آيو آيو ٻارو قلفي وارو آيو،
کائو گرمي جي شدت گھٽايو.
جيڪا گرمي جي دشمن آھي،
ڪجهه
پل ٿي سڪون ڏياري.
ھر ڪنھن
آھي
ھٿ
وڌايو،
ڏاڍي وڻندي،
ٻارو سُٺي
آھي.
ٿڌي وڻندي،
ٻارو مِٺي
آھي،
پنج ڏهه
روپين ۾
گرمي
ڀڄايو.
نيزا پستا گلقند
اٿس جام،
مٺي کير ۾ وڌل آھن بادام.
ٿڌي برف ۾ ٺاھي خوب ڪمايو،
ننڍڙا وڏڙا خوب
کائيندا
آھن.
قلفي کي ڏاڍو
ھو چاھيندا آھن،
”ڀٽي“
تنھن مان سڀئي مزو پرايو.
حديث مبارڪ ۾ آهي ته:
”نيڪ اولاد، نفعو ڏيندڙ علم ۽ جاري ٿيندڙ دين جو
ڪم جاري رهندڙ صدقو آهن.“
ڏٺو وڃي ته پڙهيل لکيل ماءُ پنهنجي ٻچي کي تعليم ۽
تربيت سان آراسته ڪري صدقه جاريه جا ٻه اهم ڪم
سرانجام ٿي ڏئي، جيڪو هڪ احسن ترين عمل آهي. مطلب
ته اولاد جي تعليم ۽ تربيت ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جي
مڪمل طور گڏيل جوابداري آهي. رسول پاڪ ﷺ جن جو
فرمان آهي ته:
”پيءُ جو پٽ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪوبه عطيو ڪونهي ته
هُو ان کي عمدي تعليم ۽ تربيت ڏئي.“ (حديث نبوي)
، اولاد ئي اڳيان هلي نيڪ والدين ٿي سڌريل سماج جو
بنياد ٿيندا آهن. والدين کي پنهنجي اولاد سان
محبت، پيار ۽ نرميءَ سان هلڻ گهرجي. هيءُ اعتبار ۽
اعتماد جو رشتو آهي، جنهن جي ٽُٽڻ سان گهرن جا گهر
نه فقط تباهه ٿي وڃن ٿا، پر بدنصيبين
جو راڄ ٿو قائم ٿي وڃي. اولاد لاءِ اطاعت ۽
فرمانبرداري ۽ والدين جي اولاد لاءِ محبت، شفقت،
وقت سر تنبيهه احسن نموني ضروري آهي.
اڄ والدين ۽ اولاد ۾ ڄڻ جنريشن گيپ وڌندو ٿو وڃي.
والدين پنهنجي وقت جي فرمانبرداري، علميت ۽ عبادت
جي زعم ۾ آهن ته اولاد هن مهذب ۽ پُرآسائش دور
(مادي طور) ۾ روحانيت کان وانجهيل هئڻ سبب نه سندن
نظر ڏي ٿو نهاري ۽ نه ئي دل سان کين پنهنجو دوست ۽
هڏڏوکي ٿو تسليم ڪري. اها دوري ۽ اهو ويڇو نئين
نسل جي تربيت ۾ رُڪاوٽ آهي. والدين کي گهرجي ته
جديد دؤر جي تقاضن کي سمجهي، وقت جي ضرورت تي ڌيان
ڏين. پنهنجي ٻچڙن کي پنهنجو ڪُل سرمايو ڄاڻي، سندن
تعليم ۽ تربيت کي مثبت بنائڻ لاءِ ويچار ڪن.
موجوده زماني جي تعليم سان روشناس ڪرائڻ سان گڏ
کين مذهبيت ۽ روحانيت سان لاڳاپن، هيءُ دور نه
نصيحتن جو آهي، نه واعظن جو، نه گارگند جو آهي، نه
مار موچڙي جو، ٻار ته معصوم، پاڪ ۽ گُلن سمان آهن،
جيڪي اسان کان فقط پيار، توجهه، وقت، عزت ۽ شاباس
ٿا گهرن. هُو ٿوري تي خوش ٿيڻ وارا آهن. اڄ جنهن
مهل اولاد فارغ آهي ته والدين مشغول آهن ۽ جيڪڏهن
والدين وٽ وقت آهي ته اولاد وٽ ٽائيم ڪونهي. حقيقت
۾ اهو وقت ئي آهي جنهن تي اسان کي پنهنجي گرفت
مضبوط ڪرڻي پوندي. ڇو جو ائين نه ٿئي ته اهو وقت
واريءَ جي ذرن جيان اسان جي هٿن جي وٿين مان نڪري
وڃي ۽ اسين هٿ مليندا رهجي وڃون. اولاد کي پنهنجي
زماني جي چال چلن تي هيرائڻ بجاءِ اسين سندن اصلاح
سندن ئي زماني جي طور طريقن سان ڪنداسين ته موجوده
ترقي يافته ۽ ميڊيا جي مضبوط دور ۾ هو اسان کي
سمجهندا به ۽ ويجها به ٿيندا. پنهنجي ان فرض
ادائيءَ ۾ اجائي ڳڻتيءَ جي بجاءِ عملي طور سندن
سکيا ڪجي. نتيجو رب تي ڇڏي ڌڻي در دعاڳو ٿجي. هو
هادي حڪيم ڪُلَ جهان جون جوڙون جوڙ بنائڻ وارو آهي.
