10_ سردار امام بخش خان ولد سردار فتح محمد خان جتوئي
(نيئرآباد؛ شڪارپور)
جتوئي بلوچ پنهنجي جد امجد، سردار جلال الدين خان، جي چئن
پٽن_رند، هوت، لشاري ۽ ڪورائيءَ کي ڇڏي، ان جي
پنجين ڌيءَ، جتو، جي اولاد مان آهن. پهرين ڪيچ
مڪران طرف رهندا هئا. اٽڪل پنج سئو ورهيه اتي رهڻ
بعد، رند، لشاري۽ جتوئي قلات طرف لڏي آيا. رند
شوران ۾ آباد ٿيا. لشاري گنداوا ۾ رهيا ۽ جتوئي
سويءَ ۾ ڍاڍر طرف اچي ويٺا. هونئن، جتوئي به رندن
۾ پاڻ کي شمار ڪندا آهن. انهن مان ڪي پنجاب جي
مختلف ضلعن ۾ به ويٺل آهن. سندن گهڻو ڪجهه تعداد
مانٽگمري، مظفر ڳڙهه ۽ دير غازي خان ضلعن ۾ ويٺل
آهي.
سنڌ جا جتوئي، مير چاڪر خان رند سان گڏ، ناڙيءَ مان لڏي اچي
داراپور طرف رهيا. ان کان پوءِ هنن جو وڏو ڏاڏو،
سردار امام بخش خان، اتان لڏي اچي شڪارپور تعلقي
جي اتر ويٺو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سر چارلس نيپئر
جڏهن افغانستان جي طرف کان موٽيو ته شڪارپور جي ڀر
۾ اچي منزل ڪيائين. ان وقت سندس ڪي اٺ ۽ سامان
چوري ٿي ويو، جو سردار امام بخش خان جي مدد سان
کيس موٽي مليو. ان تي سر چارلس نيپئر هن مان خوش
ٿي. کيس سردار جو لقب ڏنو ۽ سندس شهر تي کيس
پنهنجي نالي رکڻ جي اجازت ڏني. جو اڃا تائين”
نيپئرآباد“ سڏجي ٿو.
ان سردار امام بخش جو پوٽو، جنهن تي سندس نالي پٺيان ساڳيو نالو
رکيو ويو، جنهن جو ذڪر هتي ڪري رهيو آهيان، سو
1817ع ڌاري، سندن ڳوٺ نيپئرآباد ۾ ڄائو. هن ڳوٺ جي
ملا پنهونءَ وٽ سنڌي ست درجا ۽ پارسي زليخان تائين
پڙهي.
سندس والد جي وفات کان پوءِ هن کي پڳ ٻڌائي ويئي. جملي جتوئي ۽
شر قوم جا ماڻهو انهيءَ سرداريءَ ۾ آهن. هن کي
پوري پني زمينداري به آهي، ليڪن ان کان وڌيڪ
سرداري اثر اٿن هي پهرين ”خانصاحب“ ٿيو. ان کان
پوءِ کيس” خانبهادر“ جو لقب مليو. بعد ۾ ”سردار
بهادر“ ٿيو. کيس ڪجهه وقت لاءِ اسپيشل ماجسٽريٽ
ڪري رکيو ويو. سيڪنڊ ڪلاس ماجسٽريٽ جا اختيار هئس.
1911ع کان 1930ع تائين ماجسٽريٽي هلائيندو رهيو.
سندس اثر آفيسرن، سنڌ جي خاندانن، وزيرن تائين هو.
کيس ڪمشنر صاحب، گورنر ۽ وائسراءِ کان اعزاز ۾
آفرين ناما ۽ تلواريون مليل هيون، جي ان وقت وڏيءَ
عزت جا نشان سمجهيون وينديون هيون.
هو ڳالهه جو يڪ سخنو هوندو هو. جيڪڏهن الڪيشن مهل ڪنهن سان
پهرين انجام ڪري ويٺو؛ ته پوءِ ڪيڏي به زور تي هو
واعدو خلافي نه ڪندو هو. راڄ جا ماڻهو هن کان گهڻو
ڊڄندا هئا. مجال، جو ڪو سندس حڪم جي انحرافي ڪري،
پوءِ سندس سلامت رهڻ مشڪل ٿي پوندو هو. هن جا
لاڳاپا سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي خاندان سان گهاٽا
هوندا هئا. هو ڪڏهن به چونڊن ۾ اميدوار نه بيٺو.
