هو، مان ۽ هوءَ
]ڪجهه سياڻن جو خيال
آهي ته مان چريو آهيان، ۽ ڪجهه چرين جو خيال آهي
ته مان سياڻو آهيان.[
هڪ اوپري شخص کي پنهنجي ڪمري ۾ ڏسي مون
کان ڇرڪ نڪري ويو. هو الاءِ ڪيئن ۽ ڪڏهن منهنجي
ڪمري ۾ داخل ٿيو هو. مان کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن
کي ڪمري ۾ موجود ڏٺم. جڏهن طرحين طرحين جا خوف مون
کي ورائي ويندا آهن، تڏهن مان کٽ هيٺان هليو ويندو
آهيان. اتي مان سک جو ساهه کڻي سگهندو آهيان، ۽
مان محسوس ڪندو آهيان. ڪيتري دير تائين هٿ ڪڇن ۾
ڏيئي ۽ منهن گوڏن ۾ لڪائي کٽ هيٺان پيو هوندو
آهيان، ٻاهر تڏهن نڪرندو آهيان، جڏهن ڊپ کان آجو
ٿيندو آهيان.
اُن ڏينهن کٽ هيٺان ٻاهر نڪتس ته هن کي
پنهنجي ڪمري ۾ موجود ڏٺم. مون کان ڇرڪ نڪري ويو.
الاءِ ڪير هو! اوپرو شخص هو. هو ٽڪ ٻڌي مون ڏانهن
ڏسي رهيو هو. مون کي هو بنهن نه وڻيو. مون کيس
چيو: ”منهنجي ڪمري ۾ فقط ٻن قسمن جا ماڻهو اچي
سگهندا آهن. هڪڙو منهنجي پيءُ جي ٽين زال جا مائٽ،
۽ ٻيو ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه برجستا ڪمپائونڊر.
ڪمپائونڊر مون کي ڏسي قابو ڪندا آهن، ڊاڪٽر مون کي
هڪ سئي هڻي ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مون کي ننڊ اچي
ويندي آهي، ۽ مان ورهين جا ورهيه ننڊ ڪندو آهيان.
هو خاموش رهيو ۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو.
چيم: ”انهن ٻن قسمن جي ماڻهن کانسوا”، ٽئين قسم جو
ڪوبه شخص منهنجي ڪمري ۾، منهنجي اجازت کانسواءِ
داخل ٿي نه سگهندو آهي. منهنجو پيءُ به منهنجي
ڪمري ۾ اچڻ جي سگهه ساري نه سگهندو آهي. تون
منهنجي سمجهين پيو نه!“
هن جواب نه ڏنو. خاموش رهيو. سندس چهري تي
ڪنهن قسم جو تاثر اُڀري نه آيو. هو بدستور ٽڪ ٻڌي
مون ڏانهن ڏسندو رهيو. ڏاڍو ڪو نؤد هو. الاءِ ڪير
هو.منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو ڪو مائٽ هو، يا
ڊاڪٽر هو! الاءِ ڪير هو.
مون اوپري شخص کي چيو: ”يار ڳالهه ٻڌ!
جيڪڏهن تون منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو ڪو مائٽ مٽ
آهين، ته پوءِ مهرباني ڪري هڪدم منهنجي ڪمري مان
گم ٿي وڃ، منهنجي پيءُ جي ٽين زال جي ناطي تون
منهنجي پيءُ جو مائٽ ته ٿي سگهين ٿو، پر منهنجو
هرگز نه.“
هو بيهودو شخص خاموش رهيو. مون ڏانهن
ڏسندو رهيو. چيم: ”اهڙي طرح مون ڏانهن نه ڏس.
منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر.“
سندس چهري تي ڪو تاثر نه آيو.
کيس ڳالهه سمجهائڻ خاطر چيم: ”مان جنهن
ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو آهيان، اها ڇوڪري منهنجي
پيءُ جي ٽين زال کان عمر ۾ ٽي سال وڏي آهي. منهنجي
پيءُ جي ٽين زال عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي آهي.
تون منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه!“
مون غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏٺو. هو اهڙو
ڪڇي، جهڙي ڀت! ماٺ جو قسم کنيو هئائين شايد. الاءِ
ڇو هو مون کي احمق محسوس ٿيڻ لڳو.، تڏهن چيم:
”يار! منهنجي ڳالهه چڱن چوکن سياڻن جي سمجهه ۾ نه
ايندي آهي، تون ته شڪل شبيهه مان مون کي احمد پيو
لڳين. منهنجي ڳالهه ڌوڙ تنهنجي سمجهه ۾ ايندي! سچ
پڇين ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي پڻ پنهنجيون ڳالهيون
سمجهه ۾ نه اينديون آهن.“
نه اک ڇنڀيائين، ۽ نه ئي وات مان ڪو اکر
اُڪليائين. ڄڻ پٿر جو بت هو. بيحس هو. سندس مسلسل
خاموشي مون کي بيزار ڪرڻ لڳي. چيم: ”ڪجهه ماڻهن جو
خيال آهي ته منهنجي مٿي ۾ ٽيومر آهي. ٽيومر سمجهين
پيو نه! خاص انگريزي قسم جي بيماري آهي. سولي
سنڌيءَ ۾ ٽيومر کي ڳوڙهو چئبو آهي. ٽيومر جو علاج
فقط لنڊن ۾ ٿيندو آهي. پر مان لنڊن هرگز نه ويندس.
لنڊن کان مون کي نفرت آهي. مان جنهن ڇوڪريءَ سان
محبت ڪندو آهيان، سا ڇوڪري لنڊن ۾ هڪ ڊاڪٽر سان
مخفي محبت ڪندي آهي، ۽ يار، سچ پڇين ته لنڊن وڃڻ
لاءِ مون وٽ پيسا به نه آهن. مان ته ٽنڊي باگي وڃڻ
جهڙو به نه آهيان. اصل ۾ مان ڪنگلو آهيان. مان ته
ان قابل به نه آهيان جو پنهنجي محبوبه کي هڪ لڏون
وٺي کارائي سگهان. هونءَ به منهنجي محبوبه کي
ذيابيطس جي بيماري آهي. هوءَ مٺين شين کان پرهيز
ڪندي آهي. تون منهنجي ڳالهه غور سان پيو ٻڌين نه!“
اوپرو شخص خاموشيءَ سان منهنجيون ڳالهيون
ٻڌندو رهيو، ۽ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. چيم: ”منهنجي
ماءُ کي ذيابيطس جي بيماري نه هئي. منهنجيءَ ماءُ
جي دل ۾ گڙٻڙ هئي. دل جو معاملو ته نازڪ ٿيندو آهي
نه! سو هيٺان وڃي لڪي پيو هوس. منهنجي پيءُ مون کي
کٽ هيٺان ڪڍي پيار ڪيو هو. منهنجا لڙڪ اگهندي چيو
هئائين ته، پٽ روين ڇو ٿو - هڪ بدران مان توکي ٻه
مائرون آڻي ڏيندس. تون منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌ ۽
منهنجي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، موڳا مٽر.“
هو بنا ڪنهن تاثر جي منهنجي ڳالهه ٻڌي
رهيو هو. چيم: ”منهنجو پيءُ سچ پچ منهنجي لاءِ ٻه
مائرو وٺي آيو - هڪ عمر ۾ مون کان پنج سال ننڍي ۽
ٻي عمر ۾ مون کان ڏهه سال وڏي.“
نه تعجب جو تاثر ڏنائين، ۽ نه حيرت جو. ٽڪ
ٻڌي مون ڏانهن ڏسندو رهيو. مان ڪرسيءَ تي ويهي
رهيس. کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جي آڇ ڪيم، قبول نه
ڪيائين. بيٺو رهيو.
