شي هَوانگ
ٽي
(پهريون شهنشاه)
چين جي وڏي ملڪ ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون هونديون
هيون، جن جا مختلف حڪمران پنهنجي پنهنجي روايتن جا
پابند هوندا هئا. چينين جون ننڍيون ننڍيون
رياستون، رنگ، نسل، مذهب ۽ زبان جي هم آهنگي
باوجود پاڻ ۾ اختلاف رکنديون هيون. انهن اختلافن
سبب هُو اڪثر هڪٻئي سان وڙهندا رهندا هئا. جنگيون
جهيڙا عام جام هوندا هئا. چين جو سياسي ايڪو ئي
اهو اختلاف ۽ جنگيون جهيڙا ختم ڪري سگهيو ٿي. اهي
جنگيون جهيڙا ختم ڪرڻ وارو متحده چين جو باني ’شي
هَوانگ ٽي‘ هو، جنهن سڀني رياستن کي فتح ڪري، هڪ
مرڪزي حڪومت هيٺ انهن رياستن کي منظم ڪيو.
شي هَوانگ ٽي 271 ق.م ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق شاهي
خاندان سان هو. سندس ڏاڏو فقط ٽي ڏينهن حڪمران رهڻ
کان پوءِ فوت ٿي ويو. کانئس پوءِ شي هَوانگ ٽي جو
والد تخت تي ويٺو. اهو به ٽي سال حڪومت ڪرڻ کان
پوءِ گذاري ويو. شي هَوانگ ٽي پنهنجي والد جي وفات
وقت ننڍو نينگر هو، سندس مٽن مائٽن جي مرضي هئي ته
اهي تخت تي وهن. ڇاڪاڻ ته ان وقت شي هَوانگ ٽي جي
عمر تيرهن سال هئي. پر هُو انتهائي ذهين ۽ دلير
هو، سندس مرضي هئي ته پنهنجي والد جي وفات کان
پوءِ هُو ئي سندس جانشين بڻجي، تنهنڪري هُو پنهنجي
ذهانت ۽ همت سان تخت تي ويٺو ۽ سندس مٽ مائٽ ناڪام
ٿي ويا.
رياست چُن جو هي حڪمران سڄي چين جو پهريون شهنشاهه
هو، جنهن هڪ وڏي شهنشاهت قائم ڪئي ۽ متحده چين جو
بنياد رکيو. شي هَوانگ ٽي تخت تي ويهڻ کان پوءِ
ملڪ جي فوجي سگهه ۾ واڌارو ڪيو ۽ پاڙي واري رياستن
تي حملو ڪري کين شڪست ڏني. پاڙيسري ملڪن ۾ چاؤ
خاندان گهڻو مشهور ۽ مٿانهون هو. هن انهن جو به
زور ختم ڪري کين پنهنجي قبضي هيٺ آندو. ان عظيم
متحده رياست کي هن ستن صوبن ۾ ورهائي، کين پنهنجي
حڪومت هيٺ آندو. ايڏي وڏي ڪاميابي منجھس فتحن جو
وڌيڪ شوق ۽ جذبو پيدا ڪيو. هن ڪيتريون ئي ننڍيون
رياستون فتح ڪري، انهن کي پنهنجي شهنشاهت سان
ملائي ڇڏيو. ان وقت سندس عمر فقط سورهن سال هئي.
ننڍي ڄمار ۾ هن وڏي بهادري ڏيکاري، سندس حڪومت ڪرڻ
جي طريقي ۽ بهادريءَ جي سڄي چين ۾ شهرت هئي. پر ڪي
ماڻهو سندس مخالف به هئا. تنهنڪري ڪي سگهارا
حڪمران ڳُجهه ڳوهه ۾ بغاوت ۽ دنگو فساد مچائڻ جي
ڪوشش ڪري رهيا هئا. شي هَوانگ ٽي کي جڏهن اها خبر
پئي ته هن پنهنجي رياست کي ڇٽيهن ضلعن ۾ ورهايو،
ته جيئن انتظام ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي ۽ معمولي مخالفت
کي به هڪدم ٻنجو ڏئي سگهجي.
