جڏهن جناب صاحب هندن جي لاغرضي ڏٺي؛ تڏهن دل ۾ پڪو
وچن ڪندي، مسلمانن آڏو ”پاڪستان“ جو نصب العين
رکيو، انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ راتيان
ڏينهان تيزتر ڪوششون ڪندو رهيو ۽ پنهنجي ارادي کان
هڪ تر به پاسيرو نه ٿيو. هندن ساڻس وڏا وس ڪيا،
کيس خوب لالچون آڇيائون. مگرهن مرد مجاهد سندن هڪ
به نه ٻُڌي، ويتر ”پاڪستان“ جي حاصل ڪرڻ لاءِ پڪو
پرن ڪيائين. آخر انگلينڊ جي سرڪار تاريخ 18 جولاءِ
سنه 1947ع تي اعلان ڪيو ته تاريخ 14 آگسٽ 1947ع
تي هندستان ۽ پاڪستان ٻه جدا جدا آزاد ملڪ قائم
ٿيندا، ۽ پاڪستان ۾ سنڌ، بلوچستان، سرحد، اولهه
پنجاب ۽ اوڀر بنگال جا صوبا شامل هوندا.
تاريخ 14 آگسٽ سنه 1947ع جي صبح تي پاڪستان بڻيو،
جنهن جو پهريون گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي
جناح ٿيو. پاڪستان جي آزاد رياست دنيا جي مسلم
حڪومتن ۾ سڀ کان وڏي هئي، جنهن کي جناب صاحب صرف
سترهن ورهين جي بلڪل مختصر عرصي اندر تحريڪ هلائڻ
سان حاصل ڪئي هئي. پاڪستان جي ٺهڻ بعد قائداعظم هڪ
گهڙي به آرام سان ڪين ويٺو، هو راتيان ڏينهان
پاڪستان جي مضبوطي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو.
سال 1948ع جي جولاءِ مهيني ۾ قائد اعظم جن جي
راتيان ڏينهان سخت محنت سبب صحت خراب ٿي پيئي.
ڊاڪٽرن کيس آرام ڪرڻ جي صلاح ڏني، پر هن صاحب مسلم
قوم جي فلاح، بهبوديءَ ۽ سربلنديءَ خاطر پنهنجي
صحت تي ترجيح ڏني، ۽ پاڪستان جي پختگيءَ ۽ مسلم
قوم جي ڪاميابيءَ لاءِ جدوجهد ۾ رُڌل رهيو. آخر
تاريخ 11 ماه سيپٽمبر سنه 1948ع جي چئين بجي شام
ڌاري، پنهنجي هڪ خاص هوائي جهاز ذريعي ڪوئٽيا کان
ڪراچي پهتو؛ جتي ڇهن ڪلاڪن جي عرصي اندر رات جو
ڏهه لڳي پنجويهن منٽن تي، اسان کان هميشه هميشه
لاءِ موڪلائي ويو. سندس خاڪي جسم کي تاريخ 12
سيپٽمبر سنه 1948ع تي آچر جي ڏينهن ساڍي ڇهين بجي
شام ڌاري ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو .
”بدنيتي“
هڪڙا ٽي دوست کجور کائي رهيا هئا ته مٿان هڪ مفت
خور اچي نڪتو. کجور ڏسي وات پاڻيءَ سان ڀرجي آيس ۽
پڇڻ لڳو، ”ڀائرو ڇا پيا کائو؟“ کائڻ وارن هن جي
بدنيتي تاڙي ورتي تن مان هڪ کامندي وراڻيو-”زهر
پيا کائون.“ اهو ٻڌي مفت خور چار پنج داڻا کجور جا
کڻي وات ۾ وڌا ۽ چيائين-”دوستو اوهان جهڙن دوستن
جي مرڻ کان پوءِ مون تي پڻ جيئڻ حرام آهي“-.
موڪليندڙ: احمد راهي، چوهڙ جمالي.
”اڻ کٽ سرمايو“
عمل ۽ علم، ڪتاب ۽ قلم، اهي چارئي شيون انسان جي
زندگي جو اڻ کٽ سرمايو آهن. موڪيلندڙ: پروانو سليم
رضا ڀٽي- دڙو.