چيم:”بابا جي ٻي زال جيڪا عمر ۾ مون کان
ڏهه سال، ۽ بابا جي ٽين زال کان عمر ۾ پندرهن سال
وڏي هئي، سان نيڪ بخت پنهنجي زندگيءَ جو چڱو چوکو
وقت قياس آرائين ۾ گذاريندي هئي. هوءَ بابا جي ٽين
زال، منهنجي ٽوهه ۾ رهندي هئي. اَٺ ئي پهر پنهنجي
ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئائين. جاسوسيءَ جي مهم شروع ڪري
ڇڏي هئائين. هوءَ وڏو ڪو راز فاش ڪرڻ جي چڪر ۾
هئي. تڏهن، کيس خبر پيئي ته مان هڪ اهڙي ڇوڪريءَ
سان محبت ڪندو آهيان، جيڪا بابا جي ٽين زال کان ٽي
سال وڏي آهي: تڏهن کيس ان ڳالهه جو صدمو رسيو.
هوءَ اُداس رهڻ لڳي، ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن پنهنجي
پيڪي هلي ويئي. انا الله وانا اليه راجعون.“
پٿر جي بت جهڙو اوپرو شخص خاموش رهيو. مون
محسوس ڪيو ته هو منهنجي پيءُ جي ٽين زال جو مائٽ
نه هو. هو مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو. مون کي
ڪنبڻي وٺي ويئي. هو پنهنجن ٻن برجستن ڪمپائونڊرن
هٿان مون کي قابو ڪرائي، منهنجي ٻانهن ۾ هڪ سئي
يعني انجيڪشن ٽنبي ڇڏيندو آهي. ۽ پوءِ مون کي،
ورهين تائين ننڊ اچي ويندي آهي. مان جاڳڻ چاهيان
ٿو. هو مون کي سچ پچ ڊاڪٽر محسوس ٿيڻ لڳو. سندس
ٻيئي ڪمپائونڊر غائب هئا. مون ڪنبنڊي ڪنبندي اوپري
شخص کي چيو: ”تون ضرور ڪو نئين قسم جو ڊاڪٽر آهين.
مون کي سئي هڻي ورهين تائين سمهارڻ آيو آهين. مان
جاڳڻ چاهيان ٿو ڊاڪٽر. مان سجاڳ رهڻ چاهيان ٿو.
مون کي نه سمهار. مون کي نڀاڳي ننڊ نه ڏي. مان
ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. مون ته هينئر ڳالهائڻ به ڇڏي
ڏنو آهي. مان پنهنجي وهمن، سودائن ۽ انومانن جو
ذڪر به ڪنهن سان نه ڪندو آهيان. جڏهن سوچن جا غبار
ورائي ويندا آهن، تڏهن خوف وچان مان کٽ هيٺان لڪي
ويهي رهندو آهيان. مان پنهنجن وهمن ۽ پنهنجين سوچن
متعلق ان ڇوڪريءَ سان به ذڪر نه ڪندو آهيان، جنهن
سان مان محبت ڪندو آهيان ۽ هوءَ لنڊن جي هڪ ڊاڪٽر
سان مخفي محبت ڪندي آهي.“
اوپرو شخص اوپروئي رهيو. هو پٿر جي بت
وانگر خاموش رهيو. اک ڇنڀڻ بنا مون ڏانهن ڏسندو
رهيو. ڪجهه دير کانپوءِ هو مون کي پنهنجي پيءُ جي
ٽين زال جو مائٽ وغيره محسوس نه ٿيو، ۽ نه ئي هو
مون کي ڊاڪٽر محسوس ٿيو. سندس چهري تي ڄڻ بيحسيءَ
جو نقاب چڙهيل هو. نه خوشي، نه غم، ۽ نه غصو! هو
مون کي پراسرار مخلوق محسوس ٿيڻ لڳو. سندس گهور
کان گهٻرائجي مان ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ
لڳس. ڀت سان لٽڪايل خالي فريم ڏانهن اشارو ڪندي
چيم: ”هن تصوير جو نالو آهي تصوير ابيض. هيءُ فريم
بظاهر خالي نظر پيو اچي، پر اصل ۾ ائين نه آهي. ان
فريم ۾ جڏهن به ڪنهن اهم شخص جي تصوير سينگاربي
آهي، تڏهن ڪجهه عرصي کانپوءِ تصوير غائب ٿي ويندي
آهي، ۽ فريم خالي رهجي ويندو آهي.“
هو شخص تڏهن به خاموش رهيو. کيس جيڪڏهن
روم ۾ ڏسان ها ته مائيڪل اينجيلو جو ٺاهيل بت
سمجهي ويهان ها. پر مون کيس روم ۾ نه ڏٺو هو. مون
کيس پنهنجي ڪمري ۾ ڏٺو هو. لڳو ته جيئرو جاڳيندو
پئي، پر ڀت وانگر خاموش هو!
مون اوپري پراسرار شخص کي چيو: ”يار تون
ڪهڙي قسم جو انسان آهين! منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو
جواب نٿو ڏئين. ڪا ٽيڪا ٽپڻي به نه ٿو ڪرين! شايد
گونگو آهين. سمجهان ٿو ته ٻوڙو به آهين. جيڪڏهن
ٻوڙو نه هجين ها ته منهنجيون ڳالهيون ٻڌي مرڪڻ
لڳين ها- شايد ٽهڪ به ڏيئي وٺين ها. ماڻهو
منهنجيون ڳالهيون ٻڌي کلندا آهن، ۽ پوءِ اوچتو مون
کي چوکنڀو ٻڌي ڊاڪٽر کي گهرائيندا آهن، ۽ مون کي
هڪ عدد سئي هڻائي ڇڏيندا آهن. سئي لڳڻ کانپوءِ مون
کي صدين تائين ننڊ کڻي ويندي آهي. ننڊ ۾ مان ان
ڇوڪريءَ جا خواب ڏسندو آهيان، جيڪا مخفي طرح لنڊن
۾ هڪ ڊاڪٽر سان محبت ڪندي آهي.“
بس! اوپرو شخص مون کي نهايت واهيات ۽
بيهودو محسوس ٿيو. سوچيم، سندس اکيون ڪڍي ڇڏيندس.
اهڙيون اکيون نڪتيون ڀليون! مان ڪرسي ڇڏي هن جي
سامهون وڃي بيٺس. آڱريون سندس اکين آڏو جهليم.
سوچيم، ضرور ڊپ وچان اکيون بند ڪري ڇڏيندو! پر نه.
هن جون اکيون کليل هيون. هو بظاهر ڏسي رهيو هو، پر
اصل ۾ ڏسي نه رهيو هو. سندس اکين ۾ روشني نه هئي.
هو انڌو هو.
خوف منهنجي وجود کي ڌونڌاڙي ڇڏيو. کٽ
هيٺان لڪڻ محال محسوس ٿيو. هن کي ڪن هئا، پر ٻڌڻ
کان معذور هو. کيس اکيون هيون، پر ڏسڻ کان مجبور
هو. سندس وات ۾ زبان هئي، پر ڳالهائڻ کان لاچار
هو! اهڙو شخص مون زندگيءَ ۾ ٻڌو، نه ڏٺو! الاءِ
ڪيئن، ۽ ڇو منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.
