ڌڻي تعالى هن سنسار کي سهڻو بڻائڻ لاءِ ڌرتي ۽
آڪاش سان گڏ، ڪيئي رنگ جوڙيا آهن. سج چنڊ تارا
ٽيڙو ڪتي ۽ ڪروڙين گرهه پنهنجي مدار ۾ ڦرندا رهن
ٿا. نيري آسمان ۾ ڪارا، ڀُورا، اڇا ڪَڪر ۽ اُن ۾
کِنوڻين جا چمڪاٽ، مينهن جا وسڪارا ۽ مينگهه ملار
ڌرتيءَ تي وڻ، ٽِڻ، ڍنڍون، ڍورا، سمنڊ، درياءَ،
جهنگ، جبل ۽ گل ڦل من موهيندڙ ٿڌيون هوائون، پکي
پرنڀ ڇا ڇا نه خلقيو ويو آهي. هي سڀ پنهنجي محبوب
انسان جي تخليق جي صدقي ۽ ان جي اولاد کي حسين و
جميل ڪري پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جا مٺڙا مٺڙا پيارا
پيارا ٻاراڻا ٻول ٻولائي زندگي کي خوشيون بخشيون
آهن. هي ٻار جيڪي روح کي راحت ڏين ٿا، ۽ سرور بخشن
ٿا. سچ چيو آ ڏاهن ته ٻار مستقبل جا معمار آهن.
اهي ئي اسان جي آس ۽ اميد آهن. انهن جي مرڪڻ سان
خوشين جا گل ٽڙي پون ٿا.
ٻارڙن لاءِ ڪيترن ئي شاعرن شاعري سرجي آهي. اهڙن
ئي شاعرن مان منهنجو پيارو دوست گوهر سنڌي به هڪ
آهي. جنهن وڏن لاءِ ته کوڙ ساري شاعري ڪئي آهي پر
ٻارڙن لاءِ به وسان ڪونه گهٽايو آهي. هن ٻارڙن
لاءِ ڪيترائي گيت نظم لکي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي.
گوهر سنڌيءَ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ
1980ع
۾ ٿي. جڏهن سنڌي ٻارڙن جي علمي ادبي تنظيم
’لطيف
سنگت‘،
’جيئي
سنڌ محاظ‘،
’سنڌي
ادبي سنگت‘
۽ ٻيون سماجي تنظيمون ضلعي شڪارپور اندر وجود ۾
آيون، اهو
80
وارو دؤر هو. ان دؤر ۾ گوهر کي سچو، کرو، محبت ۽
پيار ڏيندڙ انسان ڄاتو. گوهر سنڌي روح جيان اسان
جي ذهن ۽ دل۾ سمايل آهي. گوهر پنهنجي سنڌ ديس،
سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، ڪلچر ۽ تاريخ سان بي انتها
پيار ڪندڙ آهي. جيتري به دير هن سان ڪچهري
ڪنداسون، ته هي پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ بابت
پيو ويچار ونڊيندو رهندو.
گوهر سنڌي ٻارن کي انسانيت سان پيار ڪرڻ جو درس
ڏئي ٿو. هونئن به هو هڪ اُستاد آهي. ٻارن شاگردن
کي پڙهائڻ، لکائڻ، سيکارڻ، سمجهائڻ ۽ ريجهائڻ جا
گُر ڄاڻي ٿو. ٻارن لاءِ شاعريءَ ۾ آسان لفظ ۽ ننڍا
جملا ڪتب آندا آهن. گوهر سنڌي الف، ب، پٽيءَ جا
ٻاراڻا ٻول، چئن سٽن جا شعر، ٽيڙو پٽي، ٻن سٽن تي
الفابيٽ، هائيڪا ۽ ٽيڙو ججهي انداز ۾، پنهنجي
ٻارڙن جي شاعري جي ڪتاب
’جاڳ
او ٻالڪ جاڳ‘
۾ ڇپيل آهن.
