گذارش
پيارا ٻارؤ؛
هي مهينو عيد جي خوشين سان گڏ ٻارن لاءِ هڪ نئون
سنيهو پڻ کڻي آيو آهي. هن ئي مهيني ۾ ٻارن جو
عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ
۾ هن ڏينهن تي نه رڳو رنگا رنگي جشن ملهايا پيا
وڃن، پر ٻارن جي بهبوديءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪيترين
ئي رٿائن تي عمل ڪرڻ جو عهد ڪيو پيو وڃي. اڄ جا
ٻار سڀاڻي جا وڏا ٿيندا، ان ڪري انهن جي ذهنن کي
اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙيون رٿون رٿيون پيون وڃن، جيڪي
سندن آئندي لاءِ بهتر ٿي سگهن. ٻارن جي عالمي
ڏينهن تي هن پرچي ۾ هڪ مضمون پڻ ڏنو ويو آهي، جيڪو
ٻارن جي معلومات ۾ گهڻو واڌارو آڻيندو.
اسان هن کان اڳي اعلان ڪري چُڪا آهيون ته جنوري
1976ع وارو پرچو سالنامون هوندو، ان ڪري پنهنجا
ليک ۽ مواد جلدي موڪليو. مواد موڪلڻ ۾ ان ڳالهه
جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته اهو نقل نه ڪيو وڃي،
جيڪڏهين ٻين ٻولين مان ترجمو هوندو ته ڪو اهم
ڪونهي. گل ڦل جو سالنامون سڄو ئي رنگين هوندو ۽ ان
۾ نوان نوان عنوان، وڏن اديبن جي ننڍپڻ جو احوال ۽
ٻار ليکڪن جا انٽرويو پڻ شايع ڪيا ويندا. اسان کي
اميد آهي ته سالنامي کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ٻار
اسان سان پورو پورو ساٿ ڏيندا.
خدا حافظ
اوهان جو ڀاءُ انور هالائي
·
منصور ويراڳي
گلڙا هي گلشن جا
ٻارن جو ٿا ڏينهن ملهايون،
ساري جھ ۾ ڌوم مچايون.
ننڍڙا مٺڙا ٻار سڀيئي،
راهه ڪري هموار سڀيئي،
ٻار ته آهن جگ جي زينت،
پنهنجي ڄاڻون پاڻ حقيقت،
اوهين اسان جا بزرگ آهيون،
اسان ٻچن جي قسمت ٺاهيون،
جنهن وٽ ناهي علم جي دولت،
سڀ کي گهرجي عزت عظمت،
عمدو کاڌو طاقت وارو،
عاقل لئه بس آه اشارو،
نغما ڳائي، موج مچائي،
علم جي روشن شمع جلائي،
ديس سندا دلدار سڀيئي،
اڳتي اڳتي قدم وڌايون.
ڪو نه ڪَٿي ڪو تن جي قيمت،
جر جهنگ صحرا سڀ جرڪايون.
قوم جي طاقت جي ٿا چاهيو،
ٻُڌو ته پنهنجا حق ٻڌايون.
کوٽي ان جي آهي قسمت،
دين دنيا ۾ شل سا پايون.
معصومن کي ڪري سگهارو،
اڃا اوهان کي ڇا سمجهايون- ؟
پرت سندو پيغام ٻڌائي،
ديس مٺي جو مان وڌايون.
·
ضمير احمد ابڙو
قيمتي ورثو
هڪ غريب ماڻهو هو، جنهن کي ٽي پٽ هئا. جڏهن هو مرڻ
تي هو ته پنهنجن پُٽن کي سڏي چيائين ”منهنجو آخري
وقت اچي ويو آهي، مون وٽ توهان لاءِ ڪجهه پئسا
وغيره ڪين آهن، هي ٽي شيون آهن، جيڪي توهان کي
ڏيئي ٿو وڃان. انهيءَ لاءِ ڪا اهڙي جڳهه تلاش ڪجو،
جتي اتي جي ماڻهن لاءِ بلڪل نئين هجي. شايد انهيءَ
طريقي سان توهان جي قسمت جاڳي.“ اهو چئي هن وڏي پٽ
کي ڪڪڙ ڏنو، وچٽ کي ڏانٽو، ۽ سڀ کان ننڍي کي ٻلي
ڏني.