خانبهادر الهه بخش مرحوم سان هن جا گهاٽا تعلقات
هوندا هئا. ڪنهن به اليڪشن ۾ هن سندس خاندان جي
مخالفت نه ڪئي.
مون سان شڪارپور ۾ مسلم ليگ اليڪشن جي موقعي ملاقات ٿي هيس.
گهڻي زور بار پوڻ جي باوجود، هن حاجي مولا بخش جو
طرف نه ڇڏيو. ”قول مردان جان دارد“ _هن جو تڪيو
ڪلام هوندو هو.
جيتوڻيڪ ملڪيت ۾ موري وارا ۽ ميهڙ وارا جتوئي هن کان وڌيڪ هئا._
انهن مان ڪيترا اسيمبليءَ جا ميمبر به ٿيا آهن،
ليڪن سرداريءَ ۽ راڄن جي مڃوتيءَ ۾ هي سڀني کان
وڌيڪ بااثر سمجهيو ويو ٿي.
سردار امام بخش گاڏيءَ ۾ دل ٽٽڻ ڪري 2 جون 1956ع تي وفات ڪئي.
کيس هڪ فرزند، فتح محمد خان، نالي آهي، جنهن کي ٻه فرزند پڙهيل
آهن. سردار فتح محمد خان 1905ع ۾ ڄائو هو. سندس
فرزندن مان هڪ پهرين مئي. 1924ع تي، ۽ ٻيو 8 اپريل
1939ع تي ڄائو هو. سردار فتح محمد خان کي 1959ع ۾
تمغو قائد اعظم مليو.
11_ ارباب نور محمد ميان عبدالحئي پليجو
(ٻنو؛ ٺٽو)
هي ٺٽي ضلعي جو خاموش، مخلص، مهمان نواز، وفادار، آزاد خيال،
زند دل، قوم پرست، محب سنڌ، ڪهنو قومي ڪارڪن آهي.
هن جي زندگيءَ جي احوال کي هنن ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي بيان ڪريان ٿو؛
(1) نسب ۽ خاندان، (2) شخصي زندگي، سياسي ۽ سماجي
ڪردار سميت.
نسب ۽ خاندان
هي پليجي قبيلي جو وڏيرو يا ارباب آهي. اهي ٻيئي لقب اصل ۾ سماٽ
جي ڪن پاڙن جي مکيه ماڻهن لاءِ ڪتب آندا ويندا
آهن. هاڻ انهن کي ٻين قبيلن جي مکيه ماڻهن لاءِ به
ڪتب آندو وڃي ٿو. پليجا، سماٽ قبيلي جي شاخ آهن،
جنهن جي اصل بابت جدا روايتون ۽ ڏند ڪٿائون آهن.
هڪڙن سماٽ کي عرب جي قريش نسل مان ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. ٻين کين ايران جي شهنشاهه جمشيد جي
نسل مان ڄاڻايوآهي. ٽين کين راجپوت ڪلن مان هڪ ڪل
شمار ڪيو آهي. ان مسئلي جي پوريءَ طرح تفتيش ڪري،
مستند مضمون لکڻ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر آهي؛
ان ڪري مسئلي کي ائين پيش ڪري ڇڏڻ ڪافي ٿو ڄاڻان.
هڪڙي شجري مطابق، سماٽ جي سڀ کان وڏن ڏاڏن جا نالا جکرو ۽ جادم
هئا. جادم ”يادو“ لفظ مان بدليل آهي، جنهن جي
چوڏهينءَ پشت تي سمون نالي سان ماڻهو پيدا ٿيو،
جنهن جي مکيه پٽن مان هڪ جو نالو ڄام ڪاک هو. ان
جي پٽ ڄام رائدان (يا راءِ ڌن، راڌڻ، راڌو) جي
اولاد ما پليجا شمار ڪيا وڃن ٿا.
معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهي اصل ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف کان سنڌ ۾
آيل آهن. هن وقت اهي ٺٽي ضلعي ۾ زياده تعداد ۾ ۽
حيدرآباد. دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ٿوري تعداد ۾ رهن
ٿا، هنن سڀني گڏجي وڏيري نور محمد کي پنهنجو
پڳدار يا جماعت جو صدر مقرر ڪيو آهي. وڏيري نور
محمد جي وڏن جا نالا هيٺينءَ طرح معلوم ٿي سگهيا
آهن؛ نور محمد بن عبدالحئي بن نور محمد بن محمد
جعفر بن ميرڻ بن نور محمد بن علي انور عرف راڌو.
