ابهم ٻارن جو يار: اسان جو شاعر ذوالفقار
ٻار مُڇ جو وار نه، پر مستقبل جو معمار آهي. جنهن
به قوم، دل ۽ دماغ سان انهيءَ ڳالهه کي قبوليو ۽
ان تي عمل ڪيو، ان ترقيءَ جون منزلون ماڻي ورتيون.
انهن ئي ڌرتيءَ جا رنگ مٽايا ۽ آسمان ۾ وڃي چنڊ
ستارن جا سئر ڪيا. باقي دنيا وارن انهن جي آڻ مڃي
۽ پيروي پوئواري ڪئي.
انساني نفسيات جي ڄاڻن ۽ تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي
ته اها ٻاراڻي اوستائي آهي، جنهن ۾ فرد جي شخصيت
جي تعمير يا تخريب ٿيندي آهي. هن وهئيءَ ۾ شخصيت ۾
جيڪي رنگ ڀرجي ويا، اهي ئي سڄي ڄمار ميسارجي نه
سگهندا. ان ڪري ”روشن مستقبل“ جو اونو رکندڙ قومون
پنهنجي ابهم ٻارن کي پنهنجي ۽ قومي آئيندي جو
سهارو سمجهندي، وڏي ويچار ۽ خيال سان ٻار جي طبعي،
ذهني ۽ فڪري پالنا ۽ تربيت جو خيال رکنديون آهن، ۽
ان ۾ تِر جيتري به ڪوتاهي نه ڪنديون آهن.
پر، ان ڏس ۾ اسان سنڌ واسين غلطين مٿان غلطيون پئي
ڪيون آهن. هڪ ته اسان جي تعليمي نظام ۾ ”پرائمري
کان اڳ“ واري پرگهوري طريقي جي اڻاٺ آهي، ۽ ٻيو
هيءُ ته پاڻ ٻاراڻي ادب ۽ ٻارن لاءِ ادب کي ڪا
اهميت ئي نه ڏيندا آهيون. جڏهن ته هر دور جو سچ
اهو آهي ته ٻار ماءُ جي جهوليءَ مان ٻولي سکي ٿو ۽
پنهنجي ٻوليءَ ۾ پاڻ لاءِ علم ۽ دانشمنديءَ جا
دروازا کولي ٿو. شيڪسپيئر سنڌي پڙهي نالو نه ڪمايو
۽ لاکيڻي لطيف انگريزي ۾ پڙهي دنيا جو وڏي کان وڏو
شاعر نه ٿيو. پر هر ڏاهي، فيلسوف، ڏات ڌڻي، مدبر ۽
مفڪر کي عظمتن جي منزلن تي سندن مادري زبان ئي
پهچايو.
سنڌ سان الله پاڪ وڏا وڙ ڪيا آهن. دنيا جي قومن تي
سندن ملڪ جون جاگرافيائي خصوصيتون، انهن جي
ڳالهائڻ وارن عضون تي اثر انداز ٿينديون آهن.
پهاڙي ملڪن جي ماڻهن جا آواز ريگستاني ماڻهن جي
آوازن کان مختلف ٿين ٿا. اهڙيءَ ريت سرسبز خطن يا
ساحلي علائقن وارن ماڻهن جا رنگ روپ ۽ آواز وغيره
الڳ ٿين ٿا. انڪري هر خطي جا جيئن آواز مختلف،
تيئن ٻوليون ۽ علم ادب به مختلف ٿيندو آهي. انهن
مخصوص جاگرافيائي خطن سبب اتان جي ماڻهن لاءِ ٻئي
خطي جي ٻولي سکڻ ۾ دشواري ٿيندي آهي. پر سنڌ واسين
تي الله جا احسان ڏسو، جو سنڌ ۾ دنيا جهان واريون
سموريون جاگرافيائي خصوصيتون موجود آهن: هتي جبل ۽
نديون به آهن ته سمنڊ ۽ ريگستاني به، سرسبز خطو به
آهي ته جهنگل ۽ ٻيلا به. انهن جاگرافيائي خصوصيتن
ميلاپ اسان جي ”ووڪل ڪارڊس“ تي اهو اثر ڇڏيو آهي
جو دنيا جي ڪابه ٻولي سنڌ واسي نه فقط آساني سان
سکي سگهي ٿو، بلڪه ان ۾ ماهر ۽ قابل به ٿي سگهي
ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ پوئٽ لاريٽ به پيدا ڪيا
۽ عربي خواهه فارسيءَ کي بي بدل عالم ۽ قلم-ڌڻي به
ڏنا.
