ا×يَةُ
الْكُرْسِيْ
أللهُ لآ إلخهَ إلاَّ هُوَ الْحَني الْقَيُّوْمُ
لاَ تَاْخُذُه, سِنَةٌ وَّلاَ نَوْمٌ لَه, مَا فِي
السَّمو "×تِ وَمَا فِي الأرْضِ مَنْ ذَا الَّذِيْ
يَشْفَعُ عِنْدَه, إلاَّ بمإذْنِه* يَعْلَمُ مَا
بَيْنَ اَيْدِيْهـمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَلاَ
يُحِيْطُوْنَ بمشَيْ/ مّـنْ عِلْمِه* إلاَّ بممَا
شَآءَ وَسِعَ كُرْسِيُّهُ السَّمو×تِ وَالأرْضَ
وَلاَ يَئُوْدُه, حِفْظُهُمَا وَهُوَ الْعَلِني
الْعَظِيْمُ
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي
لائق نه آهي. جيئرو آهي ۽ جهانن کي قائم رکندڙ
آهي. ان کي نه ڳهر اچي ٿي ۽ نه ننڊ، جيڪي به
آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ان جو آهي. ڪير آهي اهڙو
جو سندس موڪل کان سواءِ وٽس سفارش ڪري، هو ته
انهيءَ سڀ کي ڄاڻي ٿو جيڪي سندن اڳيان خواه پٺيان
آهي. پر اهي سندس علم مان فقط ايترو ئي ڄاڻن ٿا
جيترو هو گهري. هن جي تخت آسمان ۽ زمينن کي گهيري
ڇڏيو آهي ۽ هن جي سنڀال هن کي نه ٿي ٿڪائي. هو سڀ
کان مٿانهون وڏائي وارو آهي.
آيت الڪرسي جون خاصيتون
حديث شريف ۾ وارد آهي ته جيڪو هر فرض نماز کان
پوءِ ”آية الڪرسي“ پڙهندو رهندو ته ان کي بهشت ۾
داخل ٿيڻ لاءِ ٻيو ڪو پردو ۽ حجاب ڪونه رهندو. فقط
موت جو پردو رهندس. يعني موت اچڻ شرط بهشت ۾ هليو
ويندو. انهيءَ آيت کي صديق ۽ عابد ئي هميشگي سان
ٿو پڙهندو رهي، نه ڪو ٻيو.
تفسير ڪشاف ۾ امير المؤمنين علي مرتضيٰ رضي الله
تعاليٰ عنہ کان روايت آهي ته آية الڪرسي ۾ پنجاهه
(50) ڪلمان (لفظ) آهن ۽ هر ڪنهن ڪلمه ۾ برڪت آهي.
ٻي روايت ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪم درپيش اچي پوي ته
آية الڪرسي پڙهڻ گهرجي، ڇو ته سندس هر هڪ حرف ۾
هزار برڪتون ۽ هزار رحمتون آهن.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو گهر کان ٻاهر نڪري آية الڪرسي
پڙهندو ته الله هر بلا کان انهيءَ گهر کي
سنڀاليندو رهندو ۽ خود اهو پڙهندڙ به رباني حفاظت
۾ هوندو، تانجو موٽي پنهنجي گهر ۾ داخل ٿئي. گهر ۾
گهڙڻ وقت پڙهندو ته الله تعاليٰ انهيءَ کي سڃائي
کان پناهه ۾ رکندو. زال ۽ مڙس جو پاڻ ۾ ڪڏهن به
نزاع ۽ تڪرار نه ٿيندو.
تفصيل سان
ترڪيب نماز سان
فرض – واجب – سنت – مستحب وغيره.
فرض: فرض جي ڇٽڻ سان نماز نه ٿيندي.
واجب: واجب جي ترڪ سان سجده سهو جو لازم ٿيندو
آهي.
سنت: سنت جي ترڪ سان ثواب گهٽبو آهي.
مستحب: مستحب جي ترڪ سان گناهه نه آهي.