انهن فتحن کان پوءِ شي هَوانگ ٽي انهن رياستن کي
متحد ڪرڻ شروع ڪيو. قاعدا قانون ٺاهيائين ۽ مختلف
سياسي اقتدار ختم ڪري، انهن کي هڪ مرڪزي حيثيت
ڏنائين. اهڙي ريت هن ننڍين وڏين رياستن ۾ ورهايل
ملڪ کي متحد ڪري هڪ مستحڪم ملڪ بڻايو. چين کي متحد
بڻائڻ وارو هي شخص نه صرف هڪ فاتح هو، جنهن جو
بادشاهت جو شوق هڪ طوفان ٿي اُڀريو ۽ پوءِ پُرسڪون
ٿي ويو. پر هُو هڪ سياسي مدبر به هو، جنهن فتح ڪيل
علائقن تي پنهنجو اقتدار مضبوط رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
سندس بادشاهت اُتر ۽ ڏکڻ ۾ ڪوريا کان خط استوا
تائين ۽ اوڀارين ڪوريا کان اولهه ۾ سنشي صوبي ۽ ذي
شيون صوبي تائين پکڙيل هئي. 221ق.م ۾ شي هَوانگ ٽي
سڀني رياستن جو شهنشاهه ٿي ويو هو.
فتحن جي ان دور جي پڇاڙي ۾ هن سڌاري طرف به توجهه
ڏنو. حڪومت جي گاديءَ واري هنڌ هن مختلف هنڌن تي
سون ۽ پِتل جا انساني قد جيترا مجسما کڙا ڪرايا ته
جيئن عوام سندس بادشاهت جي رعب ۾ رهي ۽ بغاوت ڪرڻ
کان باز رهي. پر سندس اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي. جيئن
ته عوام کي اها اصراف ۽ فضول خرچي پسند نه ڪئي،
تنهن ڪري سندن نمائندن ڪنفيوشس ۽ ليوذي جي تعليم
جا مثال ڏنا ۽ يادگار طور بت کڙا ڪرڻ کي فضول
سمجهيو. شي هَوانگ ٽي اهي اعتراض برداشت نه ڪري
سگهيو. هن پڪو پهه ڪيو ته قديم دور جي ڪا تاريخ،
ڪو تذڪرو ۽ قديم ڪتاب موجود نه هجن، ته جيئن عوام
ماضي متعلق بلڪل بيخبر رهي. ۽ نه وري حال تي تنقيد
ڪري سگهي، تنهنڪري هن ڪيترائي ڪتبخانا ساڙائي
ڇڏيا. انفرادي طور کيس جتي به ڪي قديم ڪتاب نظر
آيا، ته هن اهي سڀ ساڙائي ڇڏيا. هن چاهيو ٿي ته
چين جي تاريخ سندس دور کان شروع ٿئي ۽ ان کان اڳ
جو ڪو تذڪرو يا تاريخ موجود نه هجي. ان ڪري هن شي
هَوانگ ٽي (يعني پهرين بادشاهه) جو لقب اختيار
ڪيو، چين جي عالمن، مؤرخن ۽ وقائع نگارن سندس ان
ڳالهه تي اعتراض ڪيو، ته هن انهن کي جيئري جلائي
ڇڏيو. هن چيو ته ”چين جي تاريخ جي شروعات مون کان
ئي ٿيندي.“ اهي ڪتاب جن جو تعلق طب، نجوم، جوتش ۽
زراعت سان هو، هن انهن سان هٿ چراند نه ڪئي،
تنهنڪري اهي محفوظ رهيا. باقي سڀ ڪتاب ساڙائي
ڇڏيائين. پر ڪي ڪتاب ماڻهن لِڪائي ڇڏيا هئا،
تنهنڪري اهي سڙڻ کان بچي ويا، جن جي ذريعي چين جي
پهرين شهنشاهه کان اڳ جو احوال معلوم ٿئي ٿو.
