دعا، عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ته
سڏڻ يا پُڪارڻ. دعا ۾ انسان پنهنجي مالڪ کي ته دل
سان يا زبان سان پڪاريو، خدا تعاليٰ ٻُڌي ٿو ۽
حاجت پوري ڪري ٿو، دعا اسان کي حوصلو ڏئي ٿي، دعا
۾ صرف آواز ڪڍي دعا گهربي آهي پر اگر روئي دعا
گهربي ته سڀ کان اڳ اها پوري ٿيندي آهي، بيشڪ خدا
تعاليٰ ڪفايت ڄاڻي ٿو دعا صرف حوصلو يا ڏک کي گهٽ
نه ٿي ڪري پر گناهه به گهٽ ڪري ٿي. دعا گهرڻ ۾
گهڻيون خاصيتون آهن، دعا اگر اسان جي دنيا ۾ قبول
ٿي ته هن جون به ٽي صورتون آهن:
(1) اها دعا دنيا ۾ ئي قبول ٿيندي.
(2) يا آخرت ۾ اُن جو بدلو ملندو
(3) يا ڪا مصيبت ٽاري ويندي آهي.
اسان کي دعا صرف خدا تعاليٰ کان گهرڻ کپي،
خداتعاليٰ جو ارشاد آهي:
”اوهين مون کان دعا گهرو ته اوهان جي قبول ڪيان.“
پاڻ سڳورن صلي الله عليھ وسلم به صرف ۽ صرف
خداتعاليٰ کان ئي دعا گهُرندا هئا ۽ پاڻ سڳورن
فرمايو ته صرف خدا تعاليٰ کان دعا گهرُو.
جيڪي ٻين جي درن تي دعا گهُرن ٿا اهي پاڻ کي
گناهگار ڪن ٿا ڇو، ته اهي خدا جا بزرگ آهن. اهي به
خدا تعاليٰ کان ئي دعا گهرن ٿا، پوءِ اسان کي به
گهُرجي ته پنهنجي مالڪ جي اڳيان جُهڪون، جيڪو ڏئي
نه پچاري. انسان، انسان کي ڇا ڏيندو. شال مالڪ
سائين اسان جون دعائون قبول ڪري. (آمين)
اسان جو اسڪول گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قاسم آباد
حيدرآباد آهي، اسان گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾
ڇهين کان وٺي ڏهين تائين پڙهون ٿا،. اسان جي اسڪول
جي پڙهائي تمام بهترين آهي، اسان جي اسڪول ۾ 20
ڪلاس آهن ۽ 2 اسٽاف روم به آهن ۽ ڪمپيوٽر ليب ۽
ڊرائنگ هال آهي، هڪ هيڊ مسٽريس جي آفيس آهي ۽ اسان
جي اسڪول ۾ وڏو حال آهي جنهن ۾ اسان جو فنڪشن
وغيره ٿيندا آهن، ۽ اسان جي اسڪول ۾ راند کيڏڻ جو
وڏو هڪ ميدان آهي، جنهن ۾ اسان راند کيڏندا آهيون
۽ اسان جي اسڪول ۾ هڪ رڌڻو به آهي ۽ اسان جي اسڪول
۾ 2 ڪلرڪ آفيس به آهن، ۽ هڪ پاڻي جو ڪولر به آهي
جنهن مان اسين پاڻي پيئندا آهيون ۽ 2 واشروم به
آهن ۽ اسان جي اسڪول ۾ شاهه عبداللطيف جا ڀيت
پڙهيا ويندا آهن
۽ بريڪ 11 بجي ٿيندي آهي، اسان جي اسڪول جي هڪ وڏي
بلڊنگ آهي، اسان جي اسڪول ۾ راند کيڏيون وينديون
آهن. مثلاً: فٽ بال، ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن وغيره تمام
گهڻيون راند کيڏيون وينديون آهن. اسان جي اسڪول ۾
هڪ لائبريري آهي ۽ هڪ هوم اڪنامڪس هال آهي جنهن ۾
سلائي سيکاري ويندي آهي. اسان جو اسڪول تمام وڏو
آهي، اسان جي ڪلاس ۾ هوا تمام ٿڌي لڳندي آهي، ۽
اسان جو ٽيچرون اسان کي سٺي طريقي سان پڙهائينديون
آهن ۽ ٻار به سٺي نموني سان پڙهندا آهن، اسان جي
اسڪول ۾ تمام گهڻي صفائي هوندي آهي، ۽ اسان جي
اسڪول ۾ کاڌي وارا بامي به ايندا آهن، جنهن کان
ٻار شيون وٺندا آهن ۽ اسان کي ڏاڍو مزو ايندو آهي
اسان جو اسڪول پوري قاسم آباد ۾ مشهور آهي ۽ دعا
ٿي ڪريان اسان جو اسڪول هميشه آباد رهندو. (آمين)
هونئن ته ٿر جي اڪثر آبادي لاڏائن جهڙي زندگي
گهاري ٿي، پر اصل لاڏائو اُهي جوڳي، جيڪي ٿر ۾
اُڏامندڙ واريءَ جيان هر وقت هلندا رهن ٿا، ۽ شايد
اهو چوڻ غلط نه هجي ته اسان جو ٿر هاڻي به اهڙي
انساني عجائب گهر جيان آهي، جتي ماڻهن کي اڄ به
سندن اوائلي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پرکي سگهجي ٿو، يعني
سماجي اينٿروپولوجسٽن لاءِ هڪ جنت!
