ٺوٺ ڌرتي
مستن تي ڪهڙي ميار. پرو نٽهڻ اس ۾ ڪي ڪلاڪ جهمر هڻندو رهيو.
ڊگهي چولي جو پلو مٿي ڪري جهولي جهلائي دانهون
ڪندو هيو :” ڀيڄ مولا!“، ” هڻ ڪو مولا گوڏي
جيڏو.“،”هڻ ڪومولا گوڏي جيڏو“،”ڀيڄ مولا.،
رب جي ذات وڏي آهي. اگهي ته ڪائو ڪچ، نه ته ماڻڪن کي
به موٽ. پروءَ جي چوڌاري ماڻهن جا ميڙ هئا. پر رب
جي ذات اڃا به وڏي آهي. پروءَ جي جهول ۾ نه هو
ڪائو ڪچ، نه هن آڇ ڪئي، نه هيس لڄ. انگ اگهاڙو هڪ
وڏو چولو جنهن جي هيٺيان ڪجهه به نه هيس. هو
ٻاڏائي رهيو هو. رڙيون ڪري رهيو هو. پر رب جي ذات
اڃا به وڏي آهي. جڏهن ڪو ڪرم ڪري. پروءَ جهڙا مست
ته گهڻيئي، پر پرو سڏبو ئي هو مينهاڻي مست! پرو
ڪهڙو چي: ”ميهاڻي مست.“
اڄ هن لاءِ آزمائش جي گهڙي هئي. ماڻهن جا ميڙاک اک
منجهس، سندس چرپر تي ماڻهن ۾ چرپر اچيو ٿي ويئي.
سندس هر نعري تي نعرو پي لڳو ” ڀيڄ مولا!“، ”ڀيڄ
مولا“،” هڻ ڪو مولا گوڏي جيڏو.“،”هڻ ڪومولا گوڏي
جيڏو“،
”جيڏو تنهنجو نانءُ اوڏوئي آسرو.“ واري آسري تي خلق
ڄميو بيٺي هئي. پگهر پي ڳڙيا، جسم پي سڙيا، پر هو
سڀ آسروند هئا ۽ سندن هڪ نظر پروءَ ۾ هئي ۽ هڪ نظر
آسمان ۾. اڃا ته ڪٿي به آگم جو اهاءُ نه هو. ابر
جو اهڃاڻ نه هو. پر آسروند اهو ئي آسرو رکيو بيٺا
هئا ته رب جي ذات گهڻي گهڻي وڏي آهي وسي ته وڏڦڙو،
اچي ته اچڻ آگهاري، برسي ته بُهاري، اٺي ته اڃايل
پياري. اڃايل اڃ کنيو بيٺا هئا. ڌرتي ٺوٺ هئي،
سو ڪهڙي ساوا به سڪائي ڇڏيا هئا.
انهي ٺوٺ سڪل ڌرتي تي اڄ پرو بيٺو هو، جنهن سان هن جو
ازلي ناتو هو. سڄي ڳوٺ وارا سنڀرن ته هو پروءَ
مان مينهاڻي مست ڪيئن ليکيو.
پرو ڪو ڄائي ڄم کام مست ڪو نه هو. پرو ائين ئي هو
جيئن عام ٻار ٿئي. هڪ غريب پيءُ ماءُ جو غير پٽ.
ڦاٽل چولو، هيٺيان ڪجهه به نه، گهٽيءَ ۾ ليٿڙيون
پائيندڙ. مٽيءَ سان راند، ٻاراڻي وهيءَ جي مستي
کيس انهي ڳالهه جو پتوئي نه رهيو ته هن جا پيءُ
ماءُ مري ويا آهن. هڪ ننڍڙي گهر ۾ پڦين جي
حوالي، چاچي جي مار موچڙي هيٺ پئي پليو. پروءَ
لاءِ سوٽن جو ولر وڏي نعمت هو. کيڏڻ رڙيون ڪرڻ،
واڪا ڪرڻ سندس وس هو. ننڍڙي ڪچائين گهر جي وڏي اڱڻ
۾ بيهي جڏهين ٻارن جي لڏي سان گڏ ڦيريون پائيندو
هو ته سندس ڪيفيت ڪنهن مست کان گهٽ ڪانه هوندي
هئي. جيتوڻيڪ سندس ڪا به اهميت ڪا نه هئي، پر هو
پنهنجي دلبريءَ جا داو ڏيکاريندو رهندو هو. سندس
کلڻي، ملوڪ منهن لاءِ ڪنهن کي ڪو خاص چاهه نه هو.
هو هڪ يتيم ٻار هو۽ اهڙا ٽوهه پٽن ۾ ڪئين پيا هئا.
پرو انهي ۾ به خوش هو. سندس خوشي تڏههن وڏي ويندي هئي.
جڏهن سندس پنهنجي سوٽ مومل کي آڱر کان وٺي هلائڻ
جي ڪندو هو. هوءَ جڏهن پدمڙا پير کڻي هن سان گڏ
اڱڻ ۾ هلندي هئي ته هو خوشي وچان رڙيون ڪندو هو ۽
پڦي زينان کي سڏ ڪندو هو. ” پڦي، او پڦي، هيءَ
مومل ته ڏس ڪيئن هلي ٿي. جهڙي ڊيل!“
پڦي! جنهن پرو کي پنهنجو ڪري رکيو هو. ورانڊي
مان جواب ڏيندي هيس :” ها، ها پريل مومل ته ڊيلن
جي به راڻي آهي. ” هو خوش ٿي، مومل کي مٺي ڏيندو
هو ۽ زور سان چوندو هلندو هو :” هلي منهنجي ڊيل
راڻي، هلي منهنجي ڊيل راڻي!“ ۽ وٺي اچي پڦي وٽ
بيهندو هو. پڦي هيڏانهن هوڏانهن نهاري چوندي هيس
:” اڙي پريل، هوءَ ته ڊيل آهي تون ڇا آهين، مٺو
مور؟“ ته پرو مومل کي ڇڏي ٻانهون کولوي مور وانگر
نچندو هو ۽ نچندي ٽپندي ٻاهر هليو ويندو هو.
پروءَ جي اها نچڻ ڪڏڻ جي مستي ويتر وڌي ويندي هئي. جڏهن
آڙهڙ جا ڏينهن سانوڻ اچي ٺاريندو هو. مينهوڳيءَ
جي موسم پروءَ لاءِ من مستي ۽ ڦوهه ڦلارجڻ جا
ڏينهن هوندا هئا. هو پهرين ڪڻيءَ تي ٻاهر نڪري
ايندو هو ۽ خوشيءَ وچان دانهن ڪندو هو : ” ڀيڄ
مولا!“ ۽ پوءِ سندس سوٽ به هنبوڇيون هڻندا نڪري
ايندا هئا. نعرن جو ڌوڌڪاٽ هوندو هو. :” ڀيڄ مولا
چاندي جا گولا.“ ” ڀت تي نوڙي، مينهن آيو ڊوڙي.“
پر پروءَ جو وڻندڙ نعرو هوندو هو :” هڻ ڪو مولا
گوڏي جيڏو!“ نعري هڻڻ ۾ هو بنهه مست ٿي ويندوهو.
