گذارش
پيارا ٻارو،
هي پرچو جڏهن اوهان جي هٿ ۾ پهچندو ته رمضان
المبارڪ جا باقي ڪي روزا هوندا ۽ اوهين عيد ملهائڻ
جي تيارين ۾ هوندا. مسلمانن لاءِ رمضان جو مهينو
ڀلارو ۽ برڪت ڀريو آهي ۽ عيدالفطر روزن ۽ عبادتن
جو انعام آهي. هن موقعي تي اسين پنهنجن پڙهندڙن کي
عيد مبارڪ ڏيندي خوشي محسوس ڪريون ٿا.
عيد، جتي اسان وٽ خوشين جو خزانو کڻي آئي آهي اتي
ڏکن ۽ ڏولاون جو سامان پڻ آندو اٿس. ڇا ڪاڻ ته
گذريل ٻن مهينن کان سنڌ ۾ سنڌو جي اُٿل ڪري جيڪا
ٻوڏ آئي، ان اها تباهي آندي آهي جا هن کان اڳ
ڪڏهين به نه آئي آهي. ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، فصل
لڙهي ويا، ڪئين ماڻهو مري ويا. لکين ماڻهو بي گهر
ٿي ويا ۽ کين ڪو اجهو ميسر ڪونهي. اڃا ٻوڏ جي
تباهڪارين کي حڪومت منهن مس ڏنو ته مٿان لاڳيتين
مينهن هيڪاري گهڻو نقصان ڪيو آهي، جنهنڪري سنڌ جا
جيڪي ڀاڱا ٻوڏ کان متاثر ڪونه ٿيا هئا اتي به ٻوڏ
جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن. ڪيتريون جايون
ڪري پيون آهن. ڪئين ماڻهو مري ويا ۽ سڄي انساني
زندگي بيوس ۽ مجبور ٿي ويئي آهي.
عيد جي خرچي ۽ امدادي فنڊ
هن وقت سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ مينهن جي ستايلن کي سخت مدد جي
ضرورت آهي. پاڪستان جي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي
ڀُٽي، عوام کي زوردار اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي
حال سارو امدادي فنڊ ۾ رقمون جمع ڪرائين جيئن
حڪومت سان گڏ عوام به هنن ستايلن جي مدد ڪرڻ ۾
ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگهي. هن موقعي تي اسين سنڌ جي
ٻارن کي گذارش ٿا ڪريون ته هن نيڪ ڪم ۾ دل کولي
پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪن. جيڪڏهين عيد جي خرچيءَ
مان هڪ رپيو وزيراعظم جي امدادي فنڊ ۾ جمع
ڪرائيندا ته به سنڌ جي ٻارن طرفان هن فنڊ ۾ چڱي
موچاري رقم جمع ٿي سگهندي. اسين اهو اعلان ٿا
ڪريون ته جيڪي ٻار گهٽ ۾ گهٽ هڪ رپيو، وزير اعظم
جي امدادي فنڊ ۾ جمع ڪرائي، اهڙي بئنڪ جي رسيد سان
اسان ڏانهن ڏياري موڪليندا ته اسين انهن جا نالا
گل ڦل ۾ شايع ڪنداسون. امدادي فنڊ، پنهنجي ڀرپاسي
واري ڪنهن به بئنڪ ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. پر جتي
بئنڪ نه آهي اُتي پوسٽ آفيس مان پوسٽل آرڊر وٺي،
ان جو وڏو حصو پنهنجي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي ٽپال
۾ ڏياري موڪليو ۽ ننڍو حصو اسان کي ڏياري موڪليو.
اسين اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جا سمجهدار ٻار هن سٺي
ڪم ۾ دل کولي حصو وٺندا ۽ پنهنجي ڏتڙيل ڀائرن جي
مدد ڪندا.
سالنامو
گل ڦل جي سالنامي لاءِ هينئر کان ئي تياريون شروع
ڪيون ويون آهن. ٻارن کي گهرجي ته پنهنجا مضمون،
ڪهاڻيون، نظم ۽ ليک 31 آڪٽوبر کان اڳي اسان ڏانهن
ڏياري موڪلين. اسان پهرين نومبر کان سالنامي جي
ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪرائينداسون. انشاالله تعاليٰ
هي سالنامو گذريل سالنامي کان به سٺو شايع ٿيندو.
