سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: لاڙ جا سير

 باب:

صفحو :1

لاڙ جا سير

 

الله بچايو يار محمد سمون

ناشر طرفان

”لاڙ جو سير“ هن کان اڳ به سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. ڪتاب ۾ موجود مواد جي افاديت ۽ اهميت ڪڏهن به گهٽ نه ٿي سگهندي، ان ويچار کي آڏو رکي اسان  هن ڪتاب کي وري به ڇاپي هيٺ آڻي رهيا آهيون. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي موضوع هڪ ئي وقت آهن، جن ۾ تاريخ، ادب، ثقافت، جاگرافي ۽ ٻيا انيڪ موضوع يڪجا آهن.

هن ڪتاب جي آخر ۾ ڏسڻي (انڊيڪس) ڏيڻ سان محقق کي آساني ڪري ڏني وئي آهي. جيتوڻيڪ ضخامت ۽  قد بت ۾ هيءُ هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي پر موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان، ادب ۾ خاص اضافو آهي.

   اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ ۽ سنڌيءَ متعلق نئون مواد آڻڻ سان گڏوگڏ، جن ڪتابن جي طلب آهي ۽ اڻ لڀ ٿيندا وڃن تن کي وري وري ڇاپي عام ڪجي، جيئن کوٽ نه اچي.

سنڌي ادبي بورڊ جي واجب الاحترام چيئرمين صاحب ۽ سندن فاضل ميمبر صاحبان جي رهبريءَ ۽ هدايتن هيٺ اسان ان لائق ٿيا آهيون جو هيءُ ڪتاب ڇاپي هيٺ ۡآڻي سگهيا ۡآهيون. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندڙ ساٿين جي محنت لاءِ به متعرف ۽ مشڪور آهيان.   مهرباني.

ڄام شورو

15 - جنوري 1991ع  ولي محمد رونجهو (ولي سروري)

                                سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ

 

مهاڳ

هن کان اڳ ”سير ڪوهستان“ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪوهستاني ماڻهن جي رهائش، خورش، ٻولي ۽ تهذيب چٽيءَ طرح بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ وري لاڙ واري ڀاڱي جو احوال قلمبند ڪيو وڃي ٿو. هن ڪتاب جو نوع ”سير ڪوهستان“ کان نرالو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوهستان کي پنهنجو ادب ڪونهي، تنهنڪري سندس احوال به هڪ بي رس ڪهاوت جيئن وڃي پورو ٿئي ٿو. مگر لاڙ جو اندروني احوال چڱي چوکي تاريخ تي وڃي ختم ٿئي ٿو، انهي ڪري لاڙ جي سير جي نوعيت وري نرالي آهي.

   ڪوهستان کان پوءِ يڪدم لاڙ جو سير ۽ ان جو احوال لکڻ، انهي ڪري سجايو سمجهيو ويو جو ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته لاڙ جا لاڳاپا، ريتن رسمن ۽ ٻولي ۾ ڪوهستاني قومن کي وڌيڪ ويجها آهن، تنهن ڪري ئي سنڌ جي ٻين ڀاڱن جي احوال لکڻ کان اڳ لاڙ کي ياد ڪيو ويو.

مصنف هن ڪتاب ۾ اها ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي سندس اصلي رنگ ۽ ڍنگ ۾ پيش ڪري، جنهن مان پڙهندڙن کي خبر پوي ته اصلي سنڌي ۽ اڄڪلهه جي سنڌيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي. سندس هيءُ قدم تحسين ۽ مبارڪباد جي لائق آهي، جو صاحب موصوف، وڃايل وڻن کي هٿ ڪرڻ ۾ هتي الامڪان ڪوشش ورتي آهي. اميد ته هيءَ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جو هڪ موزون معيار ثابت ٿيندو، جو نه رڳو اهل ادب ۽ اهل زبان جي اُڃ اُجهائيندو، پر کين اصليت ڏانهن رجوع ڪندو.

