سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قومن جو خود اختياري حق

باب: --

صفحو : 3

 

هيءَ ڪهڙي ڳالهه ٿي؟ اها ڪيئن؟

”زبردستيءَ الحاق جي خلاف جدوجهد جي نقطي جي ابتدا هيءَ آهي ته، مادر وطن جا هڙئي بچاءَ ڇڏي ڏنا وڃن“.... پر ”مادر وطن جي دفاع“ جو نالو ته هر قومي جنگ ۽ هر بغاوت کي ڏئي سگهجي ٿو. ۽ اڄ ڏينهن تائين عام طور تي اهو ئي چيو ويندو رهيو آهي! اسين زبردستيءَ الحاق جي خلاف آهيون پر .... اسين انهيءَ جو مطلب ته هي سمجهون ٿا: جيڪڏهن زبردستيءَ الحاق ۾ جڪڙي رکيل قومن، زبردستيءَ الحاق ڪندڙن سان پنهنجي آزادي لاءِ وڙهن اسين، انهيءَ جي خلاف آهيون، جيڪڏهن زبردستي الحاق ۾ جڪڙي رکيل قومون زبردستيءَ الحاق ڪندڙن جي خلاف پنهنجي آزاديءَ لاءِ بغاوت ڪري ڇڏين ته اسين انهيءَ بغاوت جي خلاف آهيون !! ڇا هيءَ دعويٰ پنهنجي جاءِ تي زبردستيءَ الحاق جي حمايت نٿي ڪري؟

انهن مقالن جي ليکڪ پنهنجي عجيب و غريب خيال کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ چون ٿا ته ”سامراج جي دور ۾“ مادر وطن جي حفاظت جو هي مطلب هوندو آهي ته خود پنهنجي بورجوازيءَ جي لاءِ ٻين قومن کي ڪچلڻ ۽ ڦرڻ جي حقن جي حفاظت ڪئي وڃي. پر هيءَ ڳالهه ته رڳو سامراجي جنگ تي ٺهڪي اچي ٿي. يعني جڏهن سامراجي طاقتن جي وچ ۾ يا سامراجي طاقتن جي گروهن جي وچ ۾ جنگ هجي، جڏهن ٻئي وڙهندڙ سامراجي طاقتون ”غير قومن“ کي نه رڳو ڦرين لُٽين ۽ چيڀاٽين، پر انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪرڻ جي لاءِ جنگ ڇيڙي ڇڏين ته انهن مان ڪير وڌيڪ غير قومن کي ڪچليندو ۽ ڦريندو.

ظاهري طور انهيءَ خيال جا مصنف ”مادر وطن جي حفاظت“ جي سوال کي اسان جي پارٽيءَ جي طريقي سان نه، پر مختلف طريقي سان رکن ٿا. اسين سامراجي جنگ ۾ ”مادر وطن جي حفاظت“ جو اصول ڇڏي ڏيندا آهيون. هيءَ ڳالهه اسان جي پارٽيءَ جي مرڪزي ڪميٽيءَ جي منشور ۽ برن جي رٿن ۾ بلڪل صاف ڪري ڇڏي وئي هئي. جيڪا پمفليٽ ”سوشلزم ۽ جنگ“ ۾ ٻيهر شايع ٿي ۽ اهو پمفليٽ جرمن ۽ فرانسي، ٻنهي ٻولين ۾ ڇپيو. اسان ٻيهر به انهيءَ تي پنهنجي نظرياتي مقالن ۾ زور ڏنو. (قلم 4 ۽ 6 تي ليڪون) ائين ٿو لڳي ته پولش مقالن جا ليکڪ مادر وطن جي حفاظت کي عام طور تي رد ڪن ٿا. يعني قومي جنگ ۾ به شايد هن يقين جي آڌار تي ته ”سامراج جي دؤر ۾“ قومي جنگيون ”ناممڪن“ آهن. اسين چئون ٿا ”شايد“، ڇاڪاڻ پولش ساٿين پنهنجي مقالن ۾ اهڙي قسم جي خيال جو اظهار ڪونه ڪيو آهي.

هيءَ نقطه نظر وڌيڪ چٽو جرمن گروپ ”انٽرنيشنل“ جي مقالن ۽ جونيوس جي پمفلٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن جي لاءِ اسان هڪ جدا مضمون* وقف ڪري ڇڏيو آهي. هن ۾ جو ڪجهه چيو ويو آهي، انهيءَ کان سواءِ اسين هيءُ ذهن: نشين ڪريون ته زبردستيءَ الحاق ڪندڙ طاقت جي خلاف، زبردستيءَ الحاق هيٺ ايندڙ علائقي يا ملڪ جي قومي بغاوت، جنگ جي بدران بغاوت چئي سگهجي ٿي (اسان ٻڌو آهي ته اهڙي قسم جو اختلاف ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري اسين هتي ان جو حوالو ڏئي رهيا آهيون. جيتوڻيڪ اصطلاح تي هن بحث کي اسين غير اهم سمجهون ٿا). بهرحال، شايد ئي ڪو هن حقيقت کان انڪار ڪرڻ جي همٿ ڪندو ته زبردستيءَ الحاق جا شڪار ٿيل، بيلجم، سربيا، گليشيا ۽ آرمينيا، زبردستيءَ الحاق ڪندڙ طاقت جي خلاف پنهنجي ”بغاوت“ کي ”مادر وطن جي حفاظت“ جو نالو ڏيندا. ۽ صحيح ڏيندا. هن مان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته پولش ساٿي هن قسم جي بغاوت جي خلاف هن ڪري آهن جو، انهن ملڪن ۾ جن جو الحاق زبردستيءَ ڪيو ويو آهي، بورجوازي به آهي. ۽ اُهو به غير قومن کي ڦري ۽ ڪچلي ٿو، بلڪ پوءِ ڦري ڪچلي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ سندس (بورجوازيءَ) آڏو نه رڳو، ”سندس ئي لٽڻ ۽ ڪچلڻ جو حق“ آهي. هن جو نتيجو هيءُ آهي ته هڪ خاص جنگ يا بغاوت کي، انهيءَ جي اصلي سماجي مواد جي بنياد تي (ظالم ۽ جابر قوم جي خلاف پنهنجي آزاديءَ جي خاطر مظلوم ۽ محڪوم قوم جي جدوجهد) نٿو پرکيو وڃي، پر جنگ يا بغاوت کي هن بنياد تي پرکيو وڃي ٿو ته آيا هن وقت جي محڪوم ۽ مظلوم بورجوازيءَ کي پنهنجي ”لٽڻ ۽ ڪچلڻ جي حق“ کي استعمال ڪرڻ جو وجهه ملندو يا نه. جيڪڏهن جرمني 1917ع ۾ بيلجم جو الحاق زبردستيءَ ڪري ڇڏي ۽ 1918ع ۾ بيلجم پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ اٿي کڙو ٿئي، ته پولش ساٿي هن بغاوت جي مخالفت هن بنياد تي ڪندا ته بيلجم جي بورجوازيءَ کي ”ٻين قومن کي ڪچلڻ ۽ لٽڻ جو حق“ آهي.

هن دليل ۾ نڪا مارڪس ازم آهي ۽ نه ئي ڪا انقلابي ڳالهه. اسان کي گهرجي ته سوشلزم سان غداري ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي سڀ کان وڏي دشمن جي خلاف، وڏين رياستن جي بورجوازين جي خلاف هر بغاوت جي حمايت ڪيون. هن شرط سان ته هيءَ بغاوت رجعت پسند طبقي جي نه هجي. اُرهه زورائي سان الحاق جي شڪار ٿيل علائقن جي بغاوت جي حمايت نه ڪري، اسان- خارجي طور تي – زبردستيءَ ٿيندڙ الحاق جي حامي بنجي وڃون ٿا. خاص ڪري ”سامراجي دور ۾“ جيڪو ابتدائي سماجي انقلابن جو دور آهي. پرولتاريه اڄ خاص شدت ۽ زور سان، زبردستيءَ الحاق ۾ جڪڙيل علائقن جي بغاوت جي حمايت ڪندو ۽ انهيءَ جو مقصد هيءَ هوندو ته سڀاڻي يا گڏوگڏ اُها (پرولتاريه) وڏي طاقت جي بورجوازيءَ تي ڀرپور حملو ڪري، جيڪو انهيءَ قسم جي بغاوت سببان ڪمزور ٿيندو.