توڻي جوڳي شايد هن ڌرتيءَ جا آڳاٽا ۽ اصل سپوت
آهن، پر صدين کان هنن لاءِ ڌرتيءَ تي ڏکيا ڏينهن
رهيا آهن، ٿر ۾ هنن جا جٿا ائين هلندي ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، ڄڻ سندن پويان دشمن جي فوج لڳل هجي ۽ اُهي رات
گهارڻ لاءِ روزانو ڪنهن نئين ڊاٻي ۽ وسندي جي ڳولا
۾ هجن.
ساڙيندڙ سج، تپندڙ واري، مينهن، هوا ۽ وقت جي
بٺيءَ ساڙي کين ڪاري نانگ جيان ڪارو (سانورو)
بڻائي ڇڏيو آهي ۽ جنهن جي سهاري اُهي جيئن ٿا.
ننڍپڻ ۾ ئي سندن ٻارڙن ۽ عورتن جي چهري تي عجيب
ڳنڀيرتا ڇانئجي وڃي ٿي، ۽ وڏي ڄمار وارا جوڳي ته
ڄڻ هر گيان ڌيان ۾ جٽيل هجن، فطرت جي ويجهڙائيءَ
کين فلسفين جهڙي گنڀيرتا ڏيئي ڇڏي آهي. ڪڏهن اسان
اهو ويچاريو ته اهي جوڳي ڪير آهن؟ ۽ هر وقت جهنگلن
۽ محلاتن ۾ ائين رُلندا پنندا ڇو آهن ۽ ڇو ٿا ڦرن.
ڇا انسان کي هروڀرو ڀٽڪڻ ۽ رُلڻ جو به شوق ٿي سگهي
ٿو ۽ اُهي به ننڍڙن ٻارڙن کي جهولين ۾ کنيو جيڪي
اڪثر ٿانيڪو ٿيڻ کان اڳ ئي هلندڙ حالت ۾ ڄمن ٿا؟
نه، انسان کي ڀلا انسانيت بابت اهو سوچڻ جي
واندڪائي ڪٿي!
هنن جا ٻار ڪئنرا ۽ پيارا، ۽ سندن جانٺيون ۽ همت
ڀريون عورتون سانوريون ۽ سهڻيون ٿين ٿيون، هنن جون
اکيون ڪاريون ڪجليون ۽ تجلا ڏيندڙ، سپ جيان
ماڻيون، ۽ هرڻيءَ جيان وڏيون ۽ گول نهٺائيءَ سان
ڀرپور ٿين ٿيون، بيشڪ هي دراوڙ نيل جا ماڻهو، هنڌ
۽ سنڌ جا آڳاٽا رهواسي آهن. شاهه لطيف انهن جو
منظر هن طرح چٽيو آهي:
ڪيو ڪاپڙين جي، پهرئين ڏينهن پروڙ،
سگها ساعت نه هيڪڙي چارئي پهر چور،
سدائين، سيد چئي، مون سناسي ۾ سور،
جوڳي سان ضرور لِڪا ڀڻن لوڪ ۾.