تيزيءَ سان ڊوڙندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو پنهنجي
ڪمري مان نڪري ويس. سڌو وڃي نانيءَ جي ڪمري ۾ سک
جو ساهه کنيم. هوءَ ڏاڍي اطمينان سان طوطي ۽ مينا
وارو پڪي جلد سان قصو پڙهي رهي هئي ۽ بيحد متاثر
نظر اچي رهي هئي. مان سندس کٽ تي ويهي رهيس، ۽
چيم: ”اڄ مون هڪ اهڙي شخص کي ڏٺو آهي جنهن کي
ڪيپراٽيءَ جي ٻنهي پاسن کان ٻه ڪن ته آهن، پر ٻڌڻ
کان معذور آهي. کيس اکيون به آهن، پر ڏسڻ کان
محروم آهي. سندس وات ۾ لڳيم ٿو، زبان به آهي، پر
ڳالهائڻ کان لاچار آهي.“
”ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي.“ نانيءَ چيو: ”عمر
گذاري ڇڏي اٿم اهڙن ماڻهن کي ڏسندي ڏسندي.“
مون سندس پوڙهو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي
چيو: ”هڪ اهڙو ئي شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي.“
”هو تنهنجي ڪمري ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي!“
نانيءَ پڇيو.
”مون کي ڪهڙي خبر ته هو منهنجي ڪمري ۾ ڇا
ڪرڻ آيو آهي؟“ چيم: ”مان سمجهان ٿو، هو ماسٽر چندر
جو ڳايل ڪلام ٻڌڻ آيو آهي.
رکي ناتو نباهين ها،
پنهل منهنڙو مٽايئه ڇو.“
”ڏاڍو ڪو ڀوڪ آهين!“ نانيءَ چيو: ”هوڏانهن
چوين پيو ته هو ٻوڙو آهي ۽ مٿان چوين پيو ته چندر
جو راڳ ٻڌڻ آيو آهي! اڙي چريا، ٻوڙا ماڻهو فقط
تقريرون ٻڌندا آهن، گيت ۽ سنگيت نه.“
”هو في الحال منهنجي ڪمري ۾ آهي.“ چيم:
”مان ڊڄان ٿو سندس انڌي هئڻ کان، سندس ٻوڙي هئڻ
کان ۽ سندس گونگي هئڻ کان.“
نانيءَ چيو: ”تون پنهنجي پيءُ جي ٽين زال
کي وڃي چئه ته اُن انڌي، گونگي ۽ ٻوڙي شخص کي
تنهنجي ڪمري مان ڪڍرائي ڇڏي، هن گهر تي ته هينئر
اُن چنڊيءَ جو راڄ آهي.“
سوچيم، ناني ٺيڪ ٿي چوي - جنهن جو راڄ
هجي، تنهن سان ئي ڳالهائجي. نانيءَ جي ڪمري مان
نڪري سڌو بابا جي ٽين زال جي ڪمري ۾ وڃي نڪتس. مون
کي ڏسي، بابا جي ٽين زال جي چهري تي مرڪ تري آئي.
پڇيائين: ”ڪيئن آهين پٽ؟“
”اوهو!“ چيم: ”تون عمر ۾ مون کان پنج سال
ننڍي آهين، تنهنجي واتان پنهنجي لاءِ پٽ جو لفظ
مون کي زهر ٿو لڳي، تون مون کي منهنجي نالي سان ڇو
نه ٿي مخاطب ڪرين!“
”توکي تنهنجي نالي سان مخاطب ڪريان!“
معنيٰ خيز مرڪ سان چيائين: ”“ پوءِ تون مون کي
شميم جي نالي سان سڏيندين؟“
شڪي ٿيندي چيم: ”ڇا اهو ممڪن ڪونهي جو
اسين اصلي نالي کانسواءِ هڪ ٻئي کي مخاطب ڪريون.“
”ڇو نه ممڪن آهي!“ هن ساڳيءَ طرح مرڪندي
چيو:”ڪو خاص ڪم اٿئي ڇا؟“
”ها.“ چيم: ”منهنجي ڪمري ۾ هڪ اهڙو شخص
موجود آهي، جيڪو انڌو آهي، گونگو آهي، ۽ ٻوڙو به
آهي. تون مهرباني ڪري کيس منهنجي ڪمري مان ڪڍرائي
ڇڏ.“
”تون خوش ته آهين نه پٽ!“ منهنجي پيءُ جي
ٽين زال پڇيو.
”اوهو! چيم: ”تون عمر ۾ مون کان پنج سال
ننڍي آهين. خدا جي واسطي مون کي پٽ نه چوندي ڪر.“
پڇيائين: ”پر، هونءُ تون چاڪ ته آهين نه؟“
”ها، مان ٺيڪ آهيان. مون کي سئيءَ جي
ضرورت نه آهي. مان جاڳڻ چاهيان ٿو. مان سمهندس نه.
مون کي ننڊ کان نفرت ٿي ويئي آهي.“ چيم: ”گونگو،
ٻوڙو ۽ انڌو شخص منهنجي ڪمري ۾ موجود آهي. مون کيس
پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي.“
”تون اتيئي ترس.“ بابا جي ٽين زال چيو:
”مان وڃي ڏسي ٿي اچان ته هو ڪير آهي ۽ تنهنجي ڪمري
۾ ڇا ڪري رهيو آهي.“
مون کي اتي ئي ڇڏي، هوءَ منهنجي ڪمري
ڏانهن هلي ويئي. مان صوفي تي ويهي رهيس ۽ شوڪيس تي
سينگاريل وحشي عقاب ڏانهن ڏسڻ لڳس، جنهن هڪ
جهرڪيءَ کي پنهنجي چنبن ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو، ۽
سندس ماس پٽي رهيو هو. عقاب مئل هو. سندس جسم ۾
ڪپهه ۽ ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو: پر تنهن هوندي به
نهايت خوفناڪ ۽ وحشي نظر اچي رهيو هو. جهرڪي به
جيئري نه هئي، مري ويئي هئي. سندس جسم ۾ به ڪپهه ۽
ڪاٺ جو ٻورو ڀريل هو: پر تنهن هوندي به جهرڪي
مظلوم ۽ ڏتڙيل پئي لڳي. عقاب ۽ جهرڪيءَ جي ڀرسان
منهنجي پيءُ جي سونهري فريم ۾ سينگاريل قديم تصوير
رکي هئي، جنهن ۾ هو لڳ ڀڳ منهنجي عمر جو پي لڳو.
ڪجهه دير کان پوءِ بابا جي ٽين زال منهنجي
ڪمري مان موٽي آئي. هوءَ ڪجهه ڪجهه ڊنل ۽ هيسيل
پئي لڳي. مون کانئس پڇيو: ”ڇا هن شخص تو ڏانهن
ڏٺو، تو سان ڳالهايو، ۽ تنهنجو حال احوال ٻڌو جو
تون ايتري قدر پريشان آهين؟“
هن چيو: ”تنهنجي ڪمري ۾ اوپرو شخص موجود
نه هو.“
بابا جي ٽين زال چيو: ”اوپري شخص بدران
تنهنجي ڪمري ۾ هڪ ڇوڪري بيٺي هئي، جيڪا توکان عمر
۾ پنج سال ننڍي هئي. ان ڇوڪريءَ کي اکيون هيون، پر
ڏسڻ کان مجبور هئي، کيس ڪن هئا، پر ٻڌڻ کان لاچار
هئي، کيس وات ۾ زبان هئي، پر ڳالهائڻ کان معذور
هئي.“
تڏهن مون کي پنهنجي پيءُ جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو. هو چئي رهيو هو:”توکي سئيءَ جي سخت ضرورت آهي
پٽ. شايد تون ڪافي دير کان جاڳي رهيو آهين. توکي
سمهڻ گهرجي. توکي ننڊ جي ضرورت آهي. مون ڊاڪٽر کي
گهرايو آهي، هو توکي سئي هڻي سمهارڻ آيو آهي.“
مون منهن ورائي ڏٺو، ڊاڪٽر ۽ سندس ٻه
برجستا ڪمپائونڊر مون ڏانهن وڌي رهيا هئا.