ترڪيب غسل: پهريائين
ٻئي هٿ ڪاراين تائين ڌوئي پوءِ ويهي اڳيان پويان
استنجا ڪري ۽ جيڪا پليتي بدن تي معلوم ٿئي، ڌوئي
پوءِ وضو ڪري. گرڙيون سان گرڙا ڪري ۽ نڪ ۾ چڱي طرح
پاڻي چڙهائي ۽ وارن جي پاڙ آلي ڪري پوءِ سڄي بدن
تي ٽي ٽي دفعا پاڻي وهائي. ڪابه جاءِ وار برابر
سڪل نه رهي، نه ته غسل نه ٿيندو.
وضو جي ترڪيب: اول نيت ڪري بسم الله پڙهي ٻئي هٿ
ڪاراين تائين ڌوئي ۽ ڏندڻ ڏئي، پوءِ ٽي گرڙيون
ڪري، پوءِ نڪ ۾ هڏي تائين پاڻي ڏي ۽ کاٻي هٿ سان
صاف ڪري. پوءِ منهن پيشاني کان کاڏي تائين ۽ ٻن
پاپڙين تائين ڌوئي ۽ ڏاڙهيءَ جو خلال ڪري. پوءِ
ٻئي ٻانهون ٺونٺين سميت ڌوئي، پوءِ سڄي مٿي ڪنن ۽
ڪنڌ جو مک ڪري، پوءِ ٻئي پير مرين تائين ڌوئي،
تنهن کان بعد ڪلمه شهادت پڙهي.
نواقض وضو: يعني جنهن سان وضو ڀڄي. ماڻهوءَ جي
اڳيان يا پويان جيڪي نڪري، نماز ۾ ٽهڪ سان کلڻ، رت
يا پونءِ جو وهي هلڻ، نشي ۽ بيماري سان بي هوش ٿيڻ
يا چريو ٿي پوڻ، وات ڀري قئي سان ڪرڻ، ٽيڪ لڳائي
سمهڻ، انهن شين سان وضو ڀڄي پوندو آهي.
غسل: پنجن سبب سان غسل فرض آهي: صحبت ڪرڻ (شرم
گاهه ۾ عضوو داخل ڪرڻ سان ئي ٻنهي تي غسل فرض ٿي
ويندو پوءِ ڀلي انزال ٿئي يا نه ٿئي) يا تڙ پوڻ،
يا منيءَ جو شهوت سان ٽپو ڏئي نڪرڻ، يا عورت کي
حيض جو اچڻ يا عورت کي ٻار ڄمڻ کان بعد رت جو اچڻ
بند ٿي وڃڻ. نفاس جي مدت زياده کان زياده 40 ڏينهن
۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن، حيض زياده کان زياده 10
ڏينهن ۽ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن آهي.
جهنگل يا مسجد ۾ نماز کان اول بانگ چوڻ سنت آهي
أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ أللهُ
أكْبَرُ
الله گهڻو وڏو آهي، الله گهڻو وڏو آهي، الله گهڻو
وڏو آهي، الله گهڻو وڏو آهي
أشْهَدُ أنْ لاَّ إلخهَ إلاَّ اللهُ أشْهَدُ أنْ
لاَّ إلخهَ إلاَّ اللهُ
آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ڪوبه عبادت
جي لائق نه آهي
آءٌ شاهدي ٿو ڏيان ته الله کان سواءِ ڪوبه عبادت
جي لائق نه آهي
أشْهَدُ أنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللهِ أشْهَدُ
أنَّ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللهِ
شاهدي ڏيان ٿو ته حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم
الله جو رسول آهي، شاهدي ڏيان ٿو ته حضرت محمد صلي
الله عليہ وسلم الله جو رسول آهي.
