
									
									
									شاهه صاحب جي تقرير کان پوءِ، پروگرام ۾ حصي 
									وٺندڙ ٻارن ساڻس گڏ اسٽيج تي گروپ فوٽو ڪڍايو.
									
									
									ميلي جو باقي هڪ پروگرام رهيل هو- فلمون. 
									اسٽيج جي پروگرام ختم ٿيڻ بعد اڌ ڪلاڪ رسيس 
									ڪئي ويئي، ۽ ان کان پوءِ فلمون ڏيکاريون 
									وييون.
									
									
									
									4. فلمون:
									
									
									ڪل چار فلمون ڏيکاريون وييون: ٻه پاڪستان جون 
									۽ ٻه هندستان جون. پاڪستاني فلمون هيٺئين موجب 
									هيون:
									
									
									1. سنڌو درياءُ. (هيءَ فلم رنگين هئي، منجهس 
									ڏيکاريل هو ته درياءُ شاهه ڪٿان وهڻ شروع ٿئي 
									ٿو، پوءِ ڪيئن پاڪستان جي مختلف علائقن مان 
									وهندو، اچي عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. درياءَ جي ڪپن 
									تي، ڀانت ڀانت جا سهڻا قدرتي نظارا، جهونا 
									ويران توڙي وسندڙ شهر ڏيکاريل هئا. هيءَ فلم 
									اسان کي حڪومت پاڪستان جي ”فلم سازي ۽ مطبوعات 
									جي کاتي“ ڏِني هئي ۽ انهن جي ئي شڪريي سان 
									ڏيکاري ويئي.)
									
									
									2. آدمشماري. (هن فلم ۾ ڏيکاريل هو ته 
									آدمشماريءَ جو ڪم ڪيئن ٿو ٿئي ۽ ان ڪم جي 
									اهميت ڪيڏي آهي. هيءَ فلم ”ڳوٺ سڌار“ کاتي جي 
									مهربانيءَ سان ڏيکاري ويئي.)
									
									
									هندستاني فلمون هيٺئين موجب هيون:
									
									
									هندستان ۾ ٻارن جو ڏينهن. (سڄي دنيا ۾ هر سال 
									ٻارن جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن فلم ۾ 
									ڏيکاريل هو ته هندستان ۾ اهو ڏينهن ڪيئن 
									ملهايو ويندو آهي.)
									
									
									جامع مليه اسلاميه. (جامع مليه، هندستان جو هڪ 
									عظيم قومي ۽ تاريخي، علمي ادارو آهي. هن فلم ۾ 
									اداري جي انتظام ۽ ڪم ڪرڻ جو نمونو ڏيکاريل 
									هو.)
									
									
									فلمون رات جو ڏهين بجي پوريون ٿيون. ان بعد 
									قومي ترانو وڄايو ويو، جنهن جي خاتمي سان ميلي 
									جي ڪاروائي پوري ٿي.
									
									
									
									حاصلات:
									
									
									”اقوام متحده“ جي جنرل اسيمبليءَ، 20 نومبر 
									1459ع تي، ٻارن جي حقن جي پڌرنامي جو اعلان 
									ڪيو هو. ان پڌرنامي جي پهرينءَ پهرينءَ سٽ ۾ 
									چيل آهي: ”انسانذات تي فرض آهي ته ٻار کي 
									پنهنجي بهترين حاصلات سپرد ڪري.“ –غالباً، 
									انسانذات جي ”بهترين حاصلات“ سندس ثقافتي ورثو 
									آهي، جو صدين جي انساني تهذيب جو جوهر آهي، ۽ 
									جو هڪ نسل ٻئي نسل تائين، نه فقط پوريءَ 
									پوريءَ ايمانداريءَ سان پهچايو آهي، پر ان ۾ 
									سهڻو واڌارو پڻ ڪيو آهي. انساني تهذيب جو 
									معراج سونهن ۽ خوشي آهي، ۽ انسان سونهن ۽ 
									خوشيءَ جو بهترين اظهار پنهنجي ثقافت وسيلي ئي 
									ڪري سگهي ٿو.
									
