جاپاني لوڪ ڪهاڻي
سُکن جو سپنو
سنڌيڪار: فضل الرحمان ميمڻ
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، ته جاپان جي علائقي
’هير‘ ۾ هڪ ڳوٺ آباد هو، جنهن جو نالو ’سوامايا‘
هو، جو ’توري ڪارا‘ جبل جي اولهه طرف هو. هيءُ ڳوٺ
وسنديءَ کان گهڻو پري هو، تنهنڪري ڪنهن کي به خبر
ڪانه هئي، ته ان ماٿريءَ ۾ ڪو ڳوٺ به آهي. ان ڳوٺ
۾ هڪ خداترس پوڙهو ’چوڪيچي‘ نالي رهندو هو، جو
ڪاٺيون ميڙي انهن جا ڪوئلا ٺاهي وڪڻندو هو، جنهن
مان سندس گذران پيو ٿيندو هو.
هڪ ڏينهن پوڙهو پنهنجي گهر ۾ اڪليو سُتو پيو
هو، ته هن خواب لڌو. خواب ۾ هن کي هڪ پوڙهو ماڻهو
گڏيو، جنهن کيس چيو: ”تون ڳوٺ ’ٽاڪياما‘ ۾ وڃ ۽
’ميسوڪائي باشي‘ تي وڃي بيهي رهه. اتي تون هڪ سٺي
خبر ٻڌندين.“ هن ايترو چيو ۽ گم ٿي ويو. ’چوڪيچي‘
جاڳي پيو ۽ حيران ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو.
پوڙهي درويش، جيڪي ڪجهه هن کي چيو هو، اهو هن جي
دماغ ۾ ڦرڻ لڳو ’ميسوڪائي باشي‘ هڪ پل هئي، جنهن
تي هن کي وڃي بيهڻ لاءِ چيو ويو هو. هن ڪجهه دير
دل ۾ سوچيو ۽ آخر ’ٽاڪاميا‘ ڳوٺ ڏانهن وڃڻ جو
ارادو ڪيائين. دل ۾ سوچڻ لڳو: ”ٿي سگهي ٿو، هيءَ
منهنجي لاءِ ڪا غيبي خوشخبري هجي، مون کي درويش جي
چئي تي عمل ڪرڻ گهرجي.“
هڪ ڏينهن سج اڀرڻ کان اڳ هن ڪوئلن جي هڙ مٿي
تي رکي ۽ پنهنجي سفر تي روانو ٿيو. هو هلندو رهيو،
هلندو رهيو. هڪ جبل کان پوءِ ٻيو، ٻئي کان پوءِ
ٽيون ۽ اهڙيءَ طرح ڪيترائي جبل اورانگهي ’ٽاڪياما‘
پهچي ويو. هو ڳوٺ ۾ گهمڻ لڳو. اهڙيءَ طرح ٿورا
ٿورا ڪوئلا وڪڻندي وڪڻندي هو ’ميسوڪائي باشي‘ ڳولڻ
لڳو. نيٺ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ’چوڪيچي‘ هڪ پل تي
پهچي ويو. اها ئي پل هئي، جنهن جي باري ۾ هن کي
خواب ۾ ٻڌايو ويو هو. درياء تي ٺاهيل اها پل
ڪاٺيون ٻڌي تيار ڪئي وئي هئي. تمام گهڻي پراڻي ۽
ڪمزور پل هئي ۽ هن تان هلڻ وقت اهڙو ته زور سان
لڏندو هئي جو ائين محسوس ٿيندو هو جو ڄاڻ ڪري.