ماءُ اها هستي آهي، جنهن جي ڪُک مان انسان جنم وٺي
ٿو. ماءُ هڪ اهڙو رشتو آهي جنهن جي نه هئڻ سان
دنيا جو وجود ئي ختم ٿي وڃي. ماءُ کان سٺي ٻي ڪابه
مائٽي نه آهي. ماءُ نَوَ مهينا پنهنجي پيٽ ۾ ٻار
کي سانڍي، جڏهن ڄڻي ٿي ته پوءِ دنيا ۾ ان ٻار کان
وڌيڪ پياري ٻي ڪابه شيءَ نٿي رهي. هوءَ راتين جا
اوجاڳا ڪري ڏينهن جون تڪليفون سهندي معصوم ٻار کي
هڪ گلاب جي گل جيان پالي ٿي، جنهن ۾ ڪنهن سردي
گرمي ۽ تڪليف برداشت ڪرڻ جي سهپ نه هوندي آهي،
تنهن کي نپائي وڏو ڪري ٿي. هو روئي ٿو ته کيس
پنهنجي ٿڃ پياري ان کي ڍؤ ڪرائي ٿي، سندس صفائي
ڪرڻ مهل گندگي کان نفرت نٿي ڪري. مطلب ته پنهنجو
آرام ۽ آسائش مڪمل طرح ڦِٽائي، اولاد کي سُک رسائڻ
لاءِ جتن ڪندي رهي ٿي. دنيا ۾ ڪابه اهڙي محبت نه
آهي جنهن کي ماءُ جي پيار سان مشابهت ڏيئي سگهجي،
ڪنهن بادشاهه جو قول آهي ته ”مون کي دنيا ۾ جيڪڏهن
ست بادشاهيون ملن ته به ماءُ جي محبت اڳيان انهن
کي ترجيح نه ڏيان“. ماءُ جي شفقت ٻار جي خوشي آهي
۽ زندگي آهي ۽ ماءُ جي هنج هزارين پينگهن ۽
پٿراڻين کان وڌيڪ آرام واري آهي. ان ڪري ماءُ ۽
پيءُ جي پوڙهائپ ۾ سارسنڀال لهون ۽ انهن کي اُف به
نه چئون، جيئن ارشاد آهي ته ”ماءُ پيءُ سان ڀلائي
ڪريو ۽ سدائين پنهنجي ماءُ جا پير چمندا ڪريو ڇو
ته ماءُ جي پيرن هيٺ جنت آهي“. ماءُ ۽ پيءُ سان
نيڪ سلوڪ ڪرڻ جو حڪم آهي“. هڪ بادشاهه جو قول آهي
ته ”آئون پنهنجي ماءُ جي لڙڪن تي سڀ ڪجهه قربان
ڪرڻ لاءِ تيار آهيان“. هن دنيا ۾ ماءُ جي محبت جي
برابر ٻي ڪابه محبت نه آهي. آءُ دنيا جي سڀني
مائرن جي لاءِ دعا ڪندس ۽ انهيءَ جي صدقي رب پاڪ
اسان جي ماءُ کي وڏي حياتي ڏئي.
ماءُ هڪ اها هستي آهي جنهن جو ڪو مَٽ ۽ ثاني ناهي،
اسان جي زندگيءَ ۾ ماءُ جو ڪردار سڀ کان اهم آهي.
ماءُ اها آهي جيڪا اسان کي کائڻ پيئڻ، اُٿڻ ويهڻ ۽
وڏن جي عزت ڪرڻ سيکاريندي آهي.
دنيا ۾ خوش نصيب اُهي آهن جن وٽ ماءُ جهڙو خوبصورت
تحفو آهي. پر افسوس جو مان هن تحفي کان محروم
آهيان. ڪوئي ڪيترو به پيار ڪري پر ماءُ جهڙو ڪڏهن
به نه ٿي سگهندو.
ماءُ ئي اها هستي آهي جيڪا اسان جي زندگي کي
سنواري ٿي. رب چيو ماءُ منهنجي طرفان قيمتي ۽
ناياب تحفو آهي. ماءُ هڪ اهڙو گيت آهي جيڪو هر
شيءَ کي متاثر ڪندو آهي. هر وقت منهنجي خدا کان
اها التجا آهي ته سڀني جي سر تي ماءُ جي ڇانوَ
قائم رکي.
ماءُ آهي خدا جي هڪ نعمت،
ٻارو ماءُ جي وڏي آهي برڪت،
ساري دنيا ڄاڻي ٿي ٻارو،
ماءُ جي پيرن ۾ آهي جنت،
جيڪو نه مڃي ماءُ جو چوڻ،
ان کي توهين سمجهو بدقسمت،
ڏک سهي سک توهان کي ڏيڻ،
ٻارو هيءَ آهي ماءُ جي عظمت،
جنت ۾ به هوندي ته شايد،
ماءُ جي هنج ۾ آهي جا راحت،
خوش قسمت آهي هر اهو ٻار،
حاصل جنهن کي ماءُ جي شفقت،
جيترو به ٿي سگهي تو کان،
ڪر ”جوهر“! ماءُ جي خدمت.