									
									ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاـءُ ٿئي ٿو، ۽ ڪڻي ڪڻي ڍڳ- 
									سونهن ۽ خوشيءَ کي چوڏس پکيڙڻ ۾ اسان جيڪي به 
									ڪوششون ڪيون، تن جو قدر، قيمت ۽ اهميت آهي- 
									توڙي جو اهي ڪيتريون به معمولي ڇو نه هجن. 
									تنهنڪري پنهنجي هن نماڻيءَ ڪوشش جي ڪاميابيءَ 
									تي، اسان کي بجا طور خوشي ۽ فخر آهي، ۽ ان سان 
									گڏ اميد آهي ته من ڪي ٻيا به ان کان متاثر ٿي، 
									سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ساڳئي قسم جون ڪوششون وٺن. 
									ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي.
									
									
									
									ميلي بابت ڪن اديبن ۽ تعليمدانن جا تاثرات
									
									
									 
									
									
									- رسالي ”گل ڦل“ جي سالگره تي، ٻارڙن جو ميلو، 
									جو اداري ”گل ڦل“ جي رهنمائيءَ هيٺ حيدرآباد ۾ 
									لڳايو ويو، سو هن قسم جو پهريون ميلو هو، جنهن 
									۾ ٻارڙا شريڪ ٿيا ۽ پنهنجي راندين راڳن، ناچن 
									۽ ناٽڪن سان ان کي رونق وٺارايائون. هيءُ ميلو 
									ٻارڙن جي وندر توڙي ترتيب جي لحاظ کان پنهنجو 
									مٽ پاڻ هو.
									
									
									
									- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
									
									
									(ڊين آف دي فئڪلٽي آف آرٽس،
									
									
									سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد.)
									
									
									- اڄڪلهه جي مصروف زندگيءَ ۾، ٿورڙيون اهڙيون 
									گهڙيون ميسر ٿين ٿيون، جن کي صحيح معنيٰ ۾ 
									”خوشيءَ جون گهڙيون“ سڏي سگهجي ٿو. تازو ٻارن 
									جي رسالي ”گل ڦل“ جي ٻئي سالگره جي سلسلي ۾، 
									سنڌي ادبي بورڊ ٻارن جو هڪ ميلو ڪري، اهڙيون 
									ئي خوشيءَ جون گهڙيون فراهم ڪيون، جن جي 
									يادگيري هميشه منهنجي دل ۾ رهندي.
									
									
									جيستائين مان سمجهان ٿو، ته هي ميلو پاڪستان ۾ 
									پنهنجي نموني جو ”پهريون ميلو“ هو. ٻارن جي 
									ادب ۽ تعليم ۽ تربيت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن 
									جو سنڌي ادبي بورڊ جي هن قدم پورو پورو توجهه 
									۽ ويچار لهڻو. اميد آهي ته تعليم جا ماهر ۽ 
									ٻارن جي ادب سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو، هن قسم 
									جا ميلا ڪري، ٻارن لاءِ صحتمند ماحول پيدا ڪرڻ 
									جي ڪوشش ڪندا.
									
									
									
									- الياس عشقي
									
									
									(پروگرام آرگنائيزر،
									
									
									ريڊيون پاڪستان، حيدرآباد.)
									
									
									- ٻارن جي ميلي ۾ ويٺي، ائين ٿي لڳو ڄڻ ته 
									اسان جي ايندڙ نسل جي لاءِ بي انتها خوشين جو 
									خزانو ميسر ٿيو پيو آهي، ۽ اسان جي آئيندي جا 
									ابا، اسان جي ثقافت جي روشنيءَ ۾، هڪ شاندار 
									مستقبل ڏي قدم وڌائي رهيا آهن. ميلي جي وڏي 
									خصوصيت هيءَ هئي ته ان ۾ سڀ ڪجهه ٻارن جي 
									طرفان پيش ٿي رهيو هو- ننڍڙا پتڪڙا، جمالو 
									ڳائيندي ۽ جهمر هڻندي، ڏاڍا پيارا پئي لڳا!
									