انهيءَ جي ڪري تمام ٿورا ماڻهو اُن پل تان لنگهندا
هئا، هن پل تي ٻئي پاسي هڪ دڪان هو، جنهن ۾ جاپاني
ٻوڙ ٺاهڻ لاءِ سامان ملندو هو، جيڪو ماڻهو اهو
سامان وٺڻ ايندو هو ان کي تمام گهڻي همت ڪرڻي
پوندي هئي، ڇو ته پل تي هلڻ وارو هر شخص ڊڄندو هو،
پر ’چوڪيچي‘ سڌو وڃي پل تي بيهي رهيو، ۽ ان وقت
تائين بيٺو رهيو، جيستائين سج لهي نه ويو. ايتري
دير تائين بيهڻ سان به هن کي ڪا اهڙي خبر نه ملي،
جنهن جي باري ۾ درويش کيس ٻڌايو هو. ٻئي ڏينهن به
’چوڪيچي‘ پل تي وڃي بيهي رهيو، پر هن کي غيب مان
ڪنهن به خوشخبري نه ٻڌائي. وري ٽيون ڏينهن آيو، پر
ڪجهه به نه ٿيو. چوٿون ڏينهن ٿيو. ’چوڪيچي‘
جيتريقدر ايماندار هو، ايتريقدر مستقل مزاج به هو.
هن حوصلو نه هاريو. پر پهرئين کان به وڌيڪ همت ٻڌي
پنجين ڏينهن به پل تي وڃي بيهي رهيو. هو اڄ به
خواب ۾ ڏنل پيشگوئيءَ کي حقيقت جي روپ ۾ ڏسڻ جو
منتظر هو.
پل وٽ جيڪو دڪان هو، ان جو مالڪ ’چوڪيچي‘ کي
ڏسي ڏاڍو حيران هو، ته هيءُ شخص روزانو اچي پل تي
بيهي رهندو آهي ۽ شام ٿيڻ تي واپس ويندو آهي، آخر
مقصد ڪهڙو اٿس؟ پنجين ڏينهن به جڏهن چوڪيچي معمول
موجب پل تي بيٺو هو، ته دڪاندار هن وٽ آيو ۽ پڇڻ
لڳو: ”مون کي اها ته خبر نه آهي، ته تون ڪٿان آيو
آهين، پر تون ڏهاڙي اچي هن پل تي ڇو بيهندو آهين؟
آخر ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟“
جواب ۾ چوڪيچي چيو: ”آءُ تو کي سچ سچ ٿو
ٻڌايان.“ ان بعد هن اُن شخص کي پنهنجو سڄو خواب
ٻڌايو، ته ڪيئن درويش هن کي بشارت ڏني هئي ۽ هن جي
چوڻ موجب هو روزانو پل تي اچي بيهندو آهي ۽ چوڻ
لڳو: ”هاڻي آءُ ان خوشخبريءَ جي انتظار ۾ آهيان.“
دڪاندار هن جي ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو:
”تون ته صفا ڪو ڇسو آهين. انهن بيڪار خوابن تي
يقين نه ڪر، آءُ تو کي ٻڌايان، ڪلهه رات مون به هڪ
خواب لڌو. ان خواب ۾ هڪ پوڙهو آيو ۽ مون سان عجيب
ڳالهه ڪيائين، چيائين ته ’توري ڪورا جبل‘ جي اولهه
۾ ’سواياما‘ نالي هڪ جاءِ آهي، جتي ’چوڪيچي‘ نالي
هڪ شخص رهندو آهي!“
’چوڪيچي‘ پنهنجو ۽ پنهنجي ڳوٺ جو نالو ٻڌو، ته
دل زور سان ڌڙڪڻ لڳس، پر پنهنجي اڻ تڻ کي روڪي
دڪاندار کي پوري ڳالهه ٻڌڻ لا بي ڌيانيءَ سان
چيائين: ”هون- ته ائين آهي پوءِ ڇا ٿيو؟“
”ها“ دڪاندار پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:
.ان پوڙهي خواب ۾ مون کي چيو : ’چوڪيچي‘ جي
گهر ۾ وڃ ۽ ان جي باغيچي ۾ جيڪو صنوبر جو وڻ آهي،
ان جي پاڙ وڃي کوٽ، تو کي اتان انعام ۾ گهڻو خزانو
هٿ ايندو، پر مون کي اها خبر ناهي، ته ’سواياما‘
جو ڳوٺ ڪٿي آهي ۽ ’چوڪيچي‘ ڪير آهي ۽ جيڪڏهن مون