اهڙين نعمتن ۽ بي مثال موقعن باوجود اسان پنهنجي
ٻارن کي پنهنجي مادري زبان به سيکاري ۽ پڙهائي نه
سگهيا آهيون.
اهڙين حالتن ۾ ذوالفقار سيال جهڙا پختا شاعر جڏهن
ٻارن لاءِ لکن ٿا ته سندن قومي ۽ لساني قرض لاهڻ
واري هيءَ ڪوشش ٻين لاءِ مثال بڻجي وڃي ٿي.
وڏن لاءِ لکڻ هر ڪنهن شاعر يا اديب جي وس جي ڳالهه
هوندي آهي، پر ٻارن لاءِ لکڻ درياهه کي ڪوزي ۾ بند
ڪرڻ کان به وڌيڪ ڏکيو آهي. ان لاءِ شاعر يا اديب
کي ٻار ٿيڻو پئي ٿو ۽ ٻارن جو يار ٿيڻو پئي ٿو. هن
کي اهڙي تخليقي پورهئي لاءِ جهڙوڪ ور ور ڏئي جنم
وٺڻو پئي ٿو. ٻاراڻي نفسيات، ٻاراڻي ذهن جون
گهُرجون ۽ تقاضائون ۽ ٻاراڻو ڏانءُ جيڪڏهن ڪنهن جي
دل ۽ دماغ ۾ هوندو ته اهو ٻاراڻو ادب تخليق ڪندو ۽
ذوالفقار سيال جو هيءُ قلمي پورهيو سندس اها ساک
ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي.
ذوالفقار سيال ٻاراڻي ادب جي فني تقاضائن کي ته
ڪمال سان پورو ڪيو آهي. پر جيڪا ڳالهه نقادن،
تعليمي ماهرن ۽ انساني نفسيات جي ڄاڻن جو توجهه
ڇڪرائي ٿي، اها هيءَ آهي ته اسان جو هيءُ شاعر
ٻارن کي پنهنجي شاعريءَ ذريعي تاريخ، سماج، ٻولي ۽
مذهب سان اٽوٽ رشتي واري دوستي رکائڻ ۾ ڪامياب ويو
آهي. تعليم جي بنيادي مقصدن مان هي به هڪ اهم
بنيادي مقصد آهي ته ماضي جي تجربن مشاهدن ۽ حاصلات
کي نئين نسل تائين پهچايو وڃي، ان کان پوءِ وقت ۽
حالتن جي سماجي ۽ جاگرافيائي ليبارٽري قائم ڪري،
ٻار ۽ شاگرد کي ماضيءَ جي مشاهدن ۽ تجربن جي ڇيد
ڪرڻ ۽ مفيد نتيجن ڪڍڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو وڃي.
ذوالفقار سيال تعليم جي انهن بنيادي مقصدن جي عين
مطابق لڳي ٿي. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ مذهب دوستيءَ
جي خوشبوءِ به موجود آهي ته سماجي ۽ انساني رشتن
جي ساڃهه ۽ سرت به نظر اچي ٿي. هن تعليم جي بنيادي
طريقي ”ڏٺي کان اڻ-ڏٺي طرف“ ۽ ”سولي کان ڏکئي طرف“
کي ذهن ۾ رکندي، بلڪ ان تي عمل ڪندي شاعري ڪئي
آهي. هو ٻارڙن سان وڻن ٽڻن ۽ پکي پکڻن جون ڳالهيون
ڪري ڏينهن ۽ رات، گرميءَ، سرديءَ ۽ چنڊ ستارن
ڏانهن توجهه ڇڪرائي ٿو. ذوالفقار سيال، جيڪو اڳ ۾
شاعر ۽ محقق طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، اهو ٻاراڻي
شاعريءَ جي هن ڪتاب ذريعي ٻاراڻي نفسيات جو ماهر ۽
تعليمي طريقن ۽ اصولن جو ڄاڻو به لڳي ٿو. سندس
هيءُ ڪتاب هر وجهه کان تعليمي طريقن، مقصدن ۽
ٻاراڻي ذهن جي ضرورتن جو پورائو ڪري ٿو.