 

عثمان علي انصاري

ايم- اي (لنڊن)

پيش لفظ

هاڻوڪي سنڌي ٻولي، جا سنڌ جي گهڻي ڀاڱي ۾ عام طرح ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي، اصلوڪي سنڌي ٻوليءَ کان گهڻي قدر مختلف آهي. اسان مان گهڻا شايد انهيءَ راءِ جا ٿين ته اڳوڻي سنڌي، پنهنجي سر هڪ نرالي ٻولي هئي، جا انهيءَ وقت ۽ انهيءَ قوم ۾ ڳالهائي ويندي هئي. مگر حقيقتاۡ ٻنهي ۾ نسبت ائين آهي،  جيئن اصل کي لِڪائي نقل کي ظاهر ڪجي. اڄڪلهه جي سنڌي ٻولي اصل سنڌيءَ جو نقل آهي، هاڻوڪي سنڌي ٻولي مشرقي ۽ مغربي ٻولين جهڙوڪ؛ عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ جو ايترو ته گهرو اثر پيو آهي، جو سندس نسبت سنسڪرت سان قائم ڪرڻ بدران مذڪوره ڌارين ٻولين ڏانهن منصوب ڪرڻ وڌيڪ صحيح پيو معلوم ٿئي. کيس سنسڪرت جي ڌيءَ سڏڻ بدران عربي ۽ فارسيءَ جي ڀيڻ سمجهڻ، حقيقت کي قريب پيو نظر اچي. اصليت جي گُم ٿي وڃڻ ڪري ۽ مصنوعي لباس پهرڻ ڪري سنڌي ٻولي پنهنجون موروثي ۽ فطرتي خوبيون مثلاۡ ميٺاج، تواضع ۽ سنجيدگي وڃائي ويٺي آهي.

سنڌ جي تاج الشعراءَ حضرت شاهه عبداللطيف صاحب ڀٽائي رمت الله عليه سنڌي ادب جو اهڙو ڪو به پهلو ڪو نه ڇڏيو آهي، جنهٿن تي وڌيڪ ڌيان ڏجي، يا ان ۾ وڌيڪ واڌارو يا سڌارو ڪجي. تنهن هوندي به ضروري سمجهيو ويو ته لاڙي ڳوٺاڻي ٻولي، جا سچي ۽ اصلي سنڌي ٻولي آهي، جا اديبن ۽ عالمن به الائجي ڪهڙي خيال ڪري نظر انداز پئي ڪئي آهي، تنهن کي ”مشتي نمونه از خرواري“ جي مصداق عوام جي اڳيان پيش ڪجي ته جيئن اهل علم اصحاب اها واقفيت گهر ويٺي وٺن، ته ڳوٺن ۾ ماڻهو ڪيئن ٿا ڳالهائي، سندن چوڻيون ۽ پهاڪا مهل ۽ موقعي سان ڪيتريقدر نه ٺهڪندڙ ۽ وڻندڙ آهن.