گوهر سنڌي ٻارن لاءِ گيت نظم هيٺين عنوانن، سنڌ جو
شان، موهين جي دڙي جي ٻڌو ڪهاڻي، سامي سندا سلوڪ،
ڀڳت ڪنور رام، راڳ جو راڻو، طوطو، گهوڙو، سنڌي
ٻولي لولي، استاد، ڪوڙکان نفرت، پوپٽ جهڙا ٻار، سچ
ته بيٺو نچ ۽ ٻين ڪيترن ئي عنوانن سان نظم گيت
لکيا آهن. سچ ته گوهرڪيترن ئي قسمن جي شاعري ڪئي
آهي. گوهر سنڌي جتي هڪ استاد شفيق پيءُ، سماج
سڌارڪُ، دوستي نڀائيندڙ هڪ بهترين آرٽسٽ به آهي.
سندس آرٽ جا ڪيترائي فن پارا شاهڪار ۽ نمايان آهن
خاص ڪيليگرافي پلاسٽر آف پيرس سان ٺهيل سنڌ جي
نقشي تي ٿيل چترڪاري مورتيون، موهين جي دڙي جو
ڍڳو، ۽ ڀٽائي جا بيت اڪريل آهن. رنگين چارٽ بينر
۽ ڪمرشل بنياد تي سائن بورڊ کان علاوه واٽر ڪلر ۽
آئل ڪلر ۾ نفيس ڪم ٿيل آهي. خاص سنڌي ٽوپين تي
مشهور ٿيل سنڌ جو نقشو ۽ اجرڪ جون ڦُلڙيون به
يادگار آهن.
آءٌ اهو چوندس ته هي هڪ خوبصورت فنڪار آهي. هن
ننڍڙن ٻارڙن کي آرٽ سان گڏ شاعريءَ جو فن به ڏنو
آهي. کوڙ سارا شاگرد پيدا ڪيا آهن. گوهر سنڌي
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۾ پنهنجي قوم جي
ٻارڙن کي ۽ شڪارپور جي تاريخ بابت نظمن ۾ سٺي ڄاڻ
ڏني آهي. گوهر سنڌي شڪارپور جي تاريخ بابت نظم ۾
ٻارڙن کي سير ڪرائيندي چوي ٿو،
اچو اوهان کي سير ڪرايان،
شڪارپور جو شهر گهمايان.
دائودپوٽن شهر اڏيو،
شڪارگاهه مان شهر بڻايو.
گهمڻ هلون تاريخي ماڳ،
گڻيش باغ ۽ شاهي باغ.
اٺَ درَ ۽ نائين آ درِي،
قديم تاريخ سان پئي آ ڀري.
شڪارپور چار صديون گذرڻ باوجود به هن جا تاريخي
اهڃاڻ در، دريون، باغ، باغيچا، اسڪول، ڪاليج،
اسپتالون ۽ حويليون اڃان تائين دائم ۽ قائم آهن.
گوهر سنڌي پنهنجي ديس سنڌ لاءِ محبت جو اظهار
هيٺئين گيت ۾ ڪري ٿو.
ديس اسان جو پيارو پيارو،
سائو سارو ٻارو ٻارو.
اجرڪ ٽوپي پنهنجو مان،
سنڌ جو آهي اعلى شان.
ڇو نه ڪيان مان اُن جو بيان،
هت شاهه ڀٽائي آهي.
سچل سامي سنائي آهي،
هن ۾ هوشُو، درياء خان.
سنڌ جو آهي اعلى شان،
ڇو نه ڪيان مان اُن جو بيان.
سنڌ جي سرزمين کي شاعر جنت الفردوس سان ڀيٽا ڏين
ٿا. تهڙيءَ طرح ڌڻي تعالى سنڌ کي بي انتها مالا
مال ۽ سُونهن سان سينگاريو آهي. سنڌ کي سنڌوءَ
جهڙي درياءَ سان نوازيو ويو.
اسان کي ڀٽائيءَ جهڙو عظيم شاعر مليو آ، سنڌ
تهذيبن ۽ مذهبن جي ماءَ آهي، هن ۾ سڄي دنيا کان
مختلف انسانن جي جياپي جا ڪيئي گُڻ آهن.
