تصنيفات تي نظر
انگريزن جي اوائلي حڪومت جو ادبي دورو.
سنه 1843ع، سنڌ جي تاريخ جو هڪ المناڪ سال آهي،
جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي. اجنبي حڪمرانن، سنڌ جي
آزاديءَ جو ته خاتمو ڪري ڇڏيو، پر ملڪ جي ثقافت ۽
ادب جي البت رکوالي ڪئي. فرنگي عالمن سنڌ جي ادبي
خزانن کي جمع ڪرڻ شروع ڪيو. هيءَ حيرت جي ڳالهه
آهي ته هڪ جرمن عالم، ٽرمپ، ”شاهه جي رسالي“ کي
جمع ڪرڻ ۾ لڳي ويو، ۽ سنڌي زبان جي صرف و نحو کي
لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جنهن جهڙو ڪتاب، اڄ تائين ٻيو
ڪو لکي نه سگهيو آهي. نه فقط ايترو مگر سنڌ جي هڪ
دورانديش ڪمشنر، سر بارٽل فريئر، سنڌي زبان جي هڪ
مستقل صورتخطيءَ جو بنياد رکيو، جا تحريڪ پوءِ
بيحد ڪامياب ٿي. اُن ئي ڪمشنر جي دور ۾، سنڌ جي
ڪيترن مصنفن کان ڪتاب لکايا ويا، جن مان ڪي ترجما
هئا، ته ڪي اصلي تصنيفون. هن تحريڪ جو هي نتيجو
نڪتو، جو ماڻهن ۾ ادب حاصل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي
۽ تصنيف ۽ تاليف جو شوق وڌيو. هن ادبي ذوق ۽ شوق
جي ابتدائي دور ۾ ”خادم“ هڪ اُستاد جي حيثيت ۾
پنهنجي تعليم جي تڪميل لاءِ حيدرآباد پهتو.
حيدرآباد اُن وقت ۾ پنهنجي علمي مجلسن کان گهڻو
مشهور هو، ميرن جي علمي شمع جيتوڻيڪ اُجهامي چڪي
هئي، مگر اُن جا پروانا اڃا موجود هئا. جيئن مون
مٿي ڏيکاريو آهي، ”خادم“ کي نارمل اسڪول ۾ ٻه
بهترين اُستاد مليا: هڪ آخوند فتح محمد ۽ ٻيو
آخوند احمد. پهرئين ”ڪاشف الغموض“ لکيو ۽ ٻئي
”شاهه“ جي ڪلام جو انتخاب ڪيو. هن قريبي علمي تعلق
کان سواءِ، حيدرآباد ۾ مشاعرا ٿيندا رهيا، جن جو
احوال اسان کي اُن وقت جي اخبارن ”مفرح القلوب“
(فارسي) ۽ ”سنڌ سڌار“ (سنڌي) ۾ تفصيل سان ملي ٿو.
”خادم“ تي هن علمي ماحول جو اثر پيو ۽ هن شعر جي
دنيا ۾ پير پاتو. سندس ڪلام جي بياض مان چٽائيءَ
سان ڪابه خبر نه ٿي پوي ته حيدرآباد ۾ هن ڪهڙو
ڪلام چيو، مگر سندس خود نوشته سوانح عمريءَ مان
خبر پوي ٿي ته هن شعر ۽ شاعريءَ جو پهريون سبق
آخوند محمد قاسم هالائيءَ جي درس مان ورتو، جو
انگريزي دور جي اوائلي شاعرن ۾ بهترين شاعر شمار
ٿئي ٿو، ۽ هيءَ فخر کيس ئي حاصل آهي ۽ سندس سنڌي
ديوان کي سنڌ جي تعليم کاتي ڇپايو. فارسي شاعريءَ
۾ سندس ڪيڏو مرتبو بلند هو، اُن لاءِ ”مفرح
القلوب“ جا صفحا شاهد آهن. اُن وقت جي ڪيترن شاعرن
کانئس اصلاح ٿي ورتي. اهڙي شاعر جي تربيت ”خادم“
تي وڏو اثر وڌو ۽ هو اڳتي هلي پنهنجي دور جو
بهترين اديب شمار ٿيڻ لڳو. حيدرآباد جا ٻه ٻيا
شاعر، سيد فاضل شاهه ۽ فضل محمد ”ماتم“، ”خادم“ جا
وڏا معاصر هئا. فضل محمد ”ماتم“ سان سندس دوستانه
تعلقات هئا. ”بياض خادمي“ ۾ ”ماتم“ جو هڪ سلام
محفوظ آهي، جنهن جي ابتدا ۾ “خادم“ هيئن ٿو لکي:
’منڪلام برادر محترم فضل محمد ”ماتم“ حيدرآبادي:
”سر جدا مظلوم جو، تن کان ڪيو اُن لعنتي،
اُن گهڙي رت ٿي رنو روح پيمبر يا حسين.