									
									
									- تنوير عباسي
									
									
									(هائوس سرجن،
									
									
									لياقت ميڊيڪل ڪاليج هاسپيٽل، حيدرآباد سنڌ.)
									
									
									- تنهن ڏينهن ٻارڙن جي ميلي ۾، مٺڙا ٻول، دل 
									لڀائيندڙ ناچ، سنگيت ڀريا ٽهڪڙا ۽ مٺڙا مٺڙا 
									گيت ٻڌي، ائين ٿي محسوس ٿيو ته هن دنيا ۾ ڪو 
									به اهنج، ايذاءُ، تڪليفون ۽ مصيبتون آهن ئي 
									ڪونه. چؤطرف رڳو امن، کل، خوشي ۽ انسان جي 
									ازلي پاڪيزگي ۽ پوترتا جو سمنڊ لهرون هڻي رهيو 
									آهي.
									
									
									سنڌي ٻارڙن ۾ پنهنجي پاڻ ۾ قرب ۽ پنهنجائپ، 
									ويجهڙائي ۽ پيار جو احساس ۽ سنڌي هئڻ جو شعور 
									پيدا ڪرڻ جو هيءُ پهريون ئي موقعو ڏٺو اٿئون، 
									جنهن لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جا ڪارڪن مبارڪن جا 
									مستحق آهن. ٻارڙن ۾ پنهنجي ثقافت جي حسن جو 
									شعور، وطن دوستي، تنگ نظريءَ کان آزادي ۽ وڏي 
									هوندي عالمگير امن جي جوابداري پيدا ڪرڻ لاءِ 
									اهڙا جشن ئي موزون ترين آهن. شل اسان جا ٻارڙا 
									هر سال انهن جذبن ۾ پنهنجو ايمان ۽ يقين تازو 
									ڪندا رهن.
									
									
									
									- سراج الحق
									
									
									(انڪم ٽئڪس آفيسر،
									
									
									حيدرآباد.)
									
									
									- سنڌي ادبي بورڊ، ٻارن جي ماهوار رسالي ”گل 
									ڦل“ جي ٻئي سالگره ملهائڻ جي سلسلي ۾، تاريخ 
									15 جنوري 1961ع تي، ٻارن جو هڪ ميلو ڪرايو، جو 
									نهايت دلچسپ هو. ٻارن جي امنگن کي وڌائڻ لاءِ 
									۽ سندن ذهني تربيت لاءِ اهڙا شغل تمام ضروري 
									آهن، جي بدقسمتيءَ سان هن وقت تائين نظرانداز 
									ڪيا ويا هئا. اميد آهي ته هاڻي اهڙا شغل سنڌ 
									جي هر تعلقي ۾ خصوصاً ٻهراڙيءَ جي وڏن ڳوٺن ۾ 
									ڪرايا ويندا، ته ٻارن لاءِ نهايت ئي مفيد ثابت 
									ٿيندا.
									
									
									
									- الهه ڏتو بلوچ
									
									
									(ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر،
									
									
									حيدرآباد ڊويزن.
									
