گذارش
پيارا ٻارو!
ڪيئن، خوش آهيونه؟ هينئر ته اوهان کي گرميءَ جون
موڪلون آهن ۽ اوهان ڏاڍي موج ۽ خوشيءَ سان اهي
موڪلون گذاري رهيا هوندا. اوهان کي الائي خبر آهي
يا نه، ته ٻاهرين ملڪن جا ٻار موڪلن کي ڪيئن سجايو
ڪندا آهن؟ هو رڳو گهمڻ ڦرڻ ۽ رلڻ ۾ وقت ڪونه
وڃائيندا آهن، پر موڪلن جي ڏينهن ۾ عام ڀلائي جا
ڪم ڪندا آهن مثال طور: اوڙي پاڙي جي مدد ڪرڻ، وڻ
پوکڻ، صفائي ڪرڻ ۽ ماءُ-پيءُ کي ڪم ڪار ۾ هٿ
ونڊائڻ. ان کان سواءِ گهر ۾ سندن پڙهڻ جو جيڪو
مقرر وقت آهي تنهن کي ڪڏهن به ڪونه وسارين. اسان
وٽ اها شڪايت عام آهي ته اسان جا ٻارڙا ڪم ڪار ۾
هٿ ته ڪونه ونڊائين. پر پڙهڻ کي به ويجها ڪونه
وڃن. ڀلا اها ڳالهه ڪا ٺهي ٿي؟ موڪلن ۾ ڀلي گهمجي
ڦرجي، پر ڪنهن جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي پڙهائيءَ کي نه
وسارڻ تمام ضروري آهي. ٻارن کي استاد صاحب موڪلن
جو ڪم ڏيندا آهن، پر ڪي ٻار اهو ڪم ڪن ئي ڪونه.
پوءِ جڏهن اسڪول کلڻ وارا هوندا آهن ته استاد جي
مار جي ڊپ کان اهو ڪم پنهنجي پيءُ يا وڏي ڀاءُ کان
ڪرائي ويندا آهن. جيڪڏهن پيءُ يا وڏو ڀاءُ ڪم نه
ڪري ڏي، ته پوءِ همراهه روئڻ ۽ بک هڙتال کان ڪم
وٺندا آهن. اها ڳالهه سٺن ٻارن لاءِ چڱي ڪانهي. پر
مون کي اها پڪ آهي، ته اسان جا سڀ ٻارڙا اهڙا ڪونه
آهن، اميد ته باقي جيڪي ٿورا ٻار اهڙا آهن، سي به
هنن موڪلن ۾ ائين نه ڪندا.
”گل ڦل“ جي گهڻن پڙهندڙ ٻارن اها صلاح ڏني آهي؟ ته
ڪو هڪڙو موضوع ڏئي ان تي بحث ڪرايو وڃي. ڇو نه
شروعات موڪلن ملهائڻ جي موضوع سان ڪجي. اوهان اسان
کي اهو لکي موڪليو ته موڪلون ڇو ضروري آهن؟ ۽ انهن
موڪلن مان فائدو آهي يا نقصان؟ اهو خيال رکجو ته
اوهان جو جواب ويهن سٽن کان وڌيڪ نه هجي. ٻي حالت
۾ گهڻي ڊيگهه ٿيڻ سبب رسالي ۾ ٻيو مواد گهٽ اچي
سگهندو.
اوهان جو ڀاءُ
شوڪت حسين شورو.
•بيت-سُر آسا
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
(1)
نيرانا ئي نيڻ، نيئي آڇ پرين کي،
ستر کاڌا کيڻ، جي ڏٺو منهن محبوب جو.
(2)
اکين کي آهين، عجب جهڙون عادتون،
سُور پرائي ڏيهه جا، وڃيو وِهائِين،
اُتي لنؤن لائين، جت حاجت ناهه هٿيار جي.
(3)
وَسَن ۽ وِهسَن، ڏيهاڻِي ڏسڻ لئَي،
جَئن جِئنَ پِرين پَسن، تِئن تِئن نشا نينهن جا.
(4)
مُنهن ۾ مُوسيٰ جِهڙو، اندر ۾ اِبليسُ،
اِهڙو خامّ خبيثّ، ڪڍي ڪوههُ نه ڇڏِئين.