نالو: اڪبر جسڪاڻي
والد صاحب جو نالو:
ڄام خان جسڪاڻي
ڄمڻ جي تاريخ:
1958-09-01
ڄمڻ جو هنڌ: جسڪاڻي محلا وارڊ 2 جوهي شهر
تعليم: ايم. اي. سنڌي
ڪهڙن عهدن تي رهيا: ماهوار ٻاراڻي رسالي ” گُل
ڦُل“ جو ايڊيٽر
سڃاڻپ: اديب
پهرين تخليق ڪڏهن ڇپي: 1975ع هلال پاڪستان اخبار
۾.
ڇپيل ڪتاب: بتين واري ناني، خيرو حجم، رمون پيٽي،
گلڙن جا گهاءُ
ادبي خدمتون: ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪالم لکڻ
اسڪول جي زماني ۾، پسند جو اُستاد: سائين محمد
يوسف وگهيو
پسند جي اخبار: هلال پاڪستان
پڙهندڙن لاءِ نصيحت: شوق سان پڙهو، پڙهي پنهنجو
مستقبل سنواريو
ڪا اڻپوري خواهش: ملڪ مان غربت جو خاتمو ٿئي
وفات: 13 آگسٽ 1999ع
ڪن پکين کي خدا پاڪ آواز ۾ اهڙو جادو ۽ سوز ڏنو
آهي، جو ماڻهو ٻڌڻ سان ان ڏانهن ڇڪجيو وڃي؛ انهن
پکين مان سنڌي پکي ”ڪوئل“ به هڪ آهي. ڪوئل جي ڪوڪ
ڪنهن نه ٻُڌي هوندي؟ جنهن به کيس ٻڌو آهي تنهن پڻ
ان کي ساراهيو آهي.
(Cuckoo)
ان خاص
مُندائتي پکيءَ کي نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو بهار ۽
اونهارو ته يورپ ۾ گذاريندو آهي. پر سيارو گرم
علائقن (هندُو پاڪ ۾ گذاريندو آهي). انڪري اهڙن
سڀني پکين کي گڏي
(Cuckoo)
خاندان ۾ پڻ رکيو ويو آهي. جي ”يورپي ڪوئل“ سان پڻ
مشابهت رکن ٿا، يعني اسان
(Cuckoo)
کي ”يورپي ڪوئل“ سڏي سگهون ٿا.
هن سڄي خاندان تي اهو نالو رڳو يورپي قسم جي ڪري
ئي ته پيو آهي. جنهن جو آواز ائين محسوس ٿيندو آهي
جيئن اکر
(Cuckoo)
ڪوئل حقيقت ۾
(Cuckoo)
خاندان جي ئي هڪ ذات
(Speaes)آهي.
ڪوئل جو زولاجيڪل نالو
(Eudy Namys oryentalis or Honorata)
آهي.
ڪانءَ جيتري ۽ ان وانگر ڪاري آهي، پر ان جهڙي قبيح
نه آهي، پڇ ڊگهيرڙو، چُهنب ننڍڙي، سنهڙي ۽ ڪاري
رنگ جي اٿس، مادي ڪاري- سائي رنگ جي ٿئي ٿي ۽ ان
تي وري اڇا اڇا داغ ٿين، ڪوئل جي جسم جي ڊيگهه
13"
انچ ۽ پرن جي ڊيگهه ساڍا اٺ انچ کن ٿئي ۽ ٽنگون
ننڍيون ننڍيون ٿين.
هن پکيءَ جو کاڌو جيت آهي ۽ سوٻٽن سان ته دل اٿس،
ان ڪري ڪوئل آنو اهڙن پکين جي آکيرن ۾ رکندي آهي،
جيڪي پنهنجي ٻچن کي جيت کارائين، ان جيت کائڻ واري
عادت جي ڪري هارين ۽ باغاين کي ڏاڍي وڻي ٿي، هي
شهر ۾ اچڻ جو ته نالوئي نه ٿي وٺي اڪثر باغن ۾
رهندي آهي، ڪوئل اسان وٽ سنڌ ۾ عام جام لڀي يا ملي
ٿي.