پر پولش ساٿي زبردستيءَ الحاق پرستيءَ جي حمايت ۾ اڃا به اڳتي نڪري وڃن ٿا. اهي ساٿي زبردستيءَ الحاق سان جڪڙيل علائقن جي بغاوت جي ئي خلاف ناهن، هو ته انهن جي خودمختياريءَ جي ڪنهن به بحاليءَ جي خلاف آهن، پوءِ کڻي اها پرامن ئي ڇو نه هجي. ٿورو ٻڌو:

”سوشل جمهوريت پسند سامراج جي ظلم ۽ جبر وارين پاليسين جي ڪري پيدا ٿيندڙ نتيجن جي ذميداري پنهنجي مٿان نٿا کڻن. ۽ انهن نتيجن سان پوري شدت سان جنگ ڪن ٿا. پر هو ڪنهن به طرح يورپ ۾ نيون سرحدي چوڪيون قائم ڪرڻ يا انهن سرحدن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي حق ۾ نه آهن جيڪي سامراج ڊاهي ڇڏيون آهن. (ليکڪن طرفان ليڪون ڏنل)

اڄ ”سامراج“؛ جرمني ۽ بيلجم جي وچ ۾، روس ۽ گليشيا جي وچ ۾، ”سرحدي چوڪيون“ ڊاهي ڇڏيون آهن.“ اسان کي چيو وڃي ٿو ته بين الالقوامي سوشل جمهوريت پسندن کي گهرجي ته عام طور تي ڪنهن به شڪل ۾ انهن سرحدن جي بحاليءَ جي مخالفت ڪن. 1905ع ۾ ”سامراج جي دور ۾“ جڏهن ناروي جي خوداختيار سيئم، سوئيڊن کان ناروي جي جدائي جو اعلان ڪيو ۽ جڏهن سوئيڊن جي مزدورن جي مزاحمت ۽ بين الالقوامي سامراجي صورتحال جي آڌار تي، سوئيڊن ناروي جي خلاف جنگ نه ڪري سگهيو (جنهن لاءِ پرچار سوئيڊن جي رجعت پسندن ڪيو) ته انهيءَ مهل سوشل جمهوريت پسندن کي ناروي جي علحدگيءَ جي مخالفت ڪرڻ گهربي هئي، ڇاڪاڻ ته بنا ڪنهن شڪ جي انهيءَ جو مطلب هو ”يورپ ۾ نين سرحدي چوڪين جو قيام“!!

هيءُ آهي زبردستيءَ الحاق جي کليل حمايت. هن جي ترديد جي ضرورت ناهي. هيءَ پاڻ ئي پنهنجي ترديد ڪري ڇڏي ٿي. ڪابه سوشلسٽ پارٽي هيءَ پوزيشن اختيار نٿي ڪري سگهي: ”اسين عام طور تي زبردستيءَ الحاق جي خلاف آهيون، پر يورپ ۾ اسين زبردستيءَ الحاق جي اجازت ڏيون ٿا يا هڪ ڀيرو زبردستيءَ الحاق ٿي چڪو هجي ته، اسين انهيءَ کي گوارا ڪري ڇڏيندا آهيون.“

اسين انهيءَ غلطيءَ جي رڳو انهن نطرياتي بنيادن تي روشني وجهنداسين، جيڪا پولش ساٿين جي انهيءَ ”ناممڪن“ پوزيشن جو باعث ٿي آهي، جيڪا بنهه ڏينهن جي روشنيءَ وانگر روشن آهي. اسين اڳتي هلي ٻڌائينداسين ته ”يورپ“ کي الڳ ڪرڻ ڪيڏي غلط ڳالهه آهي. مقالن جا هيٺ ڏنل ٻه جملا انهيءَ غلطيءَ جي ٻئي بنياد تي روشني وجهن ٿا:

”.... جتي سامراج جو ڦيٿو اڳ ڄميل سرمائيدار رياست کي ڪچلي اڳتي وڌي چڪو آهي اُتي سامراجي ظلم ۽ جبر جي ڀيانڪ شڪل ۾ سرمائيدار دنيا جي سياسي ۽ اقتصادي ڪنسنٽريشن شروع ٿئي ٿي، جيڪا سوشلزم جو رستو صاف ڪري ٿي ...“

زبردستيءَ الحاق جو هيءُ جواز استرووي ازم آهي، مارڪس ازم ناهي. روسي سوشل جمهوريت پسند، جن کي روس جي 1890ع وارو زمانو ياد آهي، مارڪس ازم کي بگاڙڻ جي اهڙي ڪوشش کان ڀليءَ ڀت واقف آهن جيڪو استروف، ڪونوو، ليگن ۽ سندن ٽولي جو خاص انداز آهي. هڪ ٻئي نظرياتي مقالي (ٻئي سيڪشن جي ٽئين قلم) ۾، جيڪو پولش ساٿين پيش ڪيو آهي ۽ جنهن ۾ انهن ئي جرمن استرووي پرستن، نام نهاد ”سوشل سامراج“ جي باري ۾ بحث ڪيو ويو آهي، اسان جي نظر مان هي لفظ گذرن ٿا:

... (خوداختياريءَ جو نعرو) ”سوشل سامراجين“ کي، جيڪي هيءُ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هيءَ نعرو رڳو خيالي پلاءُ آهي، هن جو وجهه ڏئي ٿو ته قومي ظلم و جبر جي خلاف اسان جي جدوجهد کي تاريخي طور تي ناجائز جذباتيت ٺاهي پيش ڪن ۽ اهڙي ريت سوشل جمهوريت پسندن جي سائنسي بنياد رکندڙ پروگرام تي پرولتارين جي اعتماد کي صدمو پهچائين.“

هن جو مطلب هيءَ ٿيو ته هيءُ ليکڪ جرمن استرووي پرستن جي پوزيشن کي ”سائنسي“ سمجهن ٿا!

واڌايون هجن!

رڳي هڪ ”ننڍڙي ڳالهه“ هن حيرت انگيز دليل جي سڄي قلعي کولي ڇڏي ٿي. انهيءَ دليل جي قلعي جيڪا لينچون، ڪونوف ۽ پارووسف وارن کي صحيح ثابت ڪري ٿي ۽ اسان کي غلط: ۽ هيءُ لينچ وارا پنهنجي پر ۾ بااصول شخص آهن! شاونسٽ جرمن ”گولو ڪول“ جي پرچي 8-9 ۾ (اسان ڄاڻي ٻجهي پنهنجن مقالن ۾ انهن ئي پرچن جو حوالو ڏنو هو) لينچ هڪ ئي ساهيءَ ۾ هيءَ ثابت ڪري ٿو ته خوداختياريءَ جو نعرو ”سائنسي طور تي بي بنياد آهي“ (پولش سوشل جمهوريت پسند ظاهر طور لينچ جي هن دليل کي ناقابل ترديد سمجهن ٿا، جيئن ته سندن نظرياتي مقالن ۾ پيش ڪيل دليلن منجهان پڌرو آهي، اهي ئي دليل جيڪي اسين نقل ڪيون ٿا ....) ۽ زبردستي الحاق جي خلاف ٿيندڙ نعرن کي به، ”سائنسي طور تي بي بنياد“ ثابت ڪري ٿو!!

ڇاڪاڻ ته لينچ هن سڌي سنواٽي سچائي کي چڱيءَ ريت سمجهي ٿو جيڪا اسان پولش دوستن کي ٻڌائي، پر هو انهيءَ جو اسان کي جواب ڏيڻ نٿو چاهي ته خوداختياريءَ کي مڃڻ ۾ ۽ زبردستي الحاق جي خلاف ”احتجاج“ ڪرڻ ۾ ڪو فرق ڪون آهي. نه، ڪو ”اقتصادي“ فرق آهي ۽ نه ”سياسي“ ۽ عام طور تي نه ئي ڪو منطقي فرق. جيڪڏهن پولش ساٿي خوداختياريءَ جي خلاف لينچ جي دليلن کي ناقابل ترديد سمجهن ٿا ته پوءِ هن حقيقت کي مڃڻ کان سواءِ نٿا رهي سگهن ته اُنهن لينچن جي انهن سڀني دليلن جو مقصد زبردستي الحاق جي خلاف جدوجهد جي مخالفت ڪرڻ آهي.

هي نظرياتي غلطيءَ، جيڪا اسان جن پولش ساٿين جي دليلن جي تهه ۾ سمايل آهي، تنهن انهن ساٿين کي زبردستي الحاق جو بي اصول حامي ٺاهي ڇڏيو آهي.

 

5. سوشل جمهوريت پسند زبردستيءَ الحاق جي خلاف ڇو آهن؟

اسان جي نقطه نظر کان هن جو جواب صاف آهي: ڇاڪاڻ ته زبردستيءَ الحاق قومن جي خوداختياريءَ جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو، يا ٻين لفظن ۾، قومي ظلم ۽ جبر جي شڪلين منجهان هڪ شڪل (Form) آهي.