حَى عَلَي الصَّلاَةِ حَى عَلَي الصَّلاَةِ
اچو نماز جي طرف، اچو نماز جي طرف
حَى عَلَي الْفَلاَح( حَى عَلَي الْفَلاَح(
اچو ڀلائي جي طرف، اچو ڀلائي جي طرف
جيڪڏهن فجر جي بانگ آهي ته حي علي الفلاح کان بعد
ٻه دفعا چوي:
ألصَّلاَةُ خَيْرٌ مِّنَ النَّوْمِ
نماز پڙهڻ ڀلي آهي ننڊ ڪرڻ کان
۽ اقامت هجي ته حي علي الفلاح کان پوءِ
قَدْ قَامَتِ الصَّلاَةُ
تحقيق نماز قائم ٿي وئي
ٻه دفعا چوي، پوءِ چوي:
أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ لآ إلخهَ إلاَّ
اللهَ
الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي. نه آهي
معبود ڪوبه سواءِ الله جي
چئن وقتن جي بانگ ۾ حي علي الفلاح کان بعد چوي:
أللهُ أكْبَرُ أللهُ أكْبَرُ أللهُ لآ إلخهَ إلاَّ
اللهَ
الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي. نه آهي
معبود ڪوبه سواءِ الله جي
۽ بانگ جي ٻڌڻ وارن کي به اهي ئي ڪلمات چوڻ گهرجن،
جيڪي بانگو چوي. صرف حي علي الصلواة ۽ حي علي
الفلاح جي جواب ۾ هي چوي:
لاَ حَوْلَ وَلاَ قُوَّةَ إلاَّ بماللهِ
نه آهي ڦرڻ گناهن کان ۽ قوت عبادت جي مگر ساڻ الله
جي.
بانگ کان بعد هيءَ دعا وسيله پڙهي.
أتجُمَّ رَبَّ لهذِهِ الدَّعْوَةِ التَّامَّةِ
وَالصَّلاَةِ الْقَائِمَةِ ا×تِ مُحَمَّدَا
=لْوَسِيْلَةَ وَالْفَضِيْلَةَ وَالدَّرَجَةَ
الرَّفِيْعَةَ وَابْعَثْهُ مَقَامًا مَّحْمُوْدَا
=لَّذِيْ وَعَدْتَّه, وَارْزُقْنَا شَفَاعَتَه,
يَوْمَ الْقِيَامَةِ إنَّكَ لاَ تُخْلِفُ
الْمِيْعَادَ
ترجمو: اي الله! مالڪ هن دعا ڪامل ۽ نماز قائم ٿيل
جا ڏي محمد صلي الله عليہ وسلم کي وسيلو ۽ رتبو ۽
درجو بلند ۽ بيهار ان کي مقام محمود ۾ جنهن جو تو
ان سان وعدو فرمايو ۽ نصيب ڪر اسان کي ان جي شفاعت
قيامت جي ڏينهن تحقيق تون نٿو ڪرين خلاف وعدي جي
نماز جي نيت
نيت ڪئي مون نماز جي واسطي الله جي (هتي رڪعتن جو
تعداد ۽ سنت يا فرض، نفل ۽ وقت جو نالو وٺي) منهن
طرف ڪعبي شريف جي الله اڪبر (جنهن وقت جيتريون
رڪعتون فرض يا سنت يا نفل جون پڙهڻيون هجن اهي
زبان سان چوي ۽) هٿ ۽ منهن قبله جي طرف ڪري ٻئي هٿ
ڪنن تائين کڻي تڪبير تحريمہ
(الله
اڪبر) چئي (ساڄو هٿ کاٻي هٿ تي رکي، نظر سجدي جي
جاءِ تي رکي ثنا پڙهي)
سُبْحَانَكَ اتجُمَّ وَبـحَمْدِكَ وَتَبَارَكَ
اسْمُكَ وَتَعَالى جَدُّكَ وَلاَ إلخهَ غَيْرُكَ
ترجمو: اي الله! تنهنجي ذات پاڪ آهي. خوبين وارو ۽
مبارڪ آهي تنهنجو نالو ۽ اعليٰ آهي تنهنجو شان ۽
توکان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي.
ان کان پوءِ پڙهي:
أعُوْذُ بماللهِ مِنَ الشَّيْطَانِ الرَّجِيْمِ
آءٌ شيطان مردود کان خدا جي پناهه ٿو وٺان
بمسْمِ اللهِ الرَّحمنِ الرَّحِيْمِ
الله رحيم ۽ رحمــٰن جي نالي سان شروع ڪريان ٿو
ألْحَمْدُ ؛ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ [2] الرَّحمنِ
الرَّحِيْمِ [3] مَالِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ [4]
إيَّاكَ نَعْبُدُ وَإيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ[5]
إهْدِنَا الصـّرَاطَ الْمُسْتَقِيْمَ [6] صِرَاطَ
الَّذِيْنَ أنْعَمْتَ عَلَيْهـمْ غَيْرِ
الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهـمْ وَلاَ الضَّآلّـيْنَ
[7]
اآمِين
سڀ ساراهه الله جهانن جي پالڻهار کي جڳائي. وڏو
مهربان نهايت رحم وارو. مالڪ انصاف جي ڏينهن جو.