کي خبر هجي، ته به آءُ اهڙي قسم جي سکڻن خوابن تي
ويساهه نٿو رکان، ۽ تو کي به منهنجي سهڻي صلاح اها
آهي، ته ماٺڙي ڪري گهر هليو وڃ ۽ وقت نه وڃاءِ.“
’چوڪيچي‘ اها ڳالهه ٻڌي دل ئي دل ۾ خوش ٿي ويو ۽
سوچڻ لڳو، پڪ اها ئي خوشخبري آهي، جنهن جي پوڙهي
بشارت ڏني هئي. پر پوءِ به هن دڪاندار سان ائين
ڳالهايو، جيئن سچ پچ کيس پنهنجي بيوقوفيءَ جو
احساس ٿي ويو هجي، ۽ چوڻ لڳو: ”توهان جي تمام گهڻي
مهرباني! توهان مون کي عقل واري ڳالهه ٻڌائي آهي،
آءُ توهان جي چوڻ پٽاندر واپس پنهنجي گهر وڃان
ٿو.“ ائين چئي هن دڪاندار سان هٿ ملائي الله توهار
ڪئي، ۽ پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳو. ’چوڪيچي‘ ڊوڙندي
ڊوڙندي پنهنجي گهر پهتو. ايندي شرط کڻندي ڪوڏر
صنوبر جون پاڙون کوٽڻ لڳو، اڃا ٿوروئي مس کوٽيو
هئائين، ته ڪوڏر ڪنهن سخت شيءِ سان ٽڪرائي. هن
جلدي جلدي وڌيڪ کوٽيو، ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اڳيان
سونَ ۽ چانديءَ جا ڍير لڳي ويا. جلد ئي هو امير
ماڻهو بڻجي ويو ۽ هاڻ ڳوٺ ۾، ”فُــوڪوء –فوڪؤ چو
جا“ يعني ”سڀاڳو امير“ نالي مشهور ٿي ويو.
”گل ڦل“- جون 1978ع
ارڏو اربو
طارق عالم ابڙو
هونئن نالو ته سندس ارباب هو، پر گهر ۾ کيس
اربو سڏيندا هئا. عمر اهائي ٻارنهن سال کن. جاڙين
ڀِروُن هيٺان چُــنجهيون اکيون، ائين لڳنديون هيون
ڄڻ چهچ سائي ٻوٽي هيٺيان ٻه ٽنڊڻيون. ڦونڊيل نڪ،
جيڪو ڪاوڙ ۾ ڌنوڻ وانگي کُلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳندو هو.
مِــٽا سُــچل ڄڻ ته ڪنهن سندس وات ۾ ڦوڪ ڏيئي
چَــپَ سبي ڇڏيا هجن. ڏيڍ پاسيرو مٿو، جنهن تي ٻڪر
ڪَٽ وارن جي ڇٻر ڦٽل. مٿيون چَــپُ هيٺئين چَــپ
جي بنسبت ٿورو ٻاهر نڪتل. ڀرون جي ٿورو مٿان چنڊ
جي شڪل جهڙو ڌڪ لڳل، جيڪو سندس منهن تي شرارت جو
تمغو پيو محسوس ٿيندو. جو کيس ڪنهن ننڍڙي شرارت جي
بدلي ۾ مليو هو. ڳچيءَ ۾ سدائين غليل هوندس ۽
شلوار جي هڪ ور ۾ ڊزن کن غليلن جو. مجال آهي جو ڪو
سندس پاڙي مان مَــٽي. همراهه مَـــٽيو نه آهي
ٺڪاءُ غليلو ٽڪڻ وارو ٿي ويندس. همراهه چوٽيءَ
تائين رت ۾ رڱجي ويندو. اسڪول کان ته ائين ونءُ
ويندو هو، جيئن ڪانءُ ڪمان کان. گهران ڪتاب ڏيئي
اسڪول اماڻيندس، ته هيءُ ڪتاب زمين ۾ پوري، پاڻ
وتندو هو: جانور ۽ انسان آزاريندو. جيڪڏهن ڪنهن
ڏينهن گهر جو ڪو وڏو اسڪول ويهاري به ايندس، ته
سندس ڀر ۾ ويٺل ٻار ويچارا آزار ۾ اچي ويندا. بينچ
تي ويٺي ئي ويٺي هڪ پاسي سوڙهه ڪرڻ شروع ڪندو تان
جو ٻي پاسي ويٺل ٻار ڊٻ وڃي ڌرتيءَ تي ڪرندو. هر
ڪو پيو ساڻس دوستي رکڻ کان ڪيٻائيندو.