شي هَوانگ ٽي هڪ اهڙو عاليشان محل تعمير ڪرايو،
جهڙو هڪ عرصي تائين دنيا ۾ ڪٿي به موجود نه هو،
سڀني دروازن ۾ هيرا موتي جڙيل هئا، ڇتين تي سون ۽
چاندي جو ڪم ٿيل هو، اڄ به ان محل جا ڪجهه آثار
موجود آهن.
شي هَوانگ ٽي هڪ خواب ڏٺو ته ڪنهن ٻاهرئين ملڪ جو
رهاڪو سندس بادشاهت ۾ اچڻ چاهي ٿو. هو نيزو هڻي
رهيو آهي. سندس قد سٺ فوٽ هو ۽ پير ٻه گز ڊگها
هئا. ان خواب کيس ڏاڍو پريشان ڪيو. هن انهيءَ خواب
جو تعبير پڇيو، کيس ٻڌايو ويو ته، ڪنهن ڌارئي ملڪ
جا رهواسي سندس ملڪ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. تنهنڪري
هن وڏي ڀت اڏڻ جو ارادو ڪيو ته جيئن ڌارين جي حملن
کان بچاءُ ٿي سگهي. لڳاتار ٽي سال ڪاريگر ڪم ڪندا
رهيا، ڀت تيار ٿي وئي، جنهن کي ”ديوارِ چين“ سڏيو
وڃي ٿو. جنهن کي چيني زبان ۾ ”وان لي چانگ چنگ“
(Wan Lichang Ching)
سڏيو ويندو آهي، جيڪا ڏهه
هزار ميل ڊگهي ۽ ايتري ويڪري آهي جو ان تي ٽي
گهوڙا هڪ ئي وقت ڊوڙي سگهن ٿا. ٻن ٻن ميلن جي
مفاصلي تي ان ديوار ۾ ننڍا ننڍا قلعا ٺهرايا ويا
آهن، ته جيئن ان ۾ فوجي هر وقت موجود رهن. جان
گنٿر چيو آهي ته ”دنيا جي سڀني اڏاوتن ۾ اهائي هڪ
ديوار آهي، جيڪا مريخ کان نظر اچي ٿي.“ اڄ اها
ديوار دنيا جي ستن عجائبن ۾ شامل آهي.
شي هَوانگ ٽي جو هڪ ٻيو اهم ڪارنامو هي آهي ته هن
شاهي مُهر ايجاد ڪئي، چيو وڃي ٿو ته ٻين ملڪن چين
جي مُهر ڏسي، پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ مُهرون
ٺهرايون. چين واري پهرين مُهر تي مڇي ۽ جهرڪين جي
تصوير اُڪريل آهي.
شي هَوانگ ٽي جي زندگي هڪ لڳاتار عمل هئي. ان ۾
ڪڏهن به وٿي يا ساهي نه آئي. هڪ ٻئي پٺيان فتحون
ڪرڻ، سڌارا آڻڻ کان پوءِ هُو عيش و عشرت ۾ مصروف
ٿي ويو. لڳاتار محنت ۽ عيش و عشرت کيس ڪمزور ڪري
وڌو. هُو پندرهن سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ پوڙهو ٿي
ويو. ڏينهون ڏينهن هيڻو ۽ ڪمزور ٿيندو رهيو.
پهرين بادشاهه جو سڀ کان وڏو ڪارنامو چين کي متحد
ڪرڻ آهي. هن ننڍيون وڏيون رياستون فتح ڪري هڪ وڏو
ملڪ بڻايو. هر رياست جي انفرادي روايتن ۽ رسمن کي
به ختم ڪري ڇڏيو، ته جيئن ان ۾ هيڪڙائي ٿي وڃي ۽
ان ريت ملڪ صحيح معنيٰ ۾ متحد ٿي سگهي. واپار
وڌائڻ ۽ رياستن ۾ ميل ميلاپ پيدا ڪرڻ ۽ لهه لاڳاپا
پيدا ڪرڻ لاءِ هن سڙڪون ٺهرايون ۽ ڪي سواريون به
ايجاد ڪيون. قبل مسيح جي ان دور ۾ هڪ سڙڪ ڇهه سؤ
ميل ڊگهي هئي، جيڪا شي هَوانگ ٽي جي عوامي ڀلائي
وارن وڏن ارادن ۽ اُمنگن جو هڪ چِٽو ثبوت آهي.