اسين تنهنجي ئي عبادت ٿا ڪريون ۽ توکان ئي مدد
گهرون ٿا. اسان کي سڌي واٽ تي هلاءِ. جا انهن جي
واٽ آهي جن تي تو نعمت ڪئي، نه ڏمر هيٺ آيلن جي ۽
نڪي گمراه ٿيلن جي. دعا قبول ڪر.
قُلْ هُوَ اللهُ اَحَدٌ [1] اَللهُ الصَّمَدُ [2]
لَمْ يَلِدْ وَلَمْ يُوْلَدْ [3] وَلَمْ يَكُنْ
لَّه, كُفْوًا اَحَدٌ [4]
چؤ ته الله هڪ آهي، الله بي نياز آهي، نه ڪو هن
مان ڄائو آهي ۽ نه هو ڪنهن مان ڄائو آهي، ۽ نه
ڪوبه هن جو برابر آهي.
الله اڪبر چئي رڪوع ۾ وڃي ۽ ٻئي هٿ گوڏن تي رکي ۽
ايترو جهڪي جو مٿو ۽ چيلهه برابر ٿي وڃن ۽ رڪوع ۾
پڙهي:
سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيْمِ
پاڪ آهي منهنجو رب وڏي عظمت وارو
ٽي يا پنج يا ست دفعا پڙهو. پوءِ:
سَمِعَ اللهُ لِمَنْ حَمْدَه,
ٻڌي الله ڳالهه ان جي جنهن ان کي ساراهيو
چوندي سڌو ٿي بيهي ۽ هي پڙهي:
رَبَّنَا لَكَ الْحَمْدُ
رب اسان جا! تنهنجي لاءِ سڀ تعريفون آهن
پوءِ الله اڪبر چئي سجدي ۾ وڃي نگاهه نڪ تي رکي.
سُبْحَانَ رَبِّيَ الأعْلي×
پاڪ آهي منهنجو رب جو گهڻو وڏو آهي
ٽي يا پنج يا ست دفعا چوي، پوءِ سجدي مان
أللهُ أكْبَرُ
الله گهڻو وڏو آهي
چوندو مٿو مٿي کڻي ۽ جلسو ڪري. پوءِ وري الله اڪبر
چئي ٻيو سجدو پهرئين سجدي وانگر ڪري ۽ اٿي بيهي
اهڙي طرح ٻي رڪعت پوري ڪري، قعدي ۾ ويهي ۽ هي
التحيات پڙهي:
ألتَّحِيَّاتُ ؛ وَالصَّلَوَاتُ وَالطَّيّـبَاتُ
ألسَّلاَمُ عَلَيْكَ أيُّهَا النَّبـني وَرَحْمَةُ
اللهِ وَبَرَكَاتُه, ألسَّلاَمُ عَلَيْنَا وَعَلي×
عِبَادِ اللهِ الصَّالِحِين أشْهَدُ أنْ لاَّ
إلخهَ إلاَّ اللهُ وَأشْهَدُ أنَّ مُحَمَّدًا
عَبْدُه, وَرَسُوْلُه,
سڀ قولي عبادتون ۽ سڀ فعلي عبادتون ۽ سڀ مالي
عبادتون الله جي واسطي آهن. اي نبي! توتي سلام ۽
الله جي رحمت ۽ سندس برڪتون هجن. اسان تي ۽ الله
جي نيڪ ٻانهن تي سلام هجي. شاهدي ڏيان ٿو ته الله
کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي ۽ شاهدي ڏيان ٿو
ته محمد سندس ٻانهو ۽ سندس رسول آهي.
جيڪڏهن ٻه رڪعتون نماز آهي ته التحيات کان بعد
هيٺيون درود ۽ دعا پڙهي ۽ جيڪڏهن چئن يا ٽن رڪعتن
واري نماز آهي ته التحيات کان پوءِ اٿي بيهي ۽
نماز پوري ڪري.