دي موسٽ
ڊينجرس مين اِن پاڪستان
ٿوري دير ۾ اِها ڳالهه سموري گهر جي ٻارن
تائين پهچي ويئي ته، اڌ رات ڌاري ”موسٽ ڊينجرس مين
اِن پاڪستان“ سندن گهر ۾ اچي لڪندو، ۽ صبح جو
سوير، جهونجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو.
چاريئي ٻار، جن جي عمر پنجن ۽ ڏهن سالن جي
وچ ۾ هئي، اِها ڳالهه ٻڌي اول ڊنا ۽ پوءِ گدگد
ٿيا. هنن پنهنجي ننڍڙي عمر ۾ ڪڏهن به پاڪستان جو
سڀ کان خطرناڪ ماڻهو نه ڏٺو هو.
چاريئي ٻار رات جي ماني کائڻ کانپو”، هڪدم
پنهنجي پنهنجي هنڌ تي سـَـوڙِين هيٺان منهن لڪائي
ليٽي پيا، ۽ مخفي طرح، اندرئي اندر جاڳندا رهيا.
ان وقت رات جا اٺ ٿي رهيا هئا. منجهانئن ڪنهن به
ٽيليويزن جا پروگرام ڏسڻ ۽ گوڙ ڪرڻ تي ضد نه ٻڌو.
کيس پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڏسڻ جو شوق
ورائي ويو هو.
پنجن سالن جي سپي، ۽ ڇهن سالن جو ڪوڏ هڪ
ئي هنڌ تي ساڳي سوڙ هيٺان ليٽيا پيا هئا. سندن
پاسي ۾، ٻئيءَ کٽ تي مسڪين احمد بينو سمهيو پيو
هو. مسڪين جي عمر ست سال هئي، ۽ هن جا ست ڏند ڀڳل
هئا. مسڪين جو منهن موڪرو هو، ۽ موڪري منهن تي
چنجهين اکين هيٺان چنبڙيل هوس هڪ عدد ڦٿل نڪ! ٻار
سڏيندا هئا - بينو! بينو، جنهن پنهنجي ننڍڙيءَ دل
۾ فيصلو ڪري ڇڏيو هو، ته هو وڏي هوندي ٽارزن
ٿيندو، ڀولڙن سان دوستي رکندو، ۽ گهڻو ڪري وڻن جي
ٽارين تي لٽڪندو، سو خاص طرح ”موسٽ ڊينجرس مين اِن
پاڪستان“ کي ڏسڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آتو هو. بيني
جي ڀرسان کانئن وڏو ڀاءُ محمد عمر سـَـوَڙ ۾ وڙهيو
سيڙهيو پيو هو، ۽ جاڳي رهيو هو. محمد عمر جي عمر
ڏهه سال هئي. هو رتن تلاءُ اسڪول ۾ پنجون درجو
سنڌي پڙهندو هو، ۽ شام جو اسڪول جي ميدان ۾ فٽبال
راند ڪندو هو. هن هڪ دفعي محمڊن ڪلب ڊاڪا جي شيدي
سينٽر فارورڊ محمد عمر کي ڪراچي پورٽرسٽ ٽيم خلاف
مٿي سان بال کي ٽڪر هڻي گول ڪندي ڏٺو هو. محمد عمر
فٽبالر جي اها ادا کيس ڏاڍي وڻي ويئي هئي. اُن
ڏينهن کان هو بال کي اڪثر مٿي سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش
ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته پيرن ۾ ٿڏجي آيل بال کي به
گـُـت ڏيئي، مٿي سان ٽڪر هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ان
جدوجهد ۾ هو گهڻو ڪري مٿو ڦاڙائي ويهندو هو. سندس
مٿي ۾ ايترا ته گــُـهٻ پئجي ويا هئا، جو بيني مٿس
نالو رکيو هو اکروٽ!
بيني سوڙ مان ڪنهن ڪڍي، سپيءَ ۽ ڪوڏ جي کٽ
ڏانهن نهاريو. کين ننڊ ۾ ستل سمجهي، هن هٿ وڌائي
عمر اکروٽ جي سوڙ کي سٽ ڏني.
عمر اکروٽ منهن تان سوڙ لاهي کانئس پڇيو:
”ڇاهي؟“
بيني سڙٻاٽن ۾ پڇيس: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن
پاڪستان ڪڏهن ايندو؟“
اکروٽ وات تي آڱر رکندي، آواز ڪڍيو:
”ههش.“
ههش جي آواز تي پنجن ورهين جي سپيءَ جا ڪن
کڙا ٿيا. هوءَ شام کان پنهنجن ڀائرن ۽ گهر جي ٻين
ڀاتين جي پراسرار رويي سبب سخت مونجهاري ۾ هئي.
هوءَ ان مونجهارن مان نڪرڻ لاءِ پنهنجي ننڍڙي مغز
سان معاملي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر
ناڪام ٿي رهي هئي. گهڻي مٿاڪٽ کانپوءِ به جڏهن
ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس، تڏهن هوءَ گهيرٽ ۾ پئجي
ويئي، ۽ کيس ننڊ کڻي پيئي ويئي.
ههش جي آواز تي سپي گهيرٽن مان جاڳي پئي.
سوڙ جي هڪ ڪنڊ مٿي ڪري، پنهنجو ننڍڙو ڪن ٻاهر
ڪڍيائين.
ان وقت اکروٽ وات تي آڱر رکندي سڙٻاٽن ۾
بيني کي چيو: ”آهستي ڳالها”، ادا اڪبر چيو پئي، ته
ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن!“
سپي اها ڳالهه ٻڌي ڊڄي ويئي. اڪبر سندن
وڏو ڀاءُ هو. هو ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ۽ پاڻ کي
اسٽوڊنٽ ليڊر سڏائيندو هو. ٻار سندس ڳالهه کي پٿر
تي ليڪو سمجهندا هئا. سپيءَ جڏهن ٻڌو، ته ڀتين کي
به ڪن هوندا آهن، تڏهن هن سوڙ جي ڪنڊ مان هڪ اک
ٻاهر ڪڍي چڱيءَ طرح ڀتين ڏانهن ڏٺو. کيس ڀتين جا
ڪن ڏسڻ ۾ نه آيا. هوءَ دل ئي دل ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ
جي ڳالهه تي کلڻ لڳي، پوءِ هن بيني ڏانهن ڏٺو.
بينو وڏي خبرداريءَ سان پنهنجي سوڙ مان
ٻاهر نڪتو. ڪنڌ ورائي چئني طرف ڏٺائين. هر طرف
اوندهه هئي. اوندهه ۾ ورانڊي جي بلب جي جهڪي
روشنيءَ جا ڪجهه ڪرڻا داخل ٿي رهيا هئا. هو ٻئي
گوڏا مٿي ڪري، پنهنجي کٽ جي پاٽيءَ تي چڙهي ويٺو.
ان وقت کيس ٽارزن جا اهي سمورا ويهڻ جا انداز ياد
آيا، جڏهن ٽارزن چئني طرفن کان شينهن، واڳن، چيتن
۽ گينڊن جي حملن سان وڪوڙجي ويندو هو.