پولش سوشل جمهوريت پسندن جي نقطه نظر کان خاص طور تي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته اسين زبردستي الحاق جي مخالفت ڇو ٿا ڪريون ۽ اهي تشريحون (نظرياتي مقالي جي پهرين سيڪشن جو ٽيون نُڪتو) ناگزير طور تي ليکڪن کي نون تضادن جي پوري ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏين ٿيون.

هو همراهه هن شيءِ جي ”جواز“ ۾ ٻه دليل پيش ڪن ٿا ته اسين ڇور لينچ جي ”سائنسي طور تي مڃيل ثبوت“ جي دليلن جي باوجود) زبردستيءَ الحاق جي مخالفت ڪيون ٿا.

پهريون: ”.... هن دعويٰ جي جواب ۾ ته يورپ ۾ زبردستيءَ الحاق، فتح حاصل ڪندڙ سامراجي رياست جي فوجي سلامتيءَ جي لاءِ لازمي آهي، سوشل جمهوريت پسند هيءَ حقيقت پيش ٿا ڪن ته زبردستي الحاق جهڳڙن ۾ شدت پيدا ڪن ٿا ۽ اهڙي ريت جنگ جو خطرو وڌائين ٿا ...“

لينچ وارن جي جواب ۾ بس ايترو چوڻ ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ جو بنيادي دليل فوجي ضرورت ناهي پر انهن زبردستيءَ الحاقن سان اقتصادي ترقي ڳنڍيل آهي، جيڪا سامراج هيٺ ڪنسنٽريشن جو اظهار ڪري ٿي. يورپ ۾ سامراج جيڪي سرحدي چوڪيون ڊاهي ڇڏيون آهن، تن کي ٻيهر قائم ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ ان سان گڏ زبردستيءَ الحاق جي مخالفت به ڪن ٿا؟!

انهيءَ کان سواءِ زبردستيءَ الحاق ڪهڙي قسم جي جنگين جو خطرو وڌائي ٿو؟ سامراجي جنگين جو نه، ڇاڪاڻ ته سامراجي جنگين جا ڪارڻ ٻيا ٿيندا آهن. موجوده سامراجي جنگ ۾ بنيادي جهڳڙا، بي شڪ برطانيه ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾، روس ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ آهن، هتي ڪو زبردستي الحاق نه هو، نه ئي آهي. هيءُ ته آهي قومي جنگين ۽ قومي بغاوتن جي خطري وڌڻ جو سوال پر ڪو ماڻهو هيئن ڪيئن ٿو چئي سگهي ته هڪ طرف ”سامراج جي دور ۾“ قومي جنگون ناممڪن آهن ۽ ٻئي طرف قومي جنگين جو ”خطرو“ به آهي؟ هي بنهه غير منطقي آهي.

ٻيو دليل: زبردستيءَ الحاق ”غالب ۽ مغلوب قوم جي پرولتاريا جي وچ ۾ هڪ وٿي پيدا ڪري ڇڏين ٿا...“ مغلوب قوم جو پرولتاريا پنهنجي بورجوازيءَ سان ملي ويندو ۽ انهن کي غالب قوم جو پرولتاريه پنهنجو دشمن نظر ايندو. بين الالقوامي بورجوازيءَ جي خلاف پرولتاريه جي بين الالقوامي طبقاتي جدوجهد جي بجاءِ پرولتاريه ۾ ڦيٽاڙو پئجي ويندو، انهيءَ ۾ نظرياتي گمراهي پيدا ٿيندي ...“

اسين انهن دليلن سان پورو اتفاق ڪيون ٿا. پر ڇا هيءَ منطقي ڳالهه آهي ته هڪ ئي سوال تي، هڪ ئي ساهيءَ ۾، هڪ ٻئي کي ڪٽيندڙ ٻه دليل پيش ڪيا وڃن؟ مقالي جي پهرين سيڪشن جي ٽئين قلم ۾ اسان کي اهي دليل ملن ٿا جيڪي ٻڌائين ٿا ته زبردستيءَ الحاقن سان پرولتاريه ۾ ڦيٽاڙو پوندو ۽ ان ساڻ ئي قلم 4 ۾ اسان کي هيءُ چيو وڃي ٿو ته يورپ ۾ انهن زبردستيءَ الحاقن کي جيڪي قائم ٿي چڪا آهن، ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ ”ظالم و جابر“ ۽ مظلوم و محڪوم قومن جي عام مزدورن کي جدوجهد ۾ اتحاد ۽ ايڪي جي جذبي جي تعليم ڏيڻ گهرجي.“ جيڪڏهن زبردستي الحاق کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ”رجعت پسند جذباتيت“ آهي ته پوءِ اوهان هي نٿا چئي سگهو ته زبردستيءَ الحاق سان ”پرولتاريه“ جي وچ ۾ ”وٿي“ پيدا ٿئي ٿي ۽ انهيءَ ۾ ”ڦيٽاڙو“ پوي ٿو. هن حالت ۾ ته هن جي ابتڙ اوهان کي هيءُ سمجهڻ گهرجي ته زبردستي الحاق مختلف قومن جي پرولتاريه کي ڇڪي تاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ شرط آهي!

اسين چئون ٿا: سوشلسٽ انقلاب آڻڻ لاءِ ۽ بورجوازيءَ جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مزدورن جي ٻڌيءَ جي ڳنڍ اڃا مضبوط هجي ۽ خوداختياريءَ جي لاءِ جدوجهد يعني زبردستي الحاق جي خلاف جدوجهد انهيءَ ٻڌيءَ ۽ ايڪي کي اڃا وڌيڪ پختو بنائي ٿي. اسين پنهنجي اصول تي اڏول آهيون. پر پولش ساٿي جيڪي يورپ جي زبردستيءَ الحاقن جي نقشن بدلجڻ کي ”ناممڪن“ سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ته قومي جنگون ”ناممڪن“ آهن، انهيءَ مهل پنهنجي خيال جي ترديد ڪري ڇڏين ٿا جڏهن هو قومي جنگين جي خطري جو ذڪر ڪري، زبردستيءَ الحاق جي ”خلاف“ پنهنجا دليل پيش ڪن ٿا ته زبردستي الحاق، مختلف قومن جي مزدورن جي هڪجهڙائيءَ ۽ ميل ميلاپ ۾ رڪاوٽ بنجن ٿا!

ٻين لفظن ۾: پولش سوشل جمهوريت پسند زبردستي الحاقن سان پنهنجي اختلاف جي جواز ۾ انهيءَ نظرياتي اسلح خاني مان دليل وٺن ٿا، جنهن کان اصولي طور تي هو پاڻ به انڪار ڪن ٿا!

نوآبادين جي سوال تي هيءَ ڳالهه اڃا به وڌيڪ واضح نظر اچي ٿي.

 

6. ڇا هن موجوده سوال ۾ بيٺڪن جي ڀيٽ ”يورپ“ سان ڪري سگهجي ٿي؟

اسانجن مقالن ۾ چيو ويو آهي ته نوآبادين جي ترت آزاديءَ جو مطالبو سرمائيداريءَ ۾ ايترو ئي ”ناقابل عمل“ آهي (يعني انقلابن جي هڪ پوري سلسلي کان سواءِ ناقابل عمل ۽ سوشلزم کان سواءِ غير محفوظ) جيترو قومن جي خوداختياري، عهديدارن (ڪامورن) جي عوام منجهان چونڊ، جمهوري رپبلڪ وغيره. ٻئي طرف چيو ويو آهي ته نوآبادين جي آزاديءَ جو مطالبو ”قومن جي خوداختياريءَ جي حق کي مڃڻ“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي.

پولش ساٿين انهن دليلن منجهان ڪنهن به هڪ جو جواب نه ڏنو. انهن ”يورپ“ ۽ بيٺڪن جي وچ ۾ هڪ امتيازي سَنڌو بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر هو يورپ جي ئي سلسلي ۾ زبردستيءَ الحاق جا بي اصول حامي بنجي وڃن ٿا، جڏهن هو زبردستي الحاق کي ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪن ٿا. جڏهن ته اهي الحاق ٿي چڪا آهن. بيٺڪن جي سلسلي ۾ هو بنا شرط جي مطالبو ڪن ٿا: ”بيٺڪن مان نڪري وڃو!“

روسي سوشلسٽن کي مطالبو ڪرڻ گهرجي: ”ترڪستان، خيوا، بخارا وغيره مان نڪري وڃو.“ پر اسان کي چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اُهي پولينڊ، فن لينڊ ۽ يوڪرين وغيره جي علحدگيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪن ته اُهي ”خيالي جنت جي پوڄا“ جا گنهگار ٿيندا، اُهي ”غير سائنسي“ ”جذباتيت“ جا گنهگار ٿيندا وغيره وغيره. برطانوي سوشلسٽن کي مطالبو ڪرڻ گهرجي ته: ”آفريڪا، هندستان آسٽريليا مان نڪري وڃو.“ پر آئرلينڊ مان نه!! هن قسم جي پڌري غلط فرق جو نظرياتي جواز ڪهڙي ريت پيش ڪري سگهجي ٿو؟ هن سوال کان پلاند نٿو ڇڏائي سگهجي.