پيءُ جي مرڻ کان پوءِ وڏو ڇوڪرو ڪڪڙ پاڻ سان کڻي
هليو ويو، پر هو جتي به ويو، اتي ڪڪڙن جو آواز اچي
پيو، ڪو به شهر يا ڳوٺ خالي نه هو، جتي ڪڪڙ نه
هجي. هلندي هلندي هو هڪ اهڙي هنڌ پڳو، جتي ڪوئي
ڪڪڙ نه هو. اتان جي ماڻهن ڪڪڙ کي ڏسي حيرانيءَ مان
ڇوڪري کان پڇيو ”هي ڪهڙو پکي آهي؟“ ڇوڪري جواب
ڏنو: ”هي ڏاڍو سٺو پکي آهي، سڄي رات جي وقت ۾ هي
ٽي دفعا بانگ ڏيندو آهي ۽ ٽينءَ اذان سان سج نڪري
ايندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جو به ڪڪڙوڪو ڪندو
آهي، انهيءَ مان توهان سمجهي سگهندؤ ته موسم بدلجي
رهي آهي.“ ڳوٺ جي ماڻهن اهو ٻڌي حيرت جو اظهار ڪيو
۽ آزمائڻ لاءِ اها رات جاڳيا. ٻئي صبح جو انهن جي
خوشيءَ جي حد ئي نه رهي، جڏهن ڪڪڙ رات جو برابر
بانگون ڏنيون. انهن ڇوڪري کان پڇيو: ”ڇا هي تون
وڪڻندين؟“
ڇوڪري چيو، ”جي ها“ انهن چيس ته، ”ان جي قيمت ڇا
وٺندين؟“ ڇوڪري جواب ڏنو: ”انجي قيمت هڪ سون جي
ڳوڻ آهي.“ انهن سڀني هڪ آواز چيو: ”قيمت مناسب
آهي.“ ڇوڪر کي سون جي ڳوڻ ڏيئي، ڪڪڙ وٺي ان کي
رخصت ڪيو.
جڏهن وڏو ڀاءُ سون کڻي گهر پهتو ته ٻيا ٻه ڀائر
ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا. هاڻي وچون ڀاءُ ڏانٽو کڻي هليو،
پر ويچاري کي ڏاڍي مايوسي ٿي، جتي به وڃي اتي
ڏانٽو موجود هو. هلندي هلندي هو هڪ اهڙي ٻيٽ ۾
آيو، جتي جي ماڻهن ڪڏهن به ڏانٽو نه ڏٺو هو. جڏهن
انهن جو فصل پچي ويندو هو ته هو هٿن سان لڻندا
هئا. ڇوڪري جڏهن اهو ڏٺو ته پنهنجو ڏانٽو ڪڍي کين
فصل لڻي ڏيکاريائين، ماڻهو تعجب ۾ پئجي ويا ۽ ان
کي سون سان ڀريل گهوڙو ڏنائون.
هاڻي ننڍو ڀاءُ قسمت آزمائڻ لاءِ هليو. آخرڪار هو
به هڪ اهڙي هنڌ پهتو، جتي ٻلي اصل ڪو نه هئي، ڪوئن
اُتي جي ماڻهن جو نڪ ۾ دم ڪيو هو. بادشاهه جي محل
۾ گهڻائي ڪوئا هئا، هو اهو نه ڄاڻن پيا ته انهن کي
ڪيئن مارجي. کائڻ جون شيون خراب ڪن ۽ ڪپڙن کي ٽُڪي
وڃن.
ايتريقدر جو رات جو جڏهن بادشاهه سمهي ته ان جي
پيٽ تي چڙهي نچن.
بادشاهه جي محل ۾ پهچي ڇوڪري ٻليءَ کي ڇڏيو. ٻليءَ
فوراً ڪوئن کي جهٽ هڻي کائي ڇڏيو. بادشاهه ڇوڪري
کان هيءَ عجيب و غريب شيءِ خريد ڪرڻ جي مرضي
ڏيکاري. بادشاهه ڇوڪري کي ست گهوڙا هيرن ۽ جواهرن
جا ڀري ڏنا ۽ ٻلي خريد ڪئي. اهڙيءَ طرح ٽيئي ڀائر
ٽن معمولي شين جي عيوض وڏا شاهوڪار بڻجي ويا. ان
ڪري ئي سياڻن جو چوڻ آهي ته هر شيءِ چاهي اها
معمولي ڇو نه هجي، ان جو صحيح استعمال ان کي
قيمتي بنائي ڇڏي ٿو.