·
سنڌيڪار: امتياز ميمڻ خيرپورميرس
اسپيني ڪهاڻي
نافرمان ڪڪڙ
هڪ ڏينهن هڪ ڪڪڙ آنن مان تيرهن ٻچا ڦوڙيا. انهن
مان ٻارهن ڏاڍا سهڻا تندرست هئا پر هڪ ٻچو عجيب
غريب صورت کڻي آيو هو. هن جو هڪ پرُ هو، هڪ ٽنگ ۽
هڪ اک هئي ۽ وري چهنب جو هيٺيون حصو به غائب هئس.
ان عجيب غريب ٻچي کي ڏسي ڪُڪِڙ ڊڄي ويئي. هن کي
ڏاڍو ڏک ٿيو. پر الله جي ڪمن ۾ دخل ڏيڻ جي ڪنهن کي
مجال آهي، اهو سوچي ڪڪڙ ويچاري چپ ٿي ويئي. ڪجهه
ڏينهن کانپوءِ ٻچو جڏهن سياڻو ٿيو ته ڏيڏر جيان هڪ
ٽنگ تي ٽپا ڏيئي هلڻ لڳو. هو بدصورت هئڻ سان گڏوگڏ
ڏاڍو حرڪتي هو هو ماءُ جو چوڻ به نه مڃيندو هئو.
ماءُ جڏهن به کيس پاڻ وٽ سڏايو ته نه آيو ۽ بهانو
ڪندو هو ته هن کي ڪن به هڪ آهي انڪري هو چڱيءَ طرح
سان ٻڌي به نٿو سگهي. ڪڪڙ کيس ڪيترو ئي سمجهايو پر
هو نه سمجهيو.
نيٺ هو وڏو ڪڪڙ ٿي چڪو هو ۽ پوءِ شرارتون به
گهڻيون ڪرڻ لڳو.
هڪ ڏينهن هو الائي جي ڇا سوچي ماءُ وٽ ويو ۽ چوڻ
لڳو ته ”مان هتي رهي تنگ اچي چڪو آهيان. ۽ چاهيان
پيو ته سير ڪرڻ لاءِ شهر ميڊرڊ وڃان. سير به ٿي
ويندو ۽ بادشاهه سلامت کي به ڏسي ايندس.“ ان تي
ماءُ کيس ڪيترو ئي سمجهايو پر هن نه مڃيو ۽ هڪ
ڏينهن لڪي لڪي شهر ڏانهن روانو ٿي ويو. هو خيالي
پلاءُ پچائيندو ٽپا ڏيندي هلڻ لڳو. رستي ۾ هڪ واهه
آيو. واهه ۾ هڪ جڳهه تي گاهه جو هڪ ڍير پيو هو
جنهنڪري پاڻي نه پي هلي سگهيو. انڪري پاڻيءَ کيس
سڏ ڪيو پيارا ڪڪڙ، اچ ۽ منهنجي مدد ڪر منهنجي
پٺيءَ تان هي گاهه جو ڍير هٽاءِ ته جيئن مان اڳتي
وڌي سگهان. ڪڪڙ پنهنجي لاڏليءَ اک سان واهه کي ڏٺو
۽ چيائين ته مون کي معاف ڪر. آءٌ بادشاهه سلامت کي
ڏسڻ شهر وڃي رهيو آهيان مون کي دير ٿي ويندي،
پنهنجي مدد پاڻ ڪر. اهو چئي ڪڪڙ پنهنجو هڪ کنڀ
ٽيڙيندو اڳتي ويو ته رستي ۾ هڪ جڳهه تي کيس باهه
ٻرندي نظر آئي ۽ اها باهه وسامڻ واري هئي ته باهه
ڪڪڙ کي چيو او منهنجا پيارا ڪڪڙ، اچ منهنجي مدد
ڪر، مان ختم ٿي رهي آهيان، تون ڪجهه ڪاٺيون منهنجي
مٿان وجهي ڇڏ. ڪڪڙ منهن ۾ گهُنڊ وجهندي چيو ته
معاف ڪر، آءٌ بادشاهه کي ڏسڻ ميڊرڊ وڃي رهيو آهيان
پنهنجي مدد پاڻ ڪر. اهو چئي اُتان روانو ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن صبح جو هو هڪ جهنگ مان گذري رهيو هو ته
کيس رستي جي ڀر ۾ سائو ۽ ڳتيل پنن وارو گهاٽو وڻ
نظر آيو ۽ هو اتي ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ ترسيو.