ٻاراڻن ذهنن کي سمجهڻ ۽ پاڻ ۾ ٻاراڻي ذهن کي وري
پيدا ڪرڻ برابر مشڪل ڪم آهي، پر ان کان وڌيڪ اوکو
۽ ڏکيو ڪم هيءُ آهي ته ٻارڙن جيان اظهار ڪرڻ به
اچي. ان ڪري ٻاراڻي شاعريءَ لاءِ اهو ضروري ٿي
پوندو آهي ته اهڙي شاعريءَ جي ٻولي به ٻاراڻي هجي.
هن حوالي سان ذوالفقار سيال ڪمال ڪري ڏيکاريو
آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪتب آندل ٻولي نه فقط سَولي ۽
سلوڻي آهي، بلڪه ”ٻاراڻي ٻولي“ آهي. ٻار جڏهن هيءَ
شاعري پڙهندو ته کيس ائين لڳندو ته اها سندس شاعري
آهي، هن جي شاعري آهي ۽ هن لاءِ شاعري آهي.
ٻارڙن جي شاعريءَ جا موضوع به باقي شاعريءَ کان
اور، منفرد ۽ مختلف ٿين ٿا. پيءُ، ماءُ، دوست،
ڀاءُ، اوسو پاسو، رانديون ۽ شرارتون ۽ ٻاراڻيون
دلچسپيون جيڪڏهن ٻاراڻي شاعريءَ ۾ ناهن ته اها
موضوع جي حوالي سان ”ٻاراڻي شاعري“ ٿي نه ٿي سگهي.
غور سان ڏسبو ته ذوالفقار سيال جو هن ڪتاب جو تاڃو
پيٽو ئي اهي ٻاراڻا موضوع آهن.
اسان جو هي شاعر وڏي عرصي کان وٺي ”ٻارڙن“ ۽
”ٻارن“ لاءِ شاعري ڪندو اچي ٿو. پر ”ٻاراڻي ادب“ ۽
ان جي تاريخ ۾ سندس مثالي حيثيت آهي ۽ رهندي. ڇو
ته سندس انهيءَ موضوع تي هي نائون ڪتاب آهي. ان
ڪري هو انهي حوالي سان هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
باني
گل حيات انسٽيٽيوٽ
خير محمد آريجا
ٻه لفظ
ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ٻارن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو
آهي. اهو ئي سبب آهي. جو ادب ۾ ٻارن لاءِ گهٽ لکيو
ويو آهي ۽ اها کوٽ سموري دنيا جي ادب ۾ آهي. جتي
ٻيا ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ هوندا آهن، اتي ٻان
لاءِ لکيل ڪتاب شايد سَون جي تعداد ۾ به نه هجن.
ٻارن جي ادب ۾ ”نرسري ريهم“ (ٻاراڻا ٻول) لکڻ اڃان
وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي. شايد اهوئي سبب آهي جو اسان جي
نامي گرامي شاعرن، ٻاراڻي ادب لاءِ يا ته بلڪل نه
لکيو آهي يا بنهه گهٽ. ڀلي ان جا ڪهڙا به سبب ڇو
نه هجن. پر هن حصي ڏانهن توجهه به ڏيڻ گهرجي ۽ ان
جي وڌاءُ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ گهرجي. جو اها
نصاب جي بنيادي ضرورت آهي ۽ هينئر سڄي دنيا ۾ نصاب
تبديل ٿيو آهي. ٻاراڻو ادب ۽ ٻارن لاءِ ادب،
منهنجي خيال ۾ ٻه الڳ شيون آهن ۽ ٻئي ضروري آهن.
جيتوڻيڪ اهو ڪم اسان جي نصابي ۽ ادبي ادارن جو
آهي.
هونئن به اسان وٽ ٻار ڪنهن کي چئجي؟ وارو نڪتو
هميشه اهم رهيو آهي. نرسري کان پرائمري وارو ته
ٻار آهي، پر مڊل تائين به ان کي ٻار چئي سگهجي ٿو.