جڏهن تکو مينهن پوندو هو، ٻار سڀ اندر ورانڊي ۾
ڊوڙي ويندا هئا، ته به پرو بيٺو هوندو هو. سندس رڳ
رڳ بهاريءَ ۾ هوندي هئي. هو مينهن ڦڙا بت تي
ورائيندو ويندو ۽ مينهن ڦڙن کي پيئندو ويندو هو.
ڪڏهن ته گپ کڻي بت تي لائيندو، منهن تي مليندو،
ڪڏهن ته دٻن مان پاڻي پيئندو هو. پڦيس رڙيون ڪندي
هيس : ” پرو، اڙي پرو، مري پوندين، اندر اچ.“ پر
هو مينهن جي گوڙ ۾ ڄڻ ته ٻڌندو نه هو. پر جڏهن
چاچو نڙ کڻندو هو ۽ ورانڊي مان الاريندو هيس. :”
اڙي اچين ٿو يا نه، هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“ تڏهن
لاچار اندر ايندو هو. پڦيس چولو سڪڻ وجهندي هيس ۽
هو پوتڙو ٻڌي، ورانڊي جي هڪ ڪنڊائتي در وٽ بيهي
مينهن جي ڪا لار جهٽي وٺندو هو.
ڪڪر اڃا اڪري مس هلندا هئا ته پروءَ لاءِ ساوا پٽ پٽيهر
بڻجي پوندا هئا، هو لهي اڃي رئيس جي باغ ۾ پوندو
هو، خوشي جون للڪارون ڪندو ليٿڙندو ويندو. يارن
سان مستي ڪندو ويندو. موٽندو ته اچڻ سان مومل کي
کڻندو ۽ چوندس : ”منهنجي ڊيل راڻي هلي ته سائي پٽ
پٽيهر تي. هت نه هلي، هلي ته سائي پٽ تي. راڻي!
باغ ۾ هلندينءَ؟“
يڪدم چاچيس رڙ ڪندي هيس ” مئا، باغ ۾ نه کڻي وڃجانس،ڪو
تو وانگر پنڌ ٿي ڪري، تنهنجي ٽنگن ۾ لوهه پيو
آهي.“
” چاچي مومل وڏي ٿئي ته پوءِ هلندي؟“
” چڱو، چڱو، وڏي ته ٿئي.“
هو مومل جي پدمڙن پيرن کي تڪيندو توريندو رهندو هو. پرو خوش هجي
۽ مومل پير نه کڻي ۽ خوشي وچان چيٽون نه ڪري. مومل
جڏهن چٽو ڳالهايو تڏهن به پروءَ دانهن ڪئي : ”
پڦي ڊيل ته ٻولي ٿي! “ پڦي وراڻيندي هيس: ” ٻولي
سدا ٻولي، مٺو مور!“ ۽ هو ٻانهن جون کنڀڙاٽيون
هڻندو، پيرڙا کڻندو چڻ لڳندو هو ۽ مومل به هاڻ
ساڻس گڏ پيرڙو کڻندي هئي. مومل نچي ۽ پرو خوش نه
ٿئي.
ائين نئين موسم آئي، نئون سانوڻ آيو، پروءَ ۾ ڄڻ ته وڄ واسو ڪيو
هو ۽ کيس اسڪول جو به خيال نه رهيو، نه وري موسم
جو ئي ڊپ! ڪڪرن جي اهڃاڻ تي هو اسڪول مان ٻاهر
نڪري آيو. ڇا جو پڙهڻ ڇاجو لکڻ. هو ڀلا هو من جي
مستيءَ ۽ بهاري ۾ اچڻ وارو پکي سو خشڪ پٽن، سڪل
ميدانن کي ڏسندو ڊوڙندو آيو. کيس بس نه هئي،
جيستائين گهر نه پهتو. هن دانهن ڪئي: ” هڻ مولا
گوڏي جيڏو“ سڀني سرتن گڏجي وراڻيو : ” هڻ مولا
گوڏي جيڏو.“ مومل ٻاتائي چيو: ” هن مولا تو دوڏي
ديڏو.“ ائين ابر ۾ اهاءُ ٿيو. گوڙ ٿي، گجگوڙ جا
ٺڪاءَ ٿيا، وڄ وراڪو ڏنو. بادل مستيءَ ۾ ورندا
آيا. ڦڙ ڦڙ، ڦري لارون بڻي، پرو تئين بهاري ۾
آيو. : ”هڻ مولا ڪو گوڏي جيڏوهڻ.“ وسڪارو ٿيو،
نيسارا وهيا. پر پرو اڃا به مستيءَ ۾ هجي، مور
کڻي پر کنڊيريا، ڊيل پريان آواز ڪري پرو کنڀڙاٽيون
هڻندو وڃي، چوندو وڃي:” مولا اصل گوڏي جيڏو، گوڏي
جيڏو!“ جيئن پرو صدا هڻي تيئين ڪارو نڀار ۾ وڄ
وراڪو ڏئي، وڄ جو وڄ اڃا وڄي بس ڪري ته بادل بر
ٿي بيهن ۽ گوڙ جا ٺڪاءَ هنياءُ ڏڪائن پر پرو
مستيءَ ۾ مست هو. سندس ساٿي ورانڊي ۾ وڃي لڪا،
هاڻ ته مومل جو به آواز نه هو پر پروءَ جي صدا
صدين جون سڪون لاهي ڇڏيون. وسيو به ائين وسيو جو
هاڻ پکي پکڻ لڪڻ لڳا، ماڻهوءَ جا ته اڳيئي ڦڦڙ ڏڪڻ
لڳا هئا. ڪچيون جايون سو هڪ هڪ ٺڪاءُ تي سندن
ڀتيون ٿي لڏيون. ڇتيون ته اڳ ئي وهي هليون هيون
گهر وارن جو بنهه ساهه منجهيل هو. هر هڪ اهو پي
وراڻيو، : ” جل تون جلال تون آئي بلا کي ٽار تون.“
پڦي زينو ته ورانڊي ۾ بيٺي هئي، هاڻ ته هوءَ پروءَ کي سڏ به نه
ٿي ڪري سگهي، متيون منجهيل هر هر ” حسبي الله...“
جو ورد پئي ڪيائين ۽ شوڪارا پئي هنيائين. چاچي،
پڦي صفوران ۽ ماسي نعمت، تغاريون ۽ بالٽيون ڇت
هيٺان ڏيڻ ۽ گاري ڍوئڻ ۾ پوريون هيون ۽ چاچو، تيشي
کنيو ٻرگهلن کي بند ڪرڻ ۾ لڳو پيو هو. مينهن هڻي
جاءِ کي ڇني وڌو هو. ڪلاڪ کن ۾ مينهن اصل پوريون
ڪري ڇڏيون.