سندن سلسلو طريقت سيد عالي عليه الرحمت شيرازي
ٺٽويءَ جي معرفت سهروردي ٿئي ٿو؛ جنهن جا سنڌ ۾
مکيه مرڪز مخدوم بلاول عليه الرحمته، مخدوم نوح، ۽
اچ ملتان جا بزرگ هئا.
شخصي زندگي، سياسي ۽ سماجي ڪردار؛
وڏيري نور محمد جو والد وڏيرو عبدالحئي ميرپور بٺوري جي ٻني ڳوٺ
۾ رهندو هو. اهو ڳوٺ دريا ۽ سنڌو جي ڪناري تي گهڻي
وقت کان واپار ڪري مشهور پئي رهيو آهي. درياءَ جي
نزديڪ هئڻ ڪري اهو ٽي دفعا اڳي پائجي چڪو آهي. هاڻ
جنهن جاءِ تي ٻڌل آهي، اهو چوٿون پَڊ اٿس.
وڏيرو عبدالحئي 1888ع ڌاري ڄائو هو. وفات سيپٽمبر 1919ع ۾
ڪيائين. جوانيءَ ۾ وبا جي مرض ۾ سندس انتقال ٿيو.
ميان نور محمد سندس اڪيلو فرزند آهي. هيءُ 30_
جولاءِ 1915ع تي، جمعي ڏينهن، ڇهين بجي صبح جو
ڄائو. سندس والد جي وفات وقت هن جي عمر چئن سالن
جي هئي.
هن کي ٻني جي اسڪول ۾ 6 آگسٽ 1924ع تي ماستر کيل مل آراضيءَ،
تعلقي سوهڻ واري، وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. هيءُ
1929ع ڌاري سنڌ مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويٺو،
جتي ڇهه درجا پڙهي، واپس ڳوٺ آيو. ان کان پوءِ
پنهنجي زمينداريءَ جي سنڀال ڪرڻ لڳو. ابتدا ۾ سندس
زمين ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ هئي. هاڻ 1935ع
کان هي پاڻ ان کي سنڀالي رهيو آهي. هن ٽي شاديون
ڪيون آهن، جن مان پهرين 1934ع ۾ ڪيائين، جنهن مان
کيس نياڻيون ڄايون. ان کان پوءِ ڏهن سالن بعد
1944ع ۾ هن ٻي شادي ڪئي. جنهن مان کيس عبدالحئي
نالي فرزند ڄائو. ٽينءَ شاديءَ مان کيس ٽي فرزند؛
1شير جنگ، 2. ميان غلام رسول، ۽ 3. نصير خان آهن.
سندس سياسي ۽ سماجي ڪارگذارين جو مختصر احوال هيٺينءَ طرح آهي.
1931ع کان وٺي، جڏهن اڃا اسڪول ۾ پڙهندو هو، هي
ڪانگريس طرفان آزاديءَ لاءِ هلندڙ هلچل ۾ دلچسپي
وٺڻ لڳو ۽ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائين. سندس
ڳوٺ ٻني ۾ 1934ع ۾ هن هڪ پبلڪ ليبرري کولائي.
انهيءَ وقت سنڌ جا مسلمان ٻن ڳالهين ۾ دلچسپي
وٺندڙ هئا. هڪ سنڌ جي جدائيءَ جي تحريڪ ۽ ٻي
فلسطين جي ورهاست جي مخالفت. انهن ٻنهي ڳالهين ۾
هن دلچسپي وٺي، پرچار ڪيو ۽ ڳوٺ مان ٺهراءَ پاس
ڪرايا. 1935ع جي سڌارن جي ائڪٽ پاس ٿيڻ بعد، جڏهين
1937ع ۾ جدا ٿيل سنڌ ۾ پهرئين دفعي چونڊون ٿيون،
ته هن هندن مان ڪانگريس اميدوار ۽ مسلمانن مان غير
فرقيوار اتحاد پارٽيءَ جي اميدوارن جي مدد ڪئي.