”هار سڀ حورن ڇنا، ملڪن مڙي ماتام ڪيو،
عرش تان آئي صدا الله اڪبر ياحسين.“
مٿئين تحرير مان خبر پوي ٿي ته ”خادم“ جو فضل محمد
“ماتم” سان ڪيترو نه دوستانه تعلق هو. لطف الله
حيدرآبادي مترجم ”فسانهء عجائب“ (گل خندان)، جو
پنهنجي دور جو بهترين شاعر به هو، نارمل اسڪول ۾
”خادم“ جو هم مڪتب به هو، ۽ ڪجهه وقت حيدرآباد جي
ٽنڊي ولي محمد جي پرائمري اسڪول ۾ همڪار به هئا،
’هرڻيءَ وارو معجزو‘ حمل خان لغاريءَ لکيو آهي،
جنهن کي گهڻو اڳ پوڪرداس، شڪارپور جي ڪتب فروش
ڇپايو هو، جو هينئر ”ڪليات حمل“ ۾ شامل آهي، پر هن
ساڳئي معجزي کي لطف الله حيدرآباديءَ به لکيو
هو، جو ”بياض خادمي“ ۾ موجود آهي. معجزي جي عنوان
جي هيٺان ”خادم“ لطف الله حيدرآباديءَ جو نالو
اهڙيءَ ريت لکيو آهي، جنهن مان ٻنهي مصنفن جي
دوستاني تعلقات جي خبر پوي ٿي. اُن معجزي مان
پهريون ۽ ٻيو بند هت هيٺ ڏيان ٿو:
”آهه مالڪ ملڪ جو خلاق ۽ قادر قدير،
جنهن ڪيو پيدا نبي خيرالورا بدرالمنير،
مهڙ مڙني مرسلين، شفقت ڀريو سيد سڌير،
عاصين آڌار آهي، ضامن بعث و نشر.“
آخري بند-
”ڪر شفاعت تون مٺا، محبوب لطف الله تي،
جو پيو بر ۾، سنهائج راهه اُن بي راهه کي،
آءٌ نه تارو، هٿ نه سيڻهه، بحربي پايان سجهي،
سولنگهائين ساڻ ڪلمي هي سڄو ئي جال جر!“
ممڪن آهي ته حيدرآباد ۾ سندس واقفيت ڪن ٻين علم
دوست صاحبن سان به ٿي هجي. بهرحال هنن علمي محفلن
کان شعر ۽ ادب جو مذاق حاصل ڪري پنهنجي وطن
شڪارپور ۾ پهتو، جتي اُن ذوق کي جاري رکندي، ڪمال
تي پهتو. شڪارپور ۾ ٻن شاعرن سان سندس اڪثر صحبتون
رهيون. اُهي هئا پير رفيع الدين صاحب سرهندي(1)
۽ ميرعلي نواز علوي. پير فيع الدين سرهنديءَ سان
سندس تعلقات بيحد گهاٽا هئا. پير صاحب موصوف جا هٿ
اکر ”بياض خادمي“ ۾ موجود آهن. هڪ هنڌ، سندس
هيٺيون شعر دستخط سان موجود آهي.
آن چنان رفته اي زمن مسکين،
اکر موا لضيف شد فراموشت |
که نه شد آمدن تو ديگر بارَ
آنچه فــرمود احمد مختار. |
خادم جي تصنيفات تي نظر. ”خادم“ جي پهرين تصنيف جا
منهنجي نظر کان گذري آهي، سا آهي ’هير رانجهو‘ جو
ڊرامو. ننڍي تقطيع جي 250 صفحن تي پکڙيل آهي.
افسوس جو هن تصنيف جا پهريان ۽ پويان ورق محفوظ نه
رهيا آهن. هيءَ تصنيف مصنف حيدرآباد ۾ لکي هئي. هڪ
هنڌ سال 1879ع لڳل آهي. منهنجي نظر ۾ هي پهريون
ڊرامو آهي، جو سنڌي زبان ۾ لکيو ويو هو. ڊرامي جي
ترتيب عجيب نظر اچي رهي آهي. سين ۽ آئڪٽ جي بجاءِ
داستان آهن. هر هنڌ فارسي شعر ۽ غزل موجود آهن.
