سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 12

باب: --

صفحو :5

 

عنايت علي ڀٽي، حيدرآباد

 

چالاڪ پوڙهو

 

هڪ شهر ۾ ٻه زال مڙس رهندا هئا. هي تمام پوڙها هئا. هنن کي ڪوبه اولاد ڪونه هو. پوڙهي هڪ دفعي سندس زال کي چيو ته ”سڀاڳي، هڪڙا ٻه سئو رپيا اُڌارا آڻي ڏي.“ پوڙهي پاڙي ۾ ويئي ۽ هن کي ٻه سئو رپيا آڻي ڏنئين. پوڙحي انهن رپين مان هڪ سئو رپين جي هڪ گهوڙي ورتي ۽ سئو رپيا کليا ڪرائي اٿي هليو. هلندي هلندي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رسيو جتي ست چور رهندا هئا. هن اچي چورن کي چيو ته ”آءُ مسافر آهيان، مون کي مهرباني ڪري رات رهڻ ڏيو .“ چورن هن کي رات رهڻ ڏني. اڌ رات جو هن ڇا ڪيو جو اٿي اچي گهوڙيءَ جي لاٿل لڏ ۾ رپئي وارا نوٽ وجهي ڇڏيائين، صبح ٿيو ته اتفاق سان چورن جي زالن کي لِڏ جي ضرورت پئي جڏهن هنن لِڏ ۾ نوٽ ڏٺا ته سوچيائون ته شايد پوڙهو ڪو پهتل پير يا ڪنهن پهتل جوڳي جو مريد آهي. هنن اها ڳالهه اچي چورن کي ٻڌائي. چور پوڙهي وٽ آيا ۽ هن کي چيائون ته ”سائين، اسان کي خبر آهي ته تون ولي آهين، مهرباني ڪري اسان کي گهوڙي ڏي.“ پوڙهي چيو ته ”گهوڙي ڪرامتي آهي. رپيا ٻه هزار ڏيو ته هي گهوڙي ڏيانوَ.“ آخرڪار پوڙهي ٻن هزارن ۾ گهوڙي وڪڻي ڏني. واپس ڳوٺ اچي هن قرض لاٿو ۽ هڪڙي ئي شڪل وارا  ٻه ڀولڙا ۽ ڪجهه ايڪڙ زمين  خريد ڪئي. هن کي خبر هئي ته چور ضرور ايندا. هن هڪ ڀولڙو گهر ٻڌو ۽ هڪ ٻنيءَ تي. هن کي خبر پيئي ته چور اڄ اچن ٿا، سو گهر ۾ سَتن ماڻهن جي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چئي ٻنيءَ تي آيو. هوڏانهن چورن کي ڪاوڙ لڳي ته پوڙهو ته ڦُري ويو ۽ گهوڙي ته رپيا نٿي ڏي. سو سهي اٿي هليا پوڙحي کي مارڻ. جڏهن پوڙهي جي ٻنيءَ تي پهتا ته هن کي گهٽ وڌا ڳالهائڻ لڳا. پوڙهي هنن کي چيو ته ”ادا، توهان مون کي ڀلي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ماريو پر ماني ته کائو.“ هن ڀولڙي کي کولي چيو ته ”گهر وڃي سَتن مهمانن جي ماني تيار ڪرائي.“ ڀولڙو جو آزاد ٿيو سو الائي ڪيڏانهن ڀڄي ويو. چور جڏهن پوڙهي سان گڏ گهر پهتا ته ڏسن ته ڀولڙو به ٻڌو بيٺو آهي ۽ ماني به تيار آهي. هنن کي دل ۾ خيال آيو ته اهو ڀولڙو وٺون ته ماني جي چوڻ جي سولائي ٿيندي. هنن پوڙهي کان اهو ڀولڙو هڪ هزار ۾ ورتو. رستي تي هنن ڀولڙي کي چيو ته ”گهر وڃي ماني تيار ڪرائي.“ اِهو ڀولڙو به ڀڄي ويو. هي گهر پهتا ته هنن پڇيو ته ڀولڙو آيو. زالن جواب ڏنو ته ”هتي ته ڪوبه ڀولڙو ڪونه آيو.“ هنن کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي.