خوداختياريءَ جي مخالفن جو خاص ”بنياد“ هيءُ آهي ته اها ”ناقابل عمل آهي.“ انهيءَ خيال جو اظهار، مفهوم ۾ هلڪي فرق سان ”اقتصادي ۽ سياسي ڪنسنٽريشن“ ۾ ڪيو ويو آهي.

ظاهر آهي ته ڪنسنٽريشن بيٺڪن جي الحاق جي ذريعي به ٿئي ٿو. بيٺڪن ۽ يورپي قومن (گهٽ ۾ گهٽ يورپي قومن جي اڪثريت) جي وچ ۾ پهرين جيڪو اقتصادي فرق هو، اُهو هي هو ته بيٺڪن کي جنسن جي مٽاسٽا جي نظام ۾ ته گهليو ويندو هو، پر سرمائيداري جي پيداوار ۾ نه. سامراج انهيءَ کي بدلائي ڇڏيو. سامراج جو مطلب هيءُ به آهي ته سرمايو (Capital) ايڪسپورٽ ٿئي. سرمائيداري پيداوار جون پاڙون گهڻي کان گهڻي تيزيءَ سان بيٺڪن ۾ لڳايون پيون وڃن. جو انهن کي يورپي مالياتي سرمايي (فناس ڪيپيٽل) جي غلاميءَ منجهان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ناممڪن آهي. پر فوجي نقطي نظر ۽ توسيع جي نقطي نظر، ٻنهي نقط نظر کان عام اصول جي طور تي، نوآبادين جي علحدگي رڳو انهيءَ وقت ممڪن آهي، جڏهن سوشلزم جو قيام عمل ۾ اچي وڃي. پر سرمائيداريءَ جي دور ۾ نوآباديءَ جي علحدگي استتثا (Exception) جي طور تي، يا ته وري بيٺڪن ۽ حڪمرانن، ٻنهي جي وطنن ۾ لڳاتار انقلابن ۽ بغاوتن جي نتيجي ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿي.

يورپ ۾ گهڻو ڪري محڪوم قومون سرمائيدارانه طور تي (گهڻو ڪري، سڀ نه: البانيا وارا ۽ ٻيا ڪيترا غير روسي ماڻهو رشيا ۾) بيٺڪن جي قومن کان وڌيڪ ترقي يافته آهن. پر اهائي شيءِ قومي ظلم و جبر ۽ زبردستي الحاقن جي خلاف اڃا به وڌيڪ اڀاري ٿي! اهوئي ڪارڻ آهي جو بيٺڪن جي ڀيٽ ۾، يورپ ۾ سمورن سياسي حالتن هوندي، جنهن ۾ علحدگي به شامل آهي، سرمائيداريءَ جي ترقي وڌيڪ محفوظ آهي ... پولش ساٿي نوآبادين جي ڏس ۾ چون ٿا (پهرين سيڪشن جو چوٿون قلم): ”اُتي سرمائيداري پنهنجي پيداواري قوتن کي ترقي ڏيڻ جي فرض سان جُنبيل آهي ...“ يورپ ۾ اها ڳالهه اڃا به نمايان آهي: بي شڪ هندستان ترڪستان، مصر ۽ خالص قسمن جي ٻين نوآبادين جي ڀيٽ ۾ پولينڊ، فن لينڊ، يوڪرين ۽ الساس ۾ سرمائيداري، شدت، تيزيءَ ۽ آزاديءَ سان پيداواري قوتن کي ترقي ڏئي ٿي. هڪ اهڙي سماج ۾ جيڪو جنس جي مٽاسٽا جي پيداوار تي ٻڌل هجي، سرمائي کان سواءِ نه ته آزاد ترقي ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪا ٻي ترقي. يورپ ۾ محڪوم قومن وٽ انهن جو پنهنجو سرمايو آهي ۽ مختلف شرطن تي سرمايو حاصل ڪرڻ جو امڪان به موجود آهي. بيٺڪن وٽ سندن پنهنجو سرمايو ڪونه آهي، آهي ته نالي ماتر. ۽ اُهي فناس ڪيپيٽل هيٺ، سياسي محڪوميءَ کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به شرط تي؛ اُهو سرمايو حاصل ڪري نٿيون سگهن. ته پوءِ، انهن مڙني ڳالهين جي روشنيءَ ۾، بيٺڪن کي ترت ۽ سواءِ ڪنهن شرط جي آزاد ڪرڻ جي مطالبي جو مطلب ڇا ٿو ٿئي؟ ڇا ڳالهه چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ نٿي اچي ته استرووي، لينچ، ڪونوف انهن سان گڏ بدقسمتيءَ سان پولش ساٿي به ”يوٽوپيائي اصطلاح کي بگڙيل انداز سان ”مارڪسي“ مفهوم ۾ استعمال ڪن ٿا. انهيءَ مفهوم ۾ هيءُ مطالبو اڃا به وڌيڪ ”خيالي جنت“ جي ڳالهه آهي؟ هتي ”يوٽوپيا ازم“ (خيالي جنت) جو مطلب هيءُ آهي ته هيءَ تعصب ۽ تنگ نظري جي روايتي رستي کان هٽيل شي آهي ۽ هن ۾ هر انقلابي جوهر شامل آهي. پر سڀني قسمن جون انقلابي تحريڪون، جن ۾ قومي تحريڪون به شامل آهن، يورپ جي حالتن ۾، بيٺڪن جي ڀيٽ ۾، وڌيڪ ممڪن، عمل جي قابل، وڌيڪ ناقابل شڪست ۽ ثابت قدم آهن ۽ وڌيڪ طبقاتي شعور رکن ٿيون.

پولش ساٿي چون ٿا (پهرين سيڪشن جو 3 قلم) ته سوشلزم ”بيٺڪن جي غير ترقي يافته قومن کي بي غرض تهذيبي امداد، انهن مٿان حڪومت ڪرڻ کان سواءِ ڏيئي سگهندو.“ بلڪل ٺيڪ. پر هيءُ سوچڻ جو ڪهڙو سبب آهي ته هڪ وڏي قوم، هڪ وڏي رياست سوشلزم جي منزل ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي بي غرض ”تهذيبي امداد“ جي آڌار تي يورپ ۾ ننڍين ۽ مظلوم قومن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ ۾ ناڪام رهندي؟ علحدگيءَ جي آزادي ئي، جيڪا پولش سوشل جمهوريت پسند نوآبادين کي ”عطا“ ڪن ٿا، يورپ جي ننڍين ننڍين پر مهذب ۽ سياسي حقن جي طالب مظلوم و محڪوم قومن کي وڏين سوشلسٽ رياستن سان متحد ڪرڻ لاءِ ڪوشش جو ڪم ڪندي. ڇاڪاڻ ته سوشلزم ۾ وڏي رياست جو مطلب ٿيندو: روزاني ڪم جي وقت ۾ ايترن ڪلاڪن جي گهٽتائي ۽ روزاني آمدني ۾ ايترو واڌارو. پورهيت عوام بورجوازيءَ جو ڳٽ لاهڻ جي جدوجهد ۾، هن ”تهذيبي سهڪار“ جي خاطر، وڏين ۽ ترقي يافته سوشلسٽ قومن سان متحد ٿيڻ ۾ ملي جُلي وڃڻ جي لاءِ ننهن کان چوٽيءَ تائين زور لڳائي ڇڏيندا. پر شرط سان، ڪلهه جا ظالم ۽ جابر، هڪ زماني تائين ظلم ۽ محڪوميءَ جو شڪار ٿيل قوم جي خودداريءَ جي انتهائي ترقي يافته جمهوري جذبي کي ٺيس نه لڳائين. بشرطيڪ انهي کي هر شيءِ ۾ برابري حاصل هجي، جنهن ۾ رياست جي تعمير ۽ انهيءَ جي ”پنهنجي“ رياست جي تعمير جو تجربو شامل هجي. سرمائيداريءَ هيٺ هن تجربي جو مطلب هوندو آهي جنگيون، علحدگي، ڪناري ڪشي ۽ امتيازي حق رکندڙ ننڍين قومن (هالينڊ، سوئٽزرلينڊ) جي تنگ نظر خود پسندي. سوشلزم تحت پورهيت عوام خود مٿي ذڪر ڪيل خاص اقتصادي ڪارڻن جي آڌار تي ڪناري ڪشي نه چاهيندا ۽ سياسي شڪلين جي رنگيني رياست کان نڪرڻ جي آزادي ۽ رياست جي تعمير جو تجربو – اهي مڙئي ڳالهيون ملي، جيستائين رياست مٽجي نه وڃي، سرسبز تهذيبي زندگيءَ جي بنياد جو ڪم ڪنديون. اهي مڙئي ڳالهيون هن ڳالهه جي ضمانت هونديون ته قومن جي رضاڪارانه ميل ميلاپ ۽ کيرکنڊ ٿي وڃڻ جو عمل تيز ٿئي.

