|
1_ هردم هرگہ(1)
حمد هزار، |
قلب ڪهي، مر(2)
طلب تنوار، |
|
اور نه ان ري ٻيا اذڪار، |
ميٺ چکي، پيءُ لذت لار، |
|
هن سان جم(3)
ڇا جام(4)
نگار، |
جهڙا سرڪي(5)
۾ سرشار، |
|
ڪم ڪوثر جا خجل خمار، |
سرس طهورا کون صدبار، |
|
پيءُ پرين، پڇ پِر جا پار، |
يا ڪي، يا وه ڇو ٿئين يار؟ |
|
جانب تون ڪر جان نثار، |
جيءُ جئين تون جيءَ سان جار(6)، |
|
جنهين عطائون ڪيون اظهار، |
آئي احمد صه ڄام اپار، |
|
خلق رهي سڀ خير گذار، |
هرجا سبزي باغ بهار، |
|
ملحد(7)
موڳا ٿيا مسمار(8)، |
پڳ(9)
تي رکنس پڳ(10)
پڳدار، |
|
حق تي رکنس حق حقدار، |
سڪ تي رکنس سڪ سڪدار، |
|
سر ٿي نايس سڀ سردار، |
عرش چميس ٿي قدم ڪبار(11)، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول. |
|
2_ جهل ڪيو، بوجهن بدون(1)، |
ڪوڙهيل ڪوجها ڪوڙ ڪدون(2)، |
|
رب ڪيئي رهزن راه ردون(3) |
رنج رهبر جي رول رڌون(4)، |
|
تُف تُف(5)،
طاعن(6)
ووءِ ودون(7)، |
زائل زخمي ظلم زدون(8)، |
|
ڪن(9)
ڪتا(10)،
هٿ ڪيئن ڪدون(11)؟ |
سيج سڙئي جا لانو لڌون، |
|
خاڪ وڌءِ منهن، ياوه(12)
يدون(13)، |
پاڙ پٽايئي هنيا(14)،
هنڌون(15)، |
|
ٻنگ(16)
شرڪ جي ٻول ٻڌون(17)، |
تهمت ڪيئي تالان تندون(18)، |
|
ٿڙو ٿڪي تون، پاڪ پڌون(19)، |
دستين ڦاڙيائي(20)
دشت(21)
دڌون(22) |
|
ڪيسن پرايئي فَنّ ڦندون(1)، |
لنگهين حيا جا، حق حدون(2)، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول. |
|
3_ فرش زمين جو عِزّ عظام، |
ملڪ فلڪ سر هوت حڪام، |
|
سج سڄڻ جي پيش پيام، |
قمر قدم تي خاص خُلام(3)، |
|
سڀئي سيارا ثابت سام(4)، |
ڪرسي قربون پڙهي ڪلام، |
|
نبي، نبيءَ جا نائب نام، |
عيسى، آدم، نوح نظام، |
|
سڀئي سوا لک قرب ڪرام، |
ڪن ثنائون، ڀرن سلام، |
|
قطب ڪروڙين، غوث غلام، |
پاڄي(5)
پارس جا پينام، |
|
لٿا ڪشالا ڄائي ڄام، |
عيد سدائي منجهه سلام، |
|
مادح مرڪن(6)
ڇو نه مدام، |
لاڳ(7)
لنگهن کي عشق انعام، |
|
ڏنا پيغمبر احمد عام، |
جال(8)
مداحن پياري جام، |
|
بخشي بحرئون گنجُ گدام، |
عِز سِپاهِن ڏِئي اڪرام، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول، |
پڙهي مداحي ٿئي مقبول. |
|
4_ جنهن جو هي وُر(9)،
سا ور واري(10)، |
جنهن جو هي نر، سا خوش ناري(11)، |
|
جنهن جو هي گهر، تنهن ڀر(1)
باري، |
جنهن جو تُرهو، تنهن هڪ تاري، |
|
ويرُ وسيلو بيشڪ باري، |
آمن آڙين جو آڌر، آري(2)، |
|
سام جنهين جي ولهي(3)
ويچاري، |
ڪين ڇڏيندم ور واپاري، |
|
مان ڇا سنگت، منهنجي ساري، |
خلقت جنهن جي، پيش پناري(4)، |