1937ع ۾ مرحوم عبدالقادر مشهور هاري ڪارڪن جي صحبت
۾ هن هاري تحريڪ ۾ شرڪت ڪئي. ”ڪراچي ضلع آبادگار
ڪانفرنس“ سڏائڻ ۾ مکيه حصو ورتائي.ن. 1938ع ۾ کيس
سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو،
جنهن عهدي تي هن ڪيترا سال ڪم ڪيو ۽ هاري ڪميٽيءَ
جي نظم ۽ نسق لاءِ چڱو ڪم ڪيو. 1937ع ۾ هو پنهنجي
ڳوٺ، ٻني، جي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو. هري
پور آل انڊيا ڪانگريس اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين. 1938ع
۾ ٻني جي ڳوٺ ۾ هڪ وڏي ڪانگريس جي ميٽنگ، ڪماري
ڄيٺمي سپاهيملاڻيءَ جي صدارت هيٺ ڪوٺائين، جنهن ۾
ڊاڪٽر چوئٿرام، جيٺمل پرسرام، پروفيسر گهنشام ۽
ٻين گهڻن قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. هئي. 1939ع ۾ کيس
ڊفينس آف انڊيا ائڪٽ هيٺ ٿوري وقت لاءِ جيل موڪليو
ويو ۽ 1940ع ۾ کيس حيدرآباد ۾ داخلا جي منع ڪئي
وئي. 1945ع کان ٻني سئنيٽري ڪاميٽيءَ جو چيئرمين
چونڊيو، جنهن عهدي تي هن پندرهن سالن تائين رهي،
شهر جي صفائيءَ ۽ صحت لاءِ تجسين جوڳو ڪم ڪيو. سال
1945ع کان ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر
چونڊيو، جنهن تي ٺٽي ضلعي ٿيڻ بعد هلندو آيو. ان
تي جملي تيرهن سال ميمبر رهيو. انهيءَ عرصي ۾
پنهنجي ڳوٺ ۾ اسپتال ۽ انگريزي اسڪول
وجهارايائين، ۽ آسپاس جي رستن کي درست ڪرايائين.
هڪڙي ڀيري هن لوڪل بورڊ طرفان سنڌ مدرسي بورڊ تي
عيوضيءَ طور ڪم ڪيو ۽ سنڌ لوڪل سيلف گورنمينٽ
انسٽيٽيوٽ تي ميمبر پڻ رهيو: 1951ع کان چانڊيو
هاءِ اسڪول سجاول جي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي ڪم
هلايائين، جيستائين اهو اسڪول پوءِ گورنمينٽ
پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ورتو.
ننڍي هوندي کان ميان نور محمد کي شڪار جو شوق رهيو آهي. راڳ سان
خاص دلچسپي اٿس. ترقي پسند اديبن جو سنگتي ۽ صحبتي
آهي، جن جي مجلس ۾ وس پڄندي ضرور شريڪ ٿيندو آهي.
ڪتابي مطالعي جو خاص شوق اٿس. جنهن به سنڌي ڪتاب
جي ڇپجڻ ۽ شايع ٿيڻ جو پتو پوندو اٿس، اهو ضرور
خريد ڪري پڙهندو ۽ پنهنجي ڪتب خاني ۾ رکندو آهي.
سندس ڪتب خاني ۾ ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود آهي.
هن وقت ميان نور محمد پليجا قبيلي جي تنظيم ۽ اتحاد ۾ دلچسپي
وٺي رهيو آهي. سنڌ ۾ نئين شروع ٿيل ڪلچرل اصلاح جي
ڪانفرنسن ۽ ڪمن ۾ خاص دلچسپي وٺي ٿو، ۽ ان سلسلي ۾
قائم ٿيل ”بزم صوفياي سنڌ“ جو هڪ سرگرم رڪن ليکيو
وڃي ٿو.
12-
آغا غلام نبي خان در محمد پٺاڻ
سلطان ڪوٽ، شڪارپور
هي سلطان ڪوٽ جي بابر پٺاڻ جي قبيلي مان آهي. هنن جو
وڏو سلطان خان، افغانستان کان ميرن جي صاحبيءَ
ڌاري لڏي، سنڌ ۾ شڪارپور جي ڀر ۾، نون ميلن جي پنڌ
تي پنهنجي نالي جو ڳوٺ ٻڌائي اچي ويٺو، جتي آهستي
ٿي سندس پونير وڏن زميندارين جا مالڪ بنجي انهيءَ
ايراضيءَ ۾ وڏو اثر ۽ رسوخ قائم ڪري ويا. سندن
شجرو هيءُ آهي:
هن وقت ان ڳوٺ ۾ هيٺين مکيه ڪٽنبن جا پٺاڻ ويٺل
آهن:
سردار محمد ايوب خان جا فرزند ڀورو خان ۽ ٻيا ۽ سندس چاچا خان
بهادر نظام الدين ۽ خان صاحب حسام الدين(2) خان
بهادر مير احمد خان جو ڪٽنب.(3) خان بهادر جان
محمد خان جو ڪٽنب.(4) ميان در محمد خان جو ڪٽنب.