اُڀن گوڏن تي هٿ رکي، سينو ڦوڪي، ڪنڌ کي
ڪلهن کان ڪجهه اڳتي ڪري، بينو پاٽيءَ تي پختو ٿي
ويٺو. پو”، تمام جهيڻي آواز ۾ عمر اکروٽ کان
پڇيائين: ”پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو ڪڏهن
ايندو؟“
”اڌ رات کانپوءِ ايندو؟“
”“ اڌ رات ڪڏهن ايندي؟“
”اڌ رات گذرڻ کانپوءِ اڌ رات ايندي.“
عمر جو جواب بيني جي سمجهه ۾ نه آيو. مٿو
کنهندي عمر کان پڇيائين: ”اکروٽ: موسٽ ڊينجرس مين
اِن پاڪستان، سچ پچ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ
ماڻهو آهي؟“
”ها.“ عمر وراڻيو:”ادا اڪبر، بابا کي
ٻڌايو پئي ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو
آهي. موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان!“
عمر منجهند ڌاري پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر کي
مخفي نموني پيءُ سان ڳالهائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو. هنن
پاڻ ۾ انگريزيءَ ۾ پئي ڳالهايو. سموري گفتگوءَ مان
هن انگريزيءَ جو هڪ جملو، ”موسٽ ڊينجرس مين اِن
پاڪستان“ ياد ڪري ورتو، پر کيس ان جملي جي معنيٰ
سمجهه ۾ نه آئي. ۽ پو”، جڏهن ڀاءُ کي اهو چوندي
ٻڌائين، ته هو پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو
آهي، تڏهن کيس سموري گفتگوءَ جو ٿورو ٿورو مفهوم
سمجهه ۾ اچي ويو، ته موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان،
پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي، ۽ هو اڌ رات
ڌاري سندن گهر ۾ اچي لڪندو، ۽ پوءِ اسر ويل،
جهونجهڪڙي ۾ ڪيڏانهن هليو ويندو. عمر اها خبر بيني
کي ٻڌائيندي، کيس تاڪيد ڪيو ته اها خبر ڪنهن کي به
نه ٻڌائي، ڇو جو ڀتين کي به ڪن هوندا آهن. بيني
اِها خبر، وڏي خبرداريءَ سان ڪوڏ کي ٻڌائي ڇڏي.
ڪوڏ اها خبر سپيءَ کي ٻڌائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي،
پر سپيءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
بيني، عمر کان پڇيو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن
پاڪستان سچ پچ خطرناڪ ماڻهو آهي؟“
”ها.“ عمر وراڻيو.
”هو گينڊي سان وڙهي سگهندو؟“
”ها.“
”ڀلا چيتي سان؟،
”ها.“
”“ واڳوءُ سان؟“
”هو واڳوءَ سان به وڙهي سگهندو.“ عمر
اکروٽ چيو: ”هو موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهي.“
”ڇو نه وڙهي سگهندو!“عمر اکروٽ چيو: ”هو
آخر به ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
بيني کي جيتوڻيڪ اکروٽ جي ڳالهه تي اعتبار
نه آيو، پر تنهن هوندي به هو لاجواب ٿي، خاموش ٿي
ويو.هن کي يقين هو، ته ٽارزن کان سواءِ دنيا جو
ٻيو ڪو به شخص گهٽ ۾ گهٽ گورو بينگارا سان وڙهي نه
سگهندو.
عمر اکروٽ چيو: ”پر، مان سمجهان ٿو، موسٽ
ڊينجرس مين اِن پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ محمد عمر
سينٽر فارورڊ سان فٽبال ميچ ۾ مقابلو ڪري نه
سگهندو.“
اکروٽ جي ان ڳالهه ۾ بيني کي ٽارزن لاءِ
گهٽتائي نظر آئي. چيائين: ”ٽارزن هڪ دفعي آدمخور
شينهن سان به وڙهيو هو.“
عمر اکروٽ چيو:”گذريل سال پريزينڊٽ گولڊ
ڪپ فائينل ۾ محمد عمر مٿي سان ٽڪر هڻي ٽي گول ڪيا
هئا.“
بينو سوڙ جي ڪنڊ مٿي ڪري، هنڌ ۾ هليو. عمر
اکروٽ به پنهنجو منهن سوڙ ۾ لڪائي ڇڏيو.
پنجن سالن جي سپي، جنهن کي اکروٽ ۽ بيني
جي گفتگوءَ جو هڪ لفظ سمجهه ۾ نه آيو هو، تنهن
پنهنجي چپٽي ڪوڏ جي نڪ ۾ وجهي ڇڏي.
ڪوڏ سندس هٿ پري ڪندي چيو: ”شاهي؟“
سپيءَ کانئس پڇيو: ”اڌ لات جو ڇا ٿيندو؟“
”شمهي پئو.“ ڪوڏ کيس دڙڪو ڏنو.
”نه ٿمهنديس.“ سپي پڇيو: ”اڌ لات جو ٿا
ٿيندو؟“
ڪوڏ وڏي رازداريءَ وچان چيو: ”اِن موشت
پاڪشتان ڊينجر اشان جي گهر ايندو.“
سپيءَ کي ڪوڏ جو جواب سمجهه ۾ نه آيو.
سندس ذهن ۾ خوفناڪ شڪلين وارن جنن ۽ راڪاسن جو
تصور تري آيو. پڇيائين: ”مون کي ٿائي ويندو؟“
”ها.“ ڪوڏ کيس ڊيڄاريندي چيو: ”سمهي پئه.“
سپي خاموش ٿي ويئي، ۽ دل ئي دل ۾ ڪوڏ جو
اُچاريل جملو، ”ان موشت پاڪشتان دينجر“، ياد ڪندي
۽ اچاريندي رهي.
ڪوڏ ڪجهه دير کانپوءِ سوڙ مان منهن ڪڍي
بيني جي کٽ ڏانهن نهاريو. بينو کانئس عمر ۾ هڪ سال
وڏو هيو، تنهن ڪري هو بيني کي پاڻ کان وڌيڪ عقلمند
سمجهندو هو. هن بيني کي سڏ ڪيو.
ستن سالن جي بيني منهن تان سوڙ لاهي ڇڏي.
ڪوڏ کانئس پڇيو: ”ان موشت پاڪشتان ڊينجر،
مون کي چڪ پائيندو؟“
”تون ننڍڙو آهين، توکي ته هن جو نالو به
نه ٿو اچي.“ ستن سالن جي بيني وڏي فخر سان چيو:
”هن جو نالو -موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان آهي.“
”ها. ها.“ ڪوڏ هڪدم تڪڙ ۾ جملو ورجائيندي
پڇيو: ”موشت ان پاڪشتان ڊينجر مون کي چڪ پائيندو؟“
”ها.“ بيني وراڻيو: ”هو پاڪستان جو سڀ کان
خطرناڪ ماڻهو آهي.“
اها بدخبر ٻڌڻ کانپوءِ ڪوڏ کي ڊپ ورائي
ويو. هو هڪدم سوڙ ۾ گم ٿي ويو. سپيءَ کي چيائين:
”شپي، شمجهانءِ نه.“
”ٿو؟“
”مون کي ڀـُـئه ٿو ٿئي.“
”اڙي ماٺ ڪريو.“ ڏهن سالن جي عمر اکروٽ
کين ڇڙٻ ڪڍندي چيو: ”ادا اڪبر چيو آهي، ته ڀتين کي
به ڪن ٿيندا آهن.“
ان ڳالهه تان سپيءَ کي ڏاڍي کل آئي. هن
ڪجهه دير اڳ، هڪ هڪ ڀت ڏانهن جاچي ڏٺو هو، پر کيس
ڀتين جا ڪن نظر نه آيا هئا. هن ڪوڏ کي ڪن ۾ چيو:
”اکلوٽ ڪول ٿو ڳالهائي-گناهه پوندس.“
ڪوڏ هڪدم سوڙ مان منهن ڪڍي بيني کي چيو:
”اکروٽ ڪوڙ ٿو ڳالهائي - گناهه پوندش.“
”مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان.“ عمر اکروٽ چيو:
”مون کي ادا اڪبر ٻڌايو آهي، ته ڀتين کي به ڪن
هوندا آهن.“
بيني پڇيس: .ڀلا ڀتين کي نڪ به هوندو
آهي؟“
”مون کي خبر ناهي.“ عمر اکروٽ چيو: ”مونکي
ادا اڪبر ٻڌايو آهي، ته ڀتين کي ڪن ٿيندا آهن.“
ڪوڏ، سپي ۽ بينو ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا.