(جان محمد جوهر)
کيرٿر جبل جون ٽي چوٽيون آهن، انهن مان اوچي ۾
اوچي مشهور چوٽي ”گورک“ آهي. انهيءَ چوٽيءَ تي
صدين کان وٺي ماڻهن جي اچ وڃ ٿيندي رهي آهي. گورک
چوٽي سنياسين، سامين ۽ جوڳين جو تيرٿ آستان آهي.
گورک چوٽي سمنڊ جي مٿاڇري کان 5688 فوٽ مٿانهون
آهي. انهيءَ چوٽيءَ تي چمور، چنگاڻي، خاشاڻي ۽ گنج
مول نالن سان تلاءُ آهن. ان کان سواءِ هڪ حوض به
ٺهيل آهي، چوٽيءَ جي ڏکڻ- اولهه ۾ مينگڻ نالي واري
هڪ ننڍڙي ندي به وهي ٿي. تلائن ۽ حوضن ۾ مينهن جو
پاڻي گڏ ٿيندو آهي. ماڻهو ۽ چوپايو مال ٻارنهن ئي
مهينا انهيءَ پاڻيءَ تي گذر ڪندا آهن. نئن مينگهڻ
۽ ڪن وڏن تلائن جي پاڻيءَ تي ٿوري گهڻي پوک به
ٿيندي آهي.
گورک چوٽيءَ واري ماٿري ٽن چئن سون ايڪڙن تي پکڙيل
آهي. انهيءَ ماٿريءَ ۾ بادام، انجير، انگور، ڄمون
۽ شاهه بلوط جا وڻ عام جام ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
ميويدار وڻ ۽ وَليون به ميوو جهلينديون آهن. ميوو
گهٽ به ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي وليون ۽ وڻ خودرو
آهن.
گورک چوٽيءَ تي انيڪ ٻوٽيون به اُڀرنديون آهن، جن
جي سرهاڻ سڄي وايو منڊل کي واسي ڇڏيندو آهي. گورک
چوٽيءَ جي خاص ٻوٽي ”حسيني“ آهي، جنهن جي سڳنڌ
ڦودني جهڙي ٿيندي آهي. گورک چوٽيءَ جي تلائن، کڏن،
کوٻن ۽ لاهين چاڙهين تي گوڙوليچن، چڀڙ، اڪيهي،
کِپ، هارمور، ڪنوس، ڪانڊار، اسپنگ، ٺوٺيو ۽ ڪي
ٻيون وليون به آهن.
وسڪاري کان پوءِ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي
آهي. هت آلکاڻي، برفت، ڪلوئي ۽ رنگ قبيلا رهندا
آهن. گورک ۽ ٻين چوٽين جي آبهوا اونهاري ۾ ٿڌي ۽
وڻندڙ پر سياري ۾ تمام گهڻي ٿڌي ٿيندي آهي.
سنڌ ۽ پاڪستان سرڪار پاران گورک چوٽيءَ لاءِ هل
اسٽيشن ٺاهڻ جو پروگرام رٿيو ويو آهي.
گورک هل
هَل هل ته هلون ساٿي، گورک کي ڏسڻ تون هل،
هر روز ڏسڻ خاطر، تنهن کي چاهيندي آ دل.
هڪ حوض ٺهيل آهي اڳ مون نه ڏٺو آهي،
گڏجي ٿا ڏسون اڄ هل، دل منهنجي ٿي چاهي.
هزارين فوٽ، اوچي ٿا چون ٻارو،
سچ گهمڻ ۾ ويندو لڳي، ڏينهن سڄو سارو.
هت ڪيئي تلاءَ آهن، ڏسڻ وٽان آهن،
هر وقت اهي مون کي پاڻ ڏي پيا ساهن.
انجير، انگور، ڄمو، بادام ٿين ٿا پيا،
پڪ آهه سٺا تن ۾، ميوا به ٿين ٿا پيا.
برسات پوي ٿي جڏهن، ساوڪ ڏئي راحت ٿي،
من کي ٿي ملي راحت، مون کي به ٿئي چاهت.