ماسي نعمت ته وهلور پئي ويئي. : ”هئڙو مينهن نه ڏٺوسين نه
ٻڌوسين. اصل قيامت آهي قيامت. “ چڱي ويل وهي ويئي،
مينهن گوڙ، وڄ جي ٺڪائن سان گڏ هڪ آواز بند ٿي
ويو آهي. چاچو يڪدم اڀو ٿي ٻاهر ڊوڙيو پرو اتي ئي
بيٺو هو. هاڻ هو نعرو نه هڻي رهيو هو : ” واهه ڙي
مولا واهه، بنهه بهاري ڪري ڇڏيئه مولا، اصل رنگ
لڳي ويا. واهه منهنجا مولا!“
ائين چاچي وڃي ڳٿڙ کان جهليس. کنڀي اندر کڻي آيس.: ”ڪتي جا
ڦر، اسان جو ٿو وڃي سر ۽ تون آن بهارين ۾!“ هڻ
مولا گوڏي جيڏو!“ نڙ کڻي چلم مان ڪڍيائين ۽ اچي
ورتائينس:” اڙي چوندين هڻ مولا گوڏي جيڏو، پڻهين
ٻر گهل بند ڪندو، ماڻهين گارو ڪندي. توکي اصل نه
ڇڏيندس. اڙي ٻيا ڪهڙا هئا. جن گوڏي جيڏو جو نعرو
هنيو هو؟“
ٻين نينگرن جو ساهه مٺ ۾ هو. ڪن ته ڪنڊون پاسا ورتا هئا، گلو ۽
شيرل ته کٽ هيٺان وڃي لڪيا هئا. ” نڪرو ٻاهر نڪرو،
شمو، يارو، هيڏي اچو.“
ڇوڪرا جيئن ايندا ويا تيئن چاچي نڙ ڦيرايو. : ” اڙي گهوڙاڙي
مري وياسين. اڙي بابا ڙي، الا ڙي، پي پئي. ائين
وڏو ٺڪاءُ ٿيو. سڀ چپ ٿي ويا، ان سان گڏ ”ڌٻڪ“ جو
آواز ٿيو. سڀني ورانڊي مان ٻاهر ڏٺو، رنڌڻي جي ڇت
ويهي وئي هئي. ان سان گڏ سڀني ڏٺو ته پرو چپ چاپ
ٻاهر وڌيو. وچ اڱڻ ۾ بيهي رهيو. ننڍڙا هٿ مٿي کڻي
چيائين، ”مولا هاڻ هالار ۾ هارينس.“ هن وري صدا
هنئين. ”مولا، هاڻ هالار ۾ هارينس.“ ”مولا، مولا،
منهنجا مولا!“
پروءَ جي صدا به ڪا صدا هئي. مينهن جهڪو ٿيڻ لڳو، ڪا گهڙي نه
گذري جو مينهن بس ٿي ويو. پرو اتي ايستائين بيٺو
رهيو. جيستائين ڪڪر ٽڙي پکڙي نه ويا. هاڻ ته
ڏينهن شينهن هو. سڀ ٻاهر نڪري آيا. پڦي زينو وڌي
پروءَ وٽ اچي بيٺي ۽ سندس منهن ۾ نهارڻ لڳي. ائين
وڏي واڪي چاچس کي چيائين:” ادا نصير، هيءُ ڇوڪر
فقير اٿئي، ملنگ مست اٿئي. آئيندي سنڀالي هٿ کڻندو
ڪر. سندس ڪرامت ڏٺئي!“
گهر وارا سڀيئي پروءَ جي چوڌاري مڙي آيا، هن کي ائين ڏسي رهيا
هئا، ڄڻ ڪا نئين شئي ڏٺي هئائون. چاچي نصير ويجهو
اچي پروءَ جي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ پوءِ ڪريل رنڌڻي
ڏانهن وڌي ويو. هاڻ ته مومل به پدمڙا پير کڻندي
ٻاهر نڪري آئي هئي.
”پلو، مولا دوڏي ديڏو نه، ڊيل راني هلي ڪيون.“ پروهن کي
هلائيندو. :” منهنجي ڊيل راڻي هلي.“ ڪندو، ٻاهر
نڪري ويو. هن ڀيري سندس چاچي خاموش ڄمي بيٺي هئي.
هن کي مومل جي ٻاهر وڃڻ تي شايد ڪو به اعتراض نه
هو. پرو سڌو اچي رئيسن جي باغ مٿان بيٺو ۽ برسيل
جي بهار، اٺي جي هڳاءُ کان مست ٿي مومل کي ڏسي
رهيو هو. جيڪا کيس هن مست ڪندڙ موسم جهڙي پئي لڳي.
هيءُ ڌوتل، پوتل وڻ، اجريل ڌرتي، هو گپ ۾ ويهي
رهيو. مومل گپ کڻي کيڏڻ لڳي. اڄ پروبهاري ۾ هو.
مينهن وسيا هئا. بهاريون ٿيون هيون. ڊيل راڻي ساڻس
گڏ هئي.
هوڏانهن ماسي نعمت کي برقعو نه ٿي هٿ آيو، ٿوري دير ۾ گهر گهر ۾
اها ئي وات وائي هئي : ” پرو ڪوئي ڪرامت وارو آهي“
۽ ائين پروءَ جي ڪرامت سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي.
الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو اچڻ لڳا. سڀني ننڍڙو مست
ڏسڻ ٿي گهريو. اچرج مان پروءَ کي ڏسندا هئا ۽
کانئس دعا گهرائيندا هئا، پرو منڍ ۾ ته حيران هو،
ته هيءُ آهي ڇا؟ پوءِ جڏهن نذرنياز ملڻ لڳو، اسڪول
بند ٿيو، مار موچڙو بنهه گم، پرو بالم ٿي مست بڻجي
ويهي رهيو. چاچي نصير ۽ پڦي زينوءَ جي چاندي هئي.
آهستي آهستي گهر رونق اچڻ لڳي پرو ڪوڙا سچا ليڪا
پائيندو وڃي. ” حق الله هو“ جو نعرو هڻندو وڃي ۽
چاندي نه وسي!
جيئن ڪرامتون ڪامياب ٿينديون ويون، پرو ڪامياب مست بڻبو ويو. هو
ڪڏهن ڪڏهن پڦي کان پڇندو هو : ” پر پڦي مون کي ته
ڪجهه به نه ٿو اچي، مان قرآن به پڙهيل نه آهيان،
الف ب به پوري نه ٿي اچيم، مان ڪيئن ڪرامت وارو
ٿيس.؟“
پڦي هش ڪري آهستي چوندي هيس :” مٺو مور، ڪرامت جي صاحبن کي
ٻاهرين علم جي ضرورت نه هوندي آهي. توکي باطني علم
آهي پٽ! تون رڳو نيت سان ابتو سبتو ليڪو ٿو پائين
يا هٿڙو ٿو گهمائين يا پاڻيءَ تي ٿو شوڪارين يا
پاڻي ۾ ٿو هٿ ٻوڙين ته سڀني جا ڪم سولا ٿيو ٿا پون
۽ ان سان گڏ اسان جا به ڪم سولا!.“
پروءَ ڪجهه به نه سمجهندي ڪنڌ ڌوڻيندو هو. پرو جئين جئين وڏو
ٿيندو ويو. سڀ ڳالهه کيس سمجهه ۾ ايندي وئي. هن
چاچي جي مجبوري به سمجهي، سڄي گهر جي بي وسيءَ جو
به پتو پيس. هن پاڻ کي مست سمجهڻ شروع ڪيو. هاڻ
هنن جي گهر ۾ غريبي جو نانءُ نشان نه هو. ڪچي گهر
مان پڪو گهر ٿي ويو. اوطاق ٺهي وئي. وڏي ڳالهه ته
پروءَ لاءِ ڌار ڪمرو ٺهيو، جنهن کي آڏو سهڻو ڇاپرو
هو. سڀڪجهه چاچي نصير جي نظرداريءَ هيٺ ٺهيو. آخر
چاچو پراڻو رازو هو. هاڻ ته سندس هٿ به ڏڪندا هئا.