206 ق.م شهنشاهه گذاري ويو، مؤرخن ان کي اونداهو
دور سڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته هُو علم دشمن
هو، هن علم کي تباهه ڪيو، تنهنڪري مؤرخن سندس دور
کي اونداهو دور سڏيو آهي.
چين جي تاريخ ۾ شي هَوانگ ٽي اهو پهريون حڪمران
آهي، جنهن جو سياسي اقتدار اهميت وارو آهي، هن
ڪوشش ڪئي ته چين متحد ٿي وڃي. اڄ سندس اها ڪوشش
ماڻهن کان وسري وئي آهي. ماڻهو سندس ٺهرايل ديوار
کي وڏو ڪارنامو سڏين ٿا ۽ ان ديوار جي نسبت سان ئي
کيس ياد ڪن ٿا.
چائن لنگ
چائن لنگ هڪ وڏو اديب ۽ عالم هو. هُو نه صرف هڪ
شهنشاهه هو، پر وڏو جرنيل به هو. هُو چين جي عظمت
۽ معراج جو آخري يادگار هو. سندس دور ۾ چين آزادي
۽ اقتدار جي عروج تي هو. سندس موت کان پوءِ حڪومت
جو اهڙو زوال آيو، جو ڪجهه سالن کان پوءِ بادشاهت
هميشه لاءِ ختم ٿي وئي ۽ جمهوريت جو جنم ٿيو. چائن
لنگ گهڻين ئي خوبين جو مالڪ هو. هُو هڪ اديب،
آرٽسٽ، جرنيل، مدبر سياستدان ۽ محبِ وطن پڻ هو.
شروع ۾ هُو صرف هڪ اديب هو، بعد ۾ زماني جي حادثن
۽ تبديلين کيس گهڻو ڪجهه بڻائي ڇڏيو.
مانچو خاندان جي باني ”شن چي“ چين ۾ هڪ نئين دور
جي شروعات ڪئي. هن منگ خاندان کي شڪست ڏيئي پنهنجي
حڪومت قائم ڪئي. شروع جي ٽن حڪمرانن وڏي ٺٺ ٺانگر
سان حڪومت ڪئي. هنن ملڪ جي بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ
ڪيترائي ڪم ڪيا، پر انهن ٽنهن ۾ سڀ کان سهڻو ۽
مٿانهون چائن لنگ جو دورِ حڪومت هو.
چائن لنگ، شهنشاهه ينگ چنگ جو جانشين هو، جيڪو حرم
جي هڪ خاص خاتون جي پيٽان پيدا ٿيو هو. ان جي
شروعاتي زندگي مطالعي ۽ تحقيق ۾ گذري، کيس سياست
سان ڪا دلچسپي نه هئي. ۽ حڪومت جي معاملن سان به
سندس ڪا دلچسپي نه هئي، علمي ذوق ۽ اخلاقي فضيلت
سبب هو گهڻو مشهور هو. هُو تصنيف، تاليف ۽ تحقيق ۾
ايترو محو رهندو هو، جو کيس عوام جي حالتن بابت ڪا
ڄاڻ نه هوندي هئي.