ٿڌ وڌ آ سياري ۾، ٿڌ آهه اونهاري ۾،
ٿا ڏسڻ اچن ماڻهو، هن گورک جي نظارن کي.
’غازي‘ ٿو چوي هر هر، مون کي به ورتيو هلجو،
گورک نه ڏٺي آ مون، هن کي آ رڳو پڙهيو.
مون پنهنجي ننڍپڻ ۾ پنهنجي سئوٽن، ڀينرن ۽ دوستن
سان گڏ جيڪو وقت گذاريو، اهو هميشه مون کي ياد
رهندو. اسين روز صبح جو اسڪول ويندا هئاسين ۽
پڙهائي سان گڏ ٻاهر رانديون به کيڏندا هئاسين ۽
قرآن پاڪ به پڙهندا هئاسين، ۽ چوٿين ڪلاس ۾ ئي
قرآن پاڪ مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ روز شام جو سڀ سوٽ ملي
ڪري ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين ۽ رات جو لائيٽ وڃڻ مهل
اٺين کان ڏهين تائين پنهنجي دوستن سان گڏ گهر جي
ٻاهر گهٽي ۾ راند کيڏندا هئاسين، جنهن ۾ اسين
ڪيترايون ئي رانديون ڪندا هئاسين، جنهن مان هڪ
حرڪت آئون توهان کي ٻڌائيندس. اسان پنهنجي گهران
هڪڙي اخبار کڻي ايندا هئاسين ۽ اسان سڀ ائين
سوچيندا هئاسين ته اسين هن اخبار ۾ اندر آهيون ۽
هرڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو هو، منهنجي هڪڙي سوٽ
کي هميشه ڇوڪرو ٿيڻ جو شوق هوندو هو. اها ڇوڪرو ٿي
ائين چوندي هئي ته مان
(CID)
وارو ديا آهيان ۽ مان وري
(CID)
واري شفا ٿيندي هئس. اسان جو سهيليون سڀ پنهنجو
ڪردار ادا ڪنديون هيون. اسان چور کي پڪڙيندا
هئاسين ۽ ان کي ڏاڍو مشڪلن سان پڪڙيوسين ۽ پوءِ
وري اسان ان اخبار مان نه نڪري سگهندا هئاسين،
اسان کي جيڪو به پڪڙيندو هو. اسان ان لاءِ به
هارائي ڇڏيو ۽ اسان سڀ ان اخبار مان نڪري وياسين ۽
پوءِ اسان سڀ هلياسين ۽ ان چور کي جيل ۾ وڌوسين.
اسان سڀ ڏاڍو خوش ٿياسين ۽ انهيءَ طريقي سان ٻيون
به ڪيتريون ئي رانديون ڪيوسين، جيئن ته هرڪو
پنهنجي گهرا ڪجهه نه ڪجهه کڻي ايندو هو، پوءِ اسين
سڀ باهه ٻاري چانور رڌيندا هئاسين، گڏجي سڀ
کائيندا
هئاسين ۽ پنهنجي وڏي سوٽ ۽ ڀيڻ سان گڏ هيڊ تيل
راند به کيڏندا هئاسين ۽ اڄ تائين به موڪلن ۾
کيڏندا آهيون. جنهن ۾ ونر منهنجي سوٽ ۽ مان
ٿينديون هيوسين ۽ رمضان ۾ به رات جو چقمق لڳائڻ
واري راند به کيڏندا هئاسين، ائين ئي اسان پنهنجو
ننڍپڻ ڏاڍو خوشگوار گذاريو ۽ اڄ تائين به اسان
ائين ئي رانديون کيڏندا آهيون، اُميد ڪندس ته
توهان سڀني منهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين کي ڏاڍو
(انجواءِ) ڪيو هوندو. اسان پنهنجو ننڍپڻ ڏاڍو خوش
گذاريوسين اهي سڀ لمحا اڄ تائين اسان کي ياد آهن ۽
هميشه ياد رهندا.