آه!مولانا غلام محمد گرامي
نهايت ڏک ۽ ارمان سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته
سنڌ جو عالم، اديب، محقق، مصنف، دانشور،
شاعر ۽ سماهي مهراڻ جو ايڊيٽر مولانا غلام
محمد گرامي 15 سيپٽمبر 1976ع تي هن فاني
دنيا مان لاڏاڻو ڪري دارالبقا ڏانهن روانو
ٿيو. مرحوم سنڌي ٻوليءِ جي نه رڳو وڏي خدمت
ڪئي، پر سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ به وڏي
جدوجهد ڪئي. هن موقعي تي اسين سندس پٽ ۽ ٻين
وارثن سان سندن غم ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيون. ۽
دعا ٿا گهرون ته خداتعاليٰ مرحوم کي جنت
نصيب ڪري ۽ سندن پوين کي صبر جميل عطا
فرمائي، آمين.
غم شريڪ انور هالائي. |
مرحوم غلام محمد گرامي “
(ولادت 30 – ڊسمبر 1920ع – وفات 15 سيپٽمبر 1976ع
·
منظور ظفر
ٻار ڏياٽي، جڳ جرڪاءِ
سهڻا مٺڙا سوڀيا وارا تنهنجو منهن لالاڻِ،
ننڍڙا نينگر منهنجي دعا ٿئي شال جواني ماڻِ.
اُبتا سُبتا پاءِ ته ليڪا منهنجو هنيانءُ ٺري ٿو،
منهنجا جاني ائين لڳين جيئن کير ۾ گُل تري ٿو.
پختا پيچ ڪري مارُن سان لڙجان تن جي ڪاڻ،
ننڍڙا نينگر منهنجي دعا ٿئي شال جواني ماڻ.
تنهنجا انگل اربيلاهي آهن هوشو ٻار،
تنهنجا ماڻا منهنجا راڻا! من اندر جا ٺار.
ٻار ڏياٽي جڳ جرڪاءِ اوندهه تڙ ۽ ڪر لالاڻ،
ننڍڙا نينگر منهنجي دعا ٿئي شال جواني ماڻ.
لوئي لونگي اوڇڻ اوڍڻ وارا تنهنجا پنهنجا،
ڇا به هجي پر پنهنجا مڃجان آهن تنهنجا پنهنجا.
سادا سانگي تنهنجا آهن تن کي پنهنجو ڄاڻ،
ننڍڙا نينگر منهنجي دعا ٿئي شال جواني ماڻ.
·
سنڌيڪار: ممتاز عباسي
جرمني لوڪ ڪٿا
مرليءَ وارو
گهڻا ورهيه اڳ جرمنيءَ جي هئميلن شهر ۾ پليگ جي
بيماري اچي پيئي. سڄي ملڪ ۾ ڪئن جو آزار مچي ويو.
جيتوڻيڪ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ هر وقت ڪئا ماري
ڇڏيندا هئا يا کين زهر ڏيندا هئا. تڏهن به ڪئن جو
تعداد گهٽيو ڪونه.
ڪئا اهڙا ته بي ڊپا ٿي پيا جو ٻلين ۽ ڪتن ڀر ڊڄندا
ئي ڪونه هئا، سمورو اَن وغيره کائي ڇڏيائون.
