ميان لطف الله قادري
ميان لطف الله قادري ( ولادت :1020هه مطابق 1611ع وفات، 1090هه
مطابق
1679ع)
اگهم ڪوٽ جو ويٺل هو، تعليم به اتي ورتائين. وڏو
عالم ۽ صوفي ۽ پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. حق ۽
سچائي جي تلاش سندس شاعري جو موضوع آهي. سندس
تصنيفن مان سنڌي رسالو ”تحفة السالڪين “ ۽ ”
منهاج المعرفت “ مشهور آهن.
بيت
پيهي ويا پاتار ۾ منجهان منجهه ٿيون
جتي تانگهه نه تڪيو پير تتهين پيون
_______
تنهن اونهائي انت ناهه ڪو سير جو سندون
آهي پنڌ اهون جنهن پر پروجهڻ ناهه ڪا
_____
مئي متي مهراڻ ۾ هي جي پاڻ وجهن
نه سي اوري نه پري اوءِ اندر وهه وڃن
تن منجها منجهه تڪيا اوءِ منجهان منجهه رهن
سي پيٺا تت وڃن ناهه نهايت جنهن جي
_____
ساهه ۾ سارين سپرين پساهه ۾ پسن
هردم حضور جن کي سي ڪيئن رڃ رهن
اوءِ وري ڪن نه آسرو تاڻئو توڙ وڃن
وادي تهن رهن ڳجهائين ڳجهه جا
_____
جي ذات گڏي ذات کي ته لهي نه سگهي ڪو
سي ئي پاڻ کوهرين سوئي سمنڊين هوءِ
سوئي وهي واهڙين سوئي دريائين پوءِ
آهي مڙوئي هيڪڙو جي پروڙي ڪوءِ
_____
نه ڪو عرش نه ڪرسي نڪو ڏينهن نه رات
نه ڪو اسم نه جسم ڪو نه ڪا طلب نه تات
نه ڪو قال نه قيل ڪي نه ڪا وائي وات
سڀ هيڪڙي ذات ٻيائي ٻڙو ناه ڪو
_____
پاڻهي پاڻ رهيو سو وئا سڀئي شڪ
نه ماڻهون نه مرون ڪي نڪي رهئا ملڪ
ڦوٽا سڀ ڦسي وئا ٿي وچان لِڪ
سو سيڪڙو سا سڪ ڳالهه مڙوئي هيڪڙي
_____
جا تو دوئي ڀانئي اي مڙوئي مطلق
سي پسن ڪين پرينءَ ري حاصل جنين حق
جنين سمجهيو ايءُ سبق تن ڪين ڏٺو ڪي ٻئو
_____
سوئي پانڌي پنڌ سو سائي راهه سو رند
سو ئي مڪان مڪين سو سوئي حضور سو هنڌ
سوئي بحر بر سو سو ئي شهر سو سنڌ
سوئي ساٿي سونهون سو سوئي اُچيندڙ پنڌ
جنين آ اُڪنڊ تن پاڻهئي پروڙئو
_____
سوئي عاشق عشق سوئي عارف عرفان
سوئي ساهه سرير جو سوئي رب رحمان
سوئي حاڪم حڪومت سا سوئي سو سلطان
سوئي ماڳ مڪان پيهي پروڙج ڳالهڙي
_____
حسن حبيبن جو پسين جي هيڪار
ته توکي سڀ ڄمار وڃي اڃ ورهن جي.