هلندو سدائين پاسيرو ٿي، پير پير ۾ ڏيئي، جهڙو
چور ٻلو. چور به حد جو هو. پاڙي وارا شيءَ رکي
ساهه نه کڻندا هئا، شيءِ رکي نه آهي اربوءَ کي خبر
پئي نه آهي. پاڙي ته پاڙي پر گهر وارا به ان مان
بيزار رهندا هئا، هر ڳالهه تي کيٽو، جيتري دير گهر
۾ هوندو، سڄو گهر مٿي تي کنيو بيٺو هوندو. ڪنهن کي
چهنڊڙي، ڪنهن کي بُــجو، ڪنهن کي گار. گار ڏيڻ ۾
ته اصل ڀڙ هو، ۽ جيڪڏهن گهر مان نڪتو، ته جو به
منهن سامهون چڙهيس، ته گار جا زيپٽ هڪڙا لاهيندس
ته ٻيا چاڙهيندس. نه ننڍي جو لحاظ نه وڏي جو ادب،
جيڪڏهن ڪو چڱي ڳالهه چوندس، ته همراهه اصل بُــِر
ٿي ويندو. ڪيترائي ڀيرا سندس گهر جي وڏن ۽ ٻين
پاڙي جي چـڱن مڙسن کيس پيار سان سمجهايو. پيار سان
نه سمجهيو، ته دڙڪو داٻ به ڪيائونس پر اربوءَ جي
ڪن تي جونءَ ئي نه چُــري. ويتر چڱي ڳالهه تي
جهڙوڪر چوچڙي لڳيو وڃيس، چئي: ”توهان ڪير ٿيندا
آهيو مون کي انسان بڻائڻ وارا! مان ڪو جانور آهيان
ڇا؟ مان جيڪو به آهيان، جيئن به آهيان، مون سان
مغز ماري نه ڪريو.“ ايترو ننڍڙو ٻار اهڙي تکي
زبان! جيڪڏهن ڪنهن ٽوڪ هنيس، ته اهڙو ته کُــتو
جواب ڏينس، جو ٽوڪ هڻندڙ کي ائين لڳندو ڄڻ غلطيءَ
سان رٻڙ جي فرش تي ڏنڊو هڻي ڪڍيو هجائين جو وري
اچي سندس دُونَ ۾ لڳو هجي.
انهن ڳالهين ڪري هرڪو پيو ڪيٻائيندو، ته سندس
مُــنهن نه چڙهي. ڪو به ساڻس دوستي رکڻ لاءِ تيار
نه هو. ڀلا ڪنهن کي کُـــٽي کنئي آهي، جو اربوءَ
جهڙي بداخلاق ۽ چور ڇوڪري سان دوستي رکي؟ هن سڄي
پاڙي ۾ ته ڇا پر سڄي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڪارپت وڃائي ڇڏي
هئي، پاڙي مان ته ٺهيو پر گهر کان به نه مڙندو هو.