(5)
مُئي هاٿِيءَ سين مامرو، اچي پيو اَنڌن،
في الحقَيقتَ فيلَ کي، سَڄا سُڃاڻن،
سنڌي سردارن، بَصِيرت بِينا ڪري.
وهسن=
خوش ٿين. خام=
اجايو. خبيث=
شيطان. مامرو=
معاملو. في الحقَيقت
=
حقيقت ۾ . فيل=
هاٿي. بصيرت
=
نظر. بينا
=
روشن.
•محمد دائود بلوچ
]ڪهاڻي[
صحبت جو اثر
سليم ۽ ڪريم ٻه پاڙيسري هئا، هو هڪ ئي اسڪول ۾
پڙهندا هئا. سليم جو پڙهڻ سان شوق هو ۽ هو مائٽن
جو فرمانبردار پٽ هو. ڪريم اڪثر ڪري پيو نٽائيندو
هو. هڪ ڏينهن ٻيئي اسڪول پئي ويا، ته رستي ۾
مداريءَ جو کيل ڏسي ڪريم بيهي رهيو. مداريءَ جي
چؤطرف ڪنا ميرا ۽ رولو ٻار هئا. سليم کيس اسڪول
هلڻ لاءِ چيو، پر ڪريم جواب ڏنس: ”تون هل آءٌ اچان
ٿو.“ مداري ڪافي دير تائين ڀولڙي کي ڦيرائيندو،
ڳالهه مان ڳالهه ڪڍندو ٻارن کان نعرا هڻائيندو
رهيو ته جيئن گهڻا ٻار اچي گڏ ٿين. ڪريم به ٻين
ٻارن سان گڏ تاڙيون وڄائيندو، نعرا هڻندو رهيو. هن
کي مزو اچي ويو ۽ اسڪول جي ڳالهه ئي کيس وسري
ويئي. آخر کيل ختم ٿيو، سڀئي پنهنجي پنهنجي منهن
ويندا رهيا. ڪريم سوچيو ته ڪافي دير ٿي ويئي آهي.
هينئر دير سان جيڪڏهن اسڪول ويندس ته ماستر ضرور
پڇندو ۽ دير سان اسڪول ۾ اچڻ ڪري سزا ڏيندو. تنهن
کان بهتر اهو آهي، ته گهمي ڦري ٽائيم پاس ڪجي.
پوءِ هو گهٽين ۽ رستن تي هلندو رهيو. هڪ گهٽيءَ ۾
ڏسي ته چار ميرا ۽ گندا ٻار پتي سان راند ڪري رهيا
آهن، ڪريم به وڃي هنن جي ڀرسان بيٺو، هنن کيس چيو
ته”راند ڪر- پئسا جيڪي به رکندين سي ٻيڻا ٿي
ملندءِ“ ڪريم پهريائين ته گهٻرايو پر هنن جي يقين
ڏيارڻ تي هن به خرچيءَ مان بچيل چار آنا رکيا.
ڇوڪرن پتي کي هيٺ مٿي ڪري کيس ٻيڻا ڪري ڏنا. ڪريم
ڏاڍو خوش ٿيو. ڇوڪرن چيس: ”روز اچي راند ڪر جيڪي
به پئسا آڻيندين ٻيڻا ٿي ملندءِ.“
ڪريم انهن سان ٻئي ڏينهن به اچڻ جو وعدو ڪري روانو
ٿيو. هواڃا به گهمندو رهيو، ماڻهن کان ٽائيم پڇندو
رهيو. جڏهن موڪل ملڻ جو وقت ٿيو ته ڪريم به ڪتابن
سميت اچي گهر پهتو. سندس والدين سمجهو ته اسڪول
مان پڙهي آيو آهي. گهر پهچي ڪريم سوچيو ته ڇو نه
روز وڃي پئسا ٻيڻا ڪريان. هن تارا ڳڻيندي رات
گذاري ۽ صبح جو سوير ناشتو ڪري ڪتاب کڻي روانو
ٿيو، پر وڃڻ کان اڳ هن سيڌي لاءِ رکيل پئسن مان هڪ
رپيو کڻي ورتو ۽ خرچي تنهن کان سواءِ مليس. گهران
نڪري اسڪول جو رستو ڇڏي، هن ٻيو رستو ورتو ۽
ساڳيءَ جاءِ تي پهچي هن ڏٺو ته برابر اُهي ڇوڪرا
ويٺا آهن ۽ سندس انتظار پيا ڪن. ڇوڪرا ساڻس ڏاڍيءَ
سڪ سان مليا ۽ چيائونس ته”تون اسان جو دوست آهين،
دوستن کي ڪڏهن به آزمائي ڏسجئين. اڄ به جيڪي پئسا
اٿئي سي رک، ٻيڻا ٿي ملندءِ.“ ڪريم آزمائڻ خاطر ٻه
آنا رکيا، ڇوڪرن کيس ٻيڻا ڪري ڏنا. اتي ڪريم به
لالچ ۾ اچي رپيو رکيو ۽ ڇوڪري پتن کي هيٺ مٿي ڪري،
گولو، راڻي ۽ بادشاهه چونڊي هن کي چيو ته”ادا، هن
دفعي تو هارايو، راند جو ڪم آهي.کٽڻ يا هارائڻ. دل
نه لاهه، سڀاڻي وڌيڪ پئسا کڻي اچج. يقين آهي ته
توکي ٻيڻا ٿي ملندا.“ ائين چئي هو هليا ويا.