هوڏانهن پوڙحي کي پڪ هئي ته چور ضرور مارڻ لاءِ ايندا. هن زال کي ڳچيءَ ۾ ڳاڙهي رنگ جي ڀريل ٿيلهي ٻڌي ڇڏي ۽ سمجهايائينس ته ”آئون تو سان وڙحندس ۽ ڇُري سان توکي ڪهندس ۽ پوءِ ڇُري کي اونڌو هلائيندس ته زنده ٿي وڃجئين.“ آخر چور به اچي پهتا. هي چورن کي گهر ۾ وٺي آيو ۽ زال کي مانيءَ لاءِ چيائين ته سندس زال هن کي گار ڏني. پوڙهي ڇُري کڻي زال کي ڪهي ڇڏيو. چور ڊڄي ويا ۽ هن کي چيائون ته پوڙها هي تو ڇا ڪيو. هن لاپرواهي سان جواب ڏنو: ”آءُ هن کي الاهي دفعا اهڙي سزا ڏيئي چڪو آهيان. چئو ته هن کي وري زنده ڪريان.“ هن وري ڇريءَ کي اُبتو هلايو ته سندس زال ڪلمون ڀري اُٿي پيئي.

اهو ڏسي چورن کي شوق پيدا ٿيو ته اها ڇري پنجن هزارن ۾ خريد ڪئي. هنن گهر ۾ وڃي سڀني زالن کي ڪهي ڇڏيو ۽ پوءِ ويٺا ڇريءَ کي اُبتو سبتو هلائڻ ۽ ڦيرائڻ پر ساهه هجي ته سندن زالون به اٿن. هي تمام گهڻو بخيل ٿيا ۽ پڪو ارادو ڪيائون ته هاڻ پوڙهي کي اصل ڪونه ڇڏينداسين. هي جڏهن پوڙهي جي زمين تي پهتا ته هو ستو پيو هو. هن جي مٿان چادر پيئي هئي. هنن پوڙهي کي اُتي ئي کڻي رسي سان ٻڌو ۽ کڻي هليا دريا ۾ اڇلائڻ. جڏهن ميل کن اڳتي هليا ته هنن کي حقي پيئڻ لاءِ ٻاڙ لڳي. ڪجهه پنڌ پري ڪجهه ماڻهو حقو پي رهيا هئا. هنن پوڙهي کي اُتي ڇڏيو ۽ ويا حقو پيئڻ. پوڙهي ڏٺو ته هڪ ميهار مينهون ڪاهيندو پيو اچي. هن زور سان دانهون ڪيون ته ”آئون شادي نٿو ڪريان آئون شادي نٿو ڪريان.“ ميهار جو  اهو ٻڌو سو هن کي چيائين ته ”آئون ٿو شادي ڪريان، اگر تون شادي نٿو ڪرين ته مون کي ڪرائي“. پوڙهو ته ان ڳالهه جي تاڙ ۾ هو. هن کي چيائين ته ”مون کي کول،“ ميهار هن جون رسيون کوليون ۽ هن ميهار کي کٽ تي سمهاري چادر مٿان وجهي، رسي سان ٻڌي ڇڏيو ۽ مينهون ڪاهي هليو ويو. ٿوري دير کانپوءِ چور آيا ۽ کٽ  کي کنيائون ته ميهار زور سان چوڻ لڳو ته ”آئون شادي ڪريان ٿو.“ چورن جواب ڏنو، ”هاڻ تون ڪونه بچندين، ڀلي آواز بدلائي.“ هنن کٽ کي وڃي درياءَ ۾ اُڇلايو ۽ شُڪر ڪري واپس اچڻ لڳا. رستي تي پوڙهو هنن کي مليو جيڪو مينهون ڪاهيو پئي ويو. هي هن کي ڏسي ڊڄي ويا. پوڙهي هنن کي چيو، ”يار، ڊڄو نه، توهان ته مون کي ڪناري ته اُڇلايو ته هي ٿوريون مينهون هٿ آيون، وچ تي ته تمام گهڻيو مينهون هيون!“

اهو ٻڌي چورن به هن جي ڳالهه کي سچ سمجهيو ۽ ڊوڙي ويا درياءَ تي ۽ هڪڙي ٽپو ڏنو ۽ ٻڏڻ لڳو ته ٻئي سمجهيو ته سڏي پيو، ائين ڪري سڀ درياءَ ۾ ٻڏي مري ويا. پوڙهو ۽ سندس زال خوشيءَ سان زندگي گذارڻ لڳا.