مڪالمن کي ڪافي دلڪش بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي،
پر هر هڪ نئين فن کي روشناس ڪندي، ڊرامي ۾ داستان
گوئيءَ جي جهلڪ اچي ويئي آهي، مگر اُن هوندي به
ڊراما نويس جي حيثيت ۾، سنڌي زبان ”خادم“ کي ڪڏهن
به وساري نه ٿي سگهي. سندس تصنيف مان، هڪ داستان
(سين) ڏيان ٿو، جنهن مان سندس اسلوب بيان ۽ طرز
تحرير جي خبر پئجي ويندي:
داستان نائون.
جهنگ سيال جو ڳوٺ.
(هير ۽ دائي)
هير- منهنجي ليکي ته سڄي مجلس کيڙي جي هئڻ ڪري جڻ
گره ۾ هئي! پر رانجهن سائين اُن کي وري روشن ڪيو
بيٺو هو - سو ويو ٻاهر ته ساڳي اونداهي ڇانئجي
وئي. پوءِ تاريڪي ۾ ويهڻ جو ڪهڙو ضرور؟ دائي، مجلس
برخواست ٿي يا نه؟
دائي - گهڻو ڪري سڀ هليا ويا آهن، باقي ڪي اڃا
ويٺا آهن. پر، بي بي، تون ڇو غمگين پئي نظر اچين؟
هير - دائي، موت ۽ ملاقات اوچتي ٿيندي آهي، پر
اُتر واريءَ ڪـُـنڊ ۾ جو ڇوڪر بيٺو هو، سو تو
سڃاتو ته ڪير هو؟
دائي - نه، بي بي، مون ته ڪين سڃاتو.
هير - توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان ، پر سا رکج دل ۾.
هيترا ڏينهن پنهنجي دل جو راز پنهنجي اندر سانڍيو
اٿم، پر ڪنڀر جي نهائين ڇو نه ڪيتري به ڍڪيل هجي،
پر اُن جي ڄر ضرور ايندي آهي. اهو راز اڄ توکي
لاچار سلڻ پيو اٿم. اهو نوجوان هزارا جو ويٺل آهي،
سندس نالو رانجهو آهي ۽ اسان وٽ ميهار ٿي بيٺو
آهي. اُن نينگر منهنجي دل کسي پاڻ وٽ سوگهي ڪري
رکي آهي.
ز عالم قبله گاهي جان من اُوست
به تن در تب به دل در تاب زويم
مرا از خانمان آواره اُو ساخت
درين حال از تمنايش فتادم |
فدايش جان من، جانان من اُوست
ز ديده غرق خون ناب زويم
درين آوارگي بيچاره اُو ساخت
بدين منزل ز سودايش فتادم |
چوندا آهن، ’ گهر گهرندڙن کي ، نه گهر واٽ ويندڙن
کي‘، منهنجي ملاقات ساڻس ٻيڙيءَ تي ٿي هئي. سندس
ڳالهين مان مون کي معلوم ٿيو ته هو هزارا جي
سردار شير دل خان جو فرزند آهي. منهنجي سونهن جو
شايق ٿي پنهنجو وطن ڇڏي آيو آهي. ابي وٽ منهنجي
سانگي ميهار سڏائي نوڪري ورتي اٿس. هو اڪثر رهندو
آهي مينهن سان، تون ڪا اهڙي تجويز ڪر، جيئن اسان
جي ملاقات ٿي سگهي.
دائي- بي بي، تو اهڙي ڳالهه ڪئي آهي، جنهن تي توکي
گهڻو ڪجهه چئي ٿو سگهجي.
هير - دائي!
دائي - مائي، مون سان اهڙي ڳالهه نه ڪر، آ هاني
بهاني پاڻ کڻي گهرائينس.
هير - دائي منهنجي حال تي رحم ڪر، آءٌ رانجهوءَ
لاءِ سڀ ٿي ڪري سگهيس، پر ’خون کٿوري نه لڪي، توڙي
باري پونس بار‘. اما! کي شڪ پئجي ويو آهي. اُن ڪري
سڌيءَ ريت ڪجهه ڪري نه ٿي سگهان. خدا جي واسطي تون
ڪا رٿ ڪر!
اچي جي دوست سيني ٺار سؤ سؤ وار صدقي ٿيان،
مٺو محبوب رانجهن يار سؤ سؤ وار صدقي ٿيان!
ڏسي جلوو سندو جانيءَ، وسو ٿيو ماه ڪنعاني،
صباحت جا سچا سردار، سؤ سؤ وار صدقو ٿيان!