هر جاندار کي صحتمند رهڻ لاءِ صاف ماحول جي ضرورت
هوندي آهي. گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ماڻهو ماحول ۾
ايندڙ تبديلين جي سببن ۽ اثرن کان واقف ٿي چڪا
آهن. خاص طور تي عالمي تپش
(Global Warming)
سان گرمي پد ۾ واڌارو اچي ويو آهي. انساني آبادي
جيئن جيئن وڌي رهي آهي، تيئن تيئن گرين هائوس گئسن
۾ اضافو ٿي رهيو آهي، عام ٽريفڪ توڙي توانائي ۽
بجليءَ تي هلندڙ گاڏيون ۽ مشينون زهريلي گئس خارج
ڪن ٿيون، جنهن سان آڪسيجن ۾ مسلسل کوٽ اچي رهي
آهي. وڻڪار ۽ ٻيلا نه هئڻ ڪري، ڪاربان ڊاءِ
آڪسائيڊ وڌي رهي آهي. ڇو ته وڻ ڌرتيءَجي گدلاڻ کي
گهٽائي آڪسيجن ۽ ٿڌي هوا ۾ اضافو ڪن ٿا ۽ زهريلي
گئس کي جذب ڪن ٿا.
دنيا جي انسانن ۽ ٻين جاندارن جي بقا لاءِ ضروري
آهي ته اسين ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ جوڳا
اپاءُ وٺون. تپش جي ڪري اقوام متحده سميت سڄي دنيا
کي ڳڻتي اچي ورايو آهي، ڇو ته گدلاڻ سبب موسمن ۾
ڦيرگهير ٿي رهي آهي. جنهن سان قدرتي آفتن ۾ واڌارو
ٿي رهيو آهي. سردين توڙي گرمين ۾ واڌ، تيز
برساتون، زلزلا، طوفان، واچوڙا ٻوڏ يا خشڪ ساليءَ
جي ڪري گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿي رهيو آهي. ترقي
يافته ملڪ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سٺي انتظام وسيلي گهڻي
نقصان کان بچيو وڃي. توڙي جو ماحول جي بگاڙ ۾ سندن
وڏو هٿ آهي پر غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن کي ڀوڳڻو پوي
ٿو، ان ڪري گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ
تمام ضروري آهن.
”وڻ زمين جا زيور آهن“، وڻڪار جي ڪري اسان کي صاف
هوا، پاڻي ۽ صاف سٿرو ماحول ملي ٿو. ان کانسواءِ
ٻيا به انيڪ فائدا ملن ٿا. اسان وڻن مان ميوو،
ڪاٺ، ماکي، مال جو چارو، کنئور، دوائون ۽ ٻيون
روزاني واهپي جون بيشمار شيون حاصل ڪري سگهون ٿا.
زرعي فصلن تي ٿيندڙ جيت مار دوائن جو اسپري ۽
ڪارخانن جي ڪيميڪل وارو پاڻي، اسان جي کاڌ خوراڪ
کي گدلو ۽ زهريلو ڪري رهيو آهي، زمين بنجر ٿي رهي
آهي ان ڪري زرعي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي. وڻ
انهن سڀني مرضن جو علاج آهن.
وڻڪاريءَ جا ڏهاڙا ته ملهايا وڃن ٿا، پر انهن جي
پوري سارسنڀال نٿي لڌي وڃي. وڻن جي ڇانگ، وڻن جي
صحت لاءِ ضروري آهي. پر وڻن جي ”واڍي“ ڏوهه ۽ پوکڻ
ثواب آهي. وقت جي سرڪار کي کپي ته وڻن جي واڍي
روڪڻ واري قانون کي اڃا به سخت ڪري ۽ ان تي عمل
ڪرايو وڃي.
وڻڪاري توڙي گُلن ٻوٽن پوکڻ لاءِ ماڻهن ۾ سجاڳيءَ
آڻڻ لاءِ اهڙا پروگرام سرڪاري يا خانگي سطح تي
ڪرايا وڃن، جنهن تي خرچ گهٽ ٿئي ۽ فائدو گهڻو حاصل
ڪري سگهجي. اسان مان هرڪو هڪ هڪ وڻ پوکي قومي فرض
نڀائي ۽ دنيا کي جنت بڻائي.
وڻ سال جي هر مُند توڙي هر جڳهه تي پوکي سگهجن ٿا،
جيڪي تيزابيت کي ختم ڪري موسمي اثرن کي بهتر بڻائي
سگهن ٿا.
منهنجي اسڪول جو نالو گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول
آهي، منهنجو اسڪول قاسم آباد فيز-1 ۾ آهي، منهنجو
اسڪول تمام وڏو آهي، منهنجي اسڪول ۾ ڇهين کان ڏهين
جماعت تائين پڙهايو وڃي ٿو.
منهنجي اسڪول ۾ هر ڪلاس جا ٻه سيڪشن آهن، ٽيچرن جو
تعداد 52 آهي ۽ شاگرد 500 کان به وڌيڪ آهن.