پوءِ هو ڪيئن رازپو ڪري ٿي سگهيو.! هونءَ به کيس
رازپي جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ قدرت جا به عجيب رنگ
آهن. ڪنهن کي هٿ ۾ شفا ڏئي ته ڪنهن کي هٿ ۾ ڪرامت،
پرو جو هٿ کڄيو ناهي ۽ سوالي جو سوال پورو ٿيو
ناهي! هاڻ ته پروءَ جا هٿ مضبوط، جوانن وارا هٿ
هئا. ڪرامت ۾ به اوڏوئي زور هو.
پروءَ لاءِ هاڻ اها ڳالهه ڪا دلچسپي واري ڳالهه نه هئي. هن لاءِ
جيڪي ڪجهه هو، سا مومل هئي. مومل هاڻ پوري ڊيل
راڻي هئي. هوءَ هن جي سامهون جوڻ مٽائيندي رهي.
هاڻ هوءَ خوبصورت ۽ ڊگهن وارن، جهٽ کلڻ ۽ جهٽ بند
ٿيڻ وارين وڏين اکين واري سهڻي راڻي هئي. پرو
جيئن کيس راڻي سڏيندو آيو هو، تئين سڏيندو ايندو
هيس، مومل جو چاهه به رنگ مٽائيندو رهيو. هاڻ جڏهن
هوءَ پروءَ جي ڀر ۾ وهندي هئي ۽ پرو سندس هٿ وٺي
مٽ ۾ وجهندو هو ته ٿڌو پاڻي سندس رڳ رڳ ۾ ڦلهجي
ويندو هو. اهو پاڻي ٻين لاءِ ته شفا هو، پاڻي هو،
پر مومل لاءِ آب حيات هو. هوءَ روز ان هٿ لاءِ
واجهائيندي هئي ته ڪڏهن ٿو پرو سندس هٿ وٺي. هوءَ
نه چوندي به چوندي هيس:” پرو منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي
شفا آهي؟ تون منهنجو هٿ ڇو ٿومٽ ۾ وجهرائين؟“ پرو
سندس منهن ڏي ڏسي مرڪي ڏيندو هو.
پرو ان ڏينهن ته بنهه سندس ويجهو وهندو هو. جنهن ڏينهن هوءَ
وهنجي سهنجي، اجريل ڪپڙا ڍڪي، الا وار پکيڙي،
دٻڪيءَ ۾ ماني ۽ ان تي ٻوڙ جو ڀريل وٽو رکي. ٽلندي
سندس ويجهو ايندي هئي. پرو ماني پاسي تي رکي، کيس
ٻانهن کان وٺي وهاريندو هو. سندس اکين ۾ نهاريندي،
هو ويجهو وڃي سندس وارن جي اڻ اڻيل تاڃي پيٽي کي
ڇڪي، نڪ جي ويجهو آڻي، وڏا ساهه کڻندو هو. ان مهل
بي بي اخيتار ٿي چوندوهو:” رب منهنجي جي قدرت!“
مومل ور ور ڪري پڇندي هيس ۽ ان جو جواب به ساڳيو
ملندو هيس، ته به هوءَ چوندي هيس :” پرو ان ۾ ڪهڙي
رب جي قدرت آهي؟“
” راڻي تنهنجي آلن وارن مان اهوئي هڳاءُ ا چي ٿو، جيڪو اٺي ويل
ڌرتي ڇڏيندي آهي ۽ ملڪ واسجي ويندو آهي. ڇا اهو
هڳاءُ عطر عنبير کان گهٽ آهي!“
اٺي جي ويل سان سندس قرب هليو آيو. اٺي جون بهاريون آيون ناهن،
پرو ڇاپري مان نڪري ايندو. سندس صدا اهائي هوندي
:” هڻ مولا گوڏي جيڏو.“ اڃا هڪ ٻه صدا مس هڻندو ته
مومل پري کان ڊوڙندي ايندس :”بس پريل!“ هو ماٺ ٿي
ويندو پر اڀو ٿي پيو نچندو. مينهن بت تي ورائيندو،
پاڻيءَ جون لارون پيئندو. دٻن مان ڍڪ ڀريندو. مٽي
کڻي بت تي لائيندو، هڪ وڏو مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي
تي رکندو هو. هڪ چاڻو ڌوپجي ويندس ته ٻيو کڻندو.
چڱي ويل کان پوءِ مومل سڏ ڪندي هيس ۽ هو اندر
ڇاپري ۾ هلي ايندو هو. مومل پوتڙو کڻي انگ اگهندي
هيس. هو ڌيرج سان هٿ وٺي سندس هٿ ۾ پيل ٺڪرجي چٽيل
ڇلي کي وٺي ڦيرائيندو ۽ پوءِ انگوڇو وٺي پاڻ کي
پاڻ اگهندو هو. هوءَ چپ چاپ ٻاهر وڃي ڇاپري ۾
بيهندي هئي ۽ پرو لٽا مٽائي اچي ڀر ۾ بيهندو هيس،
مومل سندس اکين ۾ نهاري چوندي هيس :” پريل تون،
مينهاڻي مست ڇو آهين.؟ مينهن توکي مست ڇو ٿو ڪري؟“
پرو مرڪي چوندو هيس:” راڻي مينهن ۽ ڌرتي جو ازلي لاڳاپو آهي.