ان وقت سندن وڏو ڀاءُ اڪبر ڪمري ۾ آيو.
ٻارن کي جاڳندي ۽ پاڻ ۾ ڳالهائيندي ڏسي آپي مان
نڪري ويو. چيائين: ”توهين نالائق اڃا تائين جاڳو
پيا!“
اکروٽ چيو: ”اسين موسٽ ڊينجرس مين ان
پاڪستان کي ڏسنداسين.“
اڪبر کان ڇرڪ نڪري ويو، پر پوءِ هڪدم پاڻ
سنڀالي ورتائين. چيائين: ”توهان ٻارن کي خبر پئجي
ويئي آهي، ته پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو اڄ
اسان جي گهر ايندو!“
”ها.“ اکروٽ وراڻيو: ”“ اسان کي اها به
خبر پئجي ويئي آهي، ته هو اڌ رات کانپو”، اسر ويل
ڪيڏانهن روانو ٿي ويندو.“
اڪبر سوچ ۾ پئجي ويو.
ٻار سوڙين مان منهن ڪڍي ڏانهن ڏسڻ لڳا.
اڪبر ڏاڍي گنڀير لهجي ۾ چيو: ”ٻارو، جيئن
ته اوهان کي پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي
باري ۾ خبر پئجي ويئي آهي، تنهن ڪري، مان اوهان کي
اهو به ٻڌائي ڇڏيان ته هو اڄوڪي رات اوهان جي ڪمري
۾ گذاريندو.“
”اسان جي ڪمري ۾!“ ٻارن کان رڙ نڪري ويئي.
سپي ۽ ڪوڏ روئڻ لڳا. بيني کين دلداري ڏيندي چيو:
”ڊڄو نه. مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
اڪبر چيو: ”هو مون واري کٽ تي اچي
سمهندو.“
ڏهن سالن جي اکروٽ پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر
کان پڇيو: ”“ تون ڪٿي سمهندين، ادا؟“
اڪبر وراڻيو: ”مان غسلخاني ۾ سمهندس.“
اکروٽ حيرت مان چيو: ”غسلخاني ۾!“
”ها.“
”ڇو؟“
”ڇو جو سياست جي ستين راز موجب اهڙن موقعن
تي غسلخاني ۾ رات گذاريي آهي.“
عمر اکروٽ پڇيو: ”ادا، سياست جو ستون راز
ڇاهي؟“
اڪبر وراڻيو: ”تون جنهن ڏينهن مون وانگر
اسٽوڊنٽ ليڊر ٿيندين، تنهن ڏينهن توکي سياست جي
ستين راز جي خبر پئجي ويندي.“
اڪبر جي ايڏي وڏي ڳالهه ٻڌڻ کانپو”، ٻارڙا
بيحد متاثر ٿيا. هو فخر وچان پنهنجي وڏي ڀاءُ اڪبر
ڏانهن ڏسڻ لڳا، جيڪو اسٽوڊنٽ ليڊر هو، ۽ کيسي ۾
پستول رکي ڪاليج ويندو هو.
اڪبر چيو: ”هاڻي منهنجي ڳالهه ڪن کولي
ٻڌو.“
بيني چيو:”اسان ڪن کولي ڇڏيا آهن.“
”ٺيڪ آهي.“ اڪبر ٻارن کي سمجهائيندي چيو:
”پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي باري ۾
اوهان کي ڪجهه به ڳالهائڻو ناهي. ڇو جو ڀتين کي به
ڪن ٿيندا آهن.“
اها ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنجن سالن جي سپي ۽
ڇهن سالن جو ڪوڏ ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڪوڏ پنهنجي
وڏي ڀاءُ کان پڇيو: ”ادا، ڀتين جو نڪ ڪٿي ٿيندو
آهي؟“
”بس ڪر، ڇورا.“ اڪبر ڪوڏ کي دڙڪو ڏنو. ڪوڏ
چپ ڪڍي روئڻ لڳو. سپيءَ هٿ وڌائي ڪوڏ جو چپ اندر
ڪري ڇڏيو. ڪوڏ روئڻ بند ڪري ڇڏيو.
بيني، اڪبر کان پڇيو:ءِ پاڪستان جو سڀ کان
خطرناڪ ماڻهو، ڇا گينڊي کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي؟“
”مون کي خبر ناهي، بينا.“ اڪبر چيو: ”مون
کي فقط ايتري خبر آهي، ته هو اڄ رات اسان جي گهر ۾
اچي لڪندو.“
اکروٽ پڇيو: ”ڇا هو محمدن ڪلب ڊاڪا جي
سينٽر فارورڊ محمد عمر جهڙو مضبوط آهي؟“
”مون کي خبر ناهي.“
”ڇا هو واڳوءَ سان وڙهي سگهندو؟“
”بيوقوفيءَ جهڙا سوال نه پڇندو ڪر، بينا.“
”ڀلا هو مٿي سالن بال کي ٽڪر هڻي ٽي گول
ڪري سگهندو؟“
”الاءِ.“
”هو گورو بينگارا سان مقابلو ڪري سگهندو؟“
”مون کي خبر ناهي- خبر ناهي.“ اڪبر ڪاوڙ
وچان اکروٽ ۽ بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو: ”بڪ بند
ڪريو، ۽ ننڊ ڪريو.“
اکروٽ انهن ڏينهن ۾ پختون زلمي جي خبر
اخبار ۾ پڙهي هئي. پڇيائين: ”ڇا هن وٽ سنڌي زلمي
آهن.“
”يار سمهي پئه، اکروٽ.“ اڪبر چيو: ”مون کي
فقط ايتري خبر آهي ته هن کي پاڪستان جي بچاءَ واري
قاعدي ڊي پي آر هيٺ گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو
اٿائون. تنهن مان سمجهان ٿو، ته هو پاڪستان جو سڀ
کان خطرناڪ ماڻهو آهي، ۽ هن جي ڪري پاڪستان جو
وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي.“
اها ڳالهه اکروٽ کي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾
آئي. هو خاموش ٿي ويو.
اڪبر پنهنجيءَ کٽ تي هنڌ وڇائي ۽ ڪمري جي
بتي وسائي هليو ويو.
اڪبر جي وڃڻ کانپوءِ سڀني ٻارن اڌ رات
تائين جاڳڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آهستي آهستي، هڪ هڪ
ڪري سمهندا ويا. سپيءَ ۽ ڪوڏ کي زڪام هو. تنهن
ڪري، جيئن ئي کين ننڊ کڻي ويئي، سندن نڪ مان
سيٽيءَ جهڙا زوڪاٽ نڪرڻ لڳا. زوڪاٽن جي آواز ۾
اکروٽ ۽ مسڪين بينو ڪجهه دير تائين جاڳندا رهيا،
پر ڪجهه دير کانپوءِ اکروٽ جي اک لڳي ويئي، ۽ بينو
جاڳندو رهيو.
بيني پنهنجون اکيون ورانڊي ڏانهن کلندڙ در
۾ اٽڪائي ڇڏيون هيون، جتان ٻاهرين ميرانجهڙي
روشنيءَ جا ڪجهه ترڙا ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا.