									
									- جنوريءَ جي 15 تاريخ، ”گل ڦل“ رسالي جي ٻئي 
									سالگره ملهائڻ لاءِ ٿيل ٻارن جي ميلي ۾، مون 
									کي به شريڪ ٿيڻ جو موقعو ملي ويو هو. سڄو 
									ڏينهن صبح کان شام تائين، جلسي جي ميدان ۾ 
									عجيب چهچٽو لڳو پيو هو. معصوم ٻارڙن جا وڻندڙ 
									تماشا ۽ ٺينگ ٽپا ڏسي، وڏن جي دلين به خوشيءَ 
									وچان پئي ٽپا ڏنا: شام وارو اسٽيج جو پروگرام 
									ته نهايت ڪامياب رهيو. جيڪي والدين جلسي ۾ 
									شريڪ هئا، تن جو اهو متفق رايو هو ته ٻارڙن جي 
									خوشيءَ خاطر اهڙا شغل ضرور ٿيڻ گهرجن. اهڙا 
									جلسا واقعي ٻارڙن ۾ خوشي ۽ تازگي پيدا ڪرڻ جا 
									بهترين ذريعا آهن.
									
									
									
									- غلام اصغر
									
									
									(پرنسپال، ٽريننگ ڪاليج فارمين،
									
									
									حيدرآباد.)
									
									
									 
									
									
									 
									
									
									 
									
									
									
									اسٽيج جي پروگرام لاءِ ڏنل انعامن جو تفصيل
									
									
									 
									
									
									1- دعا...                       5 رپيا (قاضي 
									عبدالقيوم بوائز اسڪول ۽ پرئڪٽسنگ اسڪول جي 
									ٻارن کي)
									
									
									2- سنڌي لولي...      5 رپيا (قاضي عبدالقيوم 
									گرلس اسڪول جي ٻارن کي)
									
									
									3- کٽئي جو اڌ (ناٽڪ)...5 رپيا (اسلاميه ماڊرن 
									هاءِ اسڪول ۽ نور محمد هاءِ اسڪول جي ٻارن کي)
									
									
									4- راسوڙو (لوڪ ناچ) 10 رپيا (خواجه ٻارن جي 
									ڦلواڙيءَ کي)
									
									
									5- تقرير (مس گلبدن)...      2 رپيا (خواجه 
									ٻارن جي ڦلواڙيءَ کي)
									
									
									6- سهرو (ڳائڻ وارن کي پنج رپيا ۽ ناچ وارن ٻن 
									ڇوڪرين کي پنج رپيا.) 10 رپيا (قاضي عبدالقيوم 
									گرلس اسڪول کي)
									
									
									7- ڳجهارتون...               5 رپيا (سڀني 
									اسڪولن ۽ ڦلواڙين کي)
									
									
									8- ڀاڄيون (ناٽڪ)... 10 رپيا (وومينس ٽريننگ 
									ڪاليج کي)
									
									
									9- فئنسي ڊريسون... 
									26 رپيا (سڀني اسڪولن ۽ ڦلواڙين کي)
									
									
									10- ”اجائي پاسخاطريءَ جو نتيجو“
									
									
									(ناٽڪ)...              5 رپيا (خواجه ٻارن جي 
									ڦلواڙي کي)
									
									
									11- ”جمالو“ 
									
									
									(لوڪ ناچ)...          15 رپيا (وومينس ٽريننگ 
									ڪاليج کي)
									
									
									12- سرائڪي لولي (ڇوڪريءَ کي)... 2 رپيا 
									(وومينس ٽريننگ ڪاليج کي)
									
									
									
									جملي انعامن ۾ ڏنل 100 رپيا
									
									
									پئسا شاهه صاحب ۽ سندس دوستن طرفان گڏ ڪيل 94 
									رپيا هڪ ٻئي دوست وٽان مليل 6 رپيا- جملي 100 
									رپيا.
									