اسين هن ڌرتي جا ننڍڙا ڌڻي آهيون، اسين به مست نه
ٿينداسين ته ٻيو ڪير ٿيندو! ڇا توکي مينهن مست نه
ڪندو آ؟ هن جهڙ ڦڙ جي بهار ۾ تون ڪجهه به محسوس نه
ٿي ڪرين؟“
مومل انهي جملي سان ڄڻ ته ڇڪجي سندس ڀر ۾ هلي ويندي هئي ۽ پوءِ
سامهون ورانڊي ڏي نظر ڦيرائي هڪدم پوئتي ويندي
هئي. رڳو ايترو چوندي هيس: ” پرو مون کي پتو
ناه!“ اهو چئي رئو کڻي چٻاڙيندي هئي يا انهيءَ
ٺڪر جي ڇلي کي ڦيرائيندي هئي. جنهن ۾ سندس ساهه هو
۽ پرو هڪدم هٿ وٺي چوندو هيس:
” انهي ڇلي جا چڪر مان ڦرائيندس، گهمي ته ٿو پر سولو نه. ڪاڏي
ويندو، نيٺ ته هن هٿ وس ايندو.“
مومل مرڪي چوندي هيس : ” هاڻي تنهنجي هٿ وس ناهي ڇا، هينئر به
ته تنهنجو آ.“
” نه راڻي جڏهن مان موڙ ٻڌي هٿ لال ڪري، تنهنجن رتڙن هٿن ۾ هٿ
وجهي انهيءَ ڇلي کي مقدر سمجهي ڦيرائيندس پوءِ
جيڪي نصيب!“
مومل شرمائجي ڇاپري جي ڪنڊ وڃي کڻندي هئي ۽ سندس ساهه اڀو
کڄندو هو. پرو ويجهو ويندو هو ته هوءَ هٿ وڌائي
چوندي هيس:” پرو انهيءَ ڇلي کي ڦيرائيندو ڪر،
الائجي ڇو منهنجو شاديءَ ۾ ايمان نه ٿو بيهي،
هونئن به پرو شادي محبت جو معراج ته ڪونهي.“
پرو هڪ سادي سودي نينگر کان اهي اکر ٻڌي، ڇرڪي ويندو هو ۽ ڳالهه
ٽارڻ لاءِ چوندو هيس :” تون به ڪنهن کان گهٽ
ناهين. بنهه مست آهين. مون کان به وڌيڪ تو ۾ هونئن
به مڻيا آهي، پر راڻي جڏهن سمجهه ڀريو ڳالهائين
ٿي ته بس، پوءِ اسان پاريو مست وڏو مست ٿي وڃي
ٿو.“
ايئن ٻئي ڄڻا کلي ڏيندا هئا ۽ پڦي زينو، جيڪا هاڻي قبر ۾ پير
لڙڪايو ويٺي هئي. سامهون ورانڊي مان اهو نظارو
پئي پسندي هئي. نور اڃا سڄو هيس، پر سندس ڀاءُ
چاچي نصير کي ته پتو نه ٿي پيو. پڦي زينو ڏسندي
ڏسندي ڪنڌ لاڙي ڀاءُ کي چوندي هئي. ” ادا، هو جوڙو
ڏسين ٿو؟“
” ڪهڙو جوڙو؟“
”پکين جو“
” مينهن ۾ اڃا پکي ويٺا آهن؟“
هوءَ گهڙي ماٺ ڪري، پوءِ چوندي هيس :” ادا، پريل جي پارت
اٿئي.“
توکي به رکيو رکيو ٿا پور پون. الله ڪري جڙي هجين، مون کي پارت
ڇو ٿي ڪرين!“
” ادا، مومل کي پريل کان ڌار نه ڪجانءِ نه ته سڀ ڪجهه ختم ٿي
ويندءِ، ٻڌايانءِ ٿي. اهو به ٻڌايانءِ ٿي ته ٺهيا
ئي هڪٻئي لاءِ ..........“ ۽ اچي کنگهه ڇڙندي هيس،
هو ساڻي ٿي ڪرندي هئي ۽ چاچو نصير کيس اوڇڻ ڍڪي
سمهاريندو هو.
” چري، ڳڻتي ڇو ٿي ڪرين؟ گهر جي گهر ۾ ڳالهه آهي، ڪا پري آهي
ڇا. ڪنهن ڏينهن مکاميڙو ڪرائي ڇڏينداسون.“ ائين
چوندي هو مرڪي به ڏيندو هو ۽ ڀيڻ کي دلداري به
ڏيندو هو. پر پريان ماسي نعمت جيڪا ڪن لايو ويٺي
هوندي هئي، ڪوڙو منهن ڪريو. موڙو ڏيندو هئي ۽
آهستي ڀڻڪندي چوندي هئي، ” رک ڌڻيءَ تي، رڳو
منهنجو شيرل روزگار سان لڳي، ڏس ته مان ڪيئن ٿي
پنهنجا ٻيڙا ٻني لايان.“
ماسي نعمت جي ٻيڙن کي واقعي ڪو واءُ سولو لڳو، جو پڦي زينو ته
الله ڏي هلي، پر چاچي نصير به ڌڪ نه جهليو. مٺي
ڀيڻ جي ڌڪ هڻي ڌڪي وڌس. ٻئي ڄڻا وڏي جيءَ سان ٿي
جيا، پر جيءَ جو ڪهڙو جياپو سڀ ڪي ڌڻيءَوس، وڻيس
ته جياري وڻيس ته ڪک پن ڪري ڇڏي.
پروءَ کي ڪنهن به اڄ تائين روئندو نه ڏٺو هو، سو وسيو ۽ سندس
اکين جي وسڪاري، مومل کي ويتر رئاري وڌو. مومل
هڄي پئي ۽ سندس هڄيل هانءُ کي ڏسي، پروءَ کڻي ماٺ
ڪئي نه ته شايد اڀ کي به رئاري ها، پر پروءَ جو
هانءُ تڏهن بنهه کاڄي ويو، جڏهن هڪ ڏينهن مومل
ڏانهنس نه لڙي، منجهند جو ماني به ماسي نعمت کڻي
آيس. هن رات تائين صبر ڪيو. پر جڏهن رات جو به
ماسي نعمت اچي سندس آڏو ماني اڇلائي تڏهن هو بر ٿي
ويو. ” مومل ڪاٿي آ.“
” مومل ڪا تنهنجي ڳڌل آ جو هر ويلي تنهنجي ماني کڻي اچي، ٽهل
ٽڪور ڪري.“
” ماسي مستن کي نه ڇيڙ.“ پروءَ رڙ ڪئي ان سان گڏ سندس اکيون
ڳاڙهيون ٿي ويون.“
”اهي اکيون ٻين کي ڏيکار، اهو مينهاڻي مست تون ٻين لاءِ هوندين.
مان سڃاڻانءِ ٿي ته تون ڪهڙو مست فقير آن! مون
سان گهڻي ٽين ٽين ڪندي، ته وجهندس هٿ برقعي ۾
جيئن مون پاڙي اوڙي وڃي توکي مست ٺاهيو هو. هاڻ
تنهنجي مستي ڪڍي ڪنديس ٻاهر.“
پروءَ يڪدم ماني کڻي ٻاهر اڇلائي: ”نڪري وڃ هتان“
” وڃان ٿي پر اهو ياد رک ته مومل هاڻي شيرل جي نالي ٿي چڪي آهي.
جي تو ان جو نالو به کنيو ته مون جهڙو بڇڙو نه
ٿيندءِ!“
پرو حيران ٿي سندس منهن ۾ ڏسڻ لڳو، ڪا گهڙي هو خاموش رهيو.
پوءِ ته ڄڻ جلالي اچي ويس، يڪدم ٽپڙ کڻي اڇلايائين
مستن وانگر مست ٿي پيو، دانهن اهڙي ڪيائين جوماسي
نعمت ڇرڪي وٺي ٻاهر ڀڳي. پروءَ رڙ ڪئي : ” مولا،
ڪٿي آهين، مولا ! هڻ ڪو گوڏي جيڏو! مولا هڻ ڪو
گوڏي جيڏو!“
ٺارجا ڏينهن هئا، سڀ ورانڊي مان نڪري آيا. ماسي نعمت وڃي ڪنڊ
جهلي هئي، پروءَ جي چاچي وڌي آيس: ” ماسي ڇا ڪيس!“
” اڙي امان ماريئي کي ڇا ڪيم، چيومانس ته منهنجي مومل جو نالو
نه کڻي.“
” ماسي تو کي جهليو به هيم ته في الحال ڳالهه نه ڪر، پر اصل
پيٽ جي هلڪي آهين. هوڏانهن ڇوڪريءَ کي به بند ڪيو
اٿيئ جا پئي جهڄي، هيڏانهن هيءُ ممڻ مچائي ڇڏيو
اٿئي.“
” ممڻ ڇاجو، ڀلي پيو رنڀي، رنڀي رنڀي ماٺ ڪندو. هليو آ گوڏي
جيڏو وسائڻ، مينهن جي ڪا موسوم آ، جو بس هاڻ اڀ
ڏري پوندو!“
پروءَ رڙي رڙي، گهڙي ساهه کنيو ۽ آسمان ڏانهن ڏٺو، پر اتي ڪجهه
به نه هو.