بيٺڪن کي الڳ ڪري ۽ انهن جي ڀيٽ يورپ سان ڪري پولش ساٿي اهڙن تضاد جو شڪار ٿي ويا آهن، جنهن هڪ ئي لوڏي سان سندن مڙني غلط دليلن کي درهم برهم ڪري ڇڏيو آهي.

 

7- مارڪس ازم يا پروڌون ازم

اسان آئرلينڊ جي علحدگيءَ ڏانهن مارڪس جي رويي جو حوالو ڏنو آهي، انهيءَ جي رِٽَ پولش ساٿي Exception جي حيثيت سان اڻ سڌي نه پر سڌي سنواٽي لڳائيندا وڃن ٿا. نيٺ کين اختلاف ڪهڙو آهي؟ 1848ع  کان 1871ع تائين مارڪس جيڪا پوزيشن اختيار ڪئي، انهيءَ جي حوالن جو هنن جي آڏو ڪوبه ”قدر قيمت ڪونه آهي.“ انهيءَ جي خلاف سطحي ۽ فيصلي ڪُن انداز ۾ هو جيڪو دليل پيش ڪن ٿا اُهي هي آهن ته، مارڪس ”ساڳئي وقت“ ”جيڪا اترئين سلاف وغيره“ جي آزاديءَ جي خواهش جي مخالفت ڪئي.

هن دليل ۾ ايترو سطحي پڻو ۽ لوڏ لچڪ رڳو هن ڪري آهي جو هيءُ دليل آهي ئي بنهه کوکلو. پولش مارڪس وادين جي خيال مطابق مارڪس ڏڏ دماغ هو جيڪو ”هڪ ئي وقت“ متضاد ڳالهيون ڪندو هو! اهو بلڪل غلط آهي ۽ انهيءَ جو مارڪس ازم سان پري جو به واسطو ڪونه آهي. هن ”ٺوس“ تجزئي جي تقاضا آهي (جنهن تي اسان جا پولش ساٿي اصرار ڪن ٿا پر خود عمل نٿا ڪن) ته اسين هيءُ ڏسڻ جي ڪوشش ڪيون ته مارڪس مختلف ٺوس ”قومي“ تحريڪن ڏانهن جيڪي مختلف رويا اختيار ڪيا، ڪٿي اُهي رويا هڪ ئي سوشلسٽ فڪر ۽ نقطه نظر منجهان ته نٿي ڦٽا؟

هيءَ عام ڄاڻ آهي ته مارڪس پولش آزاديءَ جي حق ۾، يورپي جمهوريت جي مفاد جي نقطه نظر کان هو، جيڪا زار شاهيءَ جي اقتدار ۽ اثر سان ڳنڍيل هئي، يا هيئن چئجي – جيڪا (يعني جمهوريت) زار شاهيءَ جي آپيشاهي ۽ حاوي رجعت پسند اثر سان ڳنڍيل هئي. هيءُ نقطه نظر صحيح هو. هن جي ترجماني وڌيڪ صاف صاف ۽ عملي طور تي 1849ع ۾ ٿي وئي هئي، جڏهن روسي ٻانهن (Serfs) جي فوج هنگريءَ ۾ آزاديءَ جي قومي بغاوت ۽ انقلابي جمهوري بغاوت کي ڪچليو. انهيءَ وقت کان وٺي مارڪس جي موت تائين ۽ انهيءَ کان پوءِ به، 1890ع تائين جڏهن هيءُ خطرو هو ته زار شاهي، فرانس سان ملي، سامراجي جرمنيءَ جي خلاف نه، پر قومي طور تي آزاد جرمنيءَ جي خلاف هڪ رجعت پسند جنگ ڇيڙي ڇڏيندي، ته انهيءَ وقت اينگلز سڀ کان پهرين ۽ سڀني کان اڳيان اچي زار شاهيءَ جي خلاف جدوجهد جي حمايت ڪئي. اهوئي ڪارڻ هو ۽ رڳو اهوئي ڪارڻ هو جو مارڪس ۽ اينگلز چيڪ ۽ اترئين سلاف قومي تحريڪ جي خلاف هئا. مارڪس ۽ اينگلز 1848ع ۽ 1849ع ۾ جو ڪجهه لکيو آهي انهيءَ جي معمولي حوالي سان هر شخص تي (جيڪو مارڪس ازم سان سچو لڳاءُ رکي ٿو ۽ جيڪو رڳو مهل ڪڍڻ لاءِ مارڪس ازم سان دلچسپي نٿو رکي) پڌرو ٿئي ٿو ته انهيءَ وقت مارڪس ۽ اينگلز يورپ ۾ ”روسي چوڪين جو ڪم ڪندڙ سڄين مرجوت پسندن قومن“ ۽ جرمن، پولش ۽ ماگيار* انقلابي قومن جي وچ ۾ چٽو فرق ڪيو آهي. اها آهي حقيقت. ۽ اُنهيءَ وقت هيءَ ڳالهه صاف صاف بيان ڪئي وئي هئي: 1848ع ۾ انقلابي قومون آزاديءَ لاءِ وڙهي رهيون هيون، انهن جو سڀ کان وڏو دشمن زارشاهي هئي. انهيءَ وقت چيڪ وغيره واقعي رجعت پسند قومون هيون ۽ زارشاهيءَ جي چوڪين جي خدمت ڪنديون هيون.

انهيءَ ٺوس مثال منجهان ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو؟ جيڪڏهن اسين مارڪس ازم جا وفادار آهيون ته اسان کي انهيءَ جو ٺوس تجزيو ڪرڻ گهرجي. انهيءَ مان رڳو هيءُ نتيجو نڪري ٿو ته [1] يورپ  ڪن وڏين ۽ سڀ کان وڏين قومن جي آزاديءَ جو مفاد، ننڍين قومن جي آزاديءَ جي تحريڪن جي مفاد کان مٿڀري جاءِ رکي ٿو [2] جمهوريت جي گهر کي الڳ ڪري نه پر يورپ جي پيماني تي (اڄ چوڻ گهرجي ته دنيا جي پيماني تي) ڏسڻ گهرجي.

بس رڳو ايتري ڳالهه آهي، نه گهٽ نه وڌيڪ. بنيادي سوشلسٽ اصول آهي ته، ڪابه قوم جيڪا ٻين قومن کي ڪچلي ۽ چيڀاٽي ٿي آزاد نٿي ٿي سگهي. هن بنيادي سوشلسٽ اصول کي ترڪ ڪرڻ جو هلڪڙو به شڪ ڪونه آهي. جنهن کي پولش ساٿي وساري رهيا آهن، پر مارڪس جنهن جو سدائين وفادار رهيو آهي. جيڪڏهن اها ٺوس صورتحال ٻيهر رونما ٿئي، جيڪا مارڪس جي آڏو انهيءَ دور ۾ آئي، جڏهن بين القوامي سياست تي زارشاهيءَ جا اثر حاوي هئا، ها مثال طور اُها صورتحال ساڳي شڪل ۾ پنهنجو پاڻ کي دهرائي ته ڪي قومون سوشلسٽ انقلاب شروع ڪري ڇڏين (جهڙي ريت 1848ع ۾ يورپ ۾ بورجوا جمهوري انقلاب شروع ڪيو ويو هو) ۽ ٻئي پاسي ٻيون قومون بوزجوا رجعت پسندي جون پشت پناهه پاٿاريدار بنجي وڃن ته انهي صورت ۾ اسان کي به انهن پشت پناهي ڪندڙ قومن جي خلاف انقلابي جنگ جي، کين ڪچلڻ جي لاءِ، حمايت ڪرڻي پوندي، چاهي اتي ڪهڙيون به ننڍيون ننڍيون قومي تحريڪون اڀرنديون هجن. انهيءَ ڪري اسان کي گهرجي ته مارڪس جي طريقه ڪار جي مثالن کي ترڪ نه ڪريون (۽ انهيءَ جو مطلب نه هوندو ته مارڪس ازم جو زباني اعلان ۽ عمل ۾ انهيءَ کان دوري) پر انهيءَ جو ٺوس تجزيو ڪيون ۽ مستقبل جي لاءِ انهيءَ منجهان قيمتي سبق حاصل ڪيون. جمهوريت جا جدا جدا مطالبا جن ۾ خوداختياري به شامل آهي، بجاءِ خود هڪ مقصد نه آهي. پر عام جمهوري (هاڻي عام سوشلسٽ) عالمگير تحريڪ جو جّز آهن. ممڪن آهي ته ڪن ٺوس حالتن ۾ جّز کي جدا ڪري ڏسڻ گهرجي. ڪنهن ملڪ ۾ رپبلڪن تحريڪ، ٻين ملڪن جي پادري شاهي يا فنانس شاهي جي سازشن جو هٿيار ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي ته اسان کي هر گز انهيءَ خاص ٺوس تحريڪ جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي. انهيءَ آڌار تي بين القوامي سوشل جمهوريت پسندن جي پروگرام مان رپبلڪ جي مطالبي کي ڪڍي ڇڏڻ کل جهڙي ڳالهه ٿيندي.