پيٽيون ڀڃي پيسا چورائي ٻه- ٻه ڏينهن گهر مان مار
جي ڊپ کان غائب ٿي ويندو هو. سندس پوڙهي ماءُ
ويچاري سندس ئي ڏک ۾ پئي ڳوڙها ڳاڙيندي هئي، پر
جيڪڏهن ٻيهر گهر ۾ داخل ٿيو، ته ساڳي ڪار. ساڳيا
لاٽون، ساڳيا چُـــگهه. هڪ ڏينهن اونهاري جي ٽاڪ
منجهند هئي. گرميءَ کان ڪانوَ جي پئي اک نڪتي، هر
ڪو پکي پکڻ پنهنجي پنهنجي آکيري ۾ آرامي هو. تنهن
ويل اربو پاڙي جي کُــڏ تي چڙهي رهيو هو. کُڏ تي
چڙهي هو چور ٻلي جيان پاسيرو ٿي هلندو ڇپ هڻندو
اڳتي وڌڻ لڳو، اربو جيئن ئي کڏ تي پيل سامان وٽ
پهتو، ته سامان مان هڪ ٻلي بُـــل ڏيئي نڪتي ٻلي
جي بل تي اربوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. ڇرڪ ۾ سندس
پير وڃي سامان تي پيا. سامان جي کڙڪي تي گهر جو
مالڪ جاڳي پيو، جنهن اربوءَ کي ڏسي چور چور جو شور
مچائي ڏنو. اربوءَ کي اچي ڊپ ورايو ڊپ ۽ هراس ۾ هو
ڊوڙندو کڏ جي ڪارنس تي پهتو، ۽ کڻي بُـــل ڏنائين
۽ هوا ۾ بولاٽيون کائي وڃي سخت ڌرتيءَ تي لڳو، ڪرڻ
شرط اربوءَ جا حواس جواب ڏيندا ويا ۽ هو بيهوش ٿي
ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، ته پاڻ کي نرم بستري تي
سُــتل ڏٺائين. اربو آهستي آهستي پاسو ورائي جڏهن
ٻي پاسي ڏٺو، ته سندس ماءُ، ننڍو ڀاءُ ۽ پيءُ کيس
تڪي رهيا هئا. اربو جيئن ئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، ته
سندس جسم مان سور جا سيسڙاٽ نڪري ويا. هن پنهنجين
ٽنگن ڏانهن ڏٺو. کاٻي ٽنگ تي اڇو پلاسٽر چڙهيل
هئس، هن ٽنگ کي ڏسي پنهنجي ماءُ کان پڇيو: ”امان
مان ڪٿي آهيان؟“ سندس پوڙهي ماءُ ويچاري، ته اچي
روئڻ ۾ ڇٽڪي. اربوءَ جي پيءُ کيس ٻڌايو، پـٽ تون
بيهوش ٿي ويو هئين، اسان توکي شهر جي اسپتال ۾ وٺي
آيا آهيون. سندس پيءُ بيحد ڏکايل لهجي ۾ چيو: ”ٻچا
اسان توکي جهليندا هئاسون، ته ڪُــــڌا ڪم نه ڪر.
ڏاهو ٿيءُ، پر وڏن جو مان نه ڄاتئي ۽ منهنجا پٽ!
اڄ تون پنهنجي ڪيتي جي سزا پيو لوڙين.“ اربوءَ جي
ننڍڙي ڀاءُ اربوءَ کي ٻڌايو: ” ادا ڊاڪٽر صاحب چيو
پئي، ته تنهنجي هڪ ٽنگ هميشه لاءِ خراب ٿي وئي
آهي.“ اربو اهو ٻڌي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. هن پنهنجي
ماءُ- پيءُ کان معافي ورتي ۽ وعدو ڪيائين، ته اڳتي
هو ڪڏهن به چوري نه ڪندو ۽ نه ڪي ارڏائي ڪندو.
”گل ڦل“ مارچ- اپريل 1977ع
ايران جي لوڪ ڪهاڻي
دوست ۽ دشمن
سنڌيڪار: نجمه ’ناز‘ پنهور
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي، ته ايران جي هڪ
ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ هڪ شخص رهندو هو. هو تمام رحمدل ۽
ايماندار هوندو هو، جنهنڪري ماڻهن سندس نالو
’دوست‘ رکيو هو. هڪ ڏينهن هن سفر ڪرڻ جو خيال ڪيو.