جڏهن سندس والد وفات ڪئي ته ان وقت سندس عمر
پنجويهه ورهيه هئي. حڪومت جي اميرن مٿس حڪومت جون
واڳون سنڀارڻ لاءِ زور ڀريو. هن جواب ڏنو ته ”ڪنهن
ملڪ جي حڪمراني وڏي ذميواري آهي. اسان جي وڏڙن
جيڪي اعليٰ روايتون قائم ڪيون آهن، تن تي هلڻ سان
ئي ملڪ ترقي ڪري سگهندو. عوام جي حقن جي حفاظت ۽
دشمنن جي حملن کان ملڪ کي محفوظ رکڻ اهڙيون
ذميواريون آهن، جيڪي شايد مان سهڻي نموني پوريون
ڪري نه سگهان.“
چائن لنگ جو اهو جواب سلطنت جي اميرن کي اهڙو
وڻيو، جو هنن پڪوپهه ڪيو ته اهوئي شهزادو هن ملڪ
تي حڪومت ڪري. هنن کي خبر هئي ته حڪومت هٿ ڪرڻ
لاءِ جنگيون وڙهڻيون پونديون آهن. پر چائن لنگ
جانشين هئڻ باوجود انڪار ڪري ٿو. ۽ کيس حڪمراني جي
حقن ۽ فرضن جو به وڏو احساس آهي. انهن خصوصيتن جي
ڪري اميرن وزيرن چائن لنگ کي مجبور ڪيو ته هُو تخت
تي ويهي. انهن جي زور ڀرڻ تي هن نيٺ ها ڪئي ۽ هو
1735ع ۾ تخت تي ويٺو. تاجپوشي کان پوءِ هن چار
معلم مقرر ڪيا، جيڪي کيس سياست جي معاملن بابت
تعليم ڏيندا رهيا.
سندس دور جو پهريون اهم واقعو يورپ جي تبليغين ۽
چينين جي وچ ۾ جهيڙو هو، علحدگي پسند چينين اهو نه
ٿي چاهيو ته عيسائي يا ڪنهن ٻئي مذهب وارا چين ۾
اچي پنهنجي مذهب جو پرچار ڪن ۽ چيني مذهب ۽ ان جي
انفراديت کي ڪو نقصان پهچائين. چائن لنگ جي ڏاڏي
جي زماني کان ئي ان قسم جا نفرت ۽ ڇڪتاڻ وارا جذبا
پيدا ٿي رهيا هئا. ان ڊگهي عرصي ۾ يورپ جا مذهبي
پرچاري پنهنجي مذهبي پرچار جو دائرو وسيع ڪري رهيا
هئا. اهوئي سبب آهي جو چائن لنگ حڪم ڪيو، ته سندس
ملڪ ۾ ٻين ملڪن جي مذهبن جي تبليغ هڪدم بند ڪئي
وڃي. پر اهي پرچاري، جيڪي مذهبي پرچار کان سواءِ
پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ پڻ آيا هئا، تن انهن
پابندين جي ڪا پرواهه نه ڪئي، تنهنڪري هنن پنهنجو
ڪم جاري رکيو. جنهن تي چائن لنگ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي
۽ کين سخت سزائون ڏنائين. اها ڇڪتاڻ ان وقت گهڻو
وڌي وئي، جڏهن فلپائن ٻيٽن جي چيني باشندن کي
اسپيني باشندن، عيسائيت قبول نه ڪرڻ تي سخت سزائون
ڏنيون. ان سزا جو بدلو چين ۾ ورتو ويو، اسپيني
تبليغي مرڪز، جيڪي چين ۾ ٺهرايا ويا هئا، سي سڀ
ڊاهي پٽ ڪيا ويا ۽ اسپيني مبلغن کي ڳولهي ڳولهي
قتل ڪيو ويو. اهي سموريون ڪاروايون شهنشاهه جي حڪم
سان ڪيون ويون.
ان فساد کان پوءِ 1751ع ۾ چائن لنگ جي گهرواري ۽
وڏو پٽ فوت ٿي ويا، انهن ٻنهن جي وڇوڙي کيس جهوري
وڌو. هُو هر وقت مغموم ۽ ملول رهڻ لڳو. پنهنجي
گاديءَ وارو هنڌ ڇڏي جيهول واري فرحت بخش علائقي ۾
وڃي رهڻ لڳو، جيڪو اُتر چين ۾ آهي.
وچ ايشيا جا ويڙهاڪ سردار، چين جي آزادي ۽ امن
لاءِ هڪ مستقل خطرو هئا، هو جڏهن چين جي سياست ۾
گهوٽالو محسوس ڪندا هئا، ته مٿس حملو ڪندا هئا.