1848ع، 1871ع ۽ 1898ع، 1906ع جي وچ ۾ ٺوس صورت حال ۾ ڪهڙي قسم جي تبديلي ٿي آهي (مان سامراجي دور جي اهم ترين تاريخي واقعن جو جائزو وٺان ٿو، مثال طور هڪ دور آهي اسپيني – امريڪي سامراجي جنگ کان يورپي سامراجي جنگ تائين)؟ بنهه چٽي ۽ ناقابل ترديد طور تي هي ڳالهه پڌري ٿي چڪي آهي ته هاڻي زارشاهي رجعت جي سڀ کان وڏي پشت پناهي ڪانه آهي. پهريون ته هن آڌار تي ته هن کي بين القوامي فنانس سرمائي جو، خاص ڪري فرانسي سرمائي جو سهارو حاصل آهي. ٻيو سبب 1905ع وارو انقلاب آهي. انهيءَ وقت وڏين قومي رياستن جو نظام – يورپ جون جمهوريتون – زار شاهيءَ جي باوجود دنيا کي جمهوريت ۽ سوشلزم عطا ڪري رهيو هو.* مارڪس ۽ اينگلز سامراج جو دور ڏسڻ لاءِ زندهه رهي نه سگهيا. هن وقت مُٺ جيترين (پنج يا ست) سامراجي ”وڏين“ طاقتن جو هڪ نظام وجود ۾ اچي چڪو آهي. انهن منجهان هر طاقت ٻين قومن کي ڪُچلي ۽ ڦري ٿي. اهائي ڦرلٽ سرمائيداريءَ جي تباهي ۽ برباديءَ ۾ هٿرادو دير جو سبب آهي، موقعي پرستيءَ ۽ سوشل شاونزم جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. اُنهيءَ زماني ۾ مغربي يورپ جي جمهوريت پسندي، جيڪا وڏين وڏين قومن کي آزاد ڪرائي رهي هئي، زارشاهيءَ جي خلاف هئي، جيڪا (زار شاهي) ڪن ننڍين ننڍين قومي تحريڪن کي رجعت پسند مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهي هئي. اڄ ڪيترن قومن جي عام ظلم ۽ ڏاڍ تي بيٺل زار شاهي سامراج ۽ ترقي يافته سرمائيدارانه يورپي سامراج جو اتحاد، سوشلسٽ پرولتاريه جو مقابلو ڪري ٿو. جيڪو هڪ طرف شاونسٽن، ”سوشل سامراجين“ ۾ ورهايل آهي ۽ ٻئي طرف انقلابين ۾.

هي آهن اهي ٺوس تبديليون جيڪي هن صورت حال ۾ پڌريون ٿيون آهن. ۽ پولش سوشل جمهوريت پسند ٺوس ڳالهيون ڪرڻ جو واعدو ڪرڻ جي باوجود، انهن ئي تبديلين کي نظر انداز ڪري وڃن ٿا! انهيءَ ڪري انهن ئي سوشلسٽ اصولن کي لاڳو ڪرڻ ۾ به ٺوس تبديلي پيدا ٿي آهي: اُنهي وقت سڀ کان بنيادي ڳالهه هئي ”زارشاهيءَ جي خلاف“ ٿيڻ ۽ ڪن ننڍين ننڍين قومي تحريڪن جي خلاف هئڻ، جن کي زارشاهي جمهوريت دشمن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهي هئي)، ۽ هاڻي مغرب جي وڏي قومي ۽ انقلابي عوام جي حق ۾ هجڻ. هاڻي بنيادي ڳالهه آهي سامراجي طاقتن، سامراجي بورجوازي ۽ سوشل سامراجين جي متحد ٿيل، هموار مجاز جي مخالفت ڪرڻ، ۽ سوشل انقلاب جي مقصد جي لاءِ سامراج جي خلاف مڙني قومي تحريڪن جو استعمال ڪرڻ. هن وقت عام سامراجي محاذ جي خلاف پرولتاري جدوجهد جيترو نکرندي ويندي، ظاهر آهي هيءُ بين القوامي اصول اوتروئي وڌيڪ اهم ٿيندو ويندو:

”ڪابه قوم جيڪا ٻين قومن کي ڪچلي ۽ چيڀاٽي ٿي، آزاد نٿي ٿي سگهي.“

پروڌون پرستن سوشل انقلاب جي اصول پرست تصور جي نالي تي پولينڊ جي بين القوامي رول کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ قومي تحريڪن ڏانهن اکيون بند ڪري ڇڏيون اٿن. پولش سوشل جمهوريت پسندن جو رويو به ايتروئي اصول پرستانه آهي. انهيءَ ڪري جو هو سوشل سامراجين جي خلاف جدوجهد جي بين الالقوامي محاذ کي ڀڃن ٿا، ۽ (خارجي طور تي) زبردستيءَ الحاق جي سوال تي پنهنجي لڏندڙ لمندڙ يقين جي ڪري سوشل سامراجين جي مدد ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته پرولتاري جدوجهد جو بين الالقوامي محاذ ئي ننڍين ننڍين قومن جي ٺوس پوزيشن جي ڏِس کان بدليو آهي: اُنهيءَ زماني (1848 – 1871ع) ۾ ننڍيون ننڍيون قومون يا ته ”مغربي جمهوريت“ ۽ انقلابي قومن جي ممڪن اتحادين جي حيثيت سان اهميت رکنديون هيون يا زارشاهيءَ جي ممڪن اتحادين جي حيثيت سان. هاڻي (1898 – 1914ع) انهن ننڍين ننڍين قومن اها اهميت وڃائي ڇڏي آهي. هاڻي انهن جي اهميت ايتري آهي ته اِهي قومون، ٻين جي رت پي جيئرو رهندڙ طاقتن جي لاءِ ۽ اهڙي ريت ”حڪمران قومن“ جي سوشل سامراج جي لاءِ مقوي غذا جو ڪم ڪن ٿيون. اهم ڳالهه اها ناهي ته آيا سوشلسٽ انقلاب کان پهرين ننڍين قومن جو هڪ ڀاڱي پنجاهه يا هڪ ڀاڱي سؤ حصو آزاد ٿيندو يا نه. اهم ڳالهه هيءَ آهي ته سامراج جي دور ۾ خارجي ڪارڻن جي آڌار تي پرولتاريه ٻن بين الالقوامي خيمن ۾ ورهائجي ويو آهي. هڪ خيمي ته حڪمران قومن واري بورجوازي دستر خوان جو بچيل لٻيل کاڌو کائي پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي – انهي غنيمت جي مال جو لٻيل لٽيل؛ جيڪو حڪمران قومن جو بورجوا طبقو ننڍين قومن جي ٻيڻي ٽيڻي ڦرلٽ ڪري حاصل ڪري ٿو – پر ٻيو خيمو ننڍين قومن کي آزاد ڪرائڻ کان سواءِ پاڻ کي آزاد ڪرائي نٿو سگهي. ۽ جيستائين عوام کي شاونسٽ دشمني يعني زبردستي الحاق جي مخالفت جي جذبي جي، يعني ”حق خوداختياريءَ“ جي جذبي جي تعليم نه ڏني وڃي.

مسئلي جي هن اهم ترين پهلوءَ کي پولش ساٿي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا. جيڪي شين کي سامراج جي دور ۾ مرڪزي پوزيشن کان نٿا ڏسن، اُهي انهي نقطي نظر کان نٿا ڏسن ته بين الاقوامي پرولتاريه ٻن خيمن ۾ ورهائجي وئي آهي.