هڪ صحتمند ۽ تندرست گهوڙو خريد ڪيائين. کاڌي پيتي
جون شيون کڻي، خدا جو نالو وٺي پنهنجي شهر مان
روانو ٿيو. هن اڃا ٿورو ئي پنڌ ڪيو، ته هن کي هڪ
گهوڙي سوار اچي رسيو. هُــن کيس ڀليڪار چئي، کانئس
نالو پڇيو. هُــن جواب ڏنو، ته منهنجو نالو ’دشمن‘
آهي.
دوست حيرات ٿيندي چيو ته: ”ڪهڙو ته خراب نالو
آهي، ڪنهن اهو تنهنجو نالو رکيو آهي.“
دشمن چيو: ”منهنجي ماءُ-پيءُ ۽ هر شخص مون کي
’دشمن‘ چئي سڏيندو آهي. هاڻ آءُ ڇا ٿو ڪري سگهان!
پر اهو ته ٻڌاءِ ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هن پڇيو:
’دوست‘ ٻئي وراڻيو.
’دوست‘ ۽ ’دشمن‘ گڏجي سفر ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
هو هلندا هلندا صاف پاڻيءَ جي هڪ چشمي تي پهتا.
اتي هڪ گهاٽو وڻ هو. وڻ جي ڇانوَ ڏسي انهن اندازو
لڳايو، ته هن وقت منجهند آهي، ان ڪري هو ٻئي ڄڻا
ماني کائڻ لاءِ اُتي ترسيا.
’دشمن‘ چيو: ”اسين گڏجي سفر ڪري رهيا آهيون،
اسان کي گڏجي ماني کائڻ گهرجي. پهرين تنهنجي ماني
ٿا کائون، ۽ جڏهن تنهنجي ماني ختم ٿي ويندي، ته
پوءِ منهنجي ماني گڏجي کائينداسين.“
’دوست‘ جلدي پنهنجي مانين وارو ڳوٿرو ڪڍيو.
’دوست‘ ۽ ’دشمن‘ ٻنهي گڏجي ماني کاڌي ۽ ڪجهه ڏينهن
کان ’دشمن‘، ’دوست‘ جي ماني کائيندو رهيو. آخرڪار
’دوست‘ جو سڀ کاڌو پيتو ختم ٿي ويو.
هاڻي ’دشمن‘ جو وارو هو، ته ’دوست‘ سان گڏجي
ماني کائي. پر جڏهن ماني کائڻ جو وقت آيو، ته
’دشمن‘ پنهنجي ماني هٿ ۾ کڻي پري ويو ۽ اڪيلو کائڻ
لڳو. ’دوست‘ نرم مزاج وارو ۽ شرميلو هو. هو ڪجهه
چئي نه سگهيو، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو بک کان
بيحال ٿي ڳري ويو. هن ’دشمن‘ کي چيو: ”اسان هڪٻئي
سان گڏجي ماني کائڻ جو فيصلو ڪيو هو. تو منهنجي
سموري ماني، ته کائي ڇڏي آهي ۽ هاڻي مون کي تون
ماني کارائڻ لاءِ تيار ڪو نه آهين....ڇو؟“
’دشمن‘ چيو: ”آءُ نهايت عقلمند آهيان. اسان جو
سفر وڏو به ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن آءُ پنهنجي ماني تو
سان گڏ کاوان ته کاڌو جلد ئي ختم ٿي ويندو. پوءِ
اسين ٻئي بک مري وينداسين. جيڪڏهن مون پنهنجو کاڌو
رکيو، ته آءُ ضرور بچي ويندس.“
’دوست‘ چيو: ”پوءِ اسين ٻئي گڏجي سفر ڪري نٿا
سگهون.“
اڳئين چوواٽي تي هو الڳ ٿي ويا. جڏهن رات ٿي
تڏهن ’دوست‘ هڪ پراڻي جاءِ ۾ پهتو ۽ رات گذارڻ
لاءِ ان ويران جاءِ جي اندر داخل ٿيو، اتي ڪنڊ جي
سامهون هڪ وڏو پٿر پيل هو. هيءُ ان وڏي پٿر جي
پويان سمهي پيو ۽ ليٽندي ئي ننڊ کڻي ويس.