”پوءِ جڏهن رات جو ڳپل حصو گذري ويو، ۽
بيني جي اک لڳڻ لڳي، تڏهن اوچتو ورانڊي واري در ۾
هڪ هيبتناڪ راڪاس جيڏو شخص اچي بيٺو. بيني جو ساهه
وڃي پيرن ۾ پيو.
در ۾ بيٺل شخص هروڀرو ايترو قداور نه هو،
جيترو بيني کي نظر اچي رهيو هو. هو ڊرم وانگر
ويڪرو ۽ بيحد ٿلهو ڏسڻ ۾ پئي لڳو. سندس پٺ جيئن ته
ورانڊي مان ايندڙ روشنيءَ ڏانهن هئي، تنهن ڪري
سندس منهن نظر نه پئي آيو. هو ڪارهن ۽ اوندهه جو
ڀوائتو ميلاپ پئي ڏٺو. بيني جي ننڍڙي دل سيني ۾
سـُـسي ويئي. کانئس وسري ويو ته پاڻ کي ٽارزن جو
دوست سڏائيندو هو. چاهيائين ته ٽپ ڏيئي عمر اکروٽ
جي کٽ تي وڃي ويهي ۽ پوءِ سندس سوڙ ۾ گهڙي وڃي. پر
پو”، جڏهن پاڪستان جي سڀ کان خطرناڪ ماڻهوءَ جي
ڀرسان سندن وڏو ڀاءُ اڪبر اچي بيٺو، تڏهن، بيني جي
ساهه ۾ ساهه پيو. سندس خوف ڍرو ٿيو ۽ کيس خيال
آيو، ته پاڻ ٽارزن جو دوست هو ۽ وڏي هوندي کيس
ٽارزن جهڙا ڪارناما سرانجام ڏيڻا هئا. اهو خيال
اچڻ شرط سندس واڏڻ جهڙيون سنهڙيون مشڪون وٽجي سٽجي
ويون ۽ هو تمام غور سان در ۾ بيٺل پنهنجي ڀاءُ ۽
اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
اڪبر هٿ جي اشاري سان اوپري شخص کي ڪمري ۾
اندر هلڻ لاءِ چيو. هو اندر هليو آيو.
اڪبر چيو: ”توهين هن کٽ تي بي فڪرا ٿي
سمهي پئو. اسر ويل مان پاڻهيئي اچي توهان کي
اٿاريندس.“
اوپري شخص ڪو جواب نه ڏنو ۽ کٽ تي ويهي
رهيو. اڪبر کانئس موڪلائي هليو ويو.
بينو خاموشيءَ ۽ خبرداريءَ سان ڏانهنس
ڏسندو رهيو. ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ هن ڏٺو، ته اجنبي
ٻئي ٻانهون مٿي ڪري، هٿ ڪلهن تائين کڻي آيو. پوءِ
جڏهن سٽ ڏيئي هٿ مٿي ڪيائين ته سندس جسم تي ويڙهيل
ٿلهي سوڙ ڇڪجي کانئس ڌار ٿي ويئي. سوڙ مان هڪ
سنهڙو سيپڪڙو شخص نڪري آيو- اهو ڏسي بينو اچرج ۾
پئجي ويو.
اوپري شخص پيرن مان چمپل لاهي ڇڏي، ۽ پوءِ
خبرداريءَ سان هنڌ تي ليٽي پيو ۽ پنهنجي مٿان سوڙ
وجهي جهونگارڻ لڳو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين
ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
بينو ڪجهه دير تائين اوپري شخص ڏانهن
ڏسندو رهيو.
اوپرو شخص بنا چـُـرپـُـر جي سوڙ هيٺان
هنڌ تي ليٽيو پيو هو.
بيني آهستگيءَ سان پنهنجي سوڙ مان هٿ ڪڍي
عمر جي سوڙ کي سٽ ڏني.
عمر پاسو ورائيندي ننڊ ۾ ڳالهايو: ”گول ٿي
ويو ڇا؟“
”اکروٽ!“ بيني سڙٻاٽن ۾ کيس سڏ ڪيو.
”هون.“
”اکيون کول.“
”گول! ڪنهن ڪيو؟“
”گول نه، اکروٽ. اکيون کول.“
ڇو؟“
”موسٽ ڊينجرس مين ان پاڪستان اچي ويو
آهي.“
”ڪٿي آهي؟،
”ادا اڪبر جي کٽ تي سمهيو پيو آهي.“
عمر اکروٽ کي ماڻس آيت الڪرسي ياد ڪرائي
ڇڏي هئي، ۽ کيس تاڪيد ڪئي هئي، ته جڏهن به جن ڀوت
۽ غيبات وغيره جي ويجهو وڃي ۽ خوف محسوس ڪري، تڏهن
آيت الڪرسي دم ڪري، سيني تي شوڪارو هڻي ڇڏي. جن
ڀوت ڀڄي ويندا.
عمر اکروٽ آيت الڪرسي دم ڪري سيني تي
شوڪارو هڻي ڇڏيو. بيني کي چيائين: ”پاڪستان جو سڀ
کان خطرناڪ شخص مون کي اوندهه ۾ چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾
نه ٿو اچي.ڪيئن آهي؟“
”مون کي چڱيءَ طرح نظر نٿو اچي.“ بيني
تمام آهستي ڳالهائيندي چيو: ”مان سمجهان ٿو هو اچڻ
شرط ننڊ ۾ الوٽ ٿي ويو آهي. چڱي طرح چڪاس ڪري ٿو
اچانس.“
بينو خبرداريءَ سان کٽ تان هيٺ لٿو. ٻه-
چار وکون پٻن تي کنيائين، ۽ پوءِ جڏهن وچ ڪمري ۾
پهتو، تڏهن هيٺ جهڪي، ٺونٺين ۽ گوڏن تي بانبڙا
پائيندو اوپري شخص جي کٽ وٽ وڃي پهتو. اتان منهن
ورائي اکروٽ ڏانهن ڏٺائين. عمر اکروٽ اک ڇنڀڻ بنا
ميرانجهڙي روشنيءَ جي تروِرن ۾ بيني ڏانهن ڏسندو
رهيو.
بينو سيرانديءَ وٽان آهستي آهستي اُڀو ٿيڻ
لڳو. سندس منهن جڏهن کٽ جي پاٽيءَ جيترو مٿي ٿيو،
تڏهن هن ڳاٽ اڳتي ڪري اوپري شخص جي منهن ۾ نهاريو.
اوپري شخص جون اوندهه ۾ اکيون کليل هيون.
هن جڏهن پاٽيءَ وٽان بيني جي گهاٽن وارن وارو مٿو
مٿي ٿيندي ڏٺو، تڏهن کانئس ڊپ وچان دانهن نڪري
ويئي.
اُها دانهن پنهنجي نوعيت جي اڪيلي ۽
بيمثال دانهن هئي.
عجيب ۽ حيرت انگيز ڪيڪ ٻڌڻ شرط بيني بـُـل
کاڌو ۽ سڌو وڃي ڪمري جي وچ ۾ پيو. کيس پڪ ٿي ويئي،
ته اهو شخص، جنهن جي ڪيڪ اچرج ۾ وجهڻ جهڙي هئي، سو
پڪ ئي پڪ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو هو. هو
وچ ڪمري مان، غور سان اوپري شخص ڏانهن ڏسڻ لڳو.
اوپرو شخص اکيون ڦاڙي بيني ڏانهن ڏسي رهيو
هو. پوءِ جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن چيڪلي آواز ۾
پڇيائين: ”ڪير آهين؟“
”مان؟“ بينو اُٿي بيٺو. وراڻيائين: ”مان
مسڪين احمد آهيان. ماڻهو مون کي بينو سڏيندا آهن.
مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
”پر آهين ته ماڻهو نه؟“
”نه.“
”تون ماڻهو ناهين!“
”نه.“
”ته پوءِ ڪير آهين، بابا؟“
”مان ڇوڪرو آهيان.“ بيني کٽ ڏانهن وڌندي
وراڻيو: ”مان رتن تلاءَ پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو
پڙهندو آهيان.“
اوپري شخص پڇيس: ”اڪبر جو ڇا ٿيئن..“
”ڀاءُ.“ بيني وراڻيو: ”سامهون کٽ تي مون
کان وڏو منهنجو ڀاءُ عمر اکروٽ سمهيو پيو آهي. هو
فٽبال کي مٿي سان ٽڪر هڻندو آهي.“
عمر کٽ تان اُٿي ڪمري جي بتي ٻاري ڇڏي.
روشنيءَ ۾ عمر ۽ بيني اوپري شخص ڏانهن
ڏٺو. اهو ڏسي کين سخت حيرت ٿي ته پاڪستان جو سڀ
کان خطرناڪ شخص پوڙهو، ڪمزور ۽ سنهڙو سيپڪ هو.
سندس هڙٻاٽون نڪتل ۽ ڏند ڀڳل هئا اکيون هڏن جي
پيالن ۾ پوريل، نڪ سنهڙو ۽ ڊگهو، ۽ ڪن وڏا ۽ ويڪرا
هئا. ڪنن جي هيٺان ڪونئريون پاپڙيون ڌڏي رهيون
هئس.
عمر اکروٽ وڌي وڃي بيني جي پاسي ۾ بيٺو.
بيني کي سڙٻاٽن ۾ چيائين: ”ادا اڪبر کان پڪ غلطي
ٿي ويئي آهي. هيءُ ڪارٽون پاڪستان جو سڀ کان
خطرناڪ شخص ٿي نه ٿو سگهي.“
بيني جواب ڏيڻ بدران اوپري شخص کان پڇيو:
”تون گينڊي سان وڙهي سگهندين.“
”هان! ڇا چيئه؟“ هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
”ڀلا چيتي سان وڙهي سگهندين؟“
”مان! چيتي سان!“
”چڱو ڀلا واڳونءَ سان وڙهي سگهندين؟“
”واڳون، چيتو، گينڊو!“ اوپرو شخص اوپرا
سوال ٻڌي سراپجي ويو. ٻئي هٿ مٿي تي رکي ڇڏيائين.
پنهنجي ساءِ چيائين: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين
ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
”ڀلا ڳالهه ٻڌ.“ اکروٽ اجنبيءَ کان پڇيو:
”تون، موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان آهين. ٻڌا”،
ڊاڪا محمدن ڪلب جي سينٽر فارورڊ محمد عمر سان
ڊاجنگ ڪري سگهندين.“
اوپرو شخص هڪدم اُٿي ويٺو. اکروٽ ۽ بينو
ٽپ ڏيئي کانئس پري ٿي ويا.
بيني کڙيون مٿي ڪري، پٻن تي بيهندي، اکروٽ
کي ڪن ۾ چيو: ”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان بلڪل
پوڙهي لومڙ جهڙو آهي.“
اکروٽ چيو: ”مان سمجهان ٿو، ادا اڪبر کان
چڪ ٿي ويئي آهي.“
”مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان، ته موسٽ
ڊينجرس مين اِن پاڪستان بدران، هو ڪنهن پوڙهي لومڙ
کي رات رهائڻ لاءِ گهر وٺي آيو آهي.“ بيني چيو:
”تون ترس مان ادا اڪبر کي ٻڌائي ٿو اچان.“
بينو پٻن تي ڊوڙندو ڪمري مان نڪري ويو ۽
سڌو وڃي غسلخاني جي ٻاهران بيٺو. در اندران بند
هو. بيني در کڙڪايو.
اندران اڪبر پڇيو: ”ڪير آهي؟“
بيني وراڻيو:”مان آهيان.“
”تون ڪير!؟“ اڪبر پڇيو: ”سي آءِ ڊي
انسپيڪٽر ايڪس واءِ زيڊ؟“
”نه.“ بيني چيو: ”مان مسڪين احمد بينو
آهيان.“
”اوهه، بدبخت ڇورا!“ اڪبر غسلخاني جو در
کوليندي چيو: ”ڇو آيو آهين؟“
بيني وڏيءَ رازداريءَ وچان اڪبر کي ٻڌايو:
”موسٽ ڊينجرس مين اِن پاڪستان، اصل ۾ پاڪستان جو
خطرناڪ ماڻهو ناهي. توکان غلطي ٿي ويئي آهي. تون
هڪ پوڙهي لومڙ کي گهر وٺي آيو آهين.“
”بيوقوف، پوليس کيس پاڪستان جي بچاءِ واري
قاعدي هيٺ گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳولي رهي آهي.“ اڪبر
خارن مان بيني کي ڇڙٻ ڪڍندي چيو:”وڃ، وڃي سمهي
پئه. هوئي پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهي.“
بينو مٿو کنهندي پنهنجي ڪمري ڏانهن موٽي
ويو. عمر اکروٽ سندس انتظار ۾ بيٺو هو. بيني پٻن
تي بيهي. اکروٽ کي ڪن ۾ ٻڌايو: ”ادا اڪبر چيو آهي
ته پوڙهو لومڙ پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو
آهي.“
اکروٽ چتائي پوڙهي اجنبيءَ ڏانهن ڏٺو،
جيڪو ڪنن جي پاپڙين ۾ چپٽيون وجهي جهونگاري رهيو
هو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾
رانول رهبر ٿيندين.“
اکروٽ ۽ بينو وڌي وڃي اجنبيءَ جي کٽ وٽ
بيٺا.
اکروٽ ڊڄندي ڊڄندي پوڙهي کي چيو: ”اسان جي
وڏي ڀاءُ اڪبر اسان کي پڪ ڏياري آهي، ته تون ئي
پاڪستان جو سڀ کان خطرناڪ ماڻهو آهين.“
بيني، پوڙهي کان پڇيو:”تون ڪهڙا ڪهڙا
خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟“
پوڙهي وراڻيو: ”مان هڪ پراڻو راڳ ڳائيندو
آهيان.“
اکروٽ پڇيس: ”ڪهڙو راڳ؟“
پوڙهي راڳ آلاپيو: ”مالڪ تون درد ڪٽيندين،
ڪين ڇڏيندي، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
مسڪين احمد بيني پوڙهي کان پڇيو: ”“ ٻيو
ڪهڙو خطرناڪ ڪم ڪندو آهين؟“
پوڙهي وراڻيو: ”مان ڪنهن به دؤر ۾ پنهنجو
نالو نه مٽائيندو آهيان.“
پوڙهي جو جواب بيني کي سمجهه ۾ نه آيو.
بينو ڪن ۾ آڱر وجهي مر ڪڍڻ لڳو.
عمر اکروٽ، جيڪو ڏهن سالن جي عمر جو هو،
تنهن پوڙهي کان پڇيو: ”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
”منهنجو نالو رجب علي ديوانو آهي.“ پوڙهي
ٻارن کي هٿ ٻڌندي چيو: ”مون کي ننڊ ڪرڻ ڏيو. مان
اسر ويل ڪيڏانهن هليو ويندس.“
عمر اکروٽ، ۽ مسڪين احمد بينو پنهنجين
پنهنجين کٽن ڏانهن موٽي ويا.
رجب علي ديوانو مٿي هيٺان ٻانهون ڏيئي
ليٽي پيو ۽ جهونگارڻ لڳو، ”مالڪ تون درد ڪٽيندين،
ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“ |