ڪوئل کي ڏٺو ڪين ويو آهي، پر ٻڌو ضرور ويو آهي.
جيئن هڪ انگريز شاعر چيو آهي ته،
No Bird, But an invisible thing. A voice, a
mystery
(ڪوبه پکي نه آهي، پر هڪ اڻڏٺي شيءِ آهي، هڪ آواز
آهي، هڪ اسرار آهي).
ڪوئل شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي نظرن کان به بچي
ڪين سگهي ۽ شاهه جي رسالي ۾ پڻ ان جو ذڪر ملي ٿو.
”رڃن ۾ رڙ تي، ڪرڪو ول جي ڪوڪ،
ولولو ۽ ووڪ، اي تان آهي عشق جي.“
صبح جو سوير يا منجهند جو تيز گرميءَ ۾ ڪوئل
ڪوڪيندي آهي، يا وري ان کي ڪونجڻ چئجي، ڪوئل به
نالو اٿس، سندس ”ڪوڪو“ جي ڪري پيو اٿس، هن جو آواز
ڏاڍو مٺو ٿئي ۽ ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ ته نڙيءَ
سان ماکيءَ جي ڪا لار چنبڙيل اٿس، سنسڪرت ۽ هندي
شاعريءَ ۾ محبوب جي آواز کي ڪوئل جي ٻول سان
تشبيهه ڏني ويندي آهي.
پر هڪ انگريز شاعر کي ڪوئل جو ڪوڪڻ نه وڻيو، ۽ تنگ
ٿي چيائين:
"For Here Hath Been the Lend cuckoo, I Pray god
will fire her bren."
پر هاڻي ڪوئل جو آواز سڀ ڪنهن کي پيو وڻي ۽ هاڻي
هن پکيءَ کي
"The Darling of Spring"
بهار جي محبوبه به پيا چون ته وري برڪت وارو پکي
به.
(Blessed Bird)
ڪوئل جو هڪ ٻيو به قسم سنڌ ۾ ملندو آهي، جنهن کي
تاڙو، مينهَڻ يا ٻاٻيهو ڪري سڏيندا آهن. ڪڻڇي
پکيءَ کان ٿورڙو وڏو ٿيندو آهي، ۽ ان جو پڇ به
ڊگهو ٿيندو آهي.
هن کي مينهڻ ان ڪري چوندا آهن جو مينهن (برسات) جي
موسم ۾ ايندو آهي، هن کي ’سارنگ‘ يا ’چاتڪ‘ به ڪري
سڏيندا آهن. چون ٿا ته هو مينهن جي پاڻيءَ تي
گذارو ڪندو آهي ۽ تِر جيتري به سهي ڪين سگهندو
آهي، ”تاڙي“ کي شاهه سائينءَ هن بيت ۾ ڪم آندو
آهي:
سارنگ کي سارين، ماڻهو مرگهه مينهون،
آڙيون ابر آسري، تاڙا تنوارين.
۽ وري شاهه
سائينءَ ”ٻاٻيهي“ کي هن بيت ۾ پڻ ڪم آندو آهي:
”منجهان منهنجي روح،
جي وڃي ساجن وسري،
ته مر لڳي لوهه،
ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.“
ڪوئل به مينهن لاءِ واجهائيندي آهي ۽ ڪوڪون ۽
ڪيهون لائي ڏيندي آهي، جيئن جيئن موسم گرم ٿيندي
آهي، تيئن تيئن خوشيءَ کان ڪين ماپندي آهي، ۽
خوشيءَ کان ڪوڪڻ شروع ڪندي آهي، ايتريقدر جو مئي
جي مهيني ۾ چوويهه ڪلاڪ ئي پاڻ کي ڪوڪڻ کان روڪي
نه سگهندي آهي، آخرڪار ايتري خوشيءَ جو سبب ڇا
آهي؟ ان جو جواب بلڪل سوَلو آهي، مئي جي مهيني ۾
ڪانگ پنهنجا آکيرا ٺاهيندا آهن، ۽ ان وقت ئي کيس
پنهنجن ٻچن جو خيال ايندو آهي ڪوئل کي پنهنجو
آکيرو ٺاهڻ جي ضرورت ئي نه ٿي پوي، هو پنهنجا آنا
ڪنهن ٻئي پکي جي آکيري ۾ ڇڏي ايندي آهي، ۽ ڏسندي
ته ڪنهن پاڙيسريءَ آکيرو ٺاهيو آهي ته رڌي پڪي تي
تيار ٿي ايندي!