*  *  *

 

مختيار حسين ”مخلص“

 

نظم

 

وطن جو نالو روشن ڪريون

اٿ اي سنڌ وطن جا ٻار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

وطن جي لاءِ ٿي بيدار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

رکي وطن سان پختو پيار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

ڏئي وطن تي قرباني بيشمار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

گذاري خدمت ۾ ساري ڄمار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

سچ جو ڏيئو ٻاري يار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

ڪڍي دل مان ڪينو يار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

وطني ساٿي ڪري نه ڌار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

هوشوءَ وانگر ٿي نروار،

وطن جو نالو روشن ڪريون.

*  *  *

 

خالد اڪبر ٽالپر، ٽنڊو جان محمد.

 

اڇي پڳ م پس اندر مڙيئي اڳڙيون

 

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن زميندار جي شادي هئي، شادي خير خوبي سان ختم ٿي. حجم، مهاڻو ۽ ڪنڀار ته پنهنجو پنهنجو حساب وٺي راهي ٿيا. باقي رهيو مڱڻهار- مڱڻهار زميندار کي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌل ڏٺو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ تاڪيو کن ٿئي ها هن دل ۾ خيال ڪيو ته زميندار گهٽ ۾ گهٽ کڻي ويهه ٽيهه رپيا ڏيندو پر هن پٽڪي مان ته رنگ ٿي ويندا. بس پٽڪي جي اچي صدا هيائينس. مڱڻهار زميندار کي ٻانهون ٻڌي عرض ڪيو ته ”جيندا قبلا، گستاخي معاف ٿئي.“ زميندار چيو ته ”ابا گستاخي معاف اٿئي، ٻڌاءِ؟“ مڱڻهار چيو ته ”سائين، دستار مبارڪ ملي.“ زميندار کي پهريائين ته تمام گهڻي ڪاوڙ آئي مگر خوشي جهڙو موقعو هو سو دستار لاهي مڱڻهار کي ڏنائين. مڱڻهار خوشي وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. زميندار کان پيرين پئي موڪلائي گهر پهتو. پٽڪو جو کوليائين ته ٻاهران هڪ وال بوسڪي جي ڪپڙي جو هو  اندر سڀ اڳڙيون هيون، اتي ڏسي مڱڻهار جون ٻه به ويون ۽ ڇهه به ويون، ان ڪري ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو.

*  *  *

 

سلطان نظاماڻي ۽ نظام الدين درس، راڄو نظاماڻي

 

حاسد ماڻهو

 

پيارا ٻارو: ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ  حاسد ماڻهو رهندو هو ۽ هو سدائين پيو دل ۾  سڙندو هو. هو دل ۾ چوندو هو ته هن ڳوٺ کي ساڙي ڇڏيان ۽ مال ملڪيت سڀ منهنجا ٿي وڃن ۽ جيڪي ماڻهو ترقي ڪري رهيا آهن، اهي اڳتي وڌي نه سگهن هڪ رات ڇا ٿيو جو هي حاسد ماڻهو گهر مان اٿيو ته هن دل ۾ خيال ڪيو ته وڃي سڄي ڳوٺ کي ساڙيان جيئن هو گهر کان ٻاهر نڪتو ته هن کي مال ملڪيت جي خوشيءَ ايترو ته بيقرار ڪري ڇڏيس جو سندس گهر جو پتو نه پئجي سگهيس ۽ ماچيس کڻي وٺي پنهنجي گهر کي باهه ڏنائين. حاسد ماڻهو سمجهيو ته ڳوٺ کي باهه ڏئي آيو آهيان. تنهن ڪري هو جلدي جلدي خوشي مان وڃي اندر گهر ۾ سمهي رهيو. ڇا ٿيو جو پاڻ ۽ سندس  مال ملڪيت سڀ سڙي ويس، ليڪن ڳوٺ وارن جي لوڙهي جو ڪنڊو به نه سڙيو.

پيارا ٻارو، ڪنهن سان به حسد رکڻ بري ڳالهه آهي. توهان ڪنهن سان به حسد نه رکو ۽ سڀ ڪنهن سان ميٺاج ۽ سلوڪ سان پيش اچو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com