منهنجي اسڪول ۾ 2ڪلرڪ آفيس، هڪ ميڊم جي آفيس، 2
سائنس ليب، هڪ آرٽ روم ۽ هڪ لائبريري آهي.
منهنجي جي اسڪول ۾ هڪ هال ۽ هڪ وڏو ميدان آهي جتي
صبح جو اسيمبلي ٿيندي آهي ۽ بريڪ ٿيندي آهي
اسان جو اسڪول صاف سٿرو ۽ تمام وڏو آهي، الله
تعاليٰ اسان جي اسڪول کي آباد رکي. (آمين)
مان پنهنجي گهر وارن سان گڏ ڪشمير گهمڻ وئي هئس،
اهو منهنجي زندگيءَ جو اهڙو يادگار رهيو جيڪو مان
تاحيات نٿي وساري سگهان. اسان پهرين راولاڪوٽ
هياسين، اُتي هفتو رهي اسان اتان جي آسپاس جاين جو
سير ڪيو جيئن: تولي پِير، تتا پاني، بهنجوشا ڊيم.
ان کان پوءِ اسان اتان جي اسڪول جو به سير ڪيو ان
جو نالو
(SoS) هو. چوندا آهن ته
ڪشمير جنت جو نمونو آهي، پر آزمائي ڏٺوسين ته ان
جي خوبصورتي ڏسي ماڻهو گُم ٿي وڃي ٿو. ڪشمير ۾
گهڻو مينهن ۽ برف جي ڪري اُتي جون ڇِتون لوهه جي
چادرن جون هونديون آهن، اُتي گئس جو به تمام گهڻو
مسئلو آهي. ڪشمير ۾ ماڻهو پاڻي جمع ڪونه ڪندا آهن
جيئن اسان ٽانڪي ۾ جمع ڪندا آهيون، ڇو جو رات جو
گهڻي ٿڌ هئڻ جي ڪري پاڻي ڄمي ويندو آهي ۽ ٽانڪي
برف لڳي پئي هوندي آهي. انڪري اسان روزانو ڪشميرين
سان گڏ صبح جو
چشمي تان پاڻي ڀرڻ ويندا هئاسين. ان کان پوءِ سان
مظفرآباد وياسين، جيڪو ڪشمير جو گاديءَ جو هنڌ
آهي.
گيسٽ هائوس ۾ رهياسين ۽ نيلم ويلي سان گڏ رستا
گهمياسين. اسان پري کان انڊيا جو بارڊر به ڏٺوسين،
اسان هڪ پير تي وياسين ان جو نالو ”پير چناسي“ هو.
مظفرآباد کانپوءِ ”ناران ۽ ڪاغان“ به گهمياسين،
تمام گهڻو مزو آيو.
اسان
ڪڏهن به اِن سفر کي وساري نه سگهنداسين.
هڪ ڇوڪري جي شادي ٿي، شادي جي پهرين رات گهوٽ
(مڙس) لاءِ هڪ وڏو ٿال کڻي ڪمري ۾ داخل ٿيو. کاڌي
مان لذيذ خوشبو اچي رهي هئي. مڙس زال کي چيو اچ ته
گڏجي کائون ٿا. زال چيو، مون ڏٺو آهي ته تنهنجي
ماءُ به ڪجهه نه کاڌو آهي، ان کي وٺي اچ ته گڏجي
کائون ٿا. مڙس چيو هوءَ سمهي پئي هوندي ان کي ڇڏي
ڏي، اچ ته پاڻ گڏجي کائون ٿا. زال تمام گهڻو چوندي
رهي، مڙس ان ڳالهه تي بضد رهيو ته امان کي ڇڏي ڏي.
جڏهن زال مڙس جو اهڙو ورتاءُ ڏٺو ته ان وقت ئي
طلاق جو مطالبو ڪيو. مڙس حيران پريشان ٿي ويو ته
هي ڇا ٿي چوي. هن زال کي سمجهائڻ جي گهڻي ڪوشش
ڪئي، پر زال ان ڳالهه تي قائم رهي ۽ ٻنهي جي وچ ۾
طلاق ٿي وئي، ٻئي الڳ ٿي ويا ۽ ٻنهي ٻي شادي ڪري
ڇڏي. ان ڳالهه کي ٽيهه پنجٽيهه سال گذري ويا، عورت
کي پٽ ڄاوا جيڪي پيءُ ماءُ جي خدمت ڪندا هئا.