(هير کي ماءُ سڏ ٿي ڪري، پردو ڪري ٿو.)
ڊرامي جي مٿئين تحرير جي طرز کي پڙهندي ”امانت“
لکنويءَ جو مشهور ڊرامو ”اندر سڀا“ ٿو ياد اچي.
”اندر سڀا“ سڄو ئي شعر ۾ آهي، پر ”خادم“ پنهنجي
ڊرامي ۾ نثر ۽ نظم ٻنهي کي جاءِ ڏني آهي، جو اسلوب
بيان مغربي ڊرامن ۾ نه آهي، مگر اُردو ڊرامن ۾ اها
بدعت موجود آهي - ايتري قدر جو جديد اُردو ڊرامي
جي علمبردار، آغا حشر ڪاشميريءَ، جي ڊرامن ۾ نظم
کي ڪافي جاءِ ڏني وئي آهي. مرزا قليچ بيگ، جنهن کي
سنڌي ڊرامن لکڻ ۾ امتياز حاصل آهي، ساڳي بدعت قائم
ڪئي آهي. سندس تصنيفون ڏسو: ”شاهه ايليا“ هجي يا
”حسنادلدار“، ”شڪنتلا“ هجي يا ”خورشيد“ - نظم ۽
نثر گڏ نظر ايندو. ”خادم“ به اِهائي ساڳي طرز
تحرير قائم رکي آهي، جنهن ۾ هو ڪنهن جو به مقلد نه
هو. ڊرامي ۾ سنڌ جي مشهور شاعرن جي شعر کي داخل
ڪيو اٿس جيئن ته: هير ۽ ماءُ جي گفتگو ۾ حمل خان
لغاريءَ جي تصنيف جو گهڻو حصو ڏنو اٿس، قاضي ۽ هير
جي گفتگو ۾ حيدر شاهه حيدرآباديءَ جي تصنيف ”هير
رانجهو“ مان بيت ڏنا اٿس، جن جي ترتيب مثال طور
هيٺينءَ ريت اچي ٿي:
هير - قاضي، ڊپ قهار جو اُٿي اڄ ويو،
پکڙي پيو ملڪ ۾ رڳو ريب ريو،
آءٌ عاقل بالغ آهيان، تو تان سڀ سمجهيو،
آدب منهنجي اندر مان سڀيئي نيهن نيو،
مون کي پهه پيو ته ٿيان رانجهن سندي راڄ ۾.
قاضي- عاقل بالغ آهين، سچ سچي تون هير،
پر آهي شرط اُن ۾ ڪرڻ هيءَ تدبير،
ڪڏهن نه گڏبا پاڻ ۾ اَبتر ۽ امير،
اوهين ماڻهو مير، ٺهندؤ ڪئن ڪمين سان!
بهرحال تربيت انفرادي آهي، ۽ جيڪڏهن ڊرامو اسٽيج
تي آندو وڃي، ته خراج تحسين حاصل ڪرڻ کان سواءِ
وانجهيو نه رهي. مگر افسوس، جو هي ڊرامو شايع ئي
ٿي نه سگهيو. پراڻن ڪتابن جي ڍير مان ڪسمپرسيءَ جي
حالت ۾ پيل مليو. خدا ڄاڻي ڪيترا گنج گرانمايه،
اهڙيءَ ريت برباد ٿي چڪا هوندا.
حاتم طائيءَ جو قصو. ”خادم“ جي ٻي تصنيف ”حاتم
طائيءَ جو قصو“ پوڪرداس تاجر ڪتب جي فرمائش تي
لکيو ويو. ”خادم“ کان اڳ ۾، سيد ميران محمد شاهه،
ننڍڙا ڪتاب آکاڻين طور لکيا هئا، پر هڪ مسلسل ۽
ضخيم قصي جي پيش ڪرڻ جو پهريون سهرو ”خادم“ مرحوم
تي آهي. ”خادم“ هن قصي کي وزيرآباد جي ڳوٺ ۾ لکي
پورو ڪيو، جتي پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو.
ڪتاب جي پوري ٿيڻ جي تاريخ هيئن ٿو ڏئي:
”قصي جي پڄڻ جو چوندڙ چوي،
مهنو سپٽمبر جو آهي اَول، |
آهي سال ارڙهن سؤ چورانوي،
جو آجو ٿيس هن قصي کان بدل“. |
”خادم“ جي هن قصي جو ماخذ ”سياحت حاتم“ نالي هڪ
ڪتاب آهي، جو سنه 1871ع ۾، بمبئي ۾ قاضي ابراهيم
ڇپايو هو ۽ نارمل اسڪول جي نصاب ۾ داخل هو.