اوچتو ڪنهن کيس پڪاريو ته او سٺا مٺا ڪڪڙ، منهنجي
مدد ڪر، ٽارين مون کي چوطرف گهيري ڇڏيو آهي، مون
کي انهن کان نجات ڏيار، ته جيئن مان پنهنجي واٽ
هلي سگهان. اها هوا جي فرياد هئي. پر ڪڪڙ پنهنجي
ضد تي قائم رهيو، غصي ۾ اچي چيائين ته هي ڪهڙي
مذاق آهي، آءٌ بادشاهه کي ڏسڻ شهر وڃي رهيو آهيان،
تون منهنجو وقت برباد ڪري رهي آهين. هو اٿي هليو ۽
آخر شهر ميڊرڊ ۾ وڃي پهتو، ۽ ٽپا ڏيندو بادشاهه جي
محل ڏانهن هليو. جڏهن هو محل جي ويجهو وڃي پهتو ته
ان جي دروازي تي بيهي بادشاهه ڏانهن وڃڻ جو رستو
تلاش ڪري رهيو هو ته اوچتو هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ”آها
ها، آءٌ جنهن شيءِ لاءِ صبح کان پريشان هئس اها ته
پاڻ ئي اچي ويئي.“ ۽ پوءِ ٻن مضبوط هٿن سندس ڳچي
پڪڙي ورتي اهي هٿ شاهي باورچيءَ جا هئا. هو چئي
رهيو هو ته مان هن کي بادشاهه جي لاءِ رڌيندس، اهو
ٻڌي ڪڪڙ جو برو حال ٿي ويو. ڏاڍيون ايلاز منٿون
ڪيائين پر هن نه ٻڌو. بورچي کيس پڪڙي پاڻي جي
ديڳڙيءَ ۾ وجهي ڇڏيس، ۽ پوءِ اها ديڳڙي باهه تي
چاڙهي ڇڏيائين. ڪڪڙ پاڻيءَ کي چوڻ لڳو او پاڻي،
مون کي نه ٻوڙ، مون کي هتان ڪڍ. پاڻيءَ چيو هرگز
نه، اهو وقت ياد ڪر جو مون مصيبت ۾ توکان مدد گهري
هئي پر تو انڪار ڪيو هو.
باهه او باهه، هينئر ڪڪڙ باهه کي فرياد ڪرڻ لڳو:
پياري باهه، منهنجي مدد ڪر، مون کي نه ساڙ. باهه
جواب ڏنس تون به ته مصيبت ۾ منهنجي مدد نه ڪئي
هئي. اهو چئي باهه پنهنجي گرمي وڌائي ڇڏي. ان وقت
هوا جو اتان گذر ٿيو. ڪڪڙ هوا کي به فرياد ڪئي سٺي
هوا، تون منهنجي مدد ڪر، ۽ مون کي هتان ٻاهر ڪڍ.
هوا ان کي سڃاڻي ورتو، ۽ ڪڪڙ کي چوڻ لڳي ته تون
مصيبت ۾ منهنجي مدد نه ڪئي هئي پر آءُ تنهنجي مدد
ڪنديس. نه صرف تنهنجي مدد ڪندس پر توکي اهڙو سبق
پڻ ڏينديس جو تون ياد رکندين. ۽ پوءِ هوا زور سان
هلي ۽ ٻاٽيءَ جو ڍڪ وڃي پري ڪريو، ۽ هوا ڪڪڙ کي
کڻي وڃي هڪ ڊگهيءَ عمارت جي مناري تي اڇليو. ڪڪڙ
حيرت جو بت بڻيو پنهنجي هڪ ٽنگ تي بيٺو ۽ هڪ اک
سان هوڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو. ان ڳالهه کي صديون
گذري چڪيون آهن پر اهو ڪڪڙ اڃان تائين اتي بيٺو
آهي ۽ ماڻهن کي هوا جو رخ پيو ٻڌائي.