پوءِ هو گهـڻن آوازن ڪري جاڳي پيو. هن پٿر کان
مٿو کڻي ڏٺو، ته چانڊوڪيءَ ۾ کيس هڪ شينهن هڪ
چيتو، هڪ بگهڙ ۽ هڪ لومڙي ڳالهايون ڪندي نظر آيا.
شينهن چوڻ لڳو ته: ”مون کي هتي ’آدم جي بوءِ‘ اچي
رهي آهي.“ شينهن جي اها ڳالهه ٻڌي هيءُ ڊڄي ويو.
پر چيتي چيو:“ هن ويران جاءِ ۾ ڪو ماڻهو داخل ٿيڻ
جي همت ئي نٿو ڪري سگهي.“ بگهڙ چيو: ”هن جنن ڀوتن
واري جڳهه ۾ اچڻ لاءِ وڏي دل کپي.“ لومڙيءَ چيو:
”پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت ڪونهي. اسين اڄ به
پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائي سگهون ٿا.“
چيتي ڳالهه شروع ڪئي: ”هن جاءِ ۾ ڪجهه
ڪُــــئا رهن ٿا. جن تمام گهڻيون اشرفيون گڏ ڪري
رکيون آهن. رات جي وقت جڏهن چنڊ چمڪندو آهي، تڏهن
هو پنهنجو خزانو ٻاهر کڻي ڇت تي پکڙيندا آهن ۽
چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ اشرفين کي ڏسي انهن سان کيڏندا
آهن ۽ خوشيءَ ۾ نچندا آهن. صبح جي وقت هو حفاظت
سان انهن اشرفين کي پنهنجي ٻِـرن ۾ لڪائيندا آهن.“
بگهڙ ٻڌايو: ”مان هڪ بادشاهه کي سڃاڻندو آهيان
جنهن جي ڌيءَ چري ٿي ويئي آهي. هوءَ ڪمزور ٿيندي
پيئي وڃي. ان جو علاج صرف هڪ خاص ٻوٽيءَ سان ٿي
سگهي ٿو، جيڪا هڪ ڌنار پوکيندو آهي ۽ پنهنجي رڍن
کي کارائيندو آهي. انهن ٻوٽين کي جيڪڏهن کير ۾
ڪاڙهي شهزاديءَ کي پياريو وڃي، ته شهزادي چاق ٿِي
سگهي ٿي.“
هاڻ لومڙي پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي: ”مون کي هڪ
ويران محل جي ڄاڻ آهي، جيڪا هن جاءِ کان اٽڪل هڪ
ميل جي پنڌ تي آهي. ان جي هيٺان صاف ۽ ٿڌي پاڻيءَ
جو هڪ چشمو آهي، جيڪو ڪجهه عرصي کان گند ڪچري جي
پوڻ ڪري بند آهي.“
چار ئي جانور پنهنجون پنهنجون ڪهاڻيون ٻڌائي
پنهنجي پنهنجي ماڳ روانا ٿي ويا. جڏهن دوست کي پڪ
ٿي، ته سڀ جانور هليا ويا آهن، تڏهن هيءُ پٿر جي
پويان نڪري آيو. چيتي جي ڳالهه معلوم ڪرڻ لاءِ
هيءُ جاءِ جي ڇت تي چڙهي ويو. اُتي ڇت تي اشرفيون
پکڙيون پيون هيون ۽ چانڊوڪيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون.
ڪُـــئا انهن تي نچي رهيا هئا ۽ خوش ٿي رهيا هئا.
’دوست‘ هڪ ننڍو پٿر کڻي انهن کي ڊيڄارڻ لاءِ اڇليو
۽ ڪُـــئا پنهنجن ٻرن ڏانهن ڀڄي ويا. پوءِ ’دوست‘
سڀ اشرفيون کڻي پنهنجي کيسي ۾ وڌيون ۽ پنهنجو
گهوڙو ڪاهي باقي رات گذارڻ لاءِ هڪ ويجهي ڳوٺ ۾
رهي پيو.