ڪريم منجهي پيو ته ڪيڏانهن وڃان، استاد جو ڏنل ڪم
ڪونه ڪيم. سبق به ياد نه ٿيو. گهر ويندس ته بابا
ماريندو. اسڪول نه ويندس ته ماستر چٺي لکي يا
ڇوڪرو موڪلي بابا کي ٻڌائيندو، تنهن کان بهتر آهي
ته دير يا سوير اڄ ته وڃان، پوءِ سڀاڻي جا ڀاڳ
سڀاڻي سان. ائين چئي هو اسڪول پهتو جتي ماستر
کانئس گسائڻ ۽ دير سان اچڻ جو سبب پڇيو. ڪريم ڪجهه
به ٻڌائي نه سگهيو ويتر کيس سبق به ياد ڪونه هو،
گهر جو ڪم به ڪونه ڪري آيو هو، تنهن تي ڪاوڙجي
ماستر کيس مار ڏني ته جيئن آئيندي گسائڻ ۽ نٽائڻ
ڇڏي ڏي ۽ پنهنجو سبق به ياد ڪري. اهو ڏينهن ته
جيئن تيئن ڪري هن پورو ڪيو. ۽ پوءِ روزانو پئسا
چورائي جوئا ڪندو هو، ڪڏهن کٽندو هو ڪڏهن
هارائيندو هو. رلي پني موڪل مهل اچي گهر پهچندو
هو. ڪريم وري اسڪول ۾ نه ويو. ساليانه امتحان ٿيا،
مگر هو غير حاضر هو ۽ ناپاس ٿيو. اها خبر جڏهن
سندس پيءُ کي پهتي، تڏهن هن ڪريم کي ڏاڍي مار ڏني
۽ سندس خرچي بند ڪري ڇڏي. پوءِ ڪريم پنهنجي پيءُ
جي يارن دوستن کان گهُري پئسا وٺندو هو. ڪڏهن
گهران چورائندو هو ۽ جوئا ڪندو رهندو هو. ڪڏهن
هارائيندو هو ڪڏهن کٽندو هو. جي کٽندو هو ته وڃي
فلم ڏسندو هو.
اڄ ننڍو سڀان وڏو، چوريون ڪندو، کيسا ڪتريندو،
پنندو ۽ جوئا ڪندو رهيو. ڪيترا دفعا هو ماڻهن ۽
پوليس جون مارون کائي چڪو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪجهه
ڏينهن لاءِ جيل جون هوائون به کائي چڪو هو. سندس
عزيزن کانئس تنگ ٿي بيزاري ڏيکاري. پنهنجا سمورا
حق واسطا ڇڏي ڏنا. تنهنڪري هو جوئاري ۽ چور ثابت
ٿيو.
هوڏانهن سليم پڙهندو رهيو. هو اڄ ننڍو سڀاڻي وڏو،
مئٽرڪ پاس ڪري، پوءِ بي اي جو امتحان ڏنائين ۽
پوءِ ايل ايل بي پاس ڪري وڪيل ٿيو، ۽ ترت ئي
پنهنجي هوشياري ۽ قابليت جي ڪري چڱو نالو ڪڍيائين.
