاراڻي ادب جي مشهور لکاري ارباب علي عادل چوهاڻ جي حوالي سان زندگي ۽ ٻاراڻي ادب جي پورهئي جي حوالي سان هڪ مضمون لکيو ، جنهن جي جواب ۾ اوهان گل ڦل جي جُون واري پرچي ۾ چيو، ته ايندڙ يعني جولاءِ جي پرچي ۾ اهو شامل ٿي ويندو. ليڪن اوهان جولاءِ جي پرچي ۾ اهو شامل نه ڪيو. مهرباني ڪري ان کي آگسٽ 2023ع واري پرچي ۾ شايع ڪنديون ته توهان جي نوازش ٿيندي.

ان کان سواءِ مان هن خط سان سارين جو فصل ۽ شاعري مڇر ڀڄايو موڪلي رهيو آهيان. اُميد ته گل ڦل ۾ جڳهه ڏئي مانُ مٿانهون ڪندا. ٻي ڳالهه ته هن خط سان گڏ مان پنهنجي ڌيءَ سعيده سهندڙو جو ڪتاب جي حوالي سان ننڍڙو ٽڪرو، سعيده جي هٿ اکرن وارو موڪلي رهيو آهيان. ان سان گڏ لطيفي لات ۾ پنهنجي پٽُ عبدالمالڪ سهندڙو جو بيت جي سمجهاڻيءَ جي حوالي سان، ان جو ئي هٿ اکر موڪلي رهيو آهيان، تان جو انهن کي پڙهڻ لکڻ جي عادت پوي، ته جيئن اهي به وڏا ٿي سُٺا لکاري بڻجن، انهن جي همت افزائي ڪندا ته عين نوازش ٿيندي.

عبدالواسع سهندڙو

اسٽيششن روڊ شڪارپور.

*

السلام عليڪم، گل ڦل ۾ شايع ڪرڻ لاءِ هڪ نعت موڪليان ٿو، اميد ته شايع ڪنديون.

هن کان اڳ مون پرائمري اسڪول فريدآباد ۾ چوٿين جماعت جي شاگرد شهيد عابد علي ڏيرو (جيڪو پورهيت هو) جي شهادت بابت شعر ۽ سندس تصوير / اي ميل ذريعي موڪلي, شايع نه ڪيا ويا ان کان پوءِ پوسٽ ذريعي ساڳيو شعر ۽ تصوير موڪليم ته به نه ڇاپيا ويا جنهن جو پڻ انتظار رهيو.

جوهر بروهي

فريدآباد ضلع دادو سنڌ

*

محترمه نجمه پنهور

السلام عليڪم

آگسٽ 2023ع جو گل ڦل پڙهي مون کي ڏک ۽ افسوس ٿيو، مان سلطان پور جو آهيان. سلطان پور تعلقي پنو عاقل جو مشهور ڳوٺ  ضلعي سکر ۾ آهي. مان ڪافي دفعا اوهان ڏي لکيو آهي، ته منهنجي نالي سان گڏ سلطان پور لکيو وڃي شڪارپور نه.

اُستاد بُخاريءَ جو لاريءَ بابت نظم، مهر فقير جو نظم، عزيز گوپانگ جو نظم، ايوب گل جو نظم، سليم حيدري جو مضمون، محترمه نسرين طاهر وفائي جو ليک ۽ بانو محبوب جوکيو جو ڪالم وڻيا. واحد بخش مڱريو جو لکيل مضمون، محمد صديق مسافر بابت معلومات سان ڀرپور هو. ن م سنڌيءَ جي ڪهاڻي ڪهاڻين ۾ سائنسي معلومات مٿين علائقن ۾ سردي ڇو ٿيندي آهي پڙهي مزو آيو. منهنجي ڇپيل ٻاراڻي شاعريءَ جي ڪتاب آئيندي جا معمارجو گل ڦل ۾ تعارف ۽ عڪس نه ڏنو اٿوَ. مان هي ڪتاب ٻيهر موڪليان ٿو ان جو ٽائيٽل فوٽو ۽ تعارفي جملا گل ڦل ۾ ڏيندا. هينئر هڪ نظم ۽ نعت موڪليان ٿو، اهو مهرباني ڪري شايع ڪريو.

محمد ياسين ڪنڀر

سلطان پورـ ضلع سکر

*



 

 

 


 

آڪٽوبر 2023ع جي ماهوار شماري  ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيتسُر سري راڳ جي داستان پهرئين جو ٻيو نمبر بيت آهي.

بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:

(اي مالڪ) جيڪي ڪجهه هن جهان ۾ آهي، (جنهن ۾ هر قسم جي مخلوقات اچي وڃي ٿي)، اهي سڀ جا سڀ تنهنجي صفت (ساراهه) ٿا ڪن. اي قادر! تنهنجي قدرت (طاقت) هر جاءِ تي  هلندڙ آهي. (ان کان ڪو هنڌ خالي ناهي). اي مالڪ تنهنجا مخلوقات تي اربين احسان (مهربانيون ۽ ٿورا) آهن، جيڪي هن ظاهري زبان سان ڳڻي ڪونه سگهندس، اهي شمار نٿا ڪري سگهجن.

بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:

*عامر حسين ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*غلام رضا ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

*شوڪت علي ڀٽي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

ارم ناز: ڪلاس ڇهون، حيدرآباد

*عبدالباري ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي گهوٽڪي.

*ثوبيه علي: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم پرائمري اسڪول هالا نوان.

*مدثر جمالي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.

فوزيه عباسي: ڪلاس ٻارنهون گورنمينٽ خورشيده بيگم ڪاليج حيدرآباد.

*محمد سوڍڙو: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم پرائمري اسڪول هالا نوان.

*منور جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.

*صبا بلوچ: ڪلاس يارهون، ايس ڪي رحيم گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول فقير جو پڙ حيدرآباد.

*شازينه بلوچ:  ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ ڪاليج خورشيده بيگم حيدرآباد

جاويد علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد

*الاهي بخش: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.

اُمِ رباب: ڪلاس ٽيون، مريم پرائمري ايليمنٽري اسڪول حيدرآباد

نظير ڀنڊ: ڪلاس ٻارنهون گورنمينٽ مرزا قليچ بيگ هائير سيڪنڊري اسڪول حيدرآباد

*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.

*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.

*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڦل ڪاڪا.

*رسول بخش جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاهڙ جمالي ضلعو مٽياري.

*نياز علي خاصخيلي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا.

* ابوبڪر جمالي: ڪلاس يارهون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي تعلقه سعيد آباد.

*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.

بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان محمد سوڍڙو جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org