اوهان جو
مواد
اوهان جو مواد گل ڦل ۾ شايع ٿيڻ لاءِ برابر ملي ٿو
پر ان جي هيٺان اوهان جي پوري ايڊريس نه هوندي آهي
ان ڪري اوهان ڏانهن ان مواد جي باري ۾ اسين پنهنجي
راءِ موڪلي نٿا سگهون. ڪيترن ٻارن جي رد ٿيل يا
منظور ٿيل مواد بابت اسان کين اطلاع نه ڏيئي سگهيا
آهيون ڇاڪاڻ ته سندن مواد تي پوري ايڊريس لکيل نه
هوندي آهي. پنهنجي هر مواد هيٺان پنهنجي پوري
ايڊريس ضرور لکو.- ايڊيٽر.
·
سنڌيڪار: سنمت لال بي منڌاڻ، ڪنڌڪوٽ
[هندي ڪهاڻي]
هار مان جيت
ماءُ کي پنهنجي پٽ، شاهوڪار کي پنهنجي قرضائي ۽
هاريءَ کي پنهنجي سر سبز ٻني ڏسي جيڪو مزو ايندو
آهي، اهو ئي مزو بابا ڀارتي کي پنهنجو گهوڙو ڏسي
ايندو هو. خدا جي عبادت کان جيڪو وقت بچندو هوس
اهو گهوڙي جي حوالي ٿي ويندو هو. هي گهوڙو ڏاڍو
سهڻو ۽ طاقتور هو. هن جي جوڙ جو گهوڙو پوري علائقي
۾ نه هو. بابا ڀارتي جن هن کي ’سلطان‘ جي نالي سان
پڪاريندا هئا. پنهنجي هٿن سان کرکرو مليندا هئا،
خود کاڌو (داڻو) کارائيندا هئا ۽ ڏسي ڏسي ڪري خوش
ٿيندا هئا. اهڙي چاهت ۽ اهڙي پيار سان ڪو به پريمي
پنهنجي پياري کي نه چاهيندو هوندو. انهن سڀڪجهه
ڇڏي ڏنو هو، پئسه، مال ملڪيت ۽ زمين وغيره ايتري
تائين جو انهن کي شهري زندگي کان به نفرت هئي.
هاڻي هو ڳوٺ کان ٻاهر هڪ ننڍي مندر ۾ رهڻ لڳا ۽
خدا جي عبادت ڪرڻ لڳا، مگر سلطان جي وڇڙڻ جي ڳالهه
ان لاءِ اڻ سهڻندڙ هئي.
”مان انهيءَ کان سواءِ زنده رهي نه سگهندس“ انهن
کي اهو وهم ويجهي ويو. اهي گهوڙي جي هلت تي موهت
هئا ۽ چوندا هئا ته ”ائين هلندو آهي جيئن مور ڪارن
ڪڪرن کي ڏسي نچندو آهي.“ ڳوٺ جا ماڻهو انهيءَ پيار
کي ڏسي حيران هئا، ڪڏهن ڪڏهن اک جو اشارو به ڪندا
هئا مگر بابا ڀارتي کي انهيءَ جي ڪا به پرواهه نه
هئي. جيسين سلطان تي چڙهي اٺ-ڏهه ميل چڪر نه هڻندا
هئا ته کين آرام نه ايندو هو.
ميرل انهيءَ علائقي جو مشهور ڊاڪو هو. ماڻهو
انهيءَ جو نالو ٻڌي ڊڄندا هئا. ٿيندي ٿيندي سلطان
جي واکاڻ هن جي ڪن پهتي ۽ سندس دل سلطان کي ڏسڻ
لاءِ بي چين ٿي پئي، هڪ ڏينهن هو منجهند جي وقت
بابا ڀارتي وٽ پهتو ۽ نمسڪار ڪري ويهي رهيو.