انگريزي دور حڪومت ۾ هنن مان ڪيترن کي سرڪاري مان لقب مليا ۽
بمبئي ڪائونسل ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر چونڊجي آيا.
خان شاهه پسند خان کي خان بهادريءَ جو خطاب مليو.
خان جان محمد خان کي خان بهادريءَ جو لقب مليو ۽
ڇهن سالن لاءِ بمبئي ڪائونسل تي ميمبر رهندو آيو.
مير احمد خان کي خان بهادريءَ جو لقب مليو ۽ سنڌ
اسيمبليءَ جو 1953ع ۾ ميمبر چونڊيو.
آغا غلام نبي خان جي والد جو نالو آغا در محمد خان هو، جنهن ٻه
شاديون ڪيون هيون، پهرين شادي مان هن کي(1) قلندر
بخش خان(2) غوث بخش خان نالي فرزند پيدا ٿيا: ۽
ٻيءَ شاديءَ مان کيس ٽي فرزند ڄاوا. 1. آغا محمد
صديق خان، 2. حاجي محمد نواز خان، ۽ 3. آغا غلام
نبي خان.
غلام نبي خان سيپٽمبر 1915ع تي سلطان ڪوٽ جي ڳوٺ ۾ ڄائو.
ابتدائي تعليم هن سلطان ڪوٽ جي سنڌي اسڪول ۾ ورتي.
ان کان پوءِ انگريزي تعليم هن هاءِ اسڪول شڪارپور،
لاڙڪاڻه مدرسي ۽ سنڌ مدرسه ڪراچيءَ ۾ ورتي. مئٽرڪ
جو امتحان عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين.
اعليٰ تعليم لاءِ هي سائنس ڪاليج عليڳڙهه ۾ داخل
ٿيو. جتان بي ايس سي پاس ڪري، هي ڪاليج ۾ وڪالت
پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو. پر ان وقت سياست ۾ حصي وٺڻ
ڪري، کيس ٻين يارهن شاگردن سان گڏ ڪاليج مان خارج
ڪيو ويو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ٻين شآگردن معافي وٺي
وري وڃي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، ليڪن هن موٽي ڳوٺ اچي
رهڻ کي وڌيڪ عزت وارو سمجهيو.
ان وقت نون سڌارن هيٺ چونڊون ٿي چڪيون هيون. سنڌ ۾ سر غلام حسين
هدايت الله جي وزارت اتحاد پارٽيءَ کان شڪست کائي
چڪي هئي. خانبهادر الهه بخش خان جي وزارت قائم ٿيل
هئي. سر غلام حسين، وزارت مان شڪست کائڻ بعد، شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي مشوري تي، مسلم ليگ ۾ دلچسپي
وٺڻ لڳو هو. غلام نبي خان عليڳڙهه کان تازه دم
مسلم ليگ جي رنگ ۾ رچجي آيل هو. ازانسواءِ سر غلام
حسين جا پٺاڻن جي هڪ گروهه سان عزيزانه تعلقات هئا
۽ انهن مان ڪن جا مڪاني سياست ڪري خانبهادر الهه
بخش سان سياسي اختلاف به هئا. ان ڪري هن نوجوان جي
ڪوشش سان سلطان ڪوٽ ۾ آگسٽ 1938ع تي مسلم ليگ کي
سنڌ ۾ منظم ڪرڻ لاءِ پهرين ورڪرن جي ميٽنگ گڏ ٿي،
جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبداالله هارون،
قاضي فضل الله، سر غلام حسين ۽ ٻين ڪيترن ماڻهن
حصو ورتو.
سگهوئي الهه بخش وزارت طرفان پارٽيءَ جي اجازت کان سواءِ، ڍلن
وڌائڻ جي سوال تي، اتحاد پارٽيءَ ۾ اختلاف ٿي پيو،
اتحاد پارٽيءَ مان اسان جو گروهه وڃي مخالفت ۾
ويٺو.