”خادم“ هن قصي جو ترجمو شسته سنڌي زبان ۾ ڪيو ۽
اُن جي پڙهڻ مان مترجم جي اعليٰ طرز نگارش جو پتو
پوي ٿو.
چهار درويش. ’حاتم طائي‘ جي قصي لکڻ کان پوءِ، ٻئي
سال ”خادم“ ’چهار درويش‘ جي نالي سان ٻيو مسلسل
قصو پيش ڪيو. “خادم” مرحوم، هي ترجمو مير ”آمن“
جي مشهور تصنيف ‘باغ و بهار’ تان ڪيو آهي. هي
ترجمو عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو ۽ هن جون ڪيتريون
اِشاعتون شايع ٿينديون رهيون. زبان جي شگفتگي ۽
سنجيدگيءَ کان هيءُ ڪتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪجهه
وقت کان مترجم جو هيءُ ترجمو گم ٿي ويو آهي، پر
اُميد آهي ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ڪوشش سان هي
ڪتاب جلد شايع ٿي ويندو.
دو وايو. ”خادم“ جو فارسي ۽ سنڌي لغت ۾ هي وڏي
تقطيع جو رسالو 24 صفحن تي پکڙيل آهي. هي فارسي ۽
سنڌي لغت جو ڪتاب آهي، جو اسڪولن ۽ مڪتبن ۾ گهڻو
مروج هو. سنڌ جي اديب ڀيرومل آنجهاني، ’سنڌو
رسالي‘ ۾ هن ڪتاب کي لغت جي ڪتابن ۾ شمار ڪري اُن
جي تعريف ڪئي آهي. مصنف پنهنجي محنت جو ذڪر هيئن
ٿو ڪري:
اچو يارو ڏسو دو وايو،
فارسي علم جو آهي مايو، |
واهه جو نسخو آهي سجايو،
پڙهي پرت مان نفعو پايو، |
وقت اَجايو ڪين وڃايو.
وئيءَ وٿ جي واڳ ورايو،
تاجر ڪتب جو لقب رکايو، |
پوڪرداس آهي زور وٺايو،
چڱو جنهن آهه مچ مچايو، |
رکو تنهنجو راز ۽ رايو.
”خادم“ حيلو خوب هلايو،
ڪوزي ۾ آ درياهه سمايو،
|
سنڌي لغت جو ٺاهه بڻايو.
لطف ايزديءَ ساڻ بڻايو،
لطف ايز |
يا رب سعيو ڪرين سجايو!
ڪتاب جي ترتيب هئن ٿي اچي:
فارسي |
سنڌي |
فارسي |
سنڌي |
آب |
پاڻي |
آب |
پيءُ |
اِبا |
انڪار |
ابتدا |
منڍ |
آبرو |
عزت |
آبستن |
ڍڪي |
انشاي خادمي. “خادم” جي هيءُ تصنيف، فارسي تعليم
جي سلسلي جي ڪڙي هئي. فارسي اِنشاء جي حاصل ڪرڻ
لاءِ، جدا جدا خطوط ڏنا اٿس، بيت السطور اُن عبارت
جي سنڌي معنيٰ به ڏني اٿس، جنهن ڪري پڙهندڙن کي نه
فقط فارسي اِنشاء جو مايو حاصل ٿئي ٿو، پر سنڌي
عبارت جي ترتيب کان به مستفيد ٿي وڃي ٿو. هن ڪتاب
جي تاريخ تصنيف هيئن ٿو ڏئي:
اَلااي بخت بيدار و خرد مند،
که وقت جمع کردن سال هجرت، |
شنو تاريخ اين انشاي مسعود،
هزارو سه صد و هم سيزده بود يز |
هن اِنشاء ۾ سندس ڪي رقعا منظوم به موجود آهن.
فوائدالمبتدي. ”خادم“ جي هيءَ تصنيف فارسي
سکندڙن جي لاءِ ابتدائي ڪتاب آهي، جو آغاز فارسي
جي طرز تي لکيو ويو هو. هي ڪتاب ڪيترو وقت درسي
طور ڪم ايندو هو. سندس ترتيب هيٺينءَ ريت آهي:
ڀلي ڪرين آئي. |
خوش آمدي |
ڀلي ڪري آيا. |
مرحبا، خوش آمديد |
ڪيئن آهين؟ |
چه حال داري؟ |
ڪيئن آهيو؟ |
چه حال داريد؟ |
ٻوليءَ سان گڏ صرف جو اڀياس شامل آهي.