هڪ ڏينهن اتفاق اهڙو ٿيو جو سليم اڃا ڪورٽ ۾ پهتو
ته ڏسي ته ڪريم کي پوليس هٿڪڙيون هنيو ۽ چيلهه ۾
رسي سان ٻڌيو بيٺي آهي. سندس برا حال هئا. سليم کي
ڏسي ڪريم شرم کان ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو، پر سليم وڌي
وڃي ساڻس مليو، پوءِ کانئس هن حال ۾ اچڻ جو سبب
پڇيائين.
ڪريم چيو:”ادا سليم! تون پڙهئين، جنهن جي ڪري
هينئر عزت واري زندگي گذاري رهيو آهين. ۽ منهنجا
هي حال آهن، جو هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پوليس جي پهري هيٺ
بيعزتو ٿيو پيو هلان! اسڪول مان گسائي نٽائي ويندو
هوس. ڪڏهن وڃي مداريءَ جو تماشو ڏسندو هوس ته ڪڏهن
وڃي لوفر ڇوڪرن سان جوئا ڪندو هوس، پوءِ انهن
ڇوڪرن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري اسڪول وڃڻ بلڪل ڇڏي ڏنم.
رلي پني موڪل مهل ڪتاب کڻي گهر اچي پهچندو هوس.
اول ته مائٽن کي خبر ڪانه پئي پر پوءِ جڏهن بابا
کي خبر پيئي تڏهن گهڻوئي سمجهايائين، نيٺ مارون
ڪڍيائين، خرچي بند ڪيائين. پر آءٌ سڌري ڪونه
سگهيس. جنهن جو نتيجو هينئر ڀوڳي رهيو آهيان.
مائٽن جون اميدون خاڪ ۾ ملايم ۽ پنهنجي زندگي به
جهنم ۾ گذاريان پيو. ڪڏهن پوليس جي مار، ڪڏهن ٿاڻي
۾ دربدر ته ڪڏهن وري جيل ۾. ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو
ته هن ڌٻڻ مان ڪيئن جند ڇڏايان!“ پوءِ ته سليم کي
آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو ته مهرباني ڪري مون کي
آزاد ڪراءِ، مان وري ڪڏهن به برائي جي ويجهو نه
ويندس. سليم تي سندس آزين نيزارين جو اثر ٿيو، ۽
هن ڪريم کان انجام ورتا. ۽ پوءِ هن جي وڪالت ڪئي.
ڪيس هليو، ڪجهه شنوايون هليون.
سليم جي هوشياريءَ سبب ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا. ڪريم
باعزت آزاد ٿيو. ٻاهر نڪري سليم جي پيرن تي ڪري
پيو ۽ چيائين ته آءٌ تنهنجو اهو احسان ڪڏهن به نه
وساريندس. هن اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي چيو: .
ننڍڙي هوندي مائٽن، استادن ۽ وڏڙن جو چوڻ مڃيان
ها، برائي کان پاسو ڪريان ها ته اڄ مون کي هي ڏکيا
ڏينهن ڏسڻا نه پون ها!“
سڀ ٻار جيڪڏهن روزانو اسڪول وڃن، اسڪول ۾ استاد جو
ڏنل سبق ياد ڪن، گسائڻ ۽ نٽائڻ کان پاسو ڪن، رولو
ڇوڪرن جي صحبت کان بچن، مائٽن جو ادب ڪن ۽ انهن جو
چوڻ مڃين ۽ مائٽ اولاد تي جيڪو خرچ ڪن ٿا اهو
سجايو ڪن، ۽ پڙهڻ سان دل لڳائين ته ڪڏهن به کين
ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پوندا....!
•سنڌيڪار: افروز عبدالڪريم
چيني ڪهاڻي
روئندڙ ڇوڪرو
گهڻو وقت اڳي چين ملڪ ۾ هڪ ڇوڪرو رهندو هو، جنهن
جو نالو ڪئوشي پائو هو.