									
									 
									
									
									 
									
									
									
									هيٺين ٻارن کي، ميلي ۾ شريڪ ٿي سهڻي ڪم ڏيکارڻ 
									سبب، آفرين ناما ڏنا ويا
									
									
									 
									
									
									
									قاضي عبدالقيوم گرلس اسڪول حيدرآباد طرفان 
									نمائش ۾ بهرو وٺندڙ شاگردياڻين جا نالا:
									
									
									1- نورجهان جمعو، 2- زبيده ايوب، 3- زيب 
									النساء احمد، 4- مهرالنساء احمد، 5- غلام 
									سڪينه اَبن شاهه، 6- حسنه نبي بخش، 7- زبيده 
									الهڏنو، 8- نظير احمد علي، 9- آمنت خالقڏنو، 
									10- زبيده ولي محمد، 11- شهناز عبدالقيوم، 12- 
									شميم شيرافگن، 13- تارابي محمد يعقوب، 14- 
									ممتاز محمد يعقوب، 15- نسيم ثبان علي، 16- 
									پروين محمد حسين، 17- شريفن محمد اسحاق، 18- 
									اختري عظيم بخش، 19- زيبون بندوخان، 20- 
									خورشيد محمد لکي، 21- رضيه احمد سعيد، 22- 
									سلميٰ شفيع محمد، 23- فريده افضل محمد، 24- 
									ميمونت مشتاق علي، 25- فيض بالو ولي محمد، 26- 
									رشيده الهه وسايو، 27- بلقيس حاجي عثمان، 28- 
									زهره عبدالڪريم، 29- فخرالنساء عبدالغفور، 30- 
									فريده محمد عبدالله، 31- مبينه ڦول محمد، 32- 
									وزير بيگم محمد اسماعيل، 33- شميم شوقين علي، 
									34- رئيسه عبدالجبار، 35- رضيه عزيز الدين، 
									36- رشيده حسام الدين، 37- شميم محمد الياس، 
									38- سعيده عبدالرحيم، 39- حسن بانو احمد علي، 
									40- نورجهان محمد رحيم، 41- حسن افروز محمد 
									رحيم شاهه، 42- غلام جنت غلام حسين، 43- غلام 
									جنت الهجڙيو، 44- صاحبزادي يار محمد، 45- انور 
									غلام قادر، 46- حميده لطف علي، 47- مهرالنساء 
									محمد بچل، 48- شميم عبدالقيوم، 49- رحمت پير 
									محمد، 50- زبيده محمد آچر، 51- حاتل الهڏنو، 
									52- بلقيس لکانو، 53- شيرين الهجڙيو، 54- 
									رشيده لکانو، 55- حسن بانو حيدر بخش، 56- ثريا 
									محمد خان، 57- سڪينه واليڏنو، 58- ممتاز صفر، 
									59- شهر بانو محمد رمضان، 60- افروز محمد 
									صديق، 61- شميم عبدالقيوم، 62- سڪينه لعل بخش، 
									63- ممتاز لعل محمد، 64- حاجاڻي ڇٽو، 65- 
									عزيزان مولا بخش، 66- نسيم حاجي، 67- گلشن 
									ڪريم بخش، 68- غلام فاطمه عبدالستار، 69- حسن 
									بانو ولي محمد، 70- ڪبرى ڪريم بخش، 71- 
									نورالنساء نبي بخش، 72- فهميده مولا بخش، 73- 
									حاجران ولي محمد، 74- نظيران ڪريم بخش، 75- 
									زبيده پير بخش، 76- بانو محمد آچر.
									
									
									
									سينٽ ڪانوينٽ هاءِ اسڪول:
									
									
									1- پروين علوي، درجو ڇهون؛ 2- جميله دراني، 
									درجو ڇهون؛ 3- نسيم علوي، درجو ڇهون؛ 4- نجمه 
									صديقي، درجو ڇهون؛ 5- رضوان عباس، درجو ستون؛ 
									6- انجم شاهه، درجو ستون؛ 7- عقيله دراني.
									