مئٽرڪ تائين به ڇڪجي وڃي سگهجي ٿو. باقي ڪاليج
ويندڙ ٻار نه، نوجوان آهي.
ان ڪري نصاب ۽ ادب ۾، ان عمر جون پنهنجون ضرورتون
۽ گهرجون ٿين ٿيون. سوچڻ سمجهڻ جو انداز به مختلف
ٿئي ٿو. ان ڪري نصاب کي عمر جي حساب سان ترتيب ڏيڻ
گهرجي. جنهن ۾ لفظن جو استعمال، ٻوليءَ جو انداز ۽
گهرائي، فڪر ۽ فلسفي جي آميزش ان حساب سان ٿيڻ
گهرجي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جا ڪيترائي
ماڻهو، طبيعتن ۽ فطرتن سڄي ڄمار ٻارئي رهندا آهن ۽
اهي وڏائي نه ٿيندا آهن.
اهو ئي سبب آهي جو ٻارن لاءِ لکيل ادب ۽ شاعريءَ
جي عمر جي حساب سان ترتيب ٺهي ٿي. ان ترتيب ۾
تعليم، وندر، سبق، نصيحت، راند شامل ڪئي وڃي ٿي.
سنڌي ادبي بورڊ طرفان جڏهن محترم الهڏتو وگهيو
صاحب مون کي چيو ته: اسان 2013ع کي ٻاراڻي ادب جي
ترقيءَ جو سال ڪري ملهائڻ ٿا چاهيون، ته مون کيس
گذارش ڪئي ته ان ۾ منهنجو اوهان سان ڀرپور ساٿ
رهندو. جنهن ڪري فوري طور مون پنهنجو ٻارن لاءِ
شاعريءَ جو نائون ڪتاب ”منهنجي ٻولي- پياري ٻولي“
سندس حوالي ڪيو.
مان سنڌي ادبي بورڊ جو ٿورائتو آهيان جنهن ڪتاب
ڇپرايو. سائين ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ جو پڻ ٿورائتو
آهيان جنهن پنهنجا ويچار ونڊيا.
ذوالفقار سيال
نبيءَ جي نانَو تان صدقي
نبيءَ جي نانوَ تان صدقي
ڪَرم جي ڇانوَ تان صدقي
ڪري ٿو پيار سڀني سان
نرم ان هيانوَ تان صدقي
ڪري رحمت زماني تي
مان اهڙي ڏانوَ تان صدقي
جتي نيڪيون ويون گڏ ٿي
مان اهڙي ٿانوَ تان صدقي
ٽنڊڙي ڙي ٽنڊڙي
ٽنڊڙي ڙي ٽنڊڙي
اسان تنهنجا ماڻهون
کائينداسين ڏاڙهون
مديني جي مٽي
جيڪا آهي مٺي
مديني جا ماڻهون
جيئن مٺا ڏاڙهون
روضو آ رسول جو
معافيءَ جي حصول جو
جتي وسي رحمت
رب جي سدائين
ٽنڊڙي ڙي ٽنڊڙي
مون کي وٺي هل تون
نبيءَ جي دَرَ تي.
پنهنجي ٻولي- پياري ٻولي
پنهنجي ٻولي- پياري ٻولي
دنيا کان آ نياري ٻولي
ڳالهائڻ سان مُنهن مِٺو ٿئي
سنڌي جيءَ جياري ٻولي
ماءُ ڏني جا جهوليءَ ۾ آ
ڀاڳن واري ڀلاري ٻولي
هيءَ ئي پيار سان ڳوهيل آهي
باقي هر ويچاري ٻولي
ساري دنيا ۾ سونهين ٿي
سنڌين آهي اُجاري ٻولي
شاعر هن جا ساکي آهن
واهه جو شاهه سنواري ٻولي.
منهنجا مولا!
منهنجا مولا!
هڪ دعا آ
آس اِها ئي
منهنجي آهي
ماڻهوءَ ڪنهن ۾
ڪم نه ڦاسي
ماڻهن شِرَ کان
شال بچائين
سُٺو تون
انسان بڻائين!!! |