صبح ٿيڻ تي هو ڳوٺ جي ٻاهران گهمڻ ويو. اتي هڪ
ڌنار ٿلهين متارين رڍن سان نظر آيس. هن ڌنار کان
اها ٻوٽي گهري. پهريائين ته ڌنار ڏيڻ کان انڪار
ڪيس، پر جڏهن ’دوست‘ ڪُــئن کان ڀريل ڪجهه اشرفيون
هن جي اڳيان رکيون، ته هن اها خاص ٻوٽي خوشيءَ سان
دوست کي ڏني.
هاڻي ’دوست‘ سڌو ان شهر ڏانهن روانو ٿيو، جتي
شهزادي بيمار هئي، اتي هر شخص اداس هو. هن اها ئي
ڳالهه ٻڌي، جيڪا بگهڙ ڪئي هئي. جڏهن ’دوست‘ چيو،
ته مان شهزاديءَ جو علاج ڪري سگهان ٿو. تڏهن ماڻهن
کيس ڊيڄاريو، ته جيڪڏهن هو شهزاديءَ جو علاج نه
ڪري سگهيو، ته کيس موت جي سزا ڏني ويندي. پر
’دوست‘ بلڪل ڪو نه ڊنو. هو محلات ۾ ويو. هن کي
شهزاديءَ وٽ آندو ويو. هن ٿورو کير آڻڻ لاءِ چيو.
هن کير ۾ اها خاص ٻوٽي ڪاڙهي ۽ اها دوا شهزاديءَ
کي پيئڻ لاءِ ڏني. ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ شهزادي وري
اڳي وانگر تندرست ٿيڻ لڳي.
سڄي ملڪ ۾ خوشيون ملهايون ويون. بادشاهه
پنهنجي ڌيءُ جي شادي ’دوست‘ سان ڪرائي. بادشاهه کي
ڪو به پُــٽ ڪو نه هو. هن ’دوست‘ کي پنهنجو وليعهد
بنائي ڇڏيو.
هڪ ڏينهن ’دوست‘ پريان هڪ سوار ڏٺو. جڏهن اهو
سوار ويجهو آيو ته ’دوست‘ کيس سڃاتو. هيءُ سندس
پراڻو همفسر’دشمن‘ هو. دشمن، دوست کان پڇيو: ”آخر
تون زندگيءَ ۾ ايترو ڪامياب ڪيئن ٿئين؟“ ’دوست‘،
’دشمن‘ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ’دشمن‘ کي ’دوست‘
جي قسمت تي ڏاڍو ساڙ ٿيڻ لڳو. هو به اوڏانهن روانو
ٿيو.
هو جاءِ ۾ اندر ويو ۽ ڪنڊ ۾ پيل پٿر جي پويان
لڪي ويو. ڪجهه ئي دير ۾ شينهن چيتو، بگهڙ ۽
لومڙيءَ جاءِ ۾ داخل ٿيا. ’دشمن‘ ڏاڍو خوش ٿيو،
شينهن چيو مون کي آدم جي بوءِ محسوس ٿي رهي آهي.
چيتي چيو: ”هي اهو ئي هوندو، جنهن اڳئين ڀيري
اسان جون راز جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون.“
هنن کي اها خبر هئي، ته ڪنهن ماڻهو ڪُــئن جو
خزانو چوري ڪيو آهي.
بگهڙ چيو :”پڪ سان اهو ماڻهو هتي ڪٿي لڪل
هوندو.“
لومڙيءَ چيو :” اچو ته کيس ڳوليون.“ ۽ ٿوري
دير ۾ هنن کي پٿر جي پويان ويٺل ’دشمن‘ ملي ويو.
جانورن هن کي پڪڙي ٻاهر ڪڍيو. هن جا چار حصا ڪري،
هر هڪ جانور پنهنجو حصو آرام سان کائي ختم ڪيو.
اهڙيءَ ريت ’دشمن‘ جو خاتمو ٿيو ۽ ’دوست‘ خوشيءَ
جي زندگي گذاريندو رهيو.
”گل ڦل“ – مارچ 1977ع |