لاڙي ٻولي وڌيڪ رسيلي ۽ سوادي آهي، تنهن جو سبب اهو آهي ته سنڌي زبان جي ٺهڻ جو ڪارخانو لاڙ ۾ هو. اڄ جا ٻولي لاڙ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، سا عام سنڌي زبان جي ماءُ –پيءُ وانگر آهي. اهوئي سبب آهي جو منجهس ميٺاس گهڻو موجود آهي. سنڌ جي ٻين ڀاڱن ۾ جنهن طرز تي سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي، يا جيڪي ٻوليون (لهجا) مثلاۡ ٿري، وچولي، اترادي وغيره ڳالهايون وڃن ٿيون، سي ٻوليون لاڙي ٻوليءَ جون اهڙيون ڌيئرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جهڙيون جهوني چالي وارن مائٽن جون اڄوڪي نٽ شٽ واري وقت ۾ ڄاول ڌيئون يعني رڳو ويس مٽيل اٿن، باقي مهانڊا ۽ اهڃاڻ بلڪل مائٽن جهڙا اٿن. اڄ زمانو اهو چڱيءَ طرح ورجائي ۽ سمجهائي چڪو آهي ته لاڙي ماڻهو سنڌ جي ٻين ڀاڱن وارن ماڻهن کان سنڌي ادب وڌيڪ سمجهندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهن، تنهن جو سبب اهو ئي آهي ته لاڙي ماڻهو هاڻوڪي سنڌي زبان جا سانچي ساز ۽ موجد هئا. هو سنڌي سولي سمجهن، يا گهڻي ڄاڻن، تنهن لاءِ کين هرڪو حق آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي سمجهڻ يا سنڌي ڄاڻڻ سندن اباڻو ورثو آهي، ۽ اهي ئي آهن، ان ميراث جا حقيقي وارث اڄڪلهه جي هلنديءَ پڄنديءَ وارن ماڻهن انهن مالڪن کان نه رڳو ميراث کسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر گهڻي ڀاڱي کانئن کسي به ورتي آهي، يعني لاڙي ٻوليءَ کي ترڪ ڪري وچولي واري ڀاڱي جي درسي ٻولي ڪري مڃيو آهي ۽ لاڙين کي نڙيءَ تي لت ڏني اٿن ته اوهين به اهائي ٻولي ڳالهايو، انهيءَ ڪري هو نه فقط ٻاتا ٿي پيا آهن، پر پنهنجي ٺيٺ سنڌي ڳالهائڻ کان عاري به ٿي ويا آهن. انهيءَ ڪوتاه انديشيءَ جو نتيجو اهو وڃي نڪتو آهي، جو اڄ سنڌ ملڪ اندر سنڌي ڄاڻن جو ڏڪار پيو ڏسجي.

اڄ وچولي واري ڀاڱي جي ٻولي پڪي ۽ اترئين ڀاڱي جي ٻولي مٺي سڏي وڃي ٿي. پر مون کي انهن نالن کان وڌيڪ وڻندڙ نالو هي هٿ آيو جو مون لاڙي ٻوليءَ تي رکيو، يعني لاڙ جي ”نماڻي“ ٻولي. لاڙي ته پنهنجو پاڻ ساک ڀريندا ته لاڙي ٻولي ڪيتريقدر انهيءَ نالي جي حقدار آهي، باقي ٻين ڀاڱن جي رهاڪن کي تڏهن ڄاڻ پوندي، جڏهن هنن جو گهاٽو واسطو لاڙين سان ٿيندو. پري نه وڃو، شاهه عبداللطيف رح ‍جو رسالو کولي ڏسو. جتي جتي نماڻائي ۽ عاجزي ظاهر ڪئي ويئي آهي، اُتي اُتي انهيءَ جو لاڙي محاورن يا لاڙي الفاظن سان اظهار ڪيو ويو آهي، مثلاً.

منهنجو ڪڄاڙو،  ڀينر هن ڀنڀور ۾.

هيءَ سٽ پڙهندي پنهنجي تخيل کي ٿورو تيز ڪريو، ۽ پوءِ اها سٽ پڙهندي، سسُئي جو تصور پنهنجي آڏو جهليو. ڏسو ته انهيءَ سِٽَ ۾ ڪيڏي نه انڪساري بيان ڪيل آهي. جيڪڏهن ساڳي سٽ شاعر هن ريت چوي:

منهنجو آهي ڇا ڀينر هن ڀنڀور ۾.

ته به معنى ۾ ڪو ڦير ڪو نه پوي ها. ليڪن  هڪ لفظ ”ڪڄاڙو“ جي ڪم آڻڻ ڪري جا نماڻائي ظاهر ٿئي ٿي سا ”آهي ڇا“ مان ڪا نه ٿي نڪري، پر پاڻ ان مان آڪڙ جي بوءِ پيئي اچي.

 

اُڀي اوسِڙان اُس ۾، جهلئو ڪُن  ڪنار،

گهاتو گهر نه آئيا، وڏي لڳِيَن وار،

هُيس جنين هار، سي موڙي چڙ هئا مڪڙا.

