اسان جي پياري رسول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جا
اخلاق تمام سٺا هئا. پاڻ اعليٰ اخلاق وارا هئا.
سٺا اخلاق هر انسانذات ۾ هجڻ کپن. پر ائين هرگز نه
آهي. ڪجهه ماڻهن ۾ سُٺا اخلاق آهن ڪجهه ۾ نه آهن.
جيئن ته سنڌي ٻولي ۾ هي چوڻي مشهور آهي ته ”سهڻي
صورت کان سهڻي سيرت ڀلي آهي“ يا چوندا آهن ته ”ٿڌو
دلو پاڻ کي پاڻهئي ڇانوَ ۾ ويهاري“ يعني ماڻهو جا
سٺا اخلاق هوندا ته سڀ ڪو ان کي پيو عزت ڏيندو ۽
بداخلاق کي هرڪو پيو ڌڪاريندو. سٺي اخلاق جو مطلب
آهي ته ماڻهو جي اٿڻي ويهڻي يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ
اهڙو هجي، جنهن سان ٻين ماڻهن کي ڪا تڪليف يا رنجش
نه پهچي ۽ اهو مقصد به آهي ته عادتون سٺيون هجڻ
کپن تڏهن ماڻهو جا اخلاق سٺا ٿيندا ۽ هڪ حديث شريف
۾ آهي ته سٺن اخلاقن يعني سهڻي سيرت جي اهميت
ٻڌائي وئي آهي ته آخرت ۾ سٺن اخلاقن ۾ وڏو وزن
هوندو. حضور اڪرم ﷺ جن جا ٻيا به ڪيترائي فرمان
مبارڪ آهن. پاڻ فرمايو اٿن ته توهان ۾ ڀلو اهو
ماڻهو آهي جنهن جا اخلاق سٺا آهن. جنهن ماڻهو ۾
اخلاق نه آهي سو بداخلاق ماڻهو آهي ۽ ربّ پاڪ اهڙن
ماڻهن کي هرگز پسند نٿو ڪري. ڪجهه سهڻا اخلاق شامل
ڪريو. مثال طور گفتگو سٺي آواز ۾، السلام عليڪم
چوڻ، وڏن جو ادب ڪرڻ، ٻارن سان پيار ڪرڻ، پاڙيسرين
جو ڌيان رکڻ، غريبن جي مدد ڪرڻ، ماڻهن کي ڏکئي وقت
۾ ڪم اچڻ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو اخلاق سٺو آهي
ته ان کي سٺي اخلاق وارو چئبو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن
جو اخلاق خراب آهي ته ان کي بداخلاق چوندا آهن.
سٺي اخلاق وارن کي هرڪو پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندو آهي
۽ سٺي اخلاق وارو ٻار آهي ته هرڪو ان ٻار سان پيار
ڪندو آهي.
اخلاق ڪا شيءِ ناهي ڪا ظاهري شڪل ۽ صورت ڪانه اٿس.
هڪ انسان جو ٻئي انسان سان جيڪو رويو تعلق ۽
ورتاءَ آهي ان کي اخلاق چئبو آهي.
]ٻارو!
سٺا اخلاق پيدا ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪرڻ گهرجي. سٺين
سٺين ڳالهين کي دل ۾ جاءِ ڏيو، پاڻ به انهن تي عمل
ڪريو ۽ گهر ڀاتين، مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به اُهي
ڳالهيون ٻڌائيندا رهو جيئن اُهي به انهن تي عمل
ڪن.[
|