درود ابراهيمي
أتجُمَّ صَلِّ
عَلي×
مُحَمَّدٍ وَعَلي×آ ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا
صَلَّيْتَ
عَلي×
آ إبْرَاهِيْمَ وَعَلي×آ
ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ حَمِيْدٌ مَّجِيْدٌ
طاَتجُمَّ
بَارِكْ
عَلي×
مُحَمَّدٍ وَّعَلي×آ ا×لِ مُحَمَّدٍ كَمَا
بَارَكْتَ
عَلي×
آ إبْرَاهِيْمَ وَعَلي×آ ا×لِ إبْرَاهِيْمَ إنَّكَ
حَمِيْدٌ مَّجـيْدٌ
اي الله! محمد ۽ محمد جي آل تي رحمت نازل ڪر جيئن
تو ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي رحمت نازل ڪئي.
بيشڪ تون تعريف جو حقدار ۽ بزرگي وارو آهين. اي
الله! محمد ۽ محمد جي آل تي برڪت نازل ڪر جيئن تو
ابراهيم تي ۽ ابراهيم جي آل تي برڪت نازل ڪئي.
بيشڪ تون تعريف وارو ۽ بزرگي جو حقدار آهين.
أتجُمَّ إنّـيْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ ظُلْمًا
كَثِيْرًا وَّلاَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ إلاَّ
أنْتَ فَاغْفِرْ لِيْ مَغْفِرَةً مِّنْ عِنْدِكَ
وَارْحَمْنِيْ إنَّكَ أنْتَ الْغَفُوْرُ
الرَّحِيْمُ
اي الله! مون پنهنجي جان تي گهڻو ظلم ڪيو ۽ توکان
سواءِ ڪوبه بخشڻ وارو نه آهي سو پنهنجي خاص بخشش
سان مون کي بخش ۽ مون تي رحم ڪر بيشڪ تون بخشڻ
وارو مهربان آهين.
۽ جيڪڏهن گهري ته هيءَ دعا پڙهي:
رَبَّنَآ ا×تِنَا فِي الدُّنْيَا حَسَنَةً وَّفِي
الم خِرَةِ حَسَنَةً وَّقِنَا عَذَابَ النَّارِ
اي رب اسان جا! ڏي اسان کي نيڪي دنيا ۾ ۽ نيڪي
آخرت ۾ ۽ بچاءِ اسان کي دوزخ جي عذاب کان.
پوءِ نماز پوري ڪرڻ لاءِ ساڄي ۽ کاٻي طرف منهن
ڦيرائي ۽ چوي:
ألسَّلاَمُ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَةُ اللهِ
اوهان تي الله جي رحمت ۽ سلام هجي.
پوءِ هيءَ دعا گهري:
أتجُمَّ أنْتَ السَّلاَمُ وَمِنْكَ السَّلاَمُ
وَإلَيْكَ يَرْجِعُ السَّلاَمُ حَيِّنَا رَبَّنَا
بمالسَّلاَمِ وَأدْخِلْنَا دَارَالسَّلاَمِ
تَبَارَكْتَ رَبَّنَا وَتَعَالَيْتَ يَاذَا
الْجَلاَلِ وَالإكْرَامِ
اي الله! تون سلامتي وارو آهين ۽ توکان ئي سلامتي
آهي ۽ تو ڏي سلامتي موٽي ٿي. جيار اسان کي رب اسان
جا سلامتي سان ۽ داخل ڪر اسان کي سلامتي جي گهر ۾
برڪت وارو آهين تون رب اسان جا ۽ مٿانهون، اي صاحب
وڏائي ۽ بزرگي جا.
هر فرض نماز کان پوءِ آية الڪرسي پڙهي.