 

”اُڀي اوسڙان“ اوسيئڙو لفظ لاڙي رواج مان آندل آهي. هتي ٿورو ويچار ڪري ڏسو ته انتظاريءَ جو نقشو فقط هڪ لفظ ”اوسڙان“ جي ڪم آڻڻ ڪري ڪيترو نه چِٽو ۽ صاف ٿي بيهي ٿو. منجهانئس ڪيتري نه نِماڻائي پيئي ظاهر ٿئي. ”وڏي لڳين وار“ هيءَ سٽ اڃا به وڌيڪ انتظاريءَ جي دٻيل درد کي کولي ظاهر ڪري ٿي، مگر انتظاريءَ جو اظهار جنهن نماڻائيءَ سان بيان ڪيل آهي، تنهن جو نظير ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مشڪل ٿيندو.

 

ڪال ڪلاچِي وئا، ڇتيون کڻي ڇُڳير،

ڀائرن ڀيرو نه ڪئو، ادن ڪِي اَويرَ،

اهڙي خاصي کير، ڪُن ورائي جَهلي.

 

ڀائرن ڀيرو....... هن سٽ مان ڪيتري نه رقت انگيزي محسوس ٿئي ٿي. ڀائرن جو ڀيرو نه ڪرڻ، ادن جي اوير ڪرڻ، اهي جملا هڪ اوسيڙي ۾ بيٺل ڀيڻ جي واتان نڪرن، سي ٻڌايو ته ٻُڌندڙ تي ڪهڙو نه اثر ڪندا؟ ڪيئن نه سندن ڳچ ڳاريندا ۽ وَچَ کُٽائيندا ! انهن جملن ۾ جو جادو ڀريل آهي سو صرف ”ڀيرو نه ڪرڻ“ ۽ ”اوير ڪرڻ“ لفظن مان ظاهر آهي، جي ٻيئي لاڙي محاورا آهن.

 

ڪو جو قهر ڪَلاچَ ۾، جو گهڙي سو نئي،

خبر ڪو نه ڏئي، ته رَڇَ ڪڄاڙي رنڊئا؟

 

هت ڏسو ته پنهنجي بيخبرري، پر، دردونديءَ دل سان ڪيئن نه هڪ لفظ ”ڪڄاڙي“ ڪم آڻڻ سان بيان ڪئي ويئي آهي. هڪ نماڻي تصوير ڪنهن ڀت جي آڙ ۾ بيٺي آهي، ڳل تي هٿ رکيو پنهنجي اندر سان ائين پيئي اوري ته ”خبر ڪو نه ڏئي، ته رَڇَ ڪڄاڙي رنڊئا؟“ ڪهڙي نه نماڻي ادا سان هيءَ بيخبري ادا ڪئي وئي آهي. اها خوبي صرف انهيءَ ڪري ئي مٿئين بيت ۾ ڏسجي ٿي جو منجهس لاڙي محاورو ڪم آيل آهي.

لاڙي ماڻهو پنهنجي نماڻي ٻوليءَ پٺيان خود به نماڻا ۽ نهٺا آهن. جڏهن هنن جو ڪلام تيزي ۽ تنديءَ کان آجو آهي ته پوءِ منجهن تيزي ۽ شوخي ڪٿان اچي؟