چائن لنگ اهو خطرو محسوس ڪندي، طي ڪيو ته چين جي
مستقبل کي ان خطري کان بچائڻ لاءِ ڪو تدارڪ ڪيو
وڃي. هن جنگي جوڌن جي هڪ وڏي فوج تيار ڪئي ۽ مناسب
موقعي جي تاڙ ۾ رهيو. مناسب وقت جو انتظار ان ڪري
ڪيو ٿي ويو جو وچ ايشيا بدامني، قتل ۽ مارڌاڙ جو
هڪ خوني مرڪز هو، کانئس اڳ چين جي حڪمرانن کي اها
همت نه ٿيندي هئي، ته هو انهن جو مقابلو ڪري سگهن.
چائن لنگ موافق موسم ۽ مناسب حالتن ۾ هڪ وڏي فوج
سان مٿن حملو ڪيو ۽ کين عبرتناڪ شڪست ڏني. اهڙيءَ
ريت هن وچ ايشيا جي سڀني باغي قبيلن کي پنهنجي
قبضي ۾ آندو.
چائن لنگ جي ان مهم ملڪ کي امن ۽ آزادي ڏني. انهن
فسادين کي ماري ڇڏيو، جيڪي اڪثر بغاوت ڪندا رهندا
هئا. وچ ايشيا جي قبضي جي اها تحريڪ ڏاڍي دلچسپ
آهي. خاشگر هڪ ننڍي رياست آهي، جتي تخت نشينيءَ
لاءِ شاهي خاندان جا سدائين جهيڙا ٿيندا رهندا
هئا. ان جهيڙي ۾ ديواستي
(Devasti)
هڪ امير امرسينا جي مدد سان تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿيو. امرسينا جي حيثيت هڪ ”بادشاهه گر“ واري هئي،
هُو جنهن کي چاهيندو هو، تنهن کي تخت تي ويهاريندو
هو. بعد ۾ کيس بادشاهه بنجڻ جو حرص ٿيو. هن
ديواستي کي شڪست ڏئي، پنهنجي حڪومت جي شروعات ڪئي.
ديواستي به ان شڪست جو کانئس بدلو وٺڻ ٿي چاهيو.
هن ڪجهه اميرن جي مدد سان فوج تيار ڪئي ۽ امرسينا
تي حملو ڪري کيس شڪست ڏني. امرسينا اتان ڀڄي چائن
لنگ جي درٻار ۾ آيو. کيس ڏن ڏيڻ ۽ سندس فرمانبردار
ٿي رهڻ جو واعدو ڪري کانئس مدد گهريائين. چائن لنگ
امرسينا کان وچ ايشيا جي حالتن بابت مڪمل ڄاڻ حاصل
ڪئي. امرسينا جي اچڻ ۽ وسطي ايشيا جي حالتن بابت
واقفيت، دراصل وچ ايشيا جي مهم جي ذميوار آهي.
چائن لنگ امرسينا جي فوجي مدد ڪئي، ديواستي کي
شڪست ڏئي، کيس تخت تي ويهاريو. هن تخت تي ويهڻ کان
ڪجهه ڏينهن پوءِ پنهنجي خودمختاري جو اعلان ڪيو ۽
چائن لنگ جي اطاعت کان انڪار ڪيائين، ۽ چيني فوج
جيڪا خاشگر ۾ مقرر ٿيل هئي، ان جو به خاتمو ڪري
ڇڏيائين. امرسينا جي ان ڏاڍائي تي چائن لنگ کي
ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجي وزيرن ۽ مشيرن جي مشورن
خلاف امرسينا جي مدد ڪئي هئي. جنهن جي بدلي ۾ هن
بيوفائي ڪئي. نه صرف بيوفائي بلڪه وڏي زيادتي ڪئي.
امرسينا جي ان بيوفائي ۽ ڏاڍائي جو چائن لنگ بدلو
وٺڻ چاهيو. هن وچ ايشيا تي حملو ڪيو، تاتارين،
منگولن ۽ ترڪن سندس مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر
چائن لنگ جي طوفاني حملي جي سٽ سهي نه سگهيا. ان
جنگ ۾ خاشگر، يارقند، خوقند مطلب ته هن سڄي وچ
ايشيا وارو علائقو فتح ڪيو.
