2
رڳون
ٿيون
رباب
1955 کان 1958 تائين * ترتيب غلام رباني آگرو
ڪجهه رڳون ٿيون رباب – جي باري ۾
ايسپ جي آکاڻين ۾ هڪ جوان جماڻ، ملوڪ مهانڊن واريءَ ڇوڪريءَ جو
ذڪر آهي، جيڪا شهر کان پري، رڻ پٽ ۾ اڪيلي اڪيلي،
اکيون هيٺ ڪري ويٺي هئي. نڪو هوس اوهي، نه واهي.
اوچتو ڪو سٻاجهو جوان اتي اچي نڪتو، جنهن سندس دل
ورتي ۽ پڇيائينس ته ”تون ڪير آهين؟“ هن وراڻيو
ته ”منهنجو نالو سچ آهي“. جوان وري پڇيس ته ”هتي
اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ڇو ويٺي آهين، شهر ۾ ڇو نه
ٿي هلين؟“ تنهن تي هن وراڻيو ته ”جڏهن مان شهر ۾
رهندي هيس تڏهن ڪوڙ رڳو ٿورن ماڻهن وٽ هوندو هو.
جڏهن سڀني ماڻهن مون کي ڌڪاري ڇڏيو ۽ ڪوڙ کي پاڻ
وٽ رهايو تڏهن مان شهر ڇڏي هلي آيس.“
ايسپ کي گذرئي ڪئي صديون ٿيون. انهي زماني ۾ به سچ کي ڌڪاري
ڪڍيو ويو هو ۽ اڄ به سچ کي ڌڪاريو ٿو وڃي. اڄ
تائين اها جواڻ جماڻ ڇوڪري، شهر ڇڏي، رڻ ۾ اڪيلي،
اڪيلي، اکيون هيٺ ڪري ويٺي آهي.
سچ ڪڏهن مارئي ٿي ڪوٽ ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙي، ته ڪڏهن سسئي ٿي ڏونگر
ٿو ڏاري. هر دور ۾، ”سچ“ ۽ ”ڪوڙ“ ٻه مختلف
طاقتون، هڪ ٻئي سان پئي ٽڪريون آهن ۽ هر وقت جي
شاعري سچ کي سهارو پئي ڏنو آهي، انهي آس تي، ته من
ايسپ واري رٺل ڇوڪري پرچي، ماڻهن جي بستي ۾ موٽي
اچي.
هن جڳ ۾ انسان متعلق هڪ تعبير هيءَ به آهي ته ڄڻ کيس بيهوش ڪري
ڪنهن ڪاڪ محل ۾ پهچايو ويو هجي، ۽ هوش ۾ اچڻ سان
سندس دل تان سموريون گذريل يادگيريون ميٽجي ويون
هجن ۽ هو وائڙو ٿي، هيڏي هوڏي واجهائي، هن ڪائنات
جي مانڊاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. واقعن،
تجربن ۽ مشاهدن جڏهن انسان جي ذهن تي ڪي اڻ مٽجندڙ
عڪس وڌا، تڏهن هن چاهيو ته اهي عڪس هو ٻين جي ذهنن
۾ پلٽائي ۽ ائين شاعري وجود ۾ آئي.
پنهنجي ٿوريءَ عمر آهر، مون به جيڪي ڪجهه ڏٺو وائٺو آهي، جيڪي
واقعا منهنجي اکين آڏو گذريا آهن، جيڪي ڪجهه به
منهنجي احساس کي اٿاري ۽ جذبن کي جاڳائي سگهيو
آهي، جنهن به نظاري اکين کي آرام ڏنو اٿم، ان کي
ڪوشش ڪري، اهڙيءَ ريت لکيو اٿم، جيئن ٻين جي دل ۾
به اهڙائي احساس اٿن ۽ اهڙائي جذبا جاڳن، جيڪي
منهنجي دل ۾ جاڳيا – جي پنهنجي ڏڪندڙ ڏيئي جي
وسامڻ کان اڳ ۾، ان جي لاٽ مان ڪي ٿورائي ڏيئا
ٻاري سگهيس، ته منهنجو جيئن سجايو ٿيو.