									
									
									گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد:
									
									
									1- ناصره، درجو ڇهون؛ 2- منظور، درجو پنجون؛ 
									3- نيلوفر، درجو ڇهون؛ 4- شمس درجو پنجون؛ 5- 
									ماهه جبين، درجو ڇهون؛ 6- شبنم، درجو ڇهون؛ 7- 
									منظور، درجو ڇهون؛ 8- رقيه بلوچ، درجو پنجون؛ 
									9- حسنا، درجو چوٿون؛ 10- انوري، درجو ڇهون؛ 
									11- بلقيس، درجو ڇهون؛ 12- غلام صغرا، درجو 
									چوٿون؛ 13- نجمه، درجو چوٿون؛ 14- ماهه جبين، 
									درجو ڇهون، 15- زرينه، درجو ڇهون؛ 16- رشيده، 
									درجو پنجون؛ 17- امينه آرائين، درجو پنجون؛ 
									18- ريحانه، درجو ڇهون؛ 19- شمسنسا، درجو 
									چوٿون؛ 20- رخسانه سهتو، درجو پنجون؛ 21- 
									منظور سلطانه، درجو پنجون؛ 22- حميده صديقي، 
									درجو چوٿون؛ 23- عصمت، درجو چوٿون؛ 24- ڪلثوم، 
									درجو چوٿون، 25- اسلم، درجو چوٿون؛ 26- ماهه 
									جبين، درجو چوٿون؛ 27- زبيده؛ 28- رفيقه، درجو 
									ستون؛ 29- زرينه، درجو پنجون؛ 30- زهره ڀٽي، 
									درجو چوٿون؛ 31- شاهده، درجو ڇهون؛ 32- سردار 
									بانو، درجو پنجون؛ 33- خورشيد بانو، درجو 
									چوٿون؛ 34- بشرى، درجو ڇهون؛ 35- نسيم، درجو 
									ڇهون.
									
									
									
									گورنمينٽ ماڊل گرلس اسڪول:
									
									
									1- دردانه منير، درجو ٽيون؛ 2- ممنونه دراني، 
									درجو چوٿون؛ 3- شميم، درجو ٽيون؛ 4- نورجهان، 
									درجو ٽيون، 5- نسيمه، درجو ٽيون؛ 6- شاه جهان، 
									درجو ٽيون؛ 7- شبانه، درجو چوٿون؛ 8- نجمه، 
									درجو ٽيون؛ 9- مهرالنساء، درجو چوٿون؛ 10- 
									رسيا، درجو ٽيون؛ 11- مهرالنساء، درجو ٽيون؛ 
									12- رضيه شاره، درجو ٽيون؛ 13- ريحانه، درجو 
									ٽيون، 14- ستاره، درجو ٽيون؛ 15- قمر، درجو 
									ٽيون؛ 16- ملڪه، درجو ٽيون؛ 17- ڪاسمي، درجو 
									ٽيون؛ 18- شاهين اختر؛ 19- ياسمين؛ 20- رضيه 
									سلطانه، درجو ٽيون؛ 21- ممتاز علي، درجو 
									چوٿون، 22- شاهده خانم، درجو چوٿون؛ 23- 
									دلشاد.
									
									
									
									خان بهادر غلام علي نانا پرائمري گرلس اسڪول:
									
									
									1- ارشاد؛ 2- منور؛ 3- شاهده پروين؛ 4- ستاره 
									جبين؛ 5- نجم حيدر؛ 6- شهر بانو؛ 7- رضيه 
									سلطانه؛ 8- خالده عبدالحنان؛ 9- خورشيد؛ 10- 
									ريحانه؛ 11- روحي؛ 12- شمشاد؛ 13- رضيه؛ 14- 
									عارفه؛ 15- انعيمه؛ 16- راحمت؛ 17- انيس؛ 18- 
									عقيله؛ 19- مهر رخسانه؛ 20- مهرالنساء؛ 21- 
									محسنه؛ 22- عاشيه؛ 23- رخسانه؛ 24- ڪوثر 
									پروين؛ 25- زاهده؛ 26- سنجيده؛ 27- خورشيد علي 
									حسن؛ 28- سلمه؛ 29- ممتاز؛  30- منور 
									عبدالغني.
									