اڄڪلهه جا عالم ۽ سياڻا لاڙي ٻوليءَ ۾ هڪ هيءَ وِڏَ وجهن ٿا ته لاڙي ٻولي ٿورو ٻاتي ٻولي آهي. اها وِڏَ مڃڻ جي قابل آهي، پر انهي گهٽتائيءَ ڪري ڪو گرامر تي اثر ڪو نه ٿو پوي، جيڪي ماڻهو پنهنجي زبان ۾ پورو مفهوم ادا ڪري وڃن، ۽ گرامري ڪسوٽيءَ تي لڳي سنوان سڌا ۽ صحيح ثابت ٿين، تن کي يا تن جي ٻوليءَ کي غلط يا ٻاتي ٻولي سڏڻ ۽ سمجهڻ به عيب آهي. ڇاڪاڻ ته اها سندن ڳالهائڻ جي ٻولي آهي ۽ نه لکڻ جي. لاڙي ٻوليءَ ۾ جا گهٽتائي ڏٺي وڃي ٿي تنهن لاءِ لاڙي ماڻهن کي گهٽ جوابدار سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته اها گهٽتائي منجهن صحبت يا سنگت جي رَسَ ڪري پيئي آهي. داردڪ ٻولي، جا ڪشمير ۽ پنجاب جي طرف ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، تنهن ٻوليءَ جا ڄاڻو جڏهن لاڙ ۾ اچي رهيا، تڏهن سندن رهائشي اثر ڪري لاڙين تي بنهه ٻوليءَ جو گهاٽو اثر پئجي ويو جو هن ريت آهي.

داردڪ ٻولي ڳالهائيندڙن پنهنجي ٻاتائيءَ ڪري، يا پنهنجي زبان روانيءَ جي سهنجائيءَ ڪري، يا پنهنجي ساهتيه جي لحاظ ڪري، گهه، جهه، ڍ ۽ ڀ جو اُچار گ، ج، ڍ،  ۽ ب ڪري استعمال ڪيو ٿي. لاڙي ماڻهو جي سندن لهه وچڙ ۾ اچي ويا تن تي به سندن پورو اثر پئجي ويو، تنهن ڪري هو به ائين ئي ڳالهائڻ لڳا.

مثلاً:

ڀريو               بدران           بريو

گهُريو             “               گهُربو

جهتريو            “               جهُريو

ڍرو                “               ڊرو

ڌڻي               “               ڌني

ٻيون به ڪي ڦيريون ڦاريون ڪيائون. مثلاً:

ڙ                  بدران           ر

ڻ                  “               ن ۽ ڙ

جيئن ته چڙهيو   “               چريو

ماڻهو             “               ماڙهو

ڀاڻ               “               ڀان وغيره

لفظن ۽ حرفن جي اهڙي مٽاسٽا ڪو وڏو عيب ڪونهي اڄوڪي درسي سنڌي ٻه ڌارين لفظن کان آجي ڪانهي. لاڙي ٻولي جا اصل ۽ نج سنڌي ٻولي آهي، تنهن کي ايتري ڦير ڦار ڪري ڇڏي ڏيڻ اهڙي چريائي ۽ بي همتي آهي، جهڙي ڪو ماڻهو ڪٿي خزاني جي ڀريل ديڳ ڏسي، پر مٿانئس ڪنڊا ڪاٺيون ۽ ڀتر پٿر ڏسي تڪليف ڪرڻ کان ڊڄي ڇڏي اچي؟

لاڙُ

جاگرافيءَ جي ڄاڻن لاڙ کي سنڌ جو پنجون طبعي ڀاڱو ڄاڻايو آهي. طبعي ورهاست جي ويچار سان اها ورڇ پوري آهي، پر زبان ۽ ادب جي لحاظ سان اهو ورهاڱو اڻپورو آهي. ادبي لحاظ، جنهن جو هت اسان کي وڌيڪ خيال رکڻو آهي، تنهن موجب ساري سنڌ ملڪ جو لڳ ڀڳ اڌ ڀاڱو لاڙ ۾ اچي وڃي ٿو. وچولي جا رهواسي حيدرآباد کان هيٺ واري ڀاڱي کي لاڙ سڏين ٿا، پر اُتر جا رهواسي نوابشاهه ضلعي کان هيٺ واري ملڪ کي لاڙ ڄاڻائين ٿا، جنهن ۾ حيدرآباد ضلعو سڄو، دادو ضلعي جو اڌ، ٿر ضلعي جو وڏو حصو اچي وڃن ٿا. هتي پوئين ورڇ ادبي لحاظ سان ساکائتي سمجهي وڃي ٿي، تنهن ڪري اسان جي لاڙ جو سير انهيءَ سر زمين سان ڳنڍيل سمجهڻ گهرجي.