گل ڦل جو سالنامون
شايع ڪرڻ لاءِ هينئر کان ئي تياريون شروع ٿي
چُڪيون آهن. اوهان کي صلاح آهي ته پنهنجا ليک،
ڪهاڻيون ۽ ٻيو مواد 15- نومبر کان اڳي ڏياري
موڪليو.
- ايڊيٽر
·
سنڌيڪار: سنڌو سائيڪي
(جپاني ڪهاڻي
چالاڪ ڪاريگر
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته جپان جي هڪ شهر ۾ هڪ
امير ماڻهو رهندو هو، جنهن کي جانور ۽ پکين جا
ٺهيل بت ڏاڍا وڻندا هئا. هن وٽ ڪيترن ئي پکين ۽
جانورن جا بت هئا پر ڪوئي جو بت ڪو نه هو. هڪ
ڏينهن هن پنهنجي نوڪر کي چيو ته جيڪي به هن شهر ۾
سٺا ڪاريگر هجن، انهن کي مون وٽ وٺي اچ. هن جو
نوڪر سندس چوڻ سان ٻن سٺن ڪاريگرن کي وٺي آيو.
امير انهن کي چيو ته توهان مون کي ڪوئي جا بت ٺاهي
ڏيو، پر اهي اهڙا هجن ڄڻ اصلي ۽ جيئن ٻلي ڏسي ته
ڌوڪو کائي وڃي، جيڪو اهڙو بت ٺاهيندو ان کي مان
اشرفين جي ٿيلهي ڏيندس. ڪاريگرن هائوڪار ڪئي ۽ ٽن
ڏينهن جي مهلت وٺي هليا ويا. ٽن ڏينهن کان پوءِ
اهي آيا ۽ پنهنجا ٺاهيل ڪوئا امير آڏو پيش ڪيا.
امير ڏسي چيو ته هڪ ته ڪاٺ جو ڪوئو آهي جو تمام
سٺو ٺهيل آهي پر هي ٻيو ڪوئو مون کي خبر نٿي پوي
ته ڇا مان ٺهيل آهي. ڪاريگرن امير کي چيو ته
مهرباني ڪري توهان ٻليءَ کي آڻايو. تنهن تي امير
نوڪر کي ٻلي آڻڻ لاءِ چيو. جيئن ئي ٻلي آئي، تنهن
اچڻ شرط هڪ ڪوئو ته جهٽ هڻي کڻي ڀڄي ويئي ۽ ڪاٺ
جي ٻئي ڪوئي ڏانهن نهاريائين به ڪو نه. تنهن تي
امير، حيران ٿي ويو. انجام موجب ان ڪوئي جي ڪاريگر
کي اشرفين جي ٿيلهي ڏيئي پڇيو ته مهرباني ڪري
ٻڌاءِ ته اهو ڇا هو؟ ان تي ان ڪوئي جي ڪاريگر
وراڻيو ته اهو ڪوئو سڪل مڇيءَ مان ٺهيل هو، ان ڪري
ٻلي هن کي جهٽ کڻي ويئي. اهو ٻڌي امير ڏاڍو کليو ۽
چيائين ته آءٌ ٻه ٿيلهيون اشرفين جون ٻيون به
ڏيان ٿو، هڪ پهرئين ڪاريگر کي، جنهن ڪاٺ جي ڪوئي
جو سٺو بت ٺاهيو ۽ ٻي توکي وڌيڪ ان لاءِ جو تون
ٻليءَ کي بيوقوف بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهين. ڪاٺ
جو ڪوئو منهنجو ۽ مڇيءَ جو سُڪل ڪوئو منهنجيءَ
ٻليءَ جو. ائين چئي هن امير انهن ڪاريگرن کي
اشرفيون ڏيئي روانو ڪيو.
·
شمس النساءِ چاچڙ دادو.
نيلو صوف
آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪ بادشاهه کي هڪ ئي
سڪيلڌي ڌيءَ شهزادي زرين نالي سان هئي. هڪڙي ڏينهن
اوچتو بيمار ٿي پيئي. گهڻا ئي حڪيم، ڊاڪٽر آيا پر
شهزادي چاڪ نه ٿي. آخرڪار هڪ حڪيم آيو، جنهن
بادشاهه کي ٻڌايو ته مان شهزادي جي بيماريءَ جو
علاج سوچي آيو آهيان. هيءَ شهزادي دوا سان نه، پر
هڪ نيلي صوف سان خوش ۽ چڱي ڀلي ٿيندي. جيڪو
اُڀرندي طرف هڪ وڏي باغ مان ملي سگهندو. بادشاهه
حڪيم کي انعام ڏيئي رخصت ڪيو. پوءِ سڄي ملڪ ۾
اعلان ڪرايائين ته جيڪو به شخص اوڀر طرف واري باغ
۾ لڳل نيلو صوف آڻيندو، ان کي ايترو ايترو انعام
ملندو جو سندس ست پيڙهيون کائيندس ته به نه
کٽنديون. چون ٿا ته اهو باغ هڪ ظالم ديوَ جو هو.