|
ميرُ مُزاحم(5)،
هوتُ هزاري(6)، |
بحر هدايت جو، جرُ جاي. |
|
جام پياري، جان جياري، |
بري(7)
ڀڄي ٿي، بلا بيماري، |
|
ديد دوا تي، عيد آزادي، |
بارش بخشش، مينگهه ملهاري، |
|
وَسنو(8)
وَسي ڪئي ڄوءِ هماري، |
هر هنڌ سبزي، باغ بهاري، |
|
گلشن کليا، گل گزاري، |
اِذن(9)
اِلاهي، ڪِيُس احتياري، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول صه، |
پڙهي مداحي، ٿئي مقبول، |
|
|
|
|
5_ چار خليفا، چار خرام، |
چار گوهر هي چار گرام، |
|
چار قُطب، هي چار ڪرام، |
چارئي مذهب، چار ڪلام |
|
چار عناصر، چار اجرام(10)، |
چار مصلى، چار امام، |
|
چار طريقا، چار مقام، |
چارئي دل جا، دل آرام، |
|
چارئي واهر، چار وريام(11)، |
چئني تي چئو، چار سلام، |
|
هڪ رو(1)،
هڪ خو(2)،
هڪ مو(3)مام(4)، |
هڪ رند، هڪ هنڌ، هڪ قدقام، |
|
هڪ رنگ هڪ انگ، هڪ ننگ نام، |
سين سچن تي، عزِ عظام، |
|
هُن ٻن پڙهه، نون نظام، |
چار عمادا چئو اسلام، |
|
چئني جي لڳ لاري(5)
لام(6)، |
ڪين ڇڏيندا، سائين سام(7)، |
|
رلئين روافض، خارج خام، |
تڙئون(8)
تڙئين(9)،
تف تخم حرام، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول صه، |
پڙهي مداحي ٿئي مقبول. |
|
|
|
|
6_ اول اڪبر يار صديق، |
خاص خليفو، خاص خليق، |
|
خاص اڪابر، خاص عتيق، |
خاصو مشفق، خاص مليق(10)، |
|
خاص نبيءَ جو راءِ رفيق، |
ابر سخا جو، بحر عميق(11)، |
|
قرب ڪرارو، ڪنز(12)
دقيق، |
ابر سخا جو، بحر عميق، |
|
عين عنايت مون ابريق(13)، |
شفقت وارو، شاهه شفيق، |
|
ساڻس ضد جو رکي زنديق(14)، |
غار غضب ۾ ٿيو غريق، |
|
خوار، خجل ٿيو خرُ خنيق(1)، |
رليو روافض، هنيون حليق(2)، |
|
تحت جهنم ويو، تحقيق، |
شمر شقي(3)
ٿيو، شوم
(4)شقيق(5)، |
|
هڄندو حاويءَ(7)،
منجهه حريق(8)، |
ساڻ کني(9)
ٿيو فنا فريق، |
|
رڪ(10)
رنجوري(11)
رليو رقيق(12)، |
رب ردي ڪيو، رول رحيق(13)، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول. |
|
7_ ثاني صاحب عمر عظام، |
باني بانڪو(14)
ڄمندي ڄام، |
|
جاني جيءَ جو نور نظام، |
نر جو نعرو، نر جو نام، |
|
عين عطا ٿيس جان اسلام، |
ڪاذب(15)
ڪيائين ڪل قتلام، |
|
بوم(16)
اڳياننس، هو بهرام، |
اسفند عاجز رستم رام، |
|
زال(1)
زبون ٿيو، خاڪ خدام(2)، |
ديون جي سر، دهشت دام، |
|
گوز(3)،
گڏهه ڏئي خر جو خام، |
ووءِ، ولهو(4)
ويو(5)،
ولد حرام، |
|
تف تف تنهن کي، توڙ تمام، |
لک لک لعنت جو بدلام(6)، |
|
برص(7)
جٺياري(8)،
جڙيو جذام(9)، |
مر لُچ لوڙي، ضرر ذقام(10)، |
|
شامت شومي مرڪ مدام، |