أللهُ لآ إلخهَ إلاَّ هُوَ الْحَني الْقَيُّوْمُ
لاَ تَاْخُذُه, سِنَةٌ وَّلاَ نَوْمٌ لَه, مَا فِي
السَّمو "×تِ وَمَا فِي الأرْضِ مَنْ ذَا
الَّذِيْ يَشْفَعُ عِنْدَه, إلاَّ بمإذْنِه*
يَعْلَمُ مَا بَيْنَ اَيْدِيْهـمْ وَمَا
خَلْفَهُمْ وَلاَ يُحِيْطُوْنَ بمشَيْ/ مّـنْ
عِلْمِه* إلاَّ بممَا شَآءَ وَسِعَ كُرْسِيُّهُ
السَّمو "×تِ وَالأرْضَ وَلاَ يَؤُدُه,
حِفْظُهُمَا وَهُوَ الْعَلِني الْعَظِيْمُ
الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي
لائق نه آهي. جيئرو آهي ۽ جهانن کي قائم رکندڙ
آهي. ان کي نه ڳهر اچي ٿي ۽ نه ننڊ، جيڪي به
آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ان جو آهي. ڪير آهي اهڙو
جو سندس موڪل کان سواءِ وٽس سفارش ڪري، انهيءَ سڀ
کي ڄاڻي ٿو جيڪي سندن اڳيان
۽ جيڪي
پٺيان آهي. پر اهي سندس علم مان فقط ايترو ئي ڄاڻن
ٿا جيترو هو گهري. هن جي تخت آسمان ۽ زمينن کي
گهيري ڇڏيو آهي ۽ هن جي سنڀال هن کي نه ٿي ٿڪائي.
هو سڀ کان مٿانهون وڏائي وارو آهي.
پوءِ سبحان الله 33 ڀيرا، الحمدلله 33 ڀيرا ۽ الله
اڪبر 34 ڀيرا پڙهي.
وتر نماز پڙهڻ
جو طريقو
وتر نماز واجب آهي. هن دعا جو وقت عشا جي فرض کان
پوءِ آهي ۽ ان جون ٽي رڪعتون آهن. جيڪو طريقو مٿي
لکيل آهي، انهيءَ طريقي سان نماز پڙهي ويندي، پر
ايترو فرق آهي ته ٽئين رڪعت ۾ سورة الحمد کان بعد
به سورة پڙهي (سورة قل هو الله) (مثال) پوءِ ٻئي
هٿ ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چوي، پوءِ هٿ ٻڌي
دعاءِ قنوت پڙهي.
دعاءِ قنوت
أتجُمَّ إنَّا نَسْتَعِيْنُكَ وَنَسْتَغْفِرُكَ
وَنُؤْمِنُ بمكَ وَنَتَوَكَّلُ عَلَيْكَ
وَنُثْنِيْ عَلَيْكَ الْخَيْرَ وَنَشْكُرُكَ وَلاَ
نَكْفُرُكَ وَنَخْلَعُ وَنَتْرُكُ مَنْ
يَّفْجُرُكَ أتجُمَّ إيَّاكَ نَعْبُدُ وَلَكَ
نُصَلِّيْ وَنَسْجُدُ وَإلَيْكَ نَسْعبر
وَنَحْفِدُ وَنَرْجُوَا رَحْمَتَكَ وَنَخْشبر
عَذَابَكَ إنَّ عَذَابَكَ بمالْكُفَّارِ مُلْحِقٌ
اي الله! استين تو کان مدد گهرون ٿا ۽ توکان معافي
گهرون ٿا ۽ توتي ايمان آڻيون ٿا ۽ توتي ڀروسو رکون
ٿا ۽ تنهنجي ڀلاين جي تعريف ڪريون ٿا ۽ شڪر ڪريون
ٿا ۽ ناشڪري نٿا ڪريون ۽ جيڪو تنهنجي نافرماني ڪري
ٿو، تنهن کي جدا ڪريون ٿا. اي الله! تنهنجي ئي
عبادت ڪريون ٿا ۽ تو لاءِ ئي نماز پڙهون ٿا ۽ سجدو
ڪريون ٿا ۽ تو ڏي ئي ڊوڙون ٿا ۽ جلدي ڪريون ٿا ۽
تنهنجي رحمت ۾ اميد رکون ٿا ۽ تنهنجي عذاب کان
ڊڄون ٿا بيشڪ تنهنجو عذاب منڪرن کي پهچڻ وارو آهي.
پوءِ رڪوع ڪري باقي نماز حسب سابق ادا ڪري.
|