اوچتو سندس ڪنن تي پڙلاءُ پيو. آواز وچ واري ڪمري جون حدون
لتاڙيندو ورانڊو ٽپندو، سندس مستي کي مست ڪندو
ويو.
” پرو، پرو،!“
پروءَ کي ائين محسوس ٿيو ته ننڍڙي ڊيل پئي ڪوڪاري، سندس هٿ
مٿي کڄي ويا ۽ کنڀڙاٽيون هڻي ڦيريون پاتائين. سڌو
وچين ڪمري ۾ پهتو، اندرين ڪوٺيءَ کي ڪلف هو.
اندران اهوئي آواز:” پرو، پرو!“ هن ڪلف کي سٽ ڏني،
پر نه کليو. هن مستيءَ ۾ در کي هڪ ٽڪر هنيو، ٻيو
ٽڪر هنيو، سندس رتو ڇاڻ منهن تي اهائي مستي هئي.
هو هاڻ رڳو اهو چئي رهيو هو :” منهنجا مولا، ڪٿي
آهين، ڏسين ٿو، اڃا چئين ٿو ته نه، بس مولا هڻ ڪو
گوڏي جيڏو، ڪر ڪا بهاري!“ هو رت ڳاڙيندو رهيو. ٽڪر
هڻندو رهيو، پر ڊپ کان ڪير به سندس ويجهو نه پئي
آيو. ماسيءَ شيرل کي ڌڪو ڏنو، پر شيرل اتي ئي ڄمي
ويو. سندس سوٽ پري بيٺا هئا. پرو رت ڳاڙيندي
ڳاڙيندي، ڪري پيو. کيس ائين محسوس ٿيو ته هاڻ
اندران ڪير ٽڪر پيو هڻي. هن اٿڻ جي ڪئي، پر اٿي نه
سگهيو. رت ڦڙن وڃي ڌرتي کنئي، هاڻ رت جو مينهن هو،
جو پئي وسيو. ائين گوڙ جو آواز ٿيو، وڄ جو چمڪاٽ
ٿيڻ لڳو. سڀ ٻاهر ڀڳا ڪارن ڪڪرن جي ڪارنهن سڄي
آسمان کي ويڙهي وئي هئي. هڪ گوڙ جا ٺڪاءَ ٻيو وڄ
جا چمڪاٽ، اوندهه انڌوڪار ٿي ويو. وڄ جي روشني
ويتر ٿي هنيانءُ ڇنو ۽ ائين اچي وڏ ڦڙي ٺڪاءُ ڪيو.
مينهن به مينهن هجي، پاڻي هجي جو ڇڇڪارا ڪيو پيو
وسي، ڄڻ ڪير ڇڄ ڀري پيو هاري. پروءَ جي چاچي ڪجهه
پاڻ سنڀالي ورتو ۽ هوءَ پٺين پير واپس وري، پرو
کي اورانگهي وڃي ڪلف کوليائين. پرو بي سرت پيو هو.
ڪوٺيءَ جو در کوليندي وسامي ويئي، مومل به ٽڪر هڻي
رتو ڇاڻ ٿيو پئي هئي. يڪدم دانهن ڪيائين.
”اڙي مري ويئي ماڻس، ماسي، شيرل، گلو، اڙي هيڏانهن اچو.“
سڀ ڊوڙندا آيا، مومل کي کڻي کٽ ڀيڙو ڪيائون. ڪو سرمو کڻي آيو،
ڪو پٽيون، ڪو پاڻي، مومل اک کوليندي چيو : ”پريل!
سڀني اوڏانهن نهاريو، جت پرو پيو هو، هو ڌڪ جي
پرواهه نه ڪري پروءَ ڏانهن وڌي، نئڙي هن کي
ڏٺائين، ڳوڙها ڳڙي آيس، پوءِ يڪدم هوش سنڀالي
چيائين : ” ادا گلو! هن کي کڻوس.“ هن پاڻ بيهي
پروءَ جا زخم صاف ڪيا، سرمو ڀريائينس، آهستي آهستي
هن جي ڀرسان ويهي رهي. ماسي نعمت جيڪا اڃا به
وهلور پئي ويئي، تنهن شيرل ۽ گلوءَ کي سرٻاٽ ڪيو
ته پروءَ کي کڻي سندس ڪوٺيءَ ۾ اڇلي اچو. مومل
سرٻاٽ ٻڌو، ڪنڌ کڻي چيائين ته : ” خبردار جو ڪنهن
پروءَ کي هٿ لاتو آهي، رڳو پنهنجو خير گهرو.“
ان ويل وڏو ٺڪاءُ ٿيو، ڪنهن ورنڊي مان دانهن ڪئي : رڌڻو ويو.“
ان ويل ٻيو ٺڪاءُ ٿيو :” وهنجڻ جي جاءِ وئي.“
ٻئي ڌڌڪي تي هيسيل آواز آيا: ” ورانڊي جو هڪ حصو به هليو ويو.“
ائين سڀني ڊوڙي اچي ڪمري ۾ پناه ورتي، مومل پروءَ کي ڏسي رهي
هئي. جيڪو هاڻ هوش ۾ هو ۽ مومل جي اکين ۾ اکيون
هيس. هو گهڙيءَ کان پوءِ آهستي اٿيو، وڄ جو چمڪاٽ
ڏٺائين، مينهن جو شپڪو ٻڌائين، اصل کٽ تان لهي
بيٺو، مومل ٻانهن کان ورتس، پرهو اڳتي هلندو ويو.