پهريائين ڪوئل جو نَرُ ڪانگن جي سامهون ڀڄندو آهي
۽ ڪانگ جيئن ئي ان کي ڏسندا آهن ته ان جي ڪڍ ڀڄندا
آهن، پر هي ڪنهن گهاٽي وڻ جي ٽارين ۾ لڪي ويهندو
آهي، ايتري ۾ مادي ڪوئل جا چُپ چاپ ويٺي هوندي
آهي، ڪانگن جي غيرموجودگيءَ جو فائدو وٺي، پنهنجا
هڪ يا ٻه آنا آکيري ۾ رکي ايندي آهي، هي نئون آنو
انهن جهڙو هوندو آهي، ان ڪري ڪانگ سڃاڻي ڪين
سگهندو آهي. ۽ ان کي ڦوڙيندو آهي ۽ جڏهن ٻچو وڏو
ٿيندو آهي ۽ ڊگهو پڇ ڪڍندو آهي ته ڪانگ بيحد خوش
ٿيندا آهن ۽ پنهنجن ٻچن سان گڏ ڪوئل جي ٻچي کي به
کارائيندا آهن.
ڪوئل اهڙو آکيرو چونڊيندي آهي جتي ان جهڙا آنا ڏسڻ
۾ اچن، ان آکيري مان هڪ آنو کڻندي آهي ۽ اتي
پنهنجو رکندي آهي، ۽ پوءِ اهو چورايل آنو کڻي
اُڏامي ويندي آهي.
جيئن ته مختلف جاين تي ڪوئلن جا مختلف قسم رهن ٿا،
جنهن ڪري آنا به هڪٻئي کان مختلف اٿن. ان ڪري اهڙا
ته آکيرا ڳولينديون آهن جن جا آنا انهن جي آنن
جهڙا ۽ انهن سان پڻ مشابهت رکن.
مثلاً:
Cacamonlis Passerinusl
نالي ڪوئلن جا آنا بلبلن ۽ ٻين ننڍن پکين جي آکيرن
مان مليا آهن.
سنڌ ۾ ڪوئل پنهنجا آنا گهڻو ڪري ڪانگ ۽ جهرڪيءَ جي
آکيري ۾ رکندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جا آنا انهن سان
مشابهت رکن ٿا.
جيئن ته ڪوئل آکيرو ڪين ٺاهيندي آهي، انڪري اڳ ۾
آني کي زمين تي لاهي ۽ پوءِ ان کي ڪانگ جي آکيري
ڏانهن کڻي ويندي آهي، جي رکي ٿي زمين تي ته ٿئي ٿو
نورَ جي خوراڪ، ان لاءِ جنهن ڪانگ جي آکيري ۾ آنا
لٿل ڏسندي آهي، اتي پنهنجن آنن کي به رکي ايندي
آهي.
جيئن ته هي فطرتي طور تي آکيري ٺاهڻ جي تڪليف کان
بچيل هوندي آهي، انڪري جڏهن به ٻيا پکي آکيرن ٺاهڻ
۾ مشغول هوندا آهن ته هيءَ وري ڦيريون پائيندي ۽
گيت به ڳائيندي وتندي آهي...!
ڪوئل جيتري پاڻ قدٰآور آهي، اوڏا آنا ڪين لاهيندي
آهي، جيڏا جهرڪي يا ڍوليو پکي لاهي، ڪوئل جي مادي
15 آنا لاهيندي آهي.
ڪوئل جو ٻچو ڪانگ جي آکيري مان تقريباً 12 ڏينهن
کان پوءِ ٻاهر نڪري ايندو آهي، جڏهن ته ڪانگ جا
ٻچا اڃا ڪين نڪرندا آهن، پر چوندا آهن ته ٻه شينهن
هڪ جهنگ ۾ ڪين رهندا آهن، سو ڪوئل جو ٻچو ڪانگ جي
ٻچن کي ٻاهر ڪڍي ۽ پاڻ مزي سان ويهي مفت ۾ ڪانگن
کان پيو کاڌو کائيندو آهي.
جتي ڪانگن جا آنا اڃا ڪونه ڦُٽا هوندا آهن ته انهن
کي ٻاهر ڦٽو ڪري پوءِ سُک جو ساهه کڻندو آهي، پر
جي ڪوئل هڪ ئي آکيري ۾ ٻه آنا رکي ويندي آهي ته
اهي ڦُٽڻ وقت هڪٻئي سان ڪين ٺهن ۽ وڙهي ڍانگا ٿين
ٿا.