لاڙ هيٺانهون ڀاڱو آهي، تنهن ڪري منجهس پاڻيءَ جي پوئائي ڪا به پسبي. درياءَ اندر ڪو ريڙهو هوندو، سو لاڙي سر زمين تائين اوس رڙهي اچي پهچندو، تنهن ڪري سوڪ جي ڊپ کان هي ملڪ گهڻو بچيل آهي، اڃان به منجهس ٻوڏ جو اُڊڪو آهي. پاڻي، ڇَڙَهَه اچڻ ڪري منجهس آبادي به گهڻي ٿئي، مگر سامونڊي هوا جي اثر ڪري پوک ۾ گهڻو ڦيرو پيل آهي. گِهميل هوا ۾ ڳاڙهن چانورن جو فصل سٺو ٿئي، سو هن ملڪ جي مکيه پيدائش آهي. اڇا رتڙيا چانور به ٽُڪرين ٽُڪرين پوکين، پر اهي مزيدار نٿا ٿين. جوئر، مُڱ، ٻاجهري، ڪورڙ، چيڻو، ناگلي وغيره جي پوک به هن ملڪ ۾ گهڻي ٿئي. ڪمند لاءِ هن ڀاڱي جون زمينون سٺيون آهن، تنهن ڪري ڪمند جام پوکجي.

هن ڀاڱي ۾ واهه، ڪسيون ۽ ڪڙيا جام آهن. رڳو لاڙ جو ڪراچيءَ وارو ڀاڱو گهڻيءَ ۾ غير آباد ڏسجي ٿو. ڇاڪاڻ ته ڪوٽڙيءَ کان وٺي ڪراچيءَ تائين ريل رستي جو اتريون ڀاڱو سارو ٽاڪرو ۽ مٿانهون آهي، جتي پاڻي پهچائڻ جو ڪو سهنج ڪو نه ٿئي ٿو، باقي ريل جو ڏاکڻو حصو، جنهن ۾ وڏا ميدان، جهول، جهنگ، ڇپ ڇاڙون ۽ ڊٻون آهن، پر اڪثري ويران ڏسڻ ۾ اچن. جيتوڻيڪ وڻڪار منجهن گهڻي آهي، پر کيتي ٻاڙي گهٽ، تنهن جو سبب اهو ئي آهي جو زمينون کاريون ۽ وارياسيون آهن. زمين جو مٿاڇرو سڄو حصو ڪلراٺو آهي ۽ اندريون تهه وري وارياسو. واريءَ جو نمونو سامونڊي تري جهڙو آهي، تنهن مان اهو گُمان ڪڍي سگهجي ٿو ته هيءَ ساري زمين ڪنهن وقت سامونڊي ترو هئي. اهڙي زمين ائين ئي پوک لاءِ نڪمي آهي، تنهنڪري هٿ ئي ڪو نه لائينس. جي ڪنهن کيڙي ته کٽيو ئي کوٽ جهڙو.

کاري زمين ئي کارا  وڻ ۽ ٻوڙها، مثلاۡ کاريون ڄاريون ۽ لاڻا جام ڏسبا، ڄارين ۾ پيرون جام پچن پر ٿُو کَٽا ! واهن جي ڀرسان گهاٽا ٻيلا ڏسبا، جن مان لاک، کنئور، جلائو ڪاٺيون ۽ ماکي ملي. ٻيلا گهڻو ڪري سرڪاري آهن، ڪي ٿورا، زميندارن جي پنهنجي ملڪيت به آهن. ٻيلا ڀاڳين جو ڀرجهلو آهن ڏڪار خواهه سڪار ۾ ٻيلا سدائين ساوا رهن، تنهن ڪري اوسر ڏينهان مالدار مال ڪاهيو وڃيو ٻيلن پاسي رهن. ڪڙين ۽ واهن جي ڪنارن سان ڪانَهنِ جون قطارون ڏسبيون، جي اهڙيون ته گهاٽيون ۽ ڳوڙهيون آهن، جو منجهن وک وک تي مِرُن جا ٿاڪَ ڏسبا، مرون سارين ۽ ڪمنڊ کي خُوب کائين.