بهرام گور. هي ننڍڙو قصو ”خادم“ ايران جي مشهور
بادشاهه بهرام جي معاشقي بابت لکيو آهي. هيءَ مصنف
جي پنهنجي تصنيف آهي ۽ ٻاهرئين اثر کان پاڪ آهي.
هن قصي جي تمهيد ۾ مصنف قصي جي ماهيت تي نهايت
مختصر پر معنيٰ خيز تبصرو ڪيو آهي. هن تبصري جي
شروع ۾”خادم“ لکي ٿو:
هي حقير سراپا تقصير، احقر حاجي امام بخش، دانائن
۽ سالڪن جي اڳيان عرض ٿو ڪري ته ڪن ڪن صاحبن جو هي
خيال آهي ته قصن، آکاڻين پڙهڻ سان رڳو وقت جي وندر
کان سواءِ ٻيو ڪو فائدو نه آهي، مگر اِهو قول ۽
سمجهه بيجا چئبي، ڇو ته سعدي عليـه رحمة فرمايو
آهي:
نگويند از سر بازيچه حرفي کز و پندي نگيرد صاحب
هوش
و گرصد کتب حڪمت پيش نادان بخوانند آيدش بازيچه
درگوش
الف ليله. ”خادم“ جي تصنيفات ۾، الف ليله جي
آکاڻين جو ترجمو، بلند مقام ٿو رکي. هن نهايت همت
سان اُن ٿڪائيندڙ ڪم کي پورو ڪيو. سنه 98- 1899ع ۾
هي ترجمو چئن حصن ۾ شايع ٿيو، ۽ هٿون هٿ کپي ويو.
سنه 1902ع ۾ ان جي ٻي ايڊيشن شايع ٿي. تقسيم هند ۽
پاڪستان کان پوءِ هي ڪتاب اڻ لڀ ٿي پيو آهي. ڪتاب
جي عبارت نهايت شسته ۽ دلڪش آهي. هن ڪتاب جي ختم
ڪرڻ کان پوءِ، ”خادم“ وري ڪوبه قصي جو ڪتاب نه
لکيو، هن کان پوءِ سندس ڪي مضامين جدا جدا رسالن ۾
شايع ٿيندا رهيا، جن مان سندس مشهور مضمون ”علما و
صلحا“ آهي، جو ڪيترين قسطن ۾ ”الالسلام“ رسالي ۾
ڇپيو، جو رسالو مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ جي زير
ادارت نڪرندو هو.
فرهنگ طب. ”خادم“ جي پوئين تصنيف ‘فرهنگ طب’ نالي
ڪتاب آهي، جو اَڃا دستخط حالت ۾ موجود آهي. مصنف
هن ڪتاب ۾ يوناني، عربي، فارسي ۽ هندي دوائن جي
نالن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جدا جدا لفظن کي
ڳولي، مٿين لفظن جو سنڌيءَ ۾ پورو پورو ترجمو ڏنو
اٿس، جنهن ڪري فن لغت ۾ هن ڪتاب جي گهڻي اهميت
آهي. ڪتاب جي ترتيب هيٺينءَ ريت ٿي اچي:
نالو دوا جو |
نالو سنڌي دوا جو |
آبار |
شيهو ماريل |
آبازير |
مصالح - زيرو |
آبق |
پارو |
ابوخلسا |
رتن جوت |
شايد سنڌي زبان ۾ هن جهڙو مڪمل ڪتاب ٻيو موجود نه
آهي. ڪتاب جي آخر ۾ عربي ۽ فارسي ماڻن جون جدولون
به ڏنيون اٿس، اُن کان سواءِ خاص خاص دوائن جي
خاصيت جو ذڪر به تتمي ۾ ڪيو اٿس.
هڪ ڪتاب ”انوار غوثيه“ به ساڻس منسوب آهي، جو هڪ
فارسي تصنيف ”دليل المتحدين“ جو ترجمو آهي، جنهن ۾
اُچ شريف جي بزرگن بابت تحقيقات ڪئي اٿس، پر هي
ڪتاب به ڪن سببن ڪري ڇپجي نه سگهيو آهي.