اهو ڪوئل جو ٻچو ڏاڍو پيٽو ٿيندو آهي، ۽ سڄو ڏينهن
چِين چِين ڪري پيو کاڌو گهرندو آهي، ۽ پوءِ وري جي
ڪانگ چوندس: ”ٻچا ٿورو صبر ڪر.“ ته به ساڳي ڪار،
بس ڪرڻ جي ته وائي ئي نه واري.
جيڪڏهن ٻين پکين کي هن تي رحم اچي ويندو آهي ته هن
جي وات ۾ اچي چوڳو وجهي وينديون آهن، يا چوڳو
وجهندا آهن، پوءِ ايترو ته جلد وڌي ويندو آهي جو
آکيري ۾ به نه پيو ماپندو، ۽ جي مائٽ هن کي
چڳائيندا آهن، سي ڄڻ هن اڳيان ڄامڙا پيا لڳن! تصور
ڪيو ته جڏهن جهرڪي ڪوئل جي ٻچي کي چوڳو ڏيندي
هوندي ته ڪهڙي نه کِل جهڙي ڳالهه هوندي.
سڀ ڪوئلون ٻين جي آکيرن ۾ ٻچا ڪين رکنديون آهن.
ڪوئل جو هڪ قسم
(Speaes)،
يا
(Centropus Rufipennis)
پنهنجو آکيرو پاڻ ٺاهيندو آهي.
ماڻهو اڪثر ڪري چوندا آهن ته هنن پکين ۾ نَر وڌيڪ
آهن ۽ ماديون گهٽ، پر ائين بلڪل صحيح نه آهي.
هن ڪري جو نَر جو آواز ماديءَ کان چٽو ۽ سٺو پڻ
ٿئي ٿو.
ان لاءِ جيڪا تنوار، لات ٻُڌبي آهي، سا گهڻو ڪري
نَرَ ڪوئل جي هوندي آهي.
اسان وٽ ڪاپي ڪلچر تمام وڏو زور وٺي ويو آهي، ٻار
اسڪول وڃڻ بدران عام گُھمڻ ڦرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا
آهن،جي اسڪول وڃن ٿا ته اتي پڙهائيندڙ غيرحاضر
آهن، جي حاضر آهن ته پنهنجن مشغلن، موبائل فون،
ذاتي ڪچهري، سياسي ڪچهرين ۾ مصروف نظر ايندا. ٻار
جيڪڏهن اسڪول نه ويندا ته پڙهندا ڪٿان...؟ جي پڙهڻ
چاهيندا ته پڙهائڻ وارا پنهنجن ڪمن ۾ مصروف هوندا
، نه پڙهندا يا نه پڙهايو ويندو ته امتحان ڪيئن
ڏيندا ۽ جي امتحان ڏيڻ ويندا ته پوءِ ظاهر آهي
ڪاپي /نقل ڪندا. نه پڙهڻ ۽ نقل جو ذميوار ڪنهن کي
ڪجي؟ ان سوال جي جواب ۾ ڪيترا سوال سامهون اچن ٿا.
جن ۾ اُستاد، والدين، سماج، حڪمران، تعليمي آفيسر
شاهي، وڏيرا شاهي يا ڪي ٻيون قوتون آهن، جيڪي ان
ڪلچر(نقل) کي هٿي وٺرائي رهيون آهن. چوندا آهن ته
علم انسان جي ٽين اک آهي. علم کان سواءِ انسان اڻ
پورو- اڌورو آهي، تنهنڪري تعليم مرد سان گڏ عورت
لاءِ به هجڻ ضروري آهي. اسان ڪهڙي تعليم جي ڳالهه
ٿا ڪيون! ان تعليم جي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته
علم انسان جو اهڙو زيور آهي جنهن کي نه چور چورائي
ٿو سگھي نه ڪوئي ڦورو ڦُري ٿو سگھي؟ ۽ اهو به چيو
ويندو آهي ته ابو امان ٻار کي عرش تان فرش تي
آڻيندا آهن ۽ اُستاد ان ٻار کي فرش کان عرش تي
پهچائيندو آهي جي ائين آهي ته پوءِ اهو علم ڪنهن
کان حاصل ڪري سگهجي، ان استاد کان جيڪي پنهنجي
مفادن خاطر تعليم جو قتل عام پيا ڪن ٿا. ڪيترائي
اهڙا استاد آهن جيڪي پگھار ته سرڪاري کڻن ٿا پر
اسڪول جو منهن ئي نه ٿا ڏسن ۽ پنهنجن ذاتي ڪمن ۾
مصروف نظر ايندا آهن. ڪيترائي سرڪاري استاد پنهنجن
پرائيوٽ اسڪولن ۽ ٽيوشن سينٽرن تي ڊيوٽي ڪندا آهن.