گوهر سنڌي پنهنجي ديس سان گڏ پنهنجي مٺڙي ٻوليءَ
کي ياد ڪندي قومي ٻولي سان ڀيٽا ڏي ٿو.
سنڌي قوم جي مٺڙي زبان،
ٻولين ۾ هي آهي مهان.
سنڌي ٻولي قومي ٻولي،
ساري سنڌ جو آهي شان.
سنڌي قوم جو آهي مان،
سنڌي ٻولي قومي ٻولي.
گوهر سنڌي جو ٻاراڻي ادب ۾ ٻارن لاءِ
گيتن ۽ نظمن
جو ڪتاب
’جاڳ
او ٻالڪ جاڳ‘،
جنهن جا ٻه ايڊيشن ڇپيا آهن. ڪتاب ۾ ٻين موضوئن
سان گڏ ڀٽائي، سچل وغيره تي نظم لکيا آهن. شاهه
عبداللطيف رح اسان جو
قومي شاعر
آهي. هن جي شاعري
’شاهه
جو رسالو‘
۾ ديس، قوم ٻولي کان علاوه روحاني راز سمائي ۽
سمجهايو ويو آهي. گوهر به ڀٽائي ۽ سچل سائين سان
محبت ونڊيندي، پنهنجي شعرن ۾ هيٺين طرح ڀيٽا ڏئي
ٿو.
واهه ڀٽائي تنهنجو شان،
آهي مٿانهون تنهنجو مان.
تنهنجي ڀِٽ ۾ آ درٻار،
تنهنجي جَڳ ۾ آ هُٻڪار.
واهه ڀٽائي تنهنجو شان،
آهي مٿانهون تنهنجو مان.
وايون بيت نيارا سائين،
ڳايون ويٺا سارا سائين.
جڳ جڳ جيءَ جيارا سائين،
آهين اعلي تون انسان.
واهه ڀٽائي تنهنجو شان،
آهي مٿانهون تنهنجو مان.
* سچل سائين کي هيٺين طرح ڀيٽا ٿو ڏي.
سچل سارو سچ ئي آهي،
هرڪو ماڻهو هن کي چاهي،
آهي درازن ۾ دلدار،
محبت سندو آ مهندار،
سچل سارو ئي سچ آهي.
سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ لکندي سنڌ جي شاعرن ٻين موضوئن
سان گڏ جانورن ۽ پکين تي الاهي سارا نظم ۽ گيت
لکيا آهن. مون کي ياد آهي ته ٻهراڙيءَ جا ٻار،
باغن ۾ انبن جي وڻن مان طوطا ۽ طوطن جا ٻچڙا پڪڙي
اچي گهرن ۾ پاليندا هئا. انهن کي مرچ ٽماٽا ۽ ٻيا
ميوا جام کارائيندا هئا. خاص گهرن ۾ ته انهن کي
ڳالهائڻ به سيکاريو ويندو آهي. گوهر سنڌي به طوطي
تي نظم لکي ٻارڙن جي دل وندرائي آهي.
ساون پَرن سان ڳانيءَ وارو،
طوطو آهي پر سڀ کي پيارو.
هر هر مِٺو پُٽَ پيو ٻولي،
ڳاڙهي ڳاڙهي چُهنب پيو کولي.
گوهر جي ٿو دل وندرائي،
ٻول نوان ٿو روز ٻڌائي.
مرچ ٽماٽا خوب ٿو کائي،
پينگهه ۾ ويهي لڏي ڏيکارئي.
ڌيان سان ڳالهيون ويهي ٻڌي ٿو،
طوطو مون کي خوب وڻي ٿو.