باغات هن ملڪ ۾ ٻئي ملڪ کان گهڻي آهي. حيدرآباد ضلعو سڄو، خاص ڪري ڦليليءَ جا ڪَپَ، ۽ ڪراچيءَ وارو ڀاڱو باغات کان مشهور آهن، جتي ميون سان گڏ ڀاڄيون ۽ آرڻ به جام پوکين. هتان جو ميوو سڄيءَ سنڌ ۾ وڃي، پر ٻاهر به وڃي.

سانوڻيءَ ۾ درياءَ جو جوش وڌي، واهه ۽ ڪسيون ڦُوهَه ڏينديون وَهن. پاڻيءَ جي پَلٽ کان دَڙيون دِڪا، ڏَنيون ڏوڻ سڀ ٻوڏ هيٺ اچيو وڃن، گهڻي ڀاڱي رستا به ٻوڏ هيٺ اچيو وڃن، جنهنڪري لنگهه لکجن ئي ڪين. ڳوٺن ڏي اچ، وڃُ ۾ ماڻهن کي گهڻي ڏکيائي ٿئي. ڇڇ ڇاڙون ۽ ڇَن سڀ ڍنڍون ٿي پون. ٻيلن ۾ پاڻي ڌوڪي وڃي، پوءِ ته مال لاءِ چرو بند ۽ ماڻهن لاءِ چارو بند، مطلب ته ڏاڍا ڏکيا ٿين. وري به پاڻيءَ لٿي ڪا اک پَٽَ ٿئي، سا به نه. پاڻي لٿا ته مڇر متا. کڏن کوٻن ۾ پاڻي بيهو وڃي، جن تي مڇرن جا ميڙا لڳيو وڃن. هڪڙي سرءُ جي هوا منهن ساڙ، ٻيو مٿان مڇرن جي مار، پوءِ ته هر ڪو بي حال ۽ بي قرار. مڇرن جي چڪن کان مال ۽ ماڻهن جي ٽئونٽ پيئي لڳندي. ان مُند ۾ ماڻهو مَنجا ڇڏيو وڃيو پيهن تي پون. مطلب ته پاڻي ڇِنا ته اڏيا ڇَنا سڄي بُت تي اوڇڻ اوڍي، منهن ويڙهي، موٿلا ٿي پئجي رهندا. ساري رات جي ٻُوساٽ کان پوءِ صبح جو اُٿن ته سڀئي ڪڻسيا ۽ ڪساٽيا پيا هوندا.مال جي بچاءَ لاءِ دونهيون دُکايو ڇڏين. ساري رات دونهين جي دوساڙ کان ملڪ ئي ماڪ ٿيو وڃي. وڻن وٽن مان دونهي جي آڇ پيئي پسبي. سرءُ ۽ سياري جي مند ۾ ماڻهو کوهن جو پاڻي پيئن. کوهيون ملڪ ۾ ننڍيون پون، پر گهڻيارو کاريون ۽ دَڪَڙَ، تنهن ڪري ماڻهو ڍنڍن ۽ دُٻن جو پاڻي پيئن. بيٺل ۽ کليل پاڻي، جِتان مال ۽ ماڻهو سڀ منهن مهرائين، سو ترت خراب ۽ گند ٿيو پوي. وڻن جا پَنَ ۽ ٻُور، ڪاٺيون ۽ ڪنڊا سڀ هوا جي رُخَ سارُو اچيو پاڻيءَ  ۾ پون، تنهن ڪري پاڻي ويتر ڇَٽَ ڪيو وڃي. لاڙي ماڻهو  اهڙي پاڻيءَ تي پيٽاري ويا آهن، تنهنڪري اهنج ڪو نه ڪرينِ. باقي مِٺي هيراڪ اتي ويو ته ڄڻ موت جي منهن پيو. انهن تڪليفن ڪري لاڙ کي ساڙ ڪري سڏين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org