ائين چوندو ويو: واهه منهنجا مولا اصل بهاري ڪري
ڇڏيئه، اصل رنگ لڳائي ڇڏيئه، واهه منهنجا سائين؟“
هو ورانڊي ۾ ئي هو ته ڀرواري جاءِ جو ڌڌڪاٽ ٻڌائين،
رڙيون واڪا، ان سان گڏ پاڙي مان بانگن جو آواز
اچڻ لڳو مومل اچي ڀرسان بيٺس:” پريل هاڻي بس، رب
جي ذات بيشڪ وڏي آهي، هاڻي سندس در کڙڪاءِ پريل!“
”مومل، منهنجي مولا آڏو سڀ ننڍا برابر آهن. تون به
ٻاڏاءِ اچ مون سان.“
وچ اڱڻ ۾ مينهن جي پناهه وٺيو ٻيئي بيٺا هئا، مومل هٿڙا
اڀا ڪيا، ”مولا هاڻي بس. منهنجا مولا هاڻي هالار ۾
هارينس منهنجا مولا رحم!“ ڪا گهڙي هوءَ ٻڏائيندا
رهي، رڙيون ڪندي رهي ۽ پرو خاموش بيٺو رهيو. ائين
مينهن جهڪو ٿيو. تان جو ڦڙڦڙ وڃي بچي. ويل ئي ڪا
نه گذري جو آسمان تي تارا چٽا ڏسڻ ۾ آيا. پروءَ
آهستي سندس هٿ ورتو، ٺڪرجي چٽيل ڇلي کي ڦيرايو: ”
راڻي اهو سچ آهي، شادي محبت جو معراج ناهي، پر
هاڻي هيءءُ جهڙ ڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون، هاڻي
مينهن نه وسندا، هاڻي ملڻ ڪهڙا، جدايون ته ڪينهن
منهنجا سائين!“ پرو آهستي سندس هٿڙو ڇڏائي وڌيو ۽
ڏيڍي وٽ بيهي مومل کي ڏٺائين، جيڪا بت بڻيو بيٺي
هئي، چوڌاري سڀ ڀاتي مڙي ويا، ماسي نعمت جو آواز
چٽو هو، ”ٻڙي، هن جو خيال ڪيو، هيءُ الله لوڪ
نينگر اٿو، ڪرامت ڪانه ڏٺوَ، وٺي هلي
اندرويهاريوس، هئڙا الله لوڪ ماڻهو ڪانيءَ ڪرامت
وارا ورلي پيدا ٿيندا آهن.“ پرو ڪڙو کولي ٻاهر
نڪري ويو. هن جي وڄڻ تي مومل ڄڻ سجاڳ ٿي پئي،
دانهن ڪيائين ” پريل، پريل!“
پرو جيئن ڏيڍي جي چانئٺ ٽپيو، تيئن وري نه آيو. هو هاڻي
سچو پچو مينهاڻي مست هو. هل الفي ۽ پاڻ، ڪڏهن ڪهڙي
دڪان تي، ڪٿان ريوڙيون کنيائين، ڪٿان ڀڳڙا، ڊوڙون
پيو پائيندو هو. رکي رکي دانهن پئي پوندس: ” هاڻي
جهڙ ڦڙ بهاريون نه ٿينديون، هاڻي مينهن نه وسندا.“
ڪو ڳالهائڻ جي ڪندس ته وران ۾ ڍڪيل چپ کلي پوندا،
چوندو: ” مٺا، شادي محبت جو معراج ناهي.“
ڪودل جليو اتي ئي پڇندس :”مينهاڻي مست! پوءِ محبت جو
معراج ڇا آهي؟”
”جهڙ ڦڙ هي بيهاري ۽ وسندڙن جو خير!“
” پر تون چئين ٿو ته هاڻي مينهن نه وسندا، هاڻي جهڙ ڦڙ
جي بهاري نه ٿيندي.“
” اکين جي جهڙ ڦڙ کي ڪنهن روڪيو آ!“
پرو، غلاموءَ جي دڪان تي گهڻو ويهندو هو. غلامون سان دل
به هوندي هيس. رات جو سندس دڪان جي دڪيءَ تي سمهي
پوندو هو. ٿڌ ۾، ولهه ۾، سوڙ يا رلي به نه
ورتائين، دڪان مان ٻه ٽي ڦاٽل ڳوڻيون کنيائين جيڪي
کيس رات جو اوڇڻ جو ڪم ڏينديون هيون. غلامو جو پاڻ
به ڦٽيل هو، ڪو نينهن لاتو هئائين، پر دل جو دلبر
کيس ڌڪ ڏئي هليو ويو هو. هو جڏهن ٻرندو هو ته يڪدم
دانهن ڪري چوند هو :” پريل! دل ڪنهن سان لائجي؟
هنن ماڻهن سان جن ۾ وفا ناهي؟“
پريل رکي رکي چوندو هيس :”منهنجي مولا جا غلام، تون هن
مولا جي ڌرتيءَ جو به غلام آهين. هن ڌرتيءَ سان
نينهن لاءِ ڏاڍي سوادي اٿئي. ” پوءِ مٽي کڻي مٿي ۾
وجهندو. منهن تي مکيندو، ڌڌڙ اڏائيندو، ڊوڙندو
ويندو: ” واهه منهنجا مولا، اصل بهاريون ڪري
ڇڏيئه“
هاڻي ته واقعي مٽيءَ جو مينهن وسڻ لڳو هو. ڪيتريون
مندون ٽري ويون ۽ نئين مند به خير سان پوري ٿيڻ تي
هئي. مينهن جو ته پتو ئي نه هو، چوڌاري خشڪيءَ جو
سمنڊ هو، جنهن ۾ سڀ پئي سڙيا ۽ ٻريا، ڍورا ڍوريون،
ڪسيون ڪورون، تل ترايون سڀ خشڪ هيون. وڻ ٽن، پکي
پکڻ، ڍرو دڳو سو ڪهڙي جو ساءُ نٿي ماڻي سگهيا. ڪن
دم ٿي ڏنو، ته ڪي پوين پساهن ۾ هئا، ٻنيون ٻارا ته
ٻري ٻارڻ ٿيا. هاڻ ماڻهن جو وارو هو.
سڀ پروءَ کي ڦري ايندا هئا، پر هو دانهن ڪري چوندو هو
:”هاڻ جهڙ ڦڙ جون بهاريون نه ٿينديون. هاڻ مينهن
نه وسندا.“ ۽ ڊوڙ پائي شاهن جي درگاهه واري ميدان
۾ لهي ويندو هو. پوءِ هن کي ڪير وٺي. نيٺ غلاموءَ
چيس : ”پرو، ائين نه ڪر، مينهن وساءِ!“
” مينهن منهنجي مولا جي هٿ وس آهي، پروءَ کي ڪهڙي طاقت
آهي.“
” پر پرو تنهنجي دعا ۾ وڏي طاقت آ. تون کڻي دعا گهر، ڏس
ڌرتي سڄي ٺوٺ ٿي ويئي آ. هاڻ ته کوهيون به سڪي
ويون آهن. باقي بچيو آ مارڪيٽ وارو کوهه، اهو به
گهڻا ڏينهن؟ هيءَ ڌرتيءَ وڌيڪ ٺوٺ رهي ته اسين سڀ
ٺوٺ ٿي وينداسين پريل!“
پرو کلندو هو ۽ پور پوڻ تي چوندو هيس: ” منهنجي مولا جا
غلام، منهنجي مولا جي ڌرتي جا غلام، هن ڌرتي ۽
سندس ماڻهن جو ٺوٺ هجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اهو ياد
رک ته ڌرتي هميشه دان گهرندي آهي. سمجهيئه!ڌرتي
دان گهري ٿي!“
غلامون دان تي ڇرڪيو. سڀني کي سڏي چيائين ۽ خير
خيراتيون شروع ٿي ويون، پر شايد اتي نه اگهاميون
يا اڃا دير هئي.
هن ڀيري غلاموءَ کي جيئن پرو منهن تي چڙهيو، اصل بر ٿي
بيٺس: ”تون مست ٿيو آن، ڌوڙ جو ميهاڻي مست آن! تون
الله لوڪ آن، رڳو عاشق جيئڙو آن، مومل جي عشق ۾
حيران، اڙي ڪو اٿئي هن ڌرتي سان به عشق؟ ڌرتي دان
گهري ٿي، ڌوڙ نه ڇائي، هاڻي ڌوڙ پاءِ، مومل ڪارو
منهن ٿي ڪرئي. سڀ مومل کي مڃائي آيا آهن، هوءَ
توکان فقيري ۽ مستيءَ ۾ گهٽ ڪانهي، اڄ دعا گهرندي،
ڏس ته منهنجو رب ڇا ٿو ڪري؟“
پرو ڪا گهڙي ڄمي بيهي رهيو. پوءِ ڊوڙ پاتائين، سڌو وڃي
پنهنجي گهر جي ڏيڍي وٽ پهتو. پر جانئٺ نه ٽپيو.