جو ڪير ڀلجي به ان باغ ۾ وڃي ته کيس کائي کپائي
ڇڏيندو هو، ان ڪري ماڻهو ان طرف وڃڻ کان ڊڄندا
هئا. انعام جي لالچ ۾ گهڻائي ويا پر واپس ڪو نه
وريا.
هڪ ڏينهن هڪڙي غريب هاريءَ جو پٽ شهزور اوڏانهن
وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو. ماءُ پيءُ گهڻو ئي سمجهايس.
ته تون ان باغ ۾ نه وڃ اڳي ئي گهڻا ويا آهن. پر
موٽي ڪو نه آيا آهن؛ تو کي به ظالم ديو کائي
ويندو. تون اسان جو سڪيلڌو پٽ آهين، تون ويندين ته
اسان ڪيڏانهن وينداسين. پر شهزور نه مڃيو ۽ ٻه- ٽي
مانيون پاڻ سان هڙ ۾ ٻڌي نڪري پيو، گهڻي ٿورين
ڏينهن، هڪ وڏي جهنگ ۾ پهتو، اتي هڪ پوڙهو شخص
مليس. جنهن شهزور کي بي حجاب چيو ته بک ڏاڍي لڳي
آهي، اها ڳنڍ کول ان ۾ ماني هوندي ته کائون. شهزور
کي ڳنڍ کوليندي شرم پيو اچي ته سڪل مانيون ڪيئن
ڏيانس. پر هو دل جو سچو هو سو چيائين: نانا جيڪي
آهي. تون پاڻ ڳنڍ کولي کاءُ. پوڙهي جيئن ئي ڳنڍ
کولي ته گرم گرم پڪوڙا، گجرون، چٽڻي ۽ شربت جي هڪ
بوتل هئي. پوڙهو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ شهزور حيران. آخر
ٻنهي گڏجي ماني کاڌي. پوڙهي شخص آڱريون چٽيندي
چيو: هاڻي ٻڌاءِ تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين. شهزور
سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس. پوڙهي کيس چيو ته باغ ۾ جيڪو
سڀ کان پهريون وڻ اچي ته ان جي هيٺان مٽي کوٽي هٿ
۾ کڻجان ۽ پوءِ جڏهن ديو سامهون اچي ته سندس منهن
۾ هڻجانس ته ديو انڌو ٿي پوندو. ۽ هن تلوار سان
ماري ڇڏجانس، پوءِ باغ جي آخري ڪنڊ مان نيرو صوف
وڻ مان پٽِ اچجان. شهزور سندس ٿورو مڃي تلوار وٺي
روانو ٿي ويو. هلندو هلندو آخر باغ ۾ پهتو. هن باغ
جي پهرئين وڻ جي هيٺان جيئن مٽي کوٽي ته تيئن ديو
به آدم بوءِ ڪندو آيو. شهزور به بنا دير مٽي جي
لپ زور سان هنيائينس ته ديو انڌو ٿي و پيو ۽ پوءِ
هڪ ئي وار سان ديو کي ختم ڪري ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح
صوف حاصل ڪري، گهڻن ڏينهن کان پوءِ اچي گهر پهتو.
ماءُ پيءُ کيس ڏسي سرها ٿيا. شهزور بادشاهه کي صوف
ڏنو ۽ شهزادي صوف کائي خوش چڱي ٿي ويئي.
بادشاهه کيس ايترو ته انعام ڏنو جو هو ۽ سندس ماءُ
پيءُ بي فڪر ٿي خوش زندگي گذارڻ لڳا.
گل ڦل لاءِ ايجنٽ گهرجن
سنڌ جي هيٺين شهرن لاءِ ايماندار ايجنٽ گهرجن:
ڳڙهي ياسين، گهوٽڪي، اوٻاوڙو، کپرو، پير جو ڳوٺ،
راڻيپور، ڪنڊيارو، ڀريا، مٺياڻي، محرابپور، عيدن،
ٺارو شاهه، نوشهروفيروز، مورو، دولتپور، قاضي
احمد، سانگهڙ، ٽنڊو آدم، سنجهورو، مٽياري، ماتلي،
بدين، ميرپور ساڪرو، ڪوٽڙي، سيوهڻ، ميهڙ، جوهي،
وارهه، باڊهه، راڌڻ، رتوديرو، قمبر.