ڪئوشي پائو ۾ بهادري نالي ماتر به ڪانه هئي. هو
ايترو ته ڊڄڻو هو، جو ماڪوڙي کي ڏسي به رڙيون ڪندو
هو. ٻليءَ جو پونگڙو سندس هنج ۾ اچي ويهندو هو ته
هو ڏڪڻ لڳندو هو. جڏهن ڪو ٻار کيس معمولي ڌڪ هڻندو
هو ته هو هانءُ ڦاڙ رڙيون ڪري روئندو هو. سندس
اکين مان لڙڪ مينهن جي ڦڙن وانگر وسندا هئا. پاڙي
جي شرارتي ڇوڪرن ان ڪري سندس نالو بگاڙي کيس
ڪَئوسو پائو سڏڻ لڳا، جنهن جي چيني ٻوليءَ ۾ معنيٰ
آهي روئندڙ ڇوڪرو.
ڪئوشي جيترو وڌيڪ روئندو هو اوترو ڇوڪرا کيس
چيڙائيندا هئا. هو هميشه اڪيلو راند کيڏندو هو. ان
جو سبب اهو ڪونه هو ته ڪو هن کي ٻارن جي سنگت ڪانه
وڻندي هئي. اصل ۾ هو ڊڄندو هو ته متان ٻار تنگ نه
ڪن.
هڪ ڏينهن ڪئوشي پنهنجي ڏاڏيءَ سان ملڻ لاءِ هن جي
گهر ويو. ڏاڏي هن کي ڏسي خوش ٿي، ڇا ڪاڻ ته هو
گهڻن ڏينهن کان پوءِ وٽس ويو هو. ڏاڏيءَ هن کي جام
مٺايون ۽ ڪيڪ وٺي ڏنا. پوءِ هن پنهنجي ننڍي پوٽي
کي چيو ته ڪئو کي سمنڊ گهمائڻ وٺي وڃي. ڪئو جو اهو
سئوٽ کانئس ڪجهه ننڍو هو. هن جي ڏاڏيءَ جو گهر
سمنڊ جي ڪناري تي هو.
ڪئو کي سمنڊ تمام گهڻو وڻندو هو. هو جڏهن به
ڏاڏيءَ وٽ ايندو هو، تڏهن سمنڊ جي ڪناري تي وڃي
کيڏندو هو. هن کي سمنڊ جون لهرون، رڍڻ جي ڌڻ وانگر
ڏسڻ ۾ اينديون هيون. هو سمنڊ ۾ ترندڙ ٻيڙين ۽
جهازن کي ڏسندو رهندو هو. جيڪي لهرن تي لڏندا
لمندا ويندا هئا. اهڙو پيارو ۽ سهڻو نظارو هن کي
ڏاڍو وڻندو هو.
ان ڏينهن هو ۽ سندس سئوٽ، ننڍيون ڪوڏرون کڻي، سمنڊ
جي ڪناري تي ويا، جتي ٻيئي ڄڻا واريءَ ۾ لڪل کيکڙن
کي کوٽي ٻاهر ڪڍڻ لڳا.
ڪئو جي سئوٽ جا گهڻا ٻار دوست هئا، جن ۾ مهاڻن جا
ٻار پڻ شامل هئا. خود سندس پيءُ به مهاڻو هو. هن
کي ڪئو جي سنگت مان مزو ڪونه ايندو هو، ڇو ته ڪئو
تمام ڊڄڻو ڇوڪرو هو ۽ پاڻيءَ جي ويجهو اصل ڪونه
ويندو هو. ان جي بدران هو رڳو واريءَ تي پيو راند
ڪندو هو. اها ڳالهه سندس سئوٽ کي ڪانه وڻندي هئي.
ان ڪري هو ڪئو کي ڇڏي پنهنجي دوستن ڏانهن ڊوڙي
ويو، جيڪي گوڙ ڪندا سمنڊ ڏانهن وڃي رهيا هئا. پوءِ
هو سڀ ڊوڙندا سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ گهڙي ويا.
ڪئو ڪيتري دير تائين واري کوٽيندو رهيو، پر هڪڙو
به کيکڙو هٿ ڪونه لڳس. ان هنڌ تي واري سڪل هئي، ان
ڪري هو ٿورو سمنڊ ويجهو ويو. جتي ويجهي پاڻيءَ سبب
واري آلي هئي. هن ڊپ وچان پتلون جي پانچن کي مٿي
ڪيو ته متان پاڻيءَ سبب پُسي نه پون. جيتوڻيڪ اتي
سندس بوٽ جو تروئي مس پُسيو هو. |