***
پيارا ٻارؤ! اوهان کي خبر هوندي ته لکڻ هڪ سُٺي
ڳالهه آهي. لکڻ سان ئي ٻولي زنده رهي ٿي. چوندا
آهن ته اها ئي قوم ۽ ٻولي زنده رهندي آهي. جنهن
ٻوليءَ کي گهڻو لکيو وڃي. پنهنجي مادري ٻولي، سنڌي
ٻولي آهي. سنڌي ٻولي، دنيا جي وڏين ٻولين ۾ شمار
ڪئي وڃي ٿي ۽ سڄي دنيا ۾ به مشهور آهي. اهو ان جي
ڪري جو سنڌي ٻولي اڄڪلهه تمام گهڻي لکي ۽ پڙهي وڃي
ٿي. ٻارو! اوهان به ڪوشش ڪري پنهنجي مادري ٻولي
سنڌيءَ ۾ وڌ کان وڌ لکي اکرن کي سهڻو ڪريو. ڇو ته
سياڻن جو چوڻ آهي ته سُٺي ۽ سُهڻي تحرير اڌ علم
آهي. اهو ته ٿيو سهڻن اکرن بابت قول. پر هونئن به
ڪو شخص پڙهي ته سگهي ٿو، پر لکڻ نٿو ڄاڻي ته اهو
ڄڻ پڙهيو ئي (اڌ ڪو) آهي. پڙهڻ ۽ لکڻ لازم ۽ ملزوم
آهن. ٻارو! دنيا جي عظيم انسانن ۽ تعليمي ماهرن جي
خيال مطابق لکڻ جي عمل ۾ هيٺيان مقصد شامل آهن.
* ٻار صاف سٺا ۽ سهڻا اکر لکي.
* سهڻي ۽ صحيح صورتخطي لکي سگهي.
* نقل ڪري سگهي.
* ڏسي توڙي ياد لکي سگهي.
* سَنها، وچولا ۽ وڏا اکر لکي ڄاڻي.
* ننڍا، درميانا ۽ ٿُلها اکر لکڻ ڄاڻي.
* مضمون، درخواستون، خط، راهداريون،
رسيدون ۽ مقالا لکڻ لائق بڻجي.
* اشتهار، نقشا ۽ چارٽ سُهڻي نموني لکي سگهي.
* گهرو حساب ڪتاب لکي سگهي.
* ٻين سبجيڪٽن جا نوٽ لکي سگهي.
* ڊائريون لکي سگهي، نظم توڙي نثر به لکي سگهي.
* زندگيءَ سان واسطو رکندڙ هر هڪ
تحريري ڪم، سولائي سان لکڻ لائق بڻجي. جيئن
زندگيءَ جي سفر ۾ کيس ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه
ٿئي. پنهنجي شخصيت برقرار ۽ باوقار زندگي گذارڻ
لائق ٿئي، ڏنل مقصد تي پوري ريت عمل ڪرڻ سان،
مادري زبان جي
سکيا، مفيد ڪارڪردگي سبب ڪامياب ٿي سگهي ٿي.
آخر ۾ مان سنڌ جي اُستادن کي عرض ڪريان ٿو ته
مهرباني ڪري شاگردن کي پنهنجي مادري ٻولي، سنڌي
صحيح نموني سان، سُٺن اکرن ۾ لکڻ سيکارين. جيئن
پنهنجو سنڌي ادب توڙي سنڌي ٻاراڻو ادب ترقي ڪري
سگهي ۽ سنڌي ٻولي زنده رهي سگهي.
***
دنيا ۾
7102
ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، جن مان
3349
کي الفابيٽ ڪونهي.
100
عظيم ٻولين ۾ سنڌي جو نمبر دنيا ۾
50
۽ پاڪستان ۾ ٻيو
نمبر آهي.
دنيا ۾ لڳ ڀڳ
7102
ٻوليون
ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن مان
3748
ٻوليون مهارتي
نشونما سان سسٽم ۾ الفابيٽ سان
آھن .3349
ٻوليون صرف ڳالهايون وڃن
ٿيون، پر لکيون نٿيون وڃن. تن مان
516
ٻوليون فنا ۽
ختم ٿي چڪيون آھن. دنيا جون
07
قديمي ٻوليون
آھن. سڀ کان قديمي ٻولي تامل
Tamil
آھي. جنهن جو اسڪرپٽ
BC 300
آهي.گهڻن
ئي محققن جو اھو به خيال آھي ته تامل نسلن سنڌي
آھن. سندن رھڻي ڪھڻي ۽ ڪلچر سنڌين سان ميل کائي
ٿو.