”خادم“ جي شاعري. ”خادم“ انگريزي حڪومت جي اوائلي
دور جي پيداوار هو. اُن وقت کان گهڻو اڳ سنڌي
شاعري علم عروض ۽ فارسي شاعريءَ جي اسلوب فن کي
قبول ڪري چڪي هئي، جنهن جا وڏا علمبردار اُن وقت
سچل سر مست، خليفو گل محمد ۽ ٻيا ڪي صوفي شاعر
هئا، جن ۾ “بيدل” کي امتيازي شان حاصل آهي. فارسي
شاعريءَ جي اصناف سخن کي قبول ڪرڻ کان پوءِ، سنڌي
شاعريءَ ۽ سخن جي ميدان ۾ بهترين غزل گو ۽ مثنوي
نگار شاعر پيدا ٿيا، جن ۾ آخوند محمد قاسم هالائي،
فاضل شاهه ۽ مير حسن ۽ ٻين جا نالا ذڪر جي لائق
آهن. جيئن مٿي ڏيکاريو اٿم ”خادم“ قاسم جي شاگردن
مان هو. سندس ڪلام تي نظر ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته
هن فارسي شاعريءَ جي اصناف سخن تي طبع آزمائي ڪرڻ
سان گڏ، سنڌ جي اصلوڪي سخن کي به قلمبند ڪيو آهي،
جنهن ڪري سندس شعر ۾ قديم ۽ جديد خيالن جي بهار
لڳي پئي آهي.
سندس ”ڪليات“ جي آخر ۾، ”نانگ جو معجزو“ اچي ٿو،
جو سندس شعر ۾ بلند مقام رکي ٿو. جنهن دور ۾
”خادم“ رهيو ٿي، اُن دور ۾، مذهبي رنگ ۾ معجزي،
مدح ۽ مولود لکڻ جو گهڻو رواج هو، ۽ اڪثر شاعرن جي
ڪلام ۾ اهڙيون شيون موجود آهن.
نانگ وارو معجزو. حمل فقير ’هرڻيءَ جو معجزو‘
لکيو، جو گهڻو اڳ ڇپجي چڪو هو، ۽ هينئر ’ڪليات
حمل‘ ۾ موجود آهي. ساڳئي معجزي کي لطف الله
حيدرآباديءَ لکيو، جنهن جو ذڪر مٿي ڪٿي تفصيل سان
ڏنو اٿم. “ڪمن” نالي شاعر، جو پڻ ”خادم“ جو همعصر
هو، ’باز ۽ ڳيري‘ وارو معجزو لکيو آهي، جو هيٺينءَ
ريت شروع ٿئي ٿو:
ساراهيان سچو ڌڻي، جو خلقڻهار خدا،
سو سزاوار ثنا جو، اصلئون، ابتدا،
قادر پنهنجي قدرت سان، موڙها ڪري ما(ءُ)،
اُٺ ئي پهر اَلا، صفت ڪر سبحان جي.
2
صفت سچي سبحان جي، ڪر ساڻ صدق جي صاف،
مولي محمد موڪليو، سچي دل صراف،
دوست تنهن جي دين کي، ڪرتهدل سان طواف،
لائق لطف الطاف، ڏنو مهر سندو مرسل کي.
’جابر انصاري‘ جي معجزي کي، خير شاهه حيدرآباديءَ
لکيو، جنهن جو ذڪر مون پنهنجي تصنيف ”تذڪره“ ۾
تفصيل سان ڪيو آهي.منهنجي نظر مان مٿين تصنيفن کان
سواءِ ساڳيءَ صنف ادب ۾ هيٺيون تصنيفون به گذريون
آهن:
1- معجزو محسن وارو |
مصنف غلام محمد |
2- معجزو اعرابيءَ وارو |
نامعلوم |
3- معجزو ستون حنانه |
|
4- معجزو اُٺ وارو |
|
5- معجزو طائف وارو |
|
6- معجزو پٿر مان وڻ پيدا ٿيڻ وارو |
|
7- معجزو اُٺ وارو |
مصنف صالح |
8- معجزو منڪر نڪير وارو |
مصنف محمد کٽي |
9- معجزو ابوجهل بابت |
مصنف فقير عثمان سانگي |
10- معجزو يهوديءَ وارو |
مصنف رمضان واڍو |
نانگ جي معجزي بابت ٻه ماخذ ”خادم“ جي سامهون
هئا، جي هيٺيان آهن:
1- ”گلشن معجزات“ مصنف مخدوم محمد صلاح وزيرآبادي.
2- ”ساپن نامه“ مصنف ڪافي سهارنپوري.