منهنجي شعر، خاص ڪري منهنجي تازن غزلن، گيتن ۽ نظمن ۾ ٻولي ۽
موضوع ڪجهه اوپرا پيا ڀانئبا. اهي موضوع، شعر لاءِ
ته اوپرا آهن پر سنڌ جي ماڻهن جا ڏٺل وائٺل ۽ ٻڌل
آهن. ان لاءِ ايترو ضرور چوندس ته مان پنهنجي شعر
۾ ڪوشش ڪري پنهنجي ذاتي جذبن ۽ احساسن جي اپٽار
ڪندو آهيان. ايراني اثر واريءَ شاعريءَ کان مون کي
هي نموني وڌيڪ سهڻو لڳو، ڇو ته ان طرح مان
پنهنجا خيال چڱيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو سگهان ۽ منهنجا
هم وطن انهن کي پوريءَ ريت پروڙي ٿا سگهن.
سنڌيءَ کي پنهنجو لهجو ۽ پنهنجي مخصوص لئه آهي. فارسيءَ جو لهجو
۽ موسيقيت، سنڌي شعر ۾ اجنبي پيا لڳن، ان ڪري نون
لکيل غزلن ۾سنڌي لهجي ۽ موسيقيت کي برقرار رکڻ جي
ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان سان گڏ، موضوع پڻ سنڌي ماحول
مان چونڊيا اٿم.
بهر حال چونڊ جو سڄو بار ”ربانيءَ“ تي آهي، جنهن جي لاءِ منهنجي
ڳري قيمت واري آهي.
تنوير عباسي
رڳون ٿيون رباب- هڪ تاثر
ادبي اتهاس تي نظر ڦهلائي ڏسنداسين ته هر يُگ ۾ ڪي اهڙا ڪلاڪار
(شاعر، اديب ۽ چتر ڪار) نظر ايندا جيڪي پنهنجي دور
جي ڪلا کي نئون شعور نئون موڙ، نئين سوچ ۽ نئون
رنگ ڍنگ ڏيڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا ۽ وقت جي حالتن سان
مقابلو ڪندا نظر ايندا. اڳتي هلي جڏهن هن يُگ جو
اتهاس جڙندو، تڏهن تنوير عباسي جو نالو به انهن
امر نالن مان هڪ ڳڻيو ويندو.
تنوير جو جديد سنڌي شاعري جي سونهن سنوار ۾ تمام وڏو حصو آهي.
سندس شاعري جو هي پهريون مجموعو ”رڳون ٿيون رباب،
سندس شاعري جو هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو جتي جديد
سنڌي شاعري جي کيتر ۾ سندس چٽي سڃاڻپ جو سبب بڻيو
آهي اتي سندس فني انفراديت جو اهڃاڻ پڻ آهي.
اڄ تنوير جيتوڻيڪ گهڻو، تمام گهڻو اڳيان وڌي آيو آهي پر تڏهن به
سندس هي ماضي واري رچنا(جيڪا منهنجي اڳيان آهي)
سندس حال وانگي ڏاڍي خوبصورت، ڀرپور، جاندار ساهه
سان سانڍڻ جهڙي آهي.
هن مجموعي ۾ تنوير جي ڏات جو اظهار مختلف صنفن گيت، غزل ۽ نظم ۾
پرڇيل آهي.
تنوير هڪ آدرشي شاعر آهي ۽ هڪ آدرشي شاعر پنهنجي وقت ۽ وقت جي
دکدائڪ حالتن کان ڪڏهن به منهن موڙي سگهندو آهي،
اهو ئي سبب آهي جو تنوير جي هن مجموعي واري شاعري
جنهن وقت جي حالتن ۾ سرجي ويئي آهي، ان جا پاڇا ۽
اولڙا هن شاعري ۾ ڏسي پسي سگهجن ٿا.
ڪلاسيڪل ڪهاڻين جي آڌار تي لکيل تنوير جي نظمن کي ساهتڪ رچنائون
چئي سگهجي ٿو. نظمن سان گڏ ڪجهه غزلن ۾ به تنوير
انهيءَ سمي وارين دکدائڪ حالتن کي پنهنجو موضوع
بنايو آهي. جديد سنڌي شاعري ۾ سندس غزل پنهنجي رنگ
ڍنگ ۽ مزاج جي لحاظ کان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. سندس
غزل ۾ خيال جي تازگي، پر ڪشش نغمگي، داخلي غنائيت
۽ پاتال جهڙي گهرائي موجود آهي.