زهر ذقومي، تنهن جو طعام، |
|
کسيو کهئي کون جنت جام، |
ڪين روا ، سر سُڃي سلام، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول صه، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبو. |
|
8_ علم امانت جو، عثمان، |
سونهن، سخاوت جي، سلطان، |
|
بحر هدايت بي پايان(11)، |
عدل، عدالت جو عرفان(12)، |
|
قلم قضا جي سان قرآن، |
لفظ ۽ نقطو ٿيس نسيان(13)، |
|
ڪو نه انهيءَ جي مٽ انسان، |
شوم شمر، جو شر شيطان، |
|
ساڻ ڀلي ٿي بي فرمان، |
ڀلجي ويو بد، بي ايمان، |
|
ڪش پاپيءَ ڏي هڻ پيڪان(1)، |
سوئر سلهي وجهه(2)،
نورنهان(3)، |
|
تف تف، طاعن(4)
ٿيو تالان(5)، |
رفض رلايو ڪتو ڪهان، |
|
دز ٿئي دوزخ، راه روان، |
کسيو کهئي جو نيمڪ نانءُ، |
|
دز ويو، دستون(6)
ديني دان، |
فاسق، فاجر جو مڙهه مان، |
|
رب رلايو خوار خزان، |
نحس نفعو ويو، ٿيس نقصان، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول صه، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول. |
|
9_ شاهه نجف جو مرد مٿير(7)، |
ڪوپي(8)
جو تل(9)،
ثاني(10)
ڪير؟ |
|
شير برابر، ڇا مٽ شير؟ |
سهميس سنگجي، سنگ سمير(11)، |
|
ڀلي، ڀلائيءَ جو سر ڀير(12)، |
سُر هي ڪيو، سڀ سرهو سير، |
|
ساڻ ڪفر جي واليءَ وير، |
پارس، جنهن پڙ پايو پير، |
|
سيف(13)
هڻي ٿيو، سرس سهير(14)، |
قلس(15)،
علم(16)
جو ڇٽ ڇڳير(17)، |
|
باب(1)
علم جو، باب ڀلير(2)، |
عرب امر ۾، ڇا اجمير، |
|
مشرق، مغرب، جيسر مير، |
بلخ، بخارا، بيڪانير، |
|
ڏانهس جيڪو ڏور ڏڦير(3)، |
لاعن لوڌيو، ڪلب(4)
ڪبير(5)، |
|
ڪيئن خدا جو تنهن سان خير؟ |
ڇپجي، ڇپبو، ڪيئن ڇپير؟(6) |
|
خارج، ٿُڙ ٿُڙ ٿُڙو ٿڪير، |
گهٽئي گم ڪيو گانڊوءِ گهير، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول صه، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول. |
|
10_ حُب سدائين رک حسنين، |
دل ۾ دائم ڇا دن رين(7)، |
|
عارف معتي جا اثنين(8)، |
قرب ڪرارا منجهه ڪونين(9)، |
|
نيڪ نبيءَ جا نورالعين(10)، |
سيد سائينءَ، جا سبطين(11) |
|
صدق سڄڻ تون سر تلقين، |
جيءَ جياپا، اوجر عين، |
|
هادي هيڪر ني حرمين، |
ڪِران، ڪريمن جي قدمين، |
|
چمندي، چپ ٺرن چرنين(12)، |
نيڻن ساڻ، مليا(13)
نعلين(14)، |
|
رخ ڪيان روشن، ڪالقمرين(1)، |
سائين منهنجا ضامن، زين(2)، |
|
عيد پسي ڪن ناقص نين(3)، |
تازو تن کي ڪيو، طرفين، |
|
چمان رڪابين، رئي(4)
رجلين(5)، |
آس اها مڃ، سيد سين(6)، |
|
جثو، جميعت(7)،
فر(8)
فرحين(9)، |