ٻيو نمبر قديم
Sanskrit
سنسڪرت
2000
BC
۾ اسڪرپٽ ملي ٿو، جيڪا
انديا ۾ ھڪ
ننڍڙو گروپ ڳالهائيندو ھو. لفظ سنڌ به
سنسڪرت ٻولي جي لفظ سنڌو مان نڪتل آھي. جنهن جي
معنى ندي آھي. ڪن لسانيات جي ماھرن جو وري اهو
خيال آھي ته سنسڪرت خود سنڌي ٻولي مان جنم ورتل
آھي.
دودي چنيسر جي دؤر جو کُٿابي
اسڪرپٽ سنڌي ۾ ملي ٿو. قرآن شريف جو پهريون سنڌيءَ
۾ مڪمل ترجمو
883
CE
موجب
278
AH
۾ ڪيو ويو.
1996ع
جي سروي موجب دنيا جي ٽاپ
100
ٻولين ۾ سنڌي ٻولي جو
50
ھون نمبر آھي. جنهن موجب
19720000
(ھڪ ڪروڙ ستانوي لک ويهه
ھزار) ھو.
جيڪو
2015ع
۾ وڌي
25000000
اڍائي ڪروڙ ٿيو آھي. جيڪي پاڪستان،
انديا،
افغانستان، نائجيريا، سنگاپور، آمريڪا،
عُمان، ھانگ ڪانگ، يُو ڪي ۽ يُو. اي. ئِي. ۾ رھن
ٿا. انديا ۾
2535485
پنجويهه لک
35
ھزار چار سو پنجاسي سنڌي رھن ٿا.
جتي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو
مليل آھي
.پاڪستان ۾ جيڪي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون.
ان ۾ سنڌي ٻيو نمبر وڏي ٻولي آھي.
22500000
اڍائي ڪروڙ جي گڻپ تي اسان جي سنڌي ٻولي جو دنيا
جي ٻولين ۾
50
ھون نمبر آھي. اچو ته ٻولي کي بچايون سنڌي ٻولي کي
دفتري ٻولي بنائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪريون.
***
گهڻي
قدر ماڻهن کي بستري تي ليٽڻ کان پوءِ ننڊ ڪرڻ ۾
ڏکيائي جو مُنهن ڏسڻو پوندو آهي. هونئن ته ليٽڻ
سان ئي گهري ننڊ
ڪيئي طريقن سان ممڪن آهي، پر پنج منٽن اندر ائين
ڪرڻ، ڪنهن فن کان گهٽ ناهي. ڪجهه ماڻهن لاءِ
مطالعو ڪندي يا موسيقي ٻُڌندي سُمهڻ سولو هوندو
آهي. جڏهن ته ٻيا ٿورن ڏکين طريقن تي عمل ڪندا
آهن.
ٻئي پاسي اهڙن ماڻهن جو انگ به گهٽ ناهي، جن کي
بستري تي ليٽڻ کان پوءِ پاسا بدلائڻا پوندا آهن ۽
وري پوءِ به کين ننڊ ناهي ايندي. جيڪڏهن اوهان به
اُن مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيو، ته هيٺ ڄاڻايل
طريقن تي عمل ڪري سٺي ننڊ يقيني بڻائي سگهو ٿا. پر
هي
ڪا
جادوئي گوري ناهي، پر اوهان کي اُنهن طريقن تي مشق
ڪرڻي پوندي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ پنج منٽن اندر ننڊ جي
وادين ۾ وڃڻ ممڪن ٿي ويندو.
بستري تي ليٽڻ کان اڳ ڊيوائسز کان پري رهو. سمارٽ
فونز، ڪمپيوٽر ۽ ٽيبليٽ جهڙين ڊيوائسز مان نِيري
روشني خارج ٿيندي آهي. اِها روشني جسماني گهرڙن جي
فعلن تي ناڪاري اثر وجهندي آهي ۽ ننڊ کي اوهان جي
اکين کان ڏور وٺي ويندي آهي.