تنوير، موناليزا جي امر مرڪ جهڙا مڌر مڌر گيت به لکيا آهن. هن
مجموعي جي گيتن ۾ سندس اظهار وڻندڙ، انوکو ۽ دل ۾
لهي ويندڙ آهي. تنوير جو گيت جديد سنڌي شاعري جي
مٿي جو جهومر آهي. تنوير امن، نيچر ۽ محبتن جو
شاعر آهي.
تنوير کي پڙهندي سچ ته من ۾ ڪنهن نئين ساماڻيل نينگريءَ جي نرم
ڪومل ڳل کي ڇهڻ جهڙو مٺڙو احساس اڀري ٿو. ۽ ذهن جي
دشائن ۾ سُر ڌِيمي تال ۾ ٻُرندا خوشبوءِ وانگي
ڦهلجندا ڀاسندا آهن.
- نصير مرزا
تنوير جي شاعري
افادي شاعريءَ جي واکاڻ اها آهي ته ان ۾ سچ ۽ سونهن جا اُهي
اهڃاڻ انڊلٺ جي رکائن جئان اجاگر ٿيل هجن جن جو
انسان جي نجي توڙي سماجي زندگيءَ سان گهرو لاڳاپو
رهي ٿو. شاعر نجي طرح جيڪي مشاهدا ڪري ٿو تن جو
اظهار تڏهن ئي وزنائتو ٿي سگهندو جڏهن کيس سماجي
حالتون به ڌيان ۾ رکڻيون پونديون. اهڙي شاعر کي
جتي به ڪا چڱائي نظر اچي ٿي ته ان کي سچ جي
ڪسوٽيءَ تي پر کي ساراهي ٿو ۽ جڏهن به ڪا اوڻائي
ڏسي ٿو ته ان کي نفرت مان نندڻ لڳي ٿو ڇا ڪاڻ ته
بنيادي طرح هي زندگيءَ بهترين قدرن کي برقرار رکڻ
جو خواهشمند رهي ٿو.
مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ تنوير جي شاعري توجهه سان پڙهي آهي ۽
سندس زباني پڻ ڪيئي ڀيرا کانئس ٻڌي چڪو آهيان. مون
کي سندس شاعريءَ ۾ اهي سڀئي خوبيون نظر اچن ٿيون
جيڪي هڪ شآنائتي شاعريءَ ۾ جهلڪنديون آهن. ساڳئي
وقت دوستيءَ جي ناتي هئڻ ڪري تنوير جي شخصيت به
منهنجي لاءِ ان ڪتاب جئان آهي جنهن کي ڪيئي دفعا
چاهه سان پڙهيو ويو هجي، مان هن يار جي خوشين ڀري
زندگي کي ڏسندي بعضي اهو سوچيندو آهيان ته هي شخص
جنهن وٽ حاصلات جي ڪا ڪمي نه آهي سو ڪيئن ٿو ٻئي
ڪنهن جي محرومين جو احساس ڪري سگهي ۽ هن کي ڪهڙي
ضرورت آهي جو ٻين جي غم تي ڳوڙها ڳاڙي هروڀرو
پنهنجي خوشي ختم ڪرڻ ٿو چاهي؟ پر ستت ئي محسوس
ٿيندو اٿم ته اهو سڀ ڪجهه ان ڏات جو ڦل آهي جا
ڪنهن انسان دوست شاعر جي ڀاڳ ۾ اچي ٿي جنهن جي
وسيلي ٻين جو غم پنهنجو ۽ ٻين جي خوشي پنهنجي خوشي
تصور ڪئي ويندي آهي.
هي مجموعو تنوير جي ابتدائي شاعريءَ تائين محدود آهي جنهن کي
ڪنهن حد تائين تجرباتي شاعري چئي سگهجي ٿو. هن ۾
جيتوڻيڪ گهٽ وڌايون موجود آهن تنهن هوندي به هيءَ
شاعري نظر انداز ڪرڻ جهڙي نه آهي ان لاءِ جو منجهس
سچائيءَ جي ساک نروار نظر اچي ٿي. اها سچائي جنهن
جو اظهار زندگيءَ جي سونهن سنوارڻ لاءِ ضروري آهي.