مٿين ٻنهي تصنيفن ۾، هي معجزو مثنويءَ جي صورت ۾
آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته ”خادم“ ’ساپن نامي‘ تان
گهڻو استفادو ڪيو آهي. ”گلشن معجزات“ فارسيءَ ۾
آهي ۽ ”ساپن نامو“ اُردو ۾ . ”ساپن نامه“ جي
شروعات هيئن ٿي اچي:
عجائب يه هي معجزه مومنو
کسي کو يه معجزه ياد هو
جمعه رات کو جو پڙهي اُمتي
عبادت مين وه پانصد سال کي |
اسي صدق دل سي پڙهو اور سنو
قيامت کو دوزخ سي آزاد هو
پڙهي يا سني اوس کو سب دل ستي
خدا ني لکهي اور شفاعت اُسي |
خادم پنهنجي مسلسل مخمس جي شروعات هيئن ٿو ڪري:
حمد رب جا ٿو چوان،جو آهه مالڪ مهربان،
جنهن پنهنجي قدرت سڳوريءَ سان اُپايو آ جهان،
سج چنڊ تارا بڻايائين زمين ۽ آسمان،
هر ڪنهين مخلوق جو رزاق آهي روزي رسان،
ظاهر و باطن، مهڙ آخر، اُهوئي پائدار.
”خادم“ جي تصنيف جو ماخذ جيتوڻيڪ ”ساپن نامو“ آهي،
پر سندس تصنيف جو مقام ئي علحده ٿو نظر اچي. ابتدا
ڪيڏي نه دلفريب ۽ دل نشين آهي. ”ساپن نامي“ جي
مٿين عبارت هن پنهنجي شعر ۾ آندي آهي، پر ”خادم“
جو اسلوب بيان ئي پنهنجو آهي. فرمائي ٿو:
هي عجائب معجزو، هت ٿو چوان سو پڻ ٻڌو،
مومنو ايمان وارؤ، صدق دل جي سان سڻو،
ياد هوندو جي ڪنهين کي، معجزو سهڻو سڄو،
ملندو قيامت ڏينهن دوزخ کان انهيءَ کي ڇوٽڪو،
خاص جمع رات پڙهندڙ کي ثواب آ، بيشمار.
معجزي جي هر شعر جي هر لفظ مان”خادم“ جي حضور صلي
الله عليه وآلـٰـه وسلم سرورِ ڪائنات جي ذات مقدس
سان عقيدت نظر اچي رهي آهي، ۽ پنهنجي محبت جو نقش،
شعر جي عبارت ۾ هر جا ڇڏيو اٿس. معجزي جي طويل
تمهيد جو سبب محبت، ۽ عقيدتمندي آهي.
حضور صلي الله عليه وآلـٰـه وسلم جي نور جي
پيدائش جو ذڪر ”خادم“ هيئن ٿو ڪري:
جوڙ جڳ جي ڪانه هئي، هو پاڻ هڪڙو هڪ خدا،
نور پاڪيزي پنهنجي جو پاڻ ڪيائين ٿي لقا،
ٿي محبت خاص پيدا، سڪ صاحب کي صفا،
جوڙيان محبوب مونس، جو هجي ساڻم سدا،
تنهن جي خاطر پوءِ ڪيان ڪيئي عجائب آشڪار!.
ڪيڏيون نه پياريون سٽون آهن. خاص طرح هن شعر کي
وڏو مقام حاصل آهي:
’جوڙيان محبوب مونس، جو هجي ساڻم سدا.‘
واقعي هن شعر مان شاعر جي والهانه محبت ۽ حضور
ڪريم صلي الله عليه وآلـٰـه وسلم جن جي اعليٰ شان
جي تقديس ظاهر ظهور ٿي نظر اچي. معجزي جي سڀني
بندن ۾ اڪثر اِهڙيون سٽون ملن ٿيون، جن مان محبت
جي خوشبوءِ ولايتون واسيندي ٿي وڃي. شاعر جي فني
حيثيت جو ڪمال هيٺين بندن مان صاف ظاهر اچي ٿو،
جتي هن دربار رسول ۾ يهوديءَ جي اچڻ جو ذڪر ڪيو
آهي، ۽ اِها منظر ڪشي واقعي ديد ۽ داد جي قابل
آهي. سنڌي شاعري اَڃا تائين اُن جو مٽ پيدا ڪري نه
سگهي آهي. فرمائي ٿو:
منجهه مڪي پاڪ مسجد ۾ هئو مرسل ڪريم،
ساڻ صحبت ۾ صحابي سڀ هئا شائق سليم،
وعظ ويٺي ٿي ڪيو فياض، فائق ۽ فهيم،
اوچتو ناجنس آيو اُت هلي بي خوف و بيم،
ڳوٿريءَ سان ساڻ هيس خنجر اُگهاڙو خونخوار.
|