سرڪاري اسڪولن ۾ نه پڙهائيندڙ استاد اڪثر شاگردن
کي پنهنجي پرائيوٽ اسڪولن يا سينٽرن تان تعليم
حاصل ڪرڻ جي صلاح پڻ ڏيندا آهن. جڏهن ته سرڪاري
اسڪول جي استادن جون پگھارون هزارن کان لکن تائين
آهن پر پنهنجي شاگردن کي سُٺي تعليم نه ٿا ڏين.
جيڪڏهن لکين روپيا پگھارون کڻندڙ نه پڙهائيندا ته
ظاهر آهي شاگرد امتحان ۾ نقل ڪرڻ تي مجبور ٿيندو.
اسان جي تعليم کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو الزام ڀلا
رڳو استادن تي ڇو آهي. سماج يا سماج ۾ رهندڙ فرد
جيڪي تعليم دشمن آهن سي ڀلا ڪيئن چاهيندا ته ٻار
تعليم حاصل ڪري؟ اگر ٻار تعليم حاصل ڪري وڌي ته
سندن غلامي ڪير ڪندو. تنهنڪري هو اهڙي راند کيڏندا
آهن جو ٻار خود به خود تعليم کان بيزار ٿي پوئتي
پيو ٿيندو
ويندو آهي.جڏهن ته ان راند ۾ حڪمران ڌريون ۽ آفيسر
شاهي پڻ برابر جي ڀاڱي ڀائيوار آهي، جيڪي نه
چاهيندا آهن ته اسان جو عوام پڙهي لکي اڳتي اچي ۽
پوءِ اسان کان پنهنجو حق گھري ۽ اهي حڪمران وري
پنهنجا من پسند آفيسر پنهنجن علائقن ۾ مقرر
ڪرائيندا آهن، جيڪي انهن جي چوڻ مطابق ڪم ڪندا آهن
۽ تعليم کي فروغ ڏيڻ بدران ان جي تباهي جا ڪم ڪندا
آهن. اهي بند پيل اسڪول کولرائڻ جي ڪوشش نه ڪندا
آهن.
ڏٺو وڃي ته سماج جي انهن سڀني ڪردارن سميت ڪاپي/
نقل جو ذميوار والدين پڻ آهن، جن ڪڏهن به ناهي
سوچيو ته سندن اولاد تعليم جي آڙ ۾ ڇا پيو ڪري يا
ڇا نه پيو ڪري، ڪنهن سان ملي ٿو ، ڪاڏي وڃي ٿو
ڪڏهن غور ئي ناهي ڪيو. بس پنهنجي وٺ وٺان ۽ ٺاھ
ٺوھ ۾ پورا هوندا آهن. سواءِ بزنس ۽ پئسي جي چڪر ۾
پنهنجو اولاد وساري ويهندا آهن ته انهن جو مستقبل
ڪيئن ٿيندو، ايستائين جو انهن کي پنهنجي ئي گھر ۾
پنهنجي اولاد کي ڪو پل کن ٽائيم ڏئي سگھن. ها!
هڪڙي شيءِ اولاد کي ضرور ڏيندا آهن. اها آهي ٽچ
موبائل جيڪا پاڻ به ڀرپور نموني استعمال ڪندا آهن
۽ اولاد کي به ان ۾ مصروف ڪري ڇڏيندا آهن.ٻار سڄو
ڏينهن فيس بڪ ۽ واٽس- اِپ جي چڪر ۾ تعليم کان
پاسيرو ٿي ويندو آهي. ڀلا ٿئي به ڇو نه؟ جو انهن
جي والدين جو شفقت ڀريو هٿ انهن مٿان کڄيل هوندو
آهي. اولاد کي به اها ذميواري محسوس ڪرڻ گھرجي ته
کين والدين سوين تڪليفون درد سهي ڪري کيس تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول موڪلين ٿا ته جيئن سندن اولاد
پڙهي لکي اعلى تعليم حاصل ڪري سندن پوڙهائپ جو
سهارو بڻجي ۽ انهن جي ڏُکن سُکن جو ساٿ ڏئي،
والدين جون پنهنجي اولاد ۾ اُميدون گھڻيون هونديون
آهن، مگر اڳتي هلي اولاد سندن اُميدن تي پاڻي ڦيري
ڇڏيندي آهي ۽ پڙهڻ کان پاسو ڪري گھُمڻ ڦرڻ کي
ترجيح ڏيندا آهن. پوءِ جڏهن امتحان اچي مٿان
بيهندا اٿن تڏهن کين ڪاپي/نقل کانسواءِ ٻيو ڪو
رستو ناهي هوندو.