									
									
									گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول قاضي عبدالقيوم 
									حيدرآباد:
									
									
									1- آمنت خالقڏنو- سهري، لوليءَ ۽ دعا ۾ پارٽ 
									ورتو؛ حسن 2- افروز محمد رحيم شاه- لوليءَ ۽ 
									دعا ۾ پارٽ ورتو؛ ۽ ساڳئي اسڪول جي هيٺين 
									ڇوڪرين فقط سهري ۾ پارٽ ادا ڪيو:
									
									
									1- سڪينه، 2- لعل بخش، 3- فهميده، 4- مولا 
									بخش، 5- شميم عبدالقيوم، 6- نسيم محمد يعقوب، 
									7- حميده الهه وسايو، 8- حسنه ولي محمد، 9- 
									نسيم حافي، 10- افروز محمد صديق، 11- زيب 
									النساء احمد، 12- نورجهان جمعو، 13- زبيده 
									ايوب، 14- نظير احمد علي.
									
									
									
									پرئڪٽسنگ اسڪول جا شاگرد:
									
									
									1- مظفر علي جويو، درجو چوٿون؛ 2- عمران 
									پنهور، درجو ٽيون؛ ۽ 3- ولي الله مرزا، درجو 
									چوٿون.
									
									
									
									گورنمينٽ هاءِ اسڪول جا شاگرد:
									
									
									1- نظير شيخ، درجو چوٿون؛ 2- شمس الحق، درجو 
									ڇهون؛ ۽ 3- شاهده پروين.
									
									
									
									نور محمد هاءِ اسڪول جا شاگرد:
									
									
									1- قربان علي پنهور، درجو پنجون؛ 2- روشن علي 
									پنهور، درجو ٽيون؛ 3- عبدالمجيد ميمڻ، درجو 
									پنجون؛ ۽ 4- محبوب علي، درجو پنجون.
									
									
									
									 
									
									
									
									 
									
									
									
									 
									
									
									
									اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول:
									
									
									1- عبدالمالڪ پٺاڻ، درجو چوٿون؛ 2- عسڪر علي 
									قلباڻي، درجو پنجون؛ ۽ 3- محمود علي قلباڻي، 
									درجو ڇهون.
									
									
									
									جامعه عربيه هاءِ اسڪول جا شاگرد:
									
									
									1- محمد اشرف، درجو ٽيون.
									
									
									
									راندين ۾ حصو وٺندڙ شاگرد:
									
									
									1- محمد رمضان غلام حيدر، درجو چوٿون، قاضي 
									عبدالقيوم پرائمري اسڪول؛ 2- شير علي محمد 
									عثمان، درجو ٽيون، قاضي عبدالقيوم پرائمري 
									اسڪول؛ 3- روشن علي محمد عثمان، درجو ٽيون، 
									قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول؛ 4- ارشاد احمد، 
									درجو ٽيون، قاضي عبدالقيوم پرائمري اسڪول؛ 5- 
									نواب علي بخش، درجو ٽيون، گورنمينٽ هاءِ 
									اسڪول؛ 6- ضياءُ الحق محمد يعقوب، درجو 
									پهريون، گورنمينٽ هاءِ اسڪول؛ 7- ظفرالله، 
									درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 8- هدايت الله، 
									درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 9- ولي الله، 
									درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 10- ابراهيم، 
									درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 11- ڀشم ڪمار، 
									درجو چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 12- بشير، درجو 
									چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 13- امير الدين، درجو 
									چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 14- مظفر جويو، درجو 
									چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 15- عمران پنهور، درجو 
									چوٿون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ 16- محمد انور، درجو 
									ٽيون، پرئڪٽسنگ اسڪول؛ ۽ 17- لياقت، درجو 
									ٽيون، پرئڪٽسنگ اسڪول.