ان ڪري سُمهڻ کان گهٽ ۾ گهٽ پندرنهن کان
30
منٽ اڳ، انهن ڊيوائسز کان پري ٿي وڃو يا گهٽ ۾ گهٽ
فون کي ايئر پلين موڊ تي سوئچ ڪري ڇڏيو.
ورزش کي معمول بڻايو.
ضروري ناهي ته جِم جو رخ ڪيو يا گهر
کان ٻاهر
جاگنگ ڪريو، پر سڄي ڏينهن دوران ٽيهه منٽن
تائين تيز رفتاري سان پسار ڪرڻ
عادت بڻائي
ڇڏيو. جسماني سرگرمين ذريعي ننڊ جو معيار ۽
وقت بهتر ٿيندو آهي. جڏهن
ته دٻاءُ
گهٽبو آهي، مزاج تي خوشگوار اثر پوندا آهن
۽ جلد سُمهڻ ۾ مدد ملندي آهي.
ننڊ جو وقت مقرر ڪيو.
ننڊ جو مخصوص وقت جلد سُمهڻ ۾ مدد ڏيندو آهي،
انسان جي جسم جو پنهنجو ريگوليٽري سسٽم هوندو آهي
۽ اندروني ذهني طور مسعد رکندي آهي. جڏهن ته رات
جو غنودگي جو خطرو هوندو آهي.
روزانو مخصوص وقت تي سُمهڻ لاءِ
ليٽڻ ۽ صبح جاڳڻ سان اندروني گهڙي کي معمول موجب
برقرار رکڻ ۾ مدد ملندي آهي.جڏهن اسان جو جسم ننڊ
جي معمول جو عادي ٿي ويندو آهي، ته مخصوص وقت تي
سُمهڻ ۽ جاڳڻ سولو ٿي ويندو آهي.ان کان سواءِ
چانهه يا ڪافي کان پاسو ڪرڻ، مطالعو ڪرڻ، ساهه کڻڻ
جي مخصوص طريقن ذريعي به ننڊ جي عادت بهتر بڻائي
سگهجي ٿي.
***
ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
خلفاءِ راشدين ۽ اسلام جي نامور شخصيتن جا سخن
* عورت تي سڀ کان وڌيڪ حق ان جي مڙس جو آهي، ۽ مرد
تي سڀ کان وڏو حق ان جي ماءُ جو آهي. (حضرت عائشه
صديقه رضه)
* سچائيءَ جي ڏيئي مان فائدو وٺو اهو نه ڏسو ته
ڏيئو ڪنهن جي هٿ ۾ آهي.
(حضرت عائشه صديقه رضه)
* اخلاق هڪ اهڙو دوڪان آهي جنهن جو تالو ان جي
زبان آهي. تالو جڏهن کلندو آهي تڏهن خبر پوندي آهي
ته، دوڪان سون جو آهي يا ڪوئلن جو.
(حضرت عائشه صديقه رضه)
* ظالم کي معاف ڪرڻ مظلوم تي ظلم آهي.
(حضرت عمر فاروق رضه)
* عمل جي قوت اها آهي جو اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه
رکجي.
(حضرت عمر فاروق رضه)
* خاموش رهڻ ڪاوڙ جو بهترين علاج آهي.
(حضرت عمر فاروق رضه)
* جيڪو ماڻهو پنهنجو راز لڪائي ٿو، سمجهو ته هو
پنهنجي سلامتي پنهنجي هٿ ۾ رکي ٿو.
(حضرت عمر فاروق رضه).
شوڪت چاچڙ
(قسط: آخري)
“پپُو
پِڪ پاڪيٽ”
احمد پڇيس
”اها
جڳهه ڪيئن آهي ۽ ڪٿي آهي؟“
ڪوئينس روڊ تي جيڪا چرچ آهي،
اُن پٺيان هڪ گهٽيءَ ۾ هڪ حويلي نما گهر آهي،
يارنهن ڪمرا ۽ هڪ تهه خانو به اٿس، پپوءَ
رازداريءَ سان کين ٻڌايو.
ٺيڪ آهي هاڻي هلو. احمد کين چيو.