سندن پروڌون ازم جا ٻيا مثال هي آهن: (1) 1916ع واري آئرلينڊ جي بغاوت ڏانهن سندن رويو جنهن تي اسين پوءِ بحث ڪنداسين. (2) نظرياتي مقالن (ٻئي سيڪشن جو ٽيون قلم، ٽئين جي آخر ۾) ۾ هيءُ اعلان ته سوشلسٽ انقلاب جي نعري کي ”ڪنهن به شيءِ سان نه ڍڪڻ گهرجي“- هيءُ تصور ته سوشلسٽ انقلاب جي نعري کي (قومي سوال سميت مڙني سوالن تي) ثابت قدم بااصول انقلابي پوزيشن سان هم آهنگ ڪري“ ڍڪي سگهجي ٿو، غير مارڪسي تصور آهي.

پولش سوشل جمهوريت پسند سمجهن ٿا ته اسان جو پروگرام ”قومي سڌارواد“ پروگرام آهي. ٻنهي عملي تجويزن جي ڀيٽ ڪيو: [1] خوداختياريءَ جي تجويز (پولش مقالو، ٽيون سيڪشن، 4 قلم) ۽ [2] علحدگيءَ جي آزاديءَ جي رٿ: هن ڏِس ۾ ۽ رڳو هن ڏس ۾ اسان جا پروگرام مختلف آهن! ڇا هيءَ ڳالهه صاف ناهي ته پهرين رٿ ئي سڌار وادي رٿ آهي، ٻي نه؟ سڌار وادي تبديلي اها تبديلي آهي جيڪا حڪمران طبقي جي بنيادن کي برقرار رکي ٿي ۽ جيڪا حڪمران طبقي جي طرف کان محض رعائت هوندي آهي ۽ سندس اقتدار کي ڪوبه نقصان نٿي پهچائي. انقلابي تبديلين جو ڌڪ اقتدار جي بنيادن تي لڳي ٿو. سڌار وادي قومي پروگرام حڪمران قوم جي مڙني امتيازي حقن کي ختم نٿو ڪري، مڪمل برابري قائم نٿو ڪري ۽ سڄي قومي ظلم ۽ جبر جو خاتمو نٿو آڻي. هڪ ”خودمختيار“ قوم کي ”حڪمران“ قوم جي برابر حق حاصل نٿا ٿين. پولش ساٿين جي نظر کان هيءَ ڳالهه نه گسي ها، جيڪڏهن هو هٺ ڌرميءَ سان (اسان جن پراڻن ”اقتصاديات پرستن وانگر) سياسي تصورن ۽ اصولن جي تجزئي کي نظر انداز نه ڪن ها. 1905ع تائين، خودمختيار ناروي کي، سوئيڊن جي هڪ حصي جي حيثيت سان، گهڻي کان گهڻي خودمختياري حاصل هئي، پر هن کي سوئيڊن سان هڪجهڙائي (يا برابري) حاصل نه هئي. رڳو آزاد علحدگيءَ جي ڪري ئي هن جي برابري عملي طور تي پڌري ۽ ثابت ٿي. (اچو ته اسين هن ۾ هيءُ به واڌارو ڪريون ته انهيءَ آزاد علحدگيءَ حقن جي برابريءَ جي بنياد تي وڌيڪ گهري ۽ وڌيڪ جمهوري دوستيءَ جو بنياد وڌو). جيستائين ناروي محض خوداختيار هو انهيءَ وقت تائين سوئيڊن کي هڪ ٻيو امتيازي حق حاصل هو. علحدگيءَ انهيءَ امتيازي حق کي نه رڳو ”گهٽ“ نه ڪيو، (سڌارواديءَ جي اصليت هيءَ آهي اها ته خرابي گهٽائي ٿي، انهيءَ کي بلڪل ناس ۽ نابود نٿي ڪري) پر بلڪل ختم ڪري ڇڏيو، (جيڪا پروگرام جي انقلابي ڪردار جي بنيادي ڪسوٽي آهي).

ها، هي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته خودمختياري سڌاري جي حيثيت سان، اصولي طور تي علحدگيءَ جي آزاديءَ کان مختلف آهي، جيڪو هڪ انقلابي قدم آهي. اها ڳالهه مڃيل آهي. پر هر شخص ڄاڻي ٿو ته عملي طور تي گهڻو ڪري هڪ سڌارو، انقلاب ڏانهن رڳو هڪ وک جو ڪم ڪري ٿو. خودمختياري ئي هڪ خاص رياست جي سرحدن جي اندر بند قوم کي هن جي قابل ٺاهي ٿي ته اُها پوري طور تي الڳ قوم جي صورت اختيار ڪري سگهي، پنهنجن قوتن کي توري تڪي ۽ پرکي منظم ڪري سگهي، ۽ ”ناروي“ جي اسپرٽ ۾ اعلان جي صحيح گهڙي جي چونڊ ڪري سگهي ته اسين: فلاڻي فلاڻي قوم جي يا فلاڻي فلاڻي علائقي جي خودمختيار* ڊائٽ Diet جي حيثيت سان اعلان ڪيون ٿا ته روس جو شهنشاهه هاڻي پولينڊ جو بادشاهه باقي نه رهيو آهي وغيره. انهيءَ جي ”خلاف“ هيءُ چيو وڃي ٿو ته اهڙي قسم جي سوالن جا فيصلا اعلانن ذريعي نه پر جنگ جي ذريعي ٿيندا آهن.

درست: اڪثر حالتن ۾ انهن جو فيصلو جنگين سان ٿيندو آهي (بلڪل جهڙي ريت وڏين وڏين رياستن ۾ حڪومت جي شڪل (Form) جا سوال گهڻين حالتن ۾ جنگين ۽ انقلابن سان فيصل ٿيندا آهن). پر هيءَ سوچڻ ۾ ڪاخراب ڳالهه ناهي ته آيا انقلابي پارٽيءَ جي سياسي پروگرام تي اهڙي قسم جو ”اعتراض“ ڇا منطقي ڳالهه آهي؟ جا اسين پرولتاريه جي لاءِ، مفيد ۽ منصفانه شيءِ جي لاءِ، جمهوريت ۽ سوشلزم جي لاءِ جنگين ۽ انقلابن جي خلاف آهيون؟

”پر يقيني اسين هڪ ننڍي قوم جي فرضي آزاديءَ جي خاطر جنهن جي آبادي هڪ يا ٻه ڪروڙ هجي، ٻن ڪروڙ انسانن جي قتل عام جي حمايت نٿا ڪري سگهون!“ ها بي شڪ اسان انهيءَ جي حمايت نٿا ڪري سگهون! پر انهيءَ ڪري نه، ته اسان پنهنجي پروگرام مان مڪمل قومي برابريءَ جو نڪتو ڪڍي ڦٽو ڪيو آهي. نڪو، انهيءَ ڪري نه، پر هن ڪري جو هڪ ملڪ جي جمهوري مفاد کي ڪن ۽ مڙني ملڪن جي مفاد جي تابع هئڻ گهرجي. هيءُ فرض ڪري وٺو ته ٻن بادشاهن جي وڏين وڏين سلطنتن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو ملڪ واقع آهي، جنهن جو بادشاهه ٻنهي پاڙيسري بادشاهن سان خون جي مائٽيءَ ۽ ٻين ٻنڌڻن سان ”ڳنڍيل آهي“. اسين هيءُ به فرض ڪري وٺون ته جيڪڏهن انهيءَ ننڍڙي ملڪ ۾ رپبلڪ جو اعلان ڪيو وڃي ۽ انهي جي باشاهه کي هٽايو وڃي ته عملي طور تي هيءُ ٿيندو ته انهيءَ ننڍڙي ملڪ ۾ ڪنهن هڪ يا ٻئي بادشاهه کي گاديءَ تي وهارڻ جي لاءِ پاڙيسري ٻنهي وڏن ملڪن جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ويندي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سمورا بين الالقوامي سوشل جمهوريت پسند ۽ ساڻ ئي انهيءَ ننڍڙي ملڪ جا جمهوريت پسند، جيڪي بين الالقواميت پسند نمائندا آهن، انهيءَ صورت ۾ شاهي حڪومت جي جاءِ تي رپبلڪ قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪندا. شاهي حڪومت جي جاءِ تي رپبلڪ جو قيام آخري (Absolute) مطالبو نه آهي پر جمهوري مطالبن منجهان هڪ مطالبو آهي ۽ مجموعي طور تي جمهوريت جي تابع آهي (بلاشڪ سوشلسٽ پرولتاريه جي مفاد جي ته اڃا به وڌيڪ تابع آهي. سمجهجي ٿو ته ههڙي قسم جي صورت ڪنهن به ملڪ ۾ سوشل جمهوريت پسندن جي وچ ۾ ذرو به راءِ جو اختلاف پيدا نه ڪندي. پر جيڪڏهن ڪو سوشل جمهوريت پسند هن بنياد تي هيءَ رٿ پيش ڪري ته بين الاقوامي جمهوريت پسندن جي پروگرام مان رپبلڪ جو مطالبو بلڪل ڪڍيو وڃي ته هو شايد ٻالو ڀولو سمجهيو ويندو. انهيءَ کي چيو وڃي ته بهرحال کيس خاص ۽ عام جي وچ ۾ بنيادي منطقي فرق کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي.