انگ سيکارڻ:
چار آنا- اَٺ آنا وارو هاڻ ته دؤر ناهي پر رپئي ۽
پنج رپين جا سِڪا هن وقت موجود آهن. سڀني ٻارن کي
ٿورا گهڻا انگ ڳڻڻ، اسڪول وڃڻ کان اڳ ۾ ئي ايندا
آهن. شروعاتي وقت ۾ ٻارن کي سِڪا مٽرائجن جيئن
هُنن کي خبر پوي. پوءِ ڳڻپ ۽ مٽائڻ سان ٻارن جي
انگن سان واقفيت يڪدم وڌندي. انهيءَ سان گڏ ٻار کي
پاڻ سان گڏ خريداري ڪرائجي. ان مان به هو سکندو،
ٻار ڏاڪڻ سان به ڳڻپ ڪري سگهي ٿو.
مڻڪن جي ڏاڪن: مڻڪن جون ڏهه لڙيون آهن، هڪ لڙي ۾
هڪ مڻڪو ته ٻيءَ لڙيءَ ۾ ٻه مڻڪا، ٽين ۾ ٽي ۽
اهڙيءَ طرح ڏهين ۾ ڏهه مڻڪا. هاڻ ٻار کي چئجي ته
ڳڻي ٻڌاءِ هڪ کان وٺي ڳڻي ٻُڌاءِ، وري مڻڪي جون
لڙيون گڏي چئجيس ته مون کي ڪڍي ڏيکار وغيره.
پوئڻ: مڻڪن استعمال جي دؤر ڪرائڻ جو هڪ وڻندڙ
نمونو آهي، ته ٻار کي جُڙيل مڻڪا يا ٻيون اهڙيون
شيون ۽ هڪ ٿُلهو ڌاڳو اڳيان ڏجن پوءِ کيس چئجي ته
مون کي هن ڌاڳي ۾ 7 يا 9 مڻڪا پوئي ڏي يا هار ٺاهي
ڏي. انهيءَ مان يڪدم خبر پوندي ته هن کي مڻڪا
پوريءَ طرح ڳڻڻ اچن ٿا يا نه؟
اِڪي ٻڌيءَ واري راند: ٻار جي اڳيان ڪوڏيون،
ککڙيون ميون جا ٻج رکجن. هن کي چئجي ته هو ڳڻي.
اهڙيءَ طرح ٻار کي انگ سيکارڻ ۾ آساني ٿيندي آهي.
انسان جو نظريو ان جي طبيعت تي اثر وجهندو آهي ۽
طبيعت انسان جي رويي تي اثرانداز ٿيندي آهي، گهڻن
نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پنهنجي نظريي کي
صحيح ڪريو، طبيعت ۽ رويا پاڻ ئي صحيح ٿي ويندا،
گهڻا ماڻهو طبيعت ۽ رويا ٺيڪ ڪرڻ تي تمام گهڻو خرچ
ڪن ٿا، پر نظريو ٺيڪ نه ٿا ڪن، والدين کي ٻارن جو
اڳواڻ ٿيڻو پوندو. اڳواڻ پنهنجي عوام کان وڌيڪ
ڏاهپ وارو ۽ علم وارو هوندو آهي، ٻار ڄڻڻ ڏکيو ڪم
ڪونهي، ٻارن جي سُٺي تربيت ڪرڻ والدين جي لاءِ
وڌيڪ ڏکيو ڪم ٿيندو پيو وڃي.
والدين جا قسم:
والدين چئن نمونن جا هوندا آهن، جارحاڻا، غير
جانبدار اڻ سڌا ۽ محافظ.
جارحاڻا والدين:
اهي والدين ٻارن تي ڪاوڙ ڪرڻ پنهنجو حق سمجهندا
آهن ۽ رُکائيءَ سان ٻارن تي پنهنجي ڳالهه مڙهيندا
آهن. ٻارن جي جذبن ۽ احساسن جو خيال ڪونه رکندا ۽
پنهنجي معاشي برتريءَ جو غلط استعمال ڪندا آهن.
غير متحرڪ والدين:اهي
والدين ٻارن جون سڀئي جائز ۽ ناجائز ڳالهيون
مڃيندا آهن ۽ ان کان سواءِ والدين ٻارن کان ڊنل به
رهندا آهن ته ڪٿي اهي ڪاوڙجي نه پون، گهڻا والدين
ٻارن جي ناراضگيءَ کي بنهه برداشت ناهن ڪري
سگهندا.
اڻ سِڌا والدين:
والدين جو هي قسم سِڌي ڳالهه ڪرڻ بدران اڻ سڌيءَ
طرح ٻارن سان ڳالهائيندو آهي. اهڙا والدين ٻارن جي
ڌمڪين ۽ بليڪ ميلنگ ۾ اچي ٻارن منجهه موجود خراب
انساني ۽ اخلاقي وارتائن جي اصلاح ناهن ڪري
سگهندا.