خرم جنهن جي هٿ ۾ فٽبال پڪڙايل هو، احمد کي چيو،
”هن
بال جو ڇا ڪنداسين؟“
احمد چيو،
”اگر
ڪنهن ڏسي ورتو ته
بهانو ڪنداسين
ته اسين بال کڻڻ آياسين، جيڪو کيڏندي
غلطيءَ سان اندر آيو هو.“
هو چرچ وٽ پهتا، پويان گهٽيءَ ۾ آيا خاموشي هئي،
صبح جي وقت اُتي ڪو به نه هو .
احمد کيسي مان موبائل ڪڍي ان تي ون فائيو (15)
جو نمبر ڊائل ڪري وري بند ڪيو، جيئن ڪا گڙٻڙ ٿئي،
ته ان تي جلد ڪال ڪري سگهجي.
پپو هڪ وڏي ڪاٺ جي دروازي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته
”هيءَ
جڳهه آهي جتي اُهي غُنڊا رهن ٿا.“
دروازو اڌ کليل هو.
احمد پلان موجب کين چيو ته
”پنهنجا
جوتا
لاهي هڪ ڪُنڊ ۾ رکو، جيئن پنهنجي قدمن جي آهٽ نه
ٿئي ۽ ساهه به آهستي کڻي اندر داخل ٿيو.“
پهريان پپوءَ کي هلڻ لاءِ چيائين، ڇو ته هو ان
جڳهه مان واقف هو. پپو پهريان دروازي مان مُنڍي
ڪڍي جهاتي پاتي ، ڪو به نه هو، هن کين اندر هلڻ
لاءِ چيو.
ٽيئي ڄڻا پير پير تي ڏئي اندر داخل ٿيا ۽ حيران
ٿيا، ته به آواز نه هو، ڪو به ماڻهو نظر نه آيو.
پراڻي طرز جي اُن جڳهه ۾ ٻن طرفن کان
ڪمرا هئا،
ورانڊي مان گذرندي هڪ اونداهي ڪمري ۾ ٻار
سُتل نظر آيا، شايد اهي يرغمال بڻايل هئا.
اُن اونداهي ڪمري اندر وڃي ڏٺائون، ته اندر هڪ ٻيو
ڪمرو به هيو، جتي اندران آواز اچي رهيا هئا.
دريءَ جي اوٽ مان ڏٺائون ته ٻه غُنڊا
هڪ ٻار کي بشني گيري سيکاري رهيا هئا، هڪ پاڻيءَ
سان ڀريل پيالي ۾ پيل بليڊ کي رڳو ٻن آڱرين سان
ڪڍڻ جي ڪوشش دؤران ٻار جا هٿ ڏڪي رهيا هئا.
غُنڊي کيس دڙڪو ڏيندي چيو ته
”هٿ
ڏڪائيندين ته
بليڊ آڱر وڍيندئي ۽ اگر کيسي
مان ڪنهن جا
پيسا ڪڍندي به هٿ ڏڪائيندين ته پوءِ پڪڙجي
پوندين.“
اهڙيون ڀوائتيون هدايتون ٻڌي خرم ۽ احمد وارن کان
ڊپ ۽ حيرت مان پگهر وهڻ شروع ٿي ويا.
اوچتو خرم رڙ
ڪئي ته،
”اباڙي
پڪڙجي پياسين.“
پوئتي ڏٺائون ته هڪ شيدي همراهه
انهن وٽ اچي بيٺو ۽ پڪڙي کانئن پڇڻ لڳو
”ته
ڪير آهيو ۽ هتي ڇا ٿا ڪريو؟“
اسين اسين! هي بال کڻڻ آياسين.
احمد گهٻراهٽ سان چيو. اونداهه ۾ اُن ڀوائتي قسم
جي همراهه جا رڳو ڏند پئي ڏسڻ ۾ آيا.
”هون....