_____
سڪ تنهنجي سپرين ڪيئن لهندي مون
هينئڙي اندر تون جي جاڳان جي سمهان
_____
ڪين جنين جو تڪيو حجت جنين حرام
سي سامي گڏئا سبحان کي ڇني سڱ تمام
ان آديسين سين غلام پاڻهي پرچو پاڻهي
_____
حقيقت ۾ حل ٿئا ڪهن ڪون ڪلام
پيتائون پُر ڪري سندو وحدت جام
اچي رهيو روح ۾ تن آديسين علام
تهان پوءِ تمام ان تڪيا تاري ڇڏئا
_____
سنجهي سُڪا ٽڪرا پرهه پاروٿو ڀت
او لُوٺائي سبحان جي سونهن وڃايائون ست
سندو آديسين انت الله ريءَ ڪير لهي
شاهه عنايت رضوي
شاهه عنايت رضوي نصرپوري: [ولادت 1030 هه ڌاري وفات 1120 هه کان
1125 هه ڌاري] شاهه خيرالدين پراڻي سکر واري جو
مريد هو. هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي. بيت ۽ وائي جو وڏو
شاعر هئو. سندس ڪلام ۾ سڪ سوز ۽ معرفت جو ذڪر آهي.
هو شاهه عبدالطيف ڀٽائي کان عمر ۾ وڏو هو ۽ ٻنهي
بزرگن جو هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق هو.
بيت
سائر لهريون ريج وڻ جيئن سي پکين پک
وڏا وڻ ويڙهين ۾ ڪير ڳڻيندو ڪک
اونهو ڏيهه عظيم جو پيم تان نه پرک
تهان مٿي لک آءُ ڀال ڀلي جا ڀانئيان
_____
مڇڻ روئين رت پاڻي ڳاڙم پڌرو
اولي اورَ عنائت چئي سڪڻ اي شرط
وحدت گڏئو وت مڇڻ خبر ٿئي کرن کي
_____
پيالي پرينءَ جي مون کي پُر ڪيو
ساقي ان شراب مان ڀري ڏي ٻيو
گهمان مست ٿيو اڳيان در دوست جي
_____
تارا اوتارا ونيون وڇاڻو پرينءَ جو
سي ئي اڱڻ آئيا جي جيءَ جا جيارا
پسي پيارا اکين آسون پنيون
_____
ڪتيون رتيون پاڻ ۾ منجهن ناهه کپت
سئو سڀئي سيد چئي تنين ڪنان مت
ڳوڙهيون ڳوڙهي ڀت هميشہ هيڪانديون
_____
نو نو نير نهرا پيرين پينڌ پنجاهه
آڪڙئو اڪن تي ڏئي ليوئي لاهه
جنهن کي سنئين ناهه صلاح سوهاڙيو تون هٿ ڏئين
_____
اٺ اڻاسو ٿو گهمي تو ٿوهي ۾ ٿاڻو
جت سجهي ٿو جوءِ ۾ جنهن جو گهمي ٿو گهاڻو
تاڙ هڻندئي تڪڙي ڪندئي سرواڻ سياڻو
منزل اتي مهري تون ميا ڇڏ ماڻو
آڏوئي عنائت چئي ٿيندين نماڻو
جو لس چنئي لاڻو سان ويل ويندئي وسري
_____
ڪاتب ٿا لکن متان ڪا خطا ڀرين
ننڍي وڏي ڳالهڙي جوڙيو جمع ڪن
تون پاڙيسي تن جي حرف نه ڇڏن هيڪڙو
_____
مس گهڻي ڪر ڪاغذ گهڻو لکڻ لک هزار
آءُ ڪيئن آڇيان عام کي پرين تنهنجا پار
تنهنجي تهان ڌار آءُ ڪتابن ڪن ڏيان
_____
سڏي پاڻ سڄو ڪري عشق نه ڪري اڌ
ايءَ تان سائر سڌ ڪئي جا قوال سين
_____
ويهي وجهه مَ وير هل ته هيڪاندي ٿئين
دل ۾ دور مَ آڻ تون سندو ڦرڻ ڦير،
پر جي لهين نه پير ته به راحت آهي رڙهڻ ۾
_____
چرخو ائين چور جيئن ڀون ڀڻڪو نه سڻي
آڌي جو عنائت چئي اٿي آتڻ اور
تهان پوءِ تور ته تنهنجو سٽ برابر سون ٿئي.
*** |