انهيءَ سچائي ۾ هلڪي ظنز کان وٺي ڀرپور وار جو
تاثر به ملي ٿو ته اميد ۽ مايوسيءَ جون اونداهيون
۽ روشنيون پڻ ذهن ۾ تري اچن ٿيونه جنهن مان ظاهر
ٿئي ٿو ته تنوير جيڪي تجربا ڪيا آهن سي سندس
مشاهدن تي مدار رکن ٿا ۽ انهن جي اظهار جون ڪڙيون
وڃي سماجي سلسلي سان ڳنڍجن ٿيون مثال طور:
1-اي دوست زندگيءَ کي نه ايڏو قريب وڃ
ڪٿ زندگي ئي تو کان گريزان نه ٿي وڃ
2-جئن ڪرڻن جي تيرن جي وسڪاري ۾ مرڪن ٿا گل
موت جي منهن ۾ تئن اسان ڀي کلندا کلندا هلنداسين
3- تنهنجو ته بهارن تي ڪو حق به نه آهي جو
ڪنڊن سان ڪڏهن ڀي تو آ پاند نه اٽڪايو
4- پياسين منهنجي ڪاڪ ۾ ايندو اڄ
جو مومل کي دل تان وساري ڇڏيو سين
5-بدلائي ڇڏيندي هيءَ دنيا او پرين تو کي
جي تو ڪري همت هن دنيا کي نه بدلايو
6-هي بهار آهي يا ارمانن جو آهي قتل عام
خون جي بو آ مليل گلڙن سندي سرهاڻ ۾
7-جنهن نه لڪن ۾ لوڏا کاڌا
تنهن به پنهل سان پيچ نه پاتو
8- جن هٿن ٽڪرايا ساغر ساڻ ساغر عمر ڀر
ڪيئن اهي تلوار سان تلوار ٽڪرائي سگهن
9- اوهان ٿا ڪهو جن کي ابتي ڇريءَ سان
اهي ڪجهه ته لڇندا اهي ڪجهه ته ڪڇندا
10- آزادي يا موت ٻنهي مان هڪڙو ماڳ اسان جو آهه
جنهن به ڏٺو آواز انهي ءَ ڏي کلندا ڪڏندا هلنداسين
11- دوست اچ اڄ ته وٺون سمجهي مزاج عالم
يار جي زلف پريشان کي ڏسي وٺنداسين
12- روز تارن تان ترڪندي ٿي رهي
هي نظر چنڊ لاءِ آهي چري
هي تنوير جي مختلف غزلن جا چونڊ شعر هيا جن مان اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته سندس شاعري مختلف مشاهدن ۽ تجربن جي
آڌار تي ڪيتري قدر ڪاميابيءَ جا مرحلا طئي ڪندي
رهي آهي.
هن مجموعي ۾ تنوير جا گيت ۽ ڪي نظم به شامل آهن جن جا رنگ روپ
غزل جي انداز کان الڳ هوندي به زندگيءَ جي پيار ۽
انسانيت جي دک درد سان سنمک ٿيندا اچن ٿا:
ڪو نه ٻڌائي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون
هوريان ڏاڍيان وڙهندي رڙهندي
ڪرندي ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي
ڳولي لهبي واٽ، اسين اڻ سونهان سونهون
اهڙي طرح سندس نظم ’جوڳي‘ جو هڪ بند آهي:
مان به زماني جي دردن کي دل تان هٽائڻ چاهيان ٿو
زهريلن جي زورکي ماري زور گهٽائڻ چاهيان ٿو
جن کان حياتي هانو ٿي هاري تن کي مڃائڻ چاهيان ٿو
پيار سان هر ڪنهن کي مان پنهنجي وس ۾ آڻڻ چاهيان ٿو
وقت جي وهه ۾ محبت جو ميٺاج ملائڻ چاهيان ٿو
تو جان مان او جوڳي من جي مرلي وڄائڻ چاهيان ٿو
تنهنجو من ڀي روڳي آهي، منهنجو من ڀي روڳي
او مرليءَ وارا جوڳي.
تنوير جي اڄوڪي شاعري کي ڏسندي سندس ابتدائي شاعريءَ جي مختلف
تجربن جو احساس ٿئي ٿو جنهن جي روشنيءَ ۾ ايئن چئي
سگهجي ٿو ته هن پنهنجي شروعاتي دور ۾ جيڪي ٻوٽا
پوکيا تن جي سرهاڻ مارئي ۽ ملير جي چارن ۽ ويچارن
۾ سدائين سچ ۽ سونهن جي ساڃاهه جا سوجهرا
اُپائيندي رهندي.
- نيازي همايوني |