بابا ڀارتي جن پڇيو- ميرل ڇا حال آهي؟
ميرل ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو: توهان جي مهرباني آهي.
بابا ڀارتي: چئو، هيڏانهن ڪيئن اچڻ ٿيو.
ميرل: سلطان جي چاهه ڇڪي آندو آهي.
بابا ڀارتي: عجيب جانور آهي، ڏسندين ته خوش ٿي
ويندي.
ميرل: مان به ڏاڍي تعريف ٻڌي آهي.
بابا ڀارتي: انهيءَ جي هلت تنهنجو من موهي ڇڏيندي.
ميرل: چوندا آهن، ڏسڻ ۾ به ڏاڍو سهڻو آهي.
بابا ڀارتي: ڪهڙي ڳالهه ڪجي، جيڪو ماڻهو هڪ ڀيرو
ان کي ڏسندو آهي ته انهيءَ جي دل تي هن جي شڪل
ڇپجي ويندي آهي.
ميرل: گهڻن ڏينهن کان خواهش هئي، اڄ ئي حاضر ٿي
سگهيو آهيان.
بابا ڀارتي ۽ ميرل ٻيئي طنبيلي ۾ پهتا. بابا ڀارتي
جن گهوڙو ڏيکاريو فخر مان، ميرل گهوڙو ڏٺو. هن به
هزارين گهوڙا ڏٺا هئا مگر اهڙو خوبصورت گهوڙو هن
جي اکين کان نه گذريو هو. سوچڻ لڳو. بخت جي ڳالهه
آهي، اهڙو گهوڙو ميرل وٽ هجڻ کپي ها. هن ساڌوءَ کي
اهڙن شين مان ڪهڙو فائدو. ڪجهه دير تائين عجب ۾ چپ
چاپ بيٺو رهيو، انهي کان پوءِ دل ۾ چرپر ٿيڻ لڳس.
ٻارن جهڙي نماڻائي وانگر هن چيو، مگر بابا جي هن
جي هلت (رفتار) نه ڏٺي ته ڇا ڏٺو؟
بابا ڀارتي جن به انسان هئا. پنهنجي شيءِ جي
ساراهه ٻئي جي واتان ٻڌڻ لاءِ هن جي دل به بيچين
ٿي پئي. گهوڙي کي کولي ٻاهر آندو ۽ گهوڙي جي پٺي
تي هٿ ڦيرڻ لڳا ۽ هڪدم سوار ٿي ويٺا. گهڙو هوا سان
ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هن جي رفتار ڏسي ميرل جي دل ۾ بي
ايماني پيدا ٿي پئي.
هو ڊاڪو هو ۽ شيءِ ان کي پسند اچي وڃي، انهيءَ تي
هو پنهنجو حق سمجهندوهو. ويندي ويندي هن چيو بابا
مان اهو گهوڙو توهان وٽ رهڻ نه ڏيندس.
بابا جن ڊڄي ويا، انهن کي رات جو ننڊ نه ايندي
هئي، ساري رات طنبيلي جي پهريداريءَ ۾ گذارڻ لڳي،
هر وقت ميرل جو ڊپ رهڻ لڳو مگر ڪيترائي مهينا
گذري ويا ۽ هو نه آيو ايستائين جو بابا ڀارتي جن
به بي پرواهه ٿي ويا ۽ انهيءَ ڊپ کي سپني جي ڊپ
وانگر ڪوڙ سمجهڻ لڳا.
شام جو وقت هو. بابا ڀارتي جن سلطان جي پٺيءَ تي
سوار ٿي گهمڻ وڃي رهيا هئا. هن وقت انهن جي اکين ۾
روشني هئي ۽ منهن تي خوشي. ڪڏهن گهوڙي جو بدن ته
ڪڏهن رنگ کي ڏسي خوشي ۾ نه پئي ماپيا. اوچتو هڪ
طرف کان آواز آيو. او بابا! هن غريب جي به ڳالهه
ٻڌندا وڃو. |