مرضون آجو، داغ نه دين(10)، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول صه، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مبقول. |
|
11_ خيرُنساءَ چو، خوش خاتون، |
صفت، ستيءَ جي بات برون(11)، |
|
مقصد، معنى جا مضمون، |
رب عطا ڪيس، بخت بعون(12)، |
|
ظاهر توڙي ڇا باطون؟(13) |
درج(14)
حقيقت، در مڪنون(15)، |
|
ماهر معنى، با موزون، |
عين عنايت ٿيس افزون(16)، |
|
مرضيءَ مولى تي، مرهون(17)، |
گنج عطا هس گونا گون(18)، |
|
سرها سائڻ، سخن سلون(1)، |
مير، محمد صه وٽ مدفون، |
|
مادح، من ۾ هو مامون(2)، |
مرڪ مدح جي، عز علون، |
|
با مقصد ڪئي، با مقرون(3)، |
من مراد، پُني هشحون(4)، |
|
دّز، دورنگا، دز ٿيا دون(5)، |
حسد، هڻي ڪيا ضعف زبون، |
|
مشرڪ، ملحد مئا ملعون، |
مرتد ماتم ڪيا، محزون(6)، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول صه، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول. |
|
|
|
|
12_ چوچو، چاچن عز اشعار، |
پَڙهُ پَڙهُ مادح پِرت پچار، |
|
جيءَ جياپا، اکڙن ٺار، |
باغ بهشتي، گل گلزار، |
|
هم دم سيد تون صدبار، |
جيءَ ڪيا، تن جان نثار، |
|
حضرت حمزي، ساڻ هٿيار، |
ملحد ماري، ڪيا مسمار(7)، |
|
هي هڪ هوڏانهن هزده هزار(8)، |
هي هڪ، هوڏنهن آڙد(9)،
آپار(10)، |
|
هي هڪ، هوڏنهن ڪٽڪ ڪفار |
هي هڪ، هوڏانهن گرد غبار، |
|
هي هڪ، هوڏنهن تُفنگ تيار، |
هر هڪ نر ڪيو نفرت دار، |
|
سر، عباس مٿون صدبار، |
گهوريان، گهوٽن تون گهرٻار، |
|
سچا صحابي، جيءَ جيار، |
تَن ۾، تَن جي تانگهه(1)
تنوار، |
|
آءِ عجيبن، اُڪنڊ(2)
اَپار، |
لنو لنو لوري(3)،
لئي تن لار(4)، |
|
پسان حبيبن، ديس ديار(5)، |
جيئري جايون، جل جبار، |
|
سوين صلواتون مٿي رسولﷺ، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول، |
|
13_ پسي پرينءَ کي، جيءُ جيتار(6)، |
مار، نه مولى تون تيتار(7)، |
|
توڙي، بيڪس آ بيڪار، |
گويا گوليءَ جي گفتار، |
|
آڻ، اِجابت(8)
۾ هر آر(9)، |
عالم ڏي، اولاد آيار، |
|
پانڌ شرم(10)
تي، رک پڳدار، |
ٿئي مقبول مدح، منٺار، |
|
شاه محمد، شہ سردار، |
ڍول(11)،
ڍِليون(12)
سڀ، بخش ڀتار، |
|
ننگ(13)
نزع(14)
جو، ياور(15)
يار، |
تو سر بيڪارن جا بار، |
|
لطف، لنگهي سان، ڪرم هزار، |
ڪيو، اڃا ڪر ڀال، ڀلار، |
|
بخش، بديون ڪر، توه(1)
تبار، |
جي ڪيم، ڄاڻي منجهه ڄمار، |
|
آهيان امحمدﷺ تو آڌار، |
گوَر(2)،
قيامت، ڪر گلزار، |
|
آءُ محمدﷺ، موڙ مهاڙ(3)، |
ڪلمون چئي، ٿيان ڪوڏ(4)
قرار، |
|
سوين صلواتون مٿي رسول ﷺ، |
پڙهي مداحيءَ ٿئي مقبول. |