اندران مومل جو آواز پئي آيو :” مولا! هڻ ڪو گوڏي
جيڏو!“
ڀيڄ مولا، منهنجا مولا رحم!“
پروءَ ات بيٺي ئي سين هنئي :” ڀيڄ مولا! هن ڪو گوڏي
جيڏو!“ هڪ ئي صدا تي مومل ڊوڙندي ڏيڍي وٽ پهتي.
پرو هن کي سڃاڻي نه سگهيو، هڏن جو پڃرو! ڪاڏي ويا
چوٽا چنبيل جا، ڪاڏي ويون پنبڻيون پناهه واريون
ڪاڏي ويا گل گلاب جا، ڪاڏي ويا عطر جا هڳاو! هو هڪ
ٺوٺ خشڪ سڪل ڌرتي کي ڏسي رهيو هو.
مومل هن جي ملوڪ منهن کي چيڙهالي وارن جي ڪڪرن ۾ پسي ڪو
خوش ڪانه ٿي. اڇي اجري ماڻهوءَ کي ڌڌڙ ۽ مٽيءَ جي
تهن ۾ ڏسي ڳوڙها ڳڙي پيس. هوءَ وڌي وٽس آئي.پروءَ
ڌيرج سان سندس هٿ ورتو. اتي اهوئي ٺڪر جو چٽيل ڇلو
موجود هو. هن ان کي ڦيرايو ۽ چيائينس: ”راڻي! هاڻ
بهاريون ٿينديون. مينهن وسندا، سڀڪجهه اجري پوندو.
تون دل نه لاهه.“
۽ هن زور سان نعرو هنيو. ” مولا ! هڻ ڪو گوڏي جيڏو.“
هن ڏٺو ته ماسي نعمت اچي پيرن کان جهليو هيس. ” ابا،
پٺتي نه موٽ. بس، جيڪا ٿي، سا ٿي. مومل اڄ به
تنهنجي آهي، تنهنجي رهندي، مون کان خطا ٿي.“
هن آهستي پير ڇڏايا ۽ گهوري ماسي نعمت ڏانهن نهاريو، ”
ماسي مستن سان وڌيڪ مستي ڪندينءَ ته تنهنجي شيري
کي خاڪ ڪري ڇڏيندوسانءِ.“
” اڙي ابا، هن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي. هن تنهنجي ڊپ کان
مومل سان شادي ئي نه ڪئي.“
” مومل سان شادي؟“ پرو کليو، کلندي کلندي چپ ڀڪوڙي جي
ويس. ” هي مومل ٿوروئي آهي، هيءُ ته منهنجي ڌرتي
آهي ۽ هن سان لائون لهڻ لاءِ ڳاڙهو گهوٽ کپي.
ڌرتيءَ لاءِ سر سٿرو ناهي، ڌرتي دان کان سواءِ
ڪنهن جي ڪانهي. سمجهيئه ماسي!“
ماسي ڪجهه به نه سمجهندي وڃي ڀت ۾ لڳي هئي.
پروءَ مرڪي، مومل جو هٿ ورتو. وٺي ڇلي کي ڦيرو ڏنائين ۽
صدائون هڻدو ٻاهر نڪري ويو. ” هڻ مولا گوڏي جيڏو.“
جيئن گهٽي ٽپي پرئين ڀر ٿيو، ته نظر وڃي رئيسن
واري باغ تي پيس. جتي هاڻ سلا به سڙي خاڪ ٿي ويا
هئا. وڻن جي ڄڻ ڪنهن ڇانگ ڪري ڇڏي هئي. هو آهستي
لهي ان پٽ تي بيٺو، جيڪو ڪنهن وقت هن لاءِ پٽ
پٽيهر هو، جنهن جي سائي گاهه تي هو ليٿڙيون
پائيندو هو. هو ان ئي پٽ تي دڙها هڻڻ لڳو، جيڪو
هينئر خشڪ ميدان جي صورت اختيار ڪري چڪو هو، جنهن
جو هر حصو ٺوٺ بڻجي چڪو هو. گهڙي ۾ ماڻهو اچي مڙيا
سڀ آسائتا. اڃايل اڃ کنيو بيٺا هئا ۽ ڌرتي ٺوٺ
هئي.
هاڻ پروءَ جي مينهاڻي مست هجڻ جو به ايمان لڏڻ لڳو.
پروءَ جي زبان ٺوٺ ٿي وئي هئي. هو نچي ڪڏي ٽپا ڏئي
کنڀڙاٽيون هڻي سهڪي پيو هو. سندس نڙي ويهجي وئي
هئي، پر سندس صدائن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي هئي. اهائي
صدا، پر منهنجي رب جي ذات اڃا گهڻي وڏي آهي. جڏهن
راضي ٿئي. پروءَ کي الائجي ڇا ٿيو. اوچتو هن دانهن
ڪئي.
” ها منهنجا مولا، هيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گهري ٿي، رت جو
ريج گهري ٿي، تون سو منهن نه موڙ، باقي بندو حاضر
آهي. ” ائين چئي پرو نوڙيو، وڃي نراڙ ڀر فرش
کنيائين ۽ زور سان ڌرتي تي ٽڪر هڻڻ لڳو. ڀلا ڌرتي
ورهين جي اڃايل، صفا ٺوٺ، اصل رڪ ٿي لڳس. ٻئي ڌڪ م
رت جون ٺينڍيون وهڻ لڳس ڀلا خشڪ زمين رت ائين
پيئندي وڃي جيئن ڪو اڃايل اڃ لاهنيدو آهي. پر پرو
به ريج ڏيندو وڃينس ۽ هو ايستائين ڌڪ هڻندو رهيو،
جيستائين آبر ۾ اهاءُ نه ٿيو پهرين ڦڙي مٿس
وسڪارو نه ڪيو ۽ پرو بي نور اکيون مٿي کڻي چيو: ”
واهه منهنجا مولا اصل رنگ لائي ڇڏيئه، بنهه
بهاريون.........!“ پرو وڌيڪ چئي نه سگهيو ۽ وڃي
ڌرتي جو پاسو ورتائين. هاڻ سندس رت به ڌوپيو پئي
ويو، آهستي آهستي رت جي لالاڻ مينهن جي ڌارائن ۾
گڏجيو ڦهلبي وئي. ڪو وهڪرو ڪنهن طرف هو، ڪو وهڪرو
ڪنهن طرف. رت جي لالائي پاڻي جي سونهن کي وڌيڪ
سهڻو ڪري ڇڏيو هو. ڌرتي ته مٿاهينءَ تان، جتي
مومل رهندي هئي. اتان جيڪي به وهڪرا آيا پئي، تن ۾
به اهائي لالاڻ، اهائي سرخي هئي. ٻئي وهڪرا جڏهن
پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا ته سڄي ڌرتي پٽ پٽيهڙ جو وڳ
کڻي پاتو.
چون ٿا ته جڏهن به اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آهي ته ڪو
نه ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آهي ۽ الائجي
ڪيترن مستن جو ان ڌرتي کي ريج ڏنل آهي. جو هاڻ
ڪڏهن به هت سوڪهڙو نه ٿيندو آهي. هميشه جهڙ ڦڙ
جون بهارون هونديون آهن ۽ اٺي جي مند ڪڏهن به کوٽي
نه ٿي آهي. |