خط و ڪتابت ڪريو: محمد امين بلوچ،
مئنيجر ماهوار ”گل ڦل“
سنڌي ادبي بورڊ، پوسٽ باڪس 12، حيدرآباد.
·
اعجاز محمد اسماعيل عرساڻي
[سلسليوار باتصوير ڪهاڻي]
(قسط 5-)
ان وقت مون کي يقين ٿي ويو ته مون کي مرڻو پوندو.
ڪيڏو نه خوفائتو موت آهي. ميورل! منهنجي پياري
مالڪياڻي! تون ضرور اچ ۽ پنهنجي غريب نيپ کي موت
کان بچاءِ.
اڃا مشڪل سان اهي خيالات منهنجي دماغ مان نڪتا هئا
ته در کليو ۽ مون ميورل کي ڊپ واري آواز ۾ پاڻ کي
سڏيندي ٻڌو. مان تڪڙو هن ڏانهن وڌيس ۽ اسان ٻئي گڏ
در مان نڪرڻ وارا ئي هئاسين ته هڪ خوفائتي ڌماڪي
جي ڪري اسانکي پٺتي هٽڻو پيو. ٻاهرين ڪمري جي ڀِت
منهنجي طبيلي جي ٻاهران ڪِري پئي ۽ ٻاهر نڪرڻ جو
رستو روڪجي ويو هو، تنهن ڪري اسين انهيءَ رستي
کان ٻاهر نڪري نه سگهياسين. گرمي، دونهين ۽ مٽيءَ
اسان کي گهُٽي ڇڏيو هو.
ميورل بيهوش ٿي منهنجي ڀرسان ڪري پيئي، هاڻي مون
کي ڇا ڪرڻو هو؟ مون پنهنجي وات سان هن جي فراڪ کي
جهليو ۽ کيس مٿي کنيو ۽ چوڌاري ٻرندڙ ڪاٺ جي مٿان
ڊوڙڻ لڳس، تان جو هڪ کُليل جڳهه تي پهچي ويس.
خوشقسمتيءَ سان آءٌ ميورل جي ڪپڙن کي باهه لڳڻ کان
سواءِ بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس.
پر جيئن ئي آءٌ ڪنهن بچاءَ واري هنڌ کي ڳولڻ لاءِ
بيٺس ته مون کي پنهنجي چوڌاري باهه جا اُلا نظر
آيا. پر جاءِ جي ڀر ۾ مون کي هيٺاهون ڪمرو ڏسڻ ۾
آيو جتي ٿڌو هئي ۽ دونهون بلڪل گهٽ هو ۽ ميورل
ٿوري دير کان پوءِ پنهنجون اکيون کوليون. جڏهن
هُن پنهنجو پاڻ کي حفاظت ۾ ڏٺو ته خدا جو شڪرانو
ادا ڪيو ۽ پوءِ ڏاڍو پياري ۽ سٺي نموني سان منهنجو
شڪريو مڃيو. اسان کي سڄي رات اتي ترسڻو پيو ۽
ميورل کي آخرڪار ننڊ اچي ويئي.
صبح جو آءٌ آهستگي سان اٿي ٻاهر واءٌ سواءُ وٺڻ
آيس. سڄو گهر کنڊر ٿي چڪو هو ۽ باهه وسامي چُڪي
هئي. مون اندر اچي پنهنجي مالڪياڻيءَ کي اٿارڻ
لاءِ آهستي سان آواز ڏنو جيڪا تمام گهڻي ٿَڪ سبب
اڃا ستي پئي هئي. هن پنهنجون اکيون کوليون ۽
منهنجي پٺيان تڪڙي انهيءَ ڪمري مان نڪري آئي.
”سڀ ڪجهه سڙي ويو“ هن افسوس وچان چيو، ”هاڻي آءٌ
پنهنجي پياري گهر کي وري ڪڏهن به ڪو نه ڏسنديس.
مون کي خبر آهي ته آءٌ جلد ئي مري وينديس، ڇاڪاڻ
جو آءٌ پاڻ کي بيمار ۽ ڪمزور محسوس ڪري رهي آهيان.
نيپ! هل ته امان ۽ بابا کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪريون
ورنه هو مون کي مئل سمجهندا.“ |