محافظ والدين:
هن نموني جا والدين سڀني کان سُٺا والدين آهن،
جيڪي ٻارن جو خيال رکن ٿا، کين عزت ڏين ٿا ۽ جڏهن
به ٻارن ۾ ڪا خرابي ڏسندا آهن ته کين پنهنجي ڏاهپ
سان ان خرابيءَ بابت سمجهائي وٺندا آهن.
ٻارڙن جا رويا:والدين
کي ٻارن جي ٽن نمونن جي رَوين کي منهن ڏيڻو پوندو
آهي. نفسيات جي لغت ۾ انهن مان هڪ کي
Green Stand چوندا آهن،
جنهن مطابق والدين جيڪا ڳالهه ڪن ٿا، ٻار اها مڃي
وٺندا آهن، ٻيو آهي Yellowish Stand
هن نموني وارا ٻار، ڪا نصيحت ڪرڻ تي ڳالهه مان
ڳالهوڙو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ والدين کي جذباتي طور
بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳندا آهن. جهڙوڪ: آءٌ
ماني ڪونه کائيندس...! اوهان منهنجي جذبن ۽ احساسن
جو خيال نٿا رکو. وغيره. اهڙا ٻار، والدين جي محبت
وارن جذبن جو غلط استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽
پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن. آخري قسم آهي
Red Stand جڏهن
والدين کي پڪ ٿي ويندي آهي ته ٻارڙو ڳالهه ڪونه
مڃيندو يا خراب عادت ڇڏڻ بدران والدين کي بليڪ ميل
ڪرڻ لڳندو آهي مثال طور: آءٌ گهر ڇڏي ٿو وڃان، پاڻ
کي ماريندس وغيره. هتي سمجُهو والدين پنهنجي سر
اڪيلا فيصلا ناهن ڪندا، بلڪ ٻين گهر ڀاتين کان
صلاح وٺندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڪنهن به غلط عمل جو خطرو
به موجود هوندو آهي، ۽ موقعو به... تنهنڪري ٻارن
کي ليڪچر ناهن ڏيندا. بلڪ مختصر پر پوري ڳالهه
ڪندا آهن، ٻارن جي حمايت به ناهن ڪندا، پر ٻارن جي
عزت احترام جو خيال رکندا آهن. مثال طور: ٻار چوي
ٿو: آءٌ گهر ڇڏي ٿو وڃان.“ اهڙي ڳالهه تي سمجُهو
والدين ٻارن کي اهو ناهن چوندا ته، ڀلي هاڻي جو
هاڻي گهر ڇڏي هليو وڃ. اسان کي به تنهنجي ضرورت
ڪانهي! بلڪ چوندا آهن ته، ”توهان جي گهر ڇڏي وڃڻ
سان اسان کي ڏاڍو ڏک ٿيندو، تڪليف ٿيندي، پر
والدين هئڻ جي ڪري اهو اسان تي فرض ٿو ٿئي ته
توهان جي اصلاح ڪريون ۽ خرابيءَ بابت اوهان کي
آگاهه ڪريون. اوهان جي خراب عادتن جي ڪري اسان کي
ڪيڏي تڪليف ٿئي ٿي ۽ ڪيڏو ڀوڳڻو پئي ٿو، اهو رڳو
اسان جو پالڻهار ئي ڄاڻي ٿو.
خراب عادت وارن ٻارن ساڻ پورو پُنو ڳالهائجي. چاهي
هفتي ۾ ٻه ڀيرا ئي ڳالهه ٿئي. پر ساڻن عزت، احترام
۽ ڏاهپ سان ڳالهائجي. اصلاح ۽ بهتريءَ لاءِ لٺ ۽
چٺ وارو نمونو ڪو گهڻو اثردار ڪونهي رهيو. حوصله
افزائي، محبت ۽ خلوص، سٺائي ۽ مهذب پڻو ڳالهه
ٻولهه جا اهڙا نمونا آهن، جن سان ٻارن جي خيالن ۾
تبديلي آڻي سگهجي ٿي.
ڳالهائڻ جو انداز ۽ لفظ دلين کي جوڙي به ڇڏيندا
آهن. ته ٽوڙي به وجهندا آهن، جيڪڏهن اسان چاهيون
ٿا ته اسان جا ٻار ۽ اسان جو ايندڙ نسل سٺي اخلاق
جو مالڪ هجي، ته عملي حياتيءَ ۾ اسان کي اخلاق جي
گهڻي کان گهڻي ضرورت آهي.
|