ان جنگ کان پوءِ چائن لنگ 1768ع ۾ برما تي حملو
ڪري، ان کي فتح ڪيو. ان فتح کان ڪجهه ڏينهن پوءِ
چيني فوجن نيپال تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪيو، اهڙي
ريت شهنشاهه چائن لنگ جي حڪومت جون حدون افغانستان
۽ هندوستان جي حدن جي ويجهو پهچي ويون.
چائن لنگ عيسائيت ۽ مغربي قومن جو سخت مخالف هو.
هن چين جي حدن ۾ عيسائيت جي تبليغ تي پابندي وجهي
ڇڏي، ٻاهرين واپارين تي سخت نگراني جو انتظام ڪيو.
سامونڊي بندرن تي هڪ خاص آفيسر مقرر ڪيو، جيڪو
”هوپو“
(Hopo)
جي نالي سان مشهور آهي ته هُو درآمد ۽ برآمد تي
نظر رکي. ان قسم جون سختيون ۽ پابنديون ڏسي
انگلينڊ جي بادشاهه جارج ٽئين پنهنجو هڪ قاصد
ميڪارٽني چائن لنگ ڏانهن روانو ڪيو، پر اهو پنهنجي
مقصد ۾ ناڪام ٿي موٽي آيو. انهن ناڪامين جو حل
مغربي قومن عجيب غريب ڳولهي لڌو. هنن تمام گهڻو
آفيم چين موڪليو، چينين کي آفيم وڻي ويو، هو موالي
بڻجي ويا. نتيجي ۾ سندن سياسي اخلاقي ۽ مالي نقصان
ٿيو. مانچو حڪمرانن آفيم جي واپار تي سختي ڪئي،
هنن اهڙي هاڃيڪار واپار لاءِ موت جي سزا مقرر ڪئي.
اهو معاملو ان حد تائين پهتو جو آفيم جي انهيءَ
واپاري سلسلي ۾ ٻاهرين قومن ۽ چين جي وچ ۾ 1841ع ۾
جنگ به لڳي، جنهن ۾ چين جي هارَ ٿي.
1795ع ۾ چائن لنگ کي تخت ڇڏڻو پيو. ڇاڪاڻ ته چيني
قانون موجب ڪوبه حاڪم سٺ سالن جي عمر کان پوءِ
حڪومت نه ٿي ڪري سگهيو. تنهنڪري کيس حڪومت ڇڏڻي
پئي. چائن لنگ مانچو خاندان جو آخري حڪمران هو،
سندس دور ۾ چين جي سگهاري حڪومت سان مخالف مقابلي
جي جرئت نه ڪري سگهندا هئا.
چائن لنگ جو دور فتحن کان علاوه امن و امان جو دور
هو. هن غريبن، مسڪينن ۽ هارين جي ڀلائي لاءِ
ڪيترائي قانون ٺاهيا. مشهور چيني يونيورسٽي ”هان
لن“ جي نئين سِر تنظيم ڪئي وئي، ان کي تعليم ۽
تحقيق جو هڪ شاندار مرڪز بڻايو ويو. ملڪ ۾ ڪيترائي
ننڍا ننڍا ڪتبخانا ۽ وڏن شهرن ۾ مرڪزي ڪتبخانا
قائم ڪيا ويا. چائن لنگ ناول نويسي ۽ مصوري کي زور
وٺرايو ۽ پاڻ به ان ۾ حصو ورتو ۽ انهن جو معيار
بلند ڪيو. شاعري جي لحاظ سان به سندس دور ”سونهري“
سڏيو وڃي ٿو.
چائن لنگ چين جو اهو عالم، مدّبر، فنڪار ۽ ويڙهاڪ
حڪمران هو، جنهن پنهنجي قابليت سان چين جي علمي ۽
سياسي زندگي ۾ مثالي واڌارا ڪيا، هُو شاهي خاندان
جو اهو آخري شخص هو، جيڪو چين جي عظمت ۽ جلال جو
هڪ روشن مينار هو. |