نهايت بهادر ۽ فرمانبردار هئا، ماءُ جو تمام گهڻو
خيال رکندا هئا ۽ هوءَ عورت آسودي ۽ خوشحال زندگي
گذاري رهي هئي.
حج خدا جو فرض آهي، ان ارادو ڪيو ته حج ڪرڻ گهرجي،
سفر ۾ هن جا پٽ هن کي ملڪه جيئان پيش اچي رهيا هئا
۽ زمين تي پير به رکڻ نه ڏيندا هئا. صحرا جو سفر
هو، رستي ۾ هڪ ماڻهوءَ تي هن جي نظر پئجي وئي،
جيڪو خراب حالت ۾ اُڃيو بُکيو، وار وکريل ۽ ڪپڙا
ڦاٽل پريشان حالت ۾ نظر اچي رهيو هو. ان عورت
پنهنجي پُٽن کي چيو، ان کي وڃي ڏسو ته ڪير مسافر
آهي، ان کي وٺي اچو هٿ مُنهن ڌوئاري کاڌو کارايوس
۽ پاڻي پيئاريوس، جيئن ماءُ چيو پُٽن ائين ئي ڪيو.
عورت جي جڏهن ان تي نظر پئي ته سڃاڻي وئي ته هيءَ
منهنجو پهريون مڙس آهي. ان کي مخاطب ٿي چوڻ لڳي ته
وقت ۽ حالتن تو سان هي ڪهڙو حال ڪيو آهي، ان جي
جواب ۾ چوڻ لڳو ته اولاد مون سان سٺو سلوڪ نه ڪيو.
عورت چوڻ لڳي ڇا لاءِ ڪندي، تو به پنهنجي پيءُ
ماءُ سان سٺو سلوڪ نه ڪيو هو، مان شادي رات ئي
سمجهي وئي هيس ته تون پيءُ ماءُ جا حق ادا نه ٿو
ڪرين ان لاءِ مان ڏڪي وئي هيس ته سڀاڻي مون سان به
اهڙي حالت ٿيندي. هاڻي ڏس مان ڪٿي آهيان ۽ تون ڪٿي
آهين. پيءُ ماءُ سان خراب سلوڪ رکڻ خدا جي
نافرماني آهي.
اگر ڪراڙائپ جي زندگي سٺي ۽ شاندار گذارڻ چاهيو ٿا
ته پيءُ ماءُ سان سٺو رويو اختيار ڪيو، ان جي عزت
احترام ۽ خدمت ڪيو. هي اهڙو عمل آهي جنهن جو بدلو
دنيا ۾ ئي ملي وڃي ٿو، سٺو هجي يا خراب.
]پيارا
ٻارؤ! اوهان به پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ڪريو ۽
استادن جي عزت ڪريو. پنهنجي پاڙي وارن سان اخلاق
سان پيش اچو. اهڙي نموني زندگي گذاريو جيئن توهان
جي ذات مان ٻين انسانن کي فائدو پهچي.[
دنيا ۾ عظيم رشتو ماءُ جو رشتو هوندو آهي، جيڪا
بنا ڪنهن لالچ ۽ بنا ڪنهن مطلب جي پيار ڪندي آهي،
ماءُ کان بغير گهر ويران لڳندو آهي، ماءُ ئي آهي
جنهن سان گهر ۾ رونق هوندي آهي، هي هڪ انمول رشتو
آهي اگر توهان غمگين آهيو، توهان پنهنجي ماءُ کي
نه ٻڌايو اُن کي پاڻ ئي خبر پئجي ويندي آهي، ماءُ
پنهنجي ٻار جو ايترو خيال ڪندي آهي، پنهنجي ٻار جو
ايترو خيال ڪندي آهي، جيترو ڪير به نٿو ڪري سگهي
هن دنيا ۾ هڪ ٻار لاءِ ماءُ دنيا جي وڏي ۾ وڏي
نعمت آهي، جنهن جو ڪوبه نعم البدل دنيا ۾ نه
ملندو. ماءُ جي پيرن جي هيٺيان جنت آهي، اسان کي
گهُرجي ته ماءُ جي خدمت ڪريون جيڪو ماءُ جي خدمت
ڪندو اُهو دين ۽ دنيا ۾ ڪاميابي ماڻيندو، منهنجي
دعا آهي ته منهنجي ماءُ جي ڇانوَ هميشه مون تي
هجي، مٺڙي منهنجي ماءُ صدقي توتان ساهه، مٺڙي
منهنجي ماءُ.
|