هيءُ مثال، ڪنهن قدر ٻئي زاويي کان اسان مزدور طبقي کي بين الالقواميت جي جذبي جي تعليم ڏيڻ جو سوال آڏو آڻي بيهاري ٿو. ڇا اهڙي قسم جي تعليم (جنهن جي ضرورت ۽ ترت اهميت جي باري ۾، زمروالڊ کاٻي ڌر جي اندر اختلاف راءِ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي) وڏين قومن ۽ ننڍين، مظلوم قومن ۾، زبردستي الحاق ڪندڙ ۽ الحاق جو شڪار ٿيندڙ قومن ۾ بلڪل هڪجهڙي ٿي سگهي ٿي؟

ظاهر آهي ته نه. واحد مقصد يعني مڙني قومن جي مڪمل برابري ۽ مڙني قومن جي گهري هم آهنگ ۽ پوءِ کير کنڊ ٿيڻ جي منزل ڏانهن جيڪو رستو وڃي ٿو، اهو هر جدا صورت ۾ مختلف انگڙن ونگڙن منجهان گذري ٿو. هي رستا کاٻي پاسي کان به اچي هڪ نُڪتي سان ملن ٿا ۽ ساڄي پاسي کان به. جيڪڏهن هڪ وڏي قوم جو، ظالم جابر ۽ زبردستي الحاق ڪندڙ قوم جو سوشل جمهوريت پسند، عام طور تي قومن جي کيرکنڊ ٿي وڃڻ جي وڪالت ڪندي، هڪ پلڪ لاءِ به هيءَ حقيقت وساري ڇڏي ٿو ته ”سندس“ نڪولائي ٻيو، ”سندس“ ويلهيلم، جارج ۽ پوانڪاري وغيره به ننڍين قومن سان (زبردستيءَ الحاق جي ذريعي) کير کنڊ ٿي وڃڻ جي حق ۾ آهن زنڪولائي ٻيو گليشيا سان کير کنڊ ٿيڻ جي حق ۾ آهي، ويلهيلم ٻيو بيلجم سان کير کنڊ ٿيڻ جي حق ۾ آهي وغيره وغيره)- ها، جيڪڏهن ڪو سوشل جمهوريت پسند انهيءَ حقيقت کي وساري ڇڏي ٿو ته اُهو نظرياتي طور تي مضحڪي خيز اصول پرست ثابت ٿيندو ۽ عملي طور تي سامراج دوست.

ظالم ۽ جابر ملڪن جي مزدورن جي بين الالقوامي جذبي جي تعليم جو زور لازمي طور تي هن تي هئڻ گهرجي ته مظلوم محڪوم ملڪن جي علحدگيءَ جي آزاديءَ جو جهنڊو بلند ڪيو وڃي ۽ انهيءَ جي وڪالت ڪئي وڃي. انهيءَ کان سواءِ بين الاقواميت ٿي ئي ڪانه ٿي سگهي. هيءُ اسان جو حق ۽ فرض آهي ته اسين ظالم جابر قوم جي هر انهيءَ سوشل جمهوريت پسند کي سامراجي ۽ بدمعاش سمجهون. جيڪو هن قسم جو پرچار نٿو ڪري چاهي سوشلزم جي قيام کان اڳ علحده هئڻ جو موقعو ۽ ”امڪان“ هزار منجهان هڪ به ڇو نه هجي، هيءُ مطالبو بنهه هڪ قطعي مطالبو آهي.

هيءُ اسان جو فرض آهي ته مزدورن کي قومي امتياز کان ”بي نياز“ رهڻ جي تعليم ڏيون. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو نه آهي. پر انهن  کي الحاق پرستن جي اسپرٽ ۾ بي نياز نه ٿيڻ گهرجي. هڪ ظالم جابر قوم جي ميمبر کي هن پاسي کان ”بي نياز“ هئڻ گهرجي ته ننڍيون قومون، پنهنجي مرضيءَ جي مطابق انهن جي پنهنجي رياست ۾ آهن يا پاڙيسري رياست ۾ آهن يا خود پنهنجي رياست ۾. جيڪڏهن هو انهيءَ معنيٰ ۾ ”بي نياز“ ناهي ته پوءِ هو سوشل جمهوريت پسند ناهي. سوشل جمهوريت پسند کي بين الاقواميت پسند هئڻ لاءِ لازمي آهي ته هو رڳو پنهنجي قوم جي باري ۾ نه سوچي، پر هن کي گهرجي ته هو سڀني قومن جي مفاد کي، سندن عام آزادي ۽ برابريءَ کي خود پنهنجي قوم کان مٿي رکي. ”نظرياتي، طور تي هر شخص هن خيال سان اتفاق ڪري ٿو پر عمل ۾ الحاق پرستانه بي نيازيءَ جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. اهائي آهي اصل خرابيءَ جي پاڙ.

ٻئي پاسي، ننڍي قوم جي سوشل جمهوريت پسند کي گهرجي ته پنهنجي پرچار ۾ اسان جي عام فارمولا جي ٻئي لفظ تي زور ڏئي يعني قومن ”جي رضاڪارانه يونين“ تي. پر- هو هڪ بين الاقواميت پسند جي حيثيت سان پنهنجن فرضن کي ڪابه ضرب لڳائڻ کان سواءِ پنهنجي قوم جي سياسي آزاديءَ جي حق ۾ به ٿي سگهي ٿو ۽ الف، ب، ٻ نالي ڪنهن به پاڙيسري رياست ۾ شامل ٿي وڃڻ جي حق ۾ به وغيره وغيره. پر هر حال ۾ کيس ننڍي قوم جي تنگ نظريءَ، ڪناره ڪشيءَ ۽ اڪيلائي پسنديءَ جي خلاف وڙهڻ گهرجي، کيس هن لاءِ وڙهڻ گهرجي ته ڪُل عام (General Whole) شين کي تسليم ڪيو وڃي. کيس، خاص (Particular) مفادن کي عام (General) مفادن جي تابع بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

اهڙا ماڻهو جن هن سوال جو گهرو تجزيو نه ڪيو آهي، سوچين ٿا ته هن ۾ ”تضاد“ آهي ته ظالم جابر قومن جا سوشل جمهوريت پسند ته علحدگيءَ جي آزادي جو مطالبو ڪن ۽ مظلوم محڪوم قومن جا سوشل جمهوريت پسند ”يونين جي آزاديءَ“ تي اصرار ڪن. بهرحال، ٿورڙو غور ڪيو وڃي ته ڄاڻ پئجي ويندي ته بين الاقواميت ۽ قومن جي ميل ميلاپ جي منزل تائين پهچڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو ٿي ئي نٿو سگهي.

هاڻي اسين ڊچ ۽ پولش سوشل جمهوريت پسندن جي خاص پوزيشن جو جائزو وٺنداسين.


* اشارو آهي لينن جي مضمون ”جونيوس جي پمفلٽ جي باري ۾“ ڏانهن. جيڪو ”مشرق ۾ قومي آزاديءَ جون تحريڪون“ ۾ درج ٿيل آهي.

* هنگرين.

* ريازوانوف گرون برگ جي رسالي ”سوشلزم جي تاريخ جا محافظ خانان“ (1916ع -1) ۾ پولش سوال تي اينگلز جو ڏاڍو دلچسپ مضمون شايع ڪيو آهي جيڪو 1866ع ۾ لکيو ويو هو. اينگلز هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته پرولتاريه کي يورپ جي وڏين ۽ اهم قومن جي سياسي خوداختياري ۽ ”خود اختياري“ (Right to dispose of it self) ضرور تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻڌايو آهي ته ”قوميتن جو اصول“ (خاص ڪري بونا پارٽي معنيٰ ۾) يعني ننڍين قومن کي وڏين قومن جي برابر هڪ جيترو مڃڻ جي معنيٰ ۾، محض پٽاڙ آهي. اينگلز  چيو آهي ”روس وٽ چوريءَ جي مال جو انبار آهي“ يعني مظلوم ۽ محڪوم قومون) ”جيڪو کيس جزا جي ڏينهن موٽائڻو پوندو.“ بوناپارٽ ازم ۽ زار شاهي ٻئي، ننڍين قومن جي تحريڪن کي پنهنجي فائدي جي لاءِ يورپي جمهوريت جي خلاف استعمال ڪن ٿا.

* ملڪي قانون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org