ته معنيٰ اوهان هي سڀ ڏسي ورتو!“
شيديءَ جي ان سوال تي هنن انڪار ڪيو ته هنن ڪجهه
نه ڏٺو!. پر شيدي ٽنهين کي پڪڙي هڪ تهه خاني ۾ وٺي
ويو، جتي هڪ کٽ تي اونڌو همراهه ليٽيل هو، جنهن کي
ٻن ڄڻن زور پئي ڏنا.
خرم ۽ احمد هاڻي وڌيڪ خوفزده ٿي ويا. صبح جي ٿڌِ ۾
به هنن جا پگهر بند نه ٿيا.
اوچتو ان انڌي گروءَ پڇيو
”فجلو!
توسان گڏ ٻيا قدم ڪنهن جا آهن؟“
انڌي جي ان اندازي لڳائڻ تي خرم جو
وات گودو ٿي
ويو.
”گرو
سائين! هي ٻه
ڇوڪرا بال کڻڻ لاءِ اندر پهتا ۽ انهن سان هي ڇورو
پپو به هو، جنهن کي اسان ليوڪس پارڪ جي ايريا
حوالي ڪئي هئي.“
هون.... ته معنى پپوءَ جي ڪا غداري
هوندي..... گرو ڀڻڪيو.
پپوءَ ليلائيندي چيو،
”نه
گرو بادشاهه ! مان ته هنن کي نه سڃاڻان! هي الائي
ڪير آهن، مان ته اوهان کي ڪلهه جي وارتا ٻڌائڻ آيو
هوس، مونکي پوليس پڪڙي وئي هئي.“
”خبر
آهي نالائق!..... گروءَ پپو جي
ڳالهه ڪٽيندي چيو۽ اها به ڄاڻ پئي ته توکي ٻن
ڇوڪرن جيل مان ڇڏايو هو، ۽ پڪ سان اهي ٻئي هي
ڇوڪرا آهن.“
گرو ڪاوڙ مان اُٿيو ۽ فجلوءَ کي
چيائين
”هنن
ٽنهين کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪر.“
اهو ٻڌي خرم رڙ ڪئي،
”نه
نه... مان ڪجهه نه ڪيو آهي، پليز مون کي ڇڏيو....“
اڙي چُپ ڪر دُنبا، گوڙ نه ڪر..... فجلوءَ جي دڙڪي
سان خرم پريشاني مان چُپ ٿي ويو ۽ ڊپ مان پِيلو ٿي
ويو.
احمد کين چيو،
”هن
کي ڪجهه نه چئو، هي دل جو ڪمزور آهي.“
اوچتو خرم وري ڳالهايو! مون کي
پيشاب ڪرڻ لاءِ اجازت ڏيو.
فجلوءَ سمجهيو متان ڊپ مان اتي
پيشاب ڪري نه وجهي، کيس هڪ پراڻي ديسي قسم جي
باٿروم ۾ وٺي ويو.
خرم اندر وڃي دروازو بند ڪيو. ۽
يڪدم پيشاب ڪرڻ جي بجاءِ کيسي مان موبائل ڪڍي تڪڙ
۾ هڪ ايس ايم ايس لکائين
ته،
”اسين
مصيبت ۾ آهيون، چرچ پويان
هڪ پراڻي عمارت ۾ يرغمال آهيون پليز ڪجهه ڪيو.“
هن اهو ايس ايم ايس ڪجهه دوستن کي ۽ انڪل زيديءَ
جي نمبر تي ڪيو. پوءِ هن (15)
پوليس هيلپ نمبر ملائڻ چاهيو، پر
ٻاهران فجلوءَ در ٺڙڪائيندي چيو،
”اڙي
جلدي ڪر دُنبا“
خرم تڪڙ تڪڙ ۾ موبائل لڪائيندي ٻاهر نڪتو. هنن
ٽنهين کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو ويو هو. هوڏانهن خرم
جي ايس ايم ايس ڪمال ڏيکاريو، انڪل زيديءَ ايس ايڇ
او کي ڪال ڪئي ۽ هو پوليس موبائلون ۽ پنڌرنهن کن
سپاهي کڻي اچي چرچ ٻاهران پهتا، خرم ۽ احمد جا
ڪجهه دوست به ڊوڙندا سهڪندا آيا. |