نيٺ تنگ اچي شهر جا ماڻهو وڏيري وٽ آيا. انبوهه
مڇريل هو سو ڪاوڙ مان چوڻ لڳا: ”تون ويٺو ٿو
کائين، جيڪڏهن ان مصيبت ٽارڻ لاءِ اُپاءُ نه ورتا
ته تو سان ڀائپي برادري ختم.“ همراهه اچي منهنجيو
ته ڇا ڪجي؟ پئنچائت سوچ ۾ ٻڏل هئي. ان وقت پائيڊ
مرليءَ وارو سندن ڪچهريءَ ۾ هن پئنچائت کي چيو:
”هڪ هزار گلڊر (سڪو) مون کي ڏيو ته مان توهان کي
ڪئن جي آزار کان آجو ڪندس.“
وڏيرو: هڪ هزار ته ڇا؟ مان توکي پنج هزار گلڊر به
ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
پائيڊ: واعدو ٿو ڪرين نه؟
وڏيرو: ها
پائيڊ شهر ۾ موٽي آيو. هن پنهنجي مرلي وڄائڻ شروع
ڪئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ شهر جا سمورا ننڍا ۽ وڏا
ڪئا هن جي آسپاس مڙي آيا. مرلي جو مست آواز جيئن
وڌيو. تيئن رهيل ڪئا به اچي مڙيا. هو مرليءَ کي
وڄائيندو هلڻ لڳو ۽سڀ ڪئا هن جي پٺ وٺندا ويا تان
جو ويزر نديءَ وٽ پهتو، جنهن ۾ سڀ ڪئا ٻڏي مئا،
سواءِ هڪ سنهڙي ڪئي جي. جيڪو نديءَ مان تري ٻيءَ
ڀر ويو ۽ وڃي ڪئن جي بادشاهه کي خبر ٻڌايائين ته:
ڪيئن مرليءَ جو آواز ٻڌي ڪري. ايترا مست ٿي ويا جو
سڀ ندي ۾ ڪري ٻڏي مئا.
جڏهن ماڻهن کي پڪ ٿي ته سڀ ڪئا مري ويا آهن. تڏهن
ڏاڍا خوش ٿيا. خوب جشن ڪيائون. ناچ ۽ ڇيڄ ڪيائون ۽
پاڻ ۾ مٺايون وراهيائون.
وڏيري جوش ۾ اچي تقرير ڪئي ته: هن ملڪ مان سمورا
ڪئا ڪڍي ڇڏيا. پوءِ هن واڍن ۽ رازن کي حڪم ڏنو ته
هو جلدي ڪئن جا ٻر ڀري بند ڪري ڇڏين. اڃا تقرير
جاري هئي ته ڪري پائيڊ پنهنجي مرلي سان اچي پهتو.
پائيڊ: مون کي انعام ڏنو وڃي.
وڏيرو: اسان قبول ٿا ڪريون ته تون اسان تي ۽ ملڪ
تي ٿورو ڪيو آهي باقي انعام، اهو ته ڀوڳ هو.
پائيڊ: ڀوڳ هو؟
وڏيرو: ها معافي ڏي.
پائيڊ: جي اوهان جو اهو ڀوڳ هو ته پوءِ منهنجو به
ڀوڳ ڏسجو.
پائيڊ شهر ۾ آيو. پنهنجي مرلي کي پرسوز آواز ۾
وڄائڻ لڳو. اڌ ڪلاڪ ۾ سڄي شهر جا ننڍڙا پنڌ ڪندڙ
ٻارڙا هن جي آسپاس اچي بيٺا. پوءِ هو مرليءَ کي
اڃا تيز وڄائيندو اڳ ۾ ٿيو ۽ پٺيان ٻارڙا هلڻ لڳس.
ٻارڙن جي مائٽن کين سمجهايو پر هو نه مڙيا. هو ته
ڌن ۾ مست ٿي پائيڊ مرليءَ واري جي پويان پويان وڃي
رهيا هئا. هنن جو رخ ويزر نديءَ ڏانهن هو. مائٽن
کي اچي ڊپ لڳو ته سڀ ٻار ٿا مرن، پر اوچتو هو سڀ
ڪو پيلبرگ ٽڪر ڏانهن ڦريا. مائٽن خيال ڪيو ته ٽڪر
تي ٻار چڙهي ڪونه سگهندا، اجهو ٿا واپس اچن. پر
انهن کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته ٽڪر جو وچون حصو،
در وانگر کلي پيو، اڳيان پائيڊ مرلي وڄائيندو ويو
۽ پٺيان ننڍن ٻارڙن جو ڳاهٽ اندر وڃڻ لڳو ۽ اوچتو
در بند ٿي ويو.
|