8 کان 10 آڪٽوبر 1938ع تي، سيٺ حاجي عبدا: هارون، جو
اڳي اتحاد پارٽيءَ جو صدر هو ۽ هاڻ اسان سان گڏ ان
مان ٻاهر نڪتو هو، تنهن مسلم ليگ سان شريڪ ٿي، شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڪوشش سان، صوبه سنڌ مسلم ليگ
جو اجلاس سڏايو، جنهن جي مرحبا ڪميٽيءَ جو چيئرمين
سيٺ حاجي عبدا: هارون ۽ سيڪريٽري پير علي محمد
شاهه راشدي ٿيا. ان اجلاس جي صدارت لاءِ مسٽر محمد
علي جناح صاحب کي مدعو ڪيو ويوي هو. سندس آمد وقت
هن جو نهايت شآندار استقبال ٿيو ۽ جلوس ڪڍيو ويو.
انهيءَ اجلاس ۾ هندستان جا ڪيترا مکيه مسلم ليگ
ليڊر آيل هئا، جهڙوڪ؛ 1. سر سڪندر حيات خان
وزيراعظم پنجاب، 2. مولوي فضل الحق صاحب، وزيراعظم
بنگال، 3 سر سعد ا: خان، وزيراعظم آسام، 4. سردار
اورنگزيب خان، ليڊر مسلم ليگ پارٽي، فرنٽيئر، 5
نواب محمد اسماعيل خان ميرٺ وارو، صدر صوبه مسلم
ليگ، يو پي 6. راجا صاحب امير محمد خان آف محمود
آباد، ۽ ٻيا ڪيترا صاحب ان ۾ شريڪ ٿيا هئا.
جناح صاحب حاجي عبدالله هارون جي بنگلي تي رهيل هو. اتي
ٻاهران آيل مکيه ليڊرن جي ميٽنگ گڏ ٿي، جنهن ۾ سر
سڪندر حيات خان، مولوي فضل الحق صاحب، سر سعدالله
خان، خانبهادر الهه بخش، پير الاهي بخش، سر حاجي
عبدا: هارون، سر غلام حسين هدايت الله، ۽ هڪ ٻن
ٻين ۽ مون شرڪت ڪئي. ان ميٽنگ ۾ الهه بخش، پنجاب ۽
بنگال جي مکيه وزيرن جي زور بار وجهڻ تي اها ڳالهه
قبول ڪئي ته آل انڊيا آئيني مسئلن لاءِ هو به
پنجاب ۽ بنگال جي وزيراعظمن وانگر مسلم ليگ جي
سهاري هيٺ ايندو ۽ سڀني اسيمبليءَ جي مسلم ميمبرن
کان مسلم ليگ جا فارم ڀرائي، جناح صاحب جي حوالي
ڪندو. ٻاهران آيل صاحب واپس موٽي ويا. جناح صاحب
سنڌ ۾ رهي پيو.
ٿورن ڏينهن بعد سنڌ جي اڪثر مسلمان ميمبرن جي ميٽنگ
جناح صاحب وٽ گڏ ٿي، جتي سر غلام حسين واري گروهه
انهيءَ موقعي مان فائدو وٺڻ خاطر گهر ڪئي ته مسلم
ليگ اسيمبليءَ پارٽيءَ جي ليڊر جي نئين سر چونڊ
ڪئي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح نئين چونڊيل ليڊر کي وزارت
ٺاهڻ جا اختيار ڏنا وڃن. الهه بخش جو چوڻ هو ته
جهڙن شرطن تي پنجاب ۽ بنگال جي وزيراعظمن ليگ سان
شموليت ڪئي هئي، هو به اهڙن شرطن تي شامل ٿيڻ لاءِ
تيار هو. يعني وزيراعظم هو رهڻو هو ۽ جيڪڏهن هڪ ٻه
وزير کيس نئين ليگ گروهه مان ڏنا ويندا ته هو انهن
جي کڻڻ لاءِ تيار هو؛ وڌيڪ هيءُ ته آل انڊيا آئيني
مسئلن ۾ هو مسلم ليگ سان شريڪ رهندو. ليڪن مڪاني
جوڙجڪ ساڳيءَ طرح بحال رکندو ۽ ان ۾ بيروني دست
اندازي ڪرڻ نه ڏيندو. جناح صاحب سندس شاندار
استقبال ۽ مسلم ميمبرن جي مسلم ليگ جي عهدنامن تي
صحيحن ڪرڻ جي هيٺ اچي، ساريءَ وزارت کي مسلم ليگ
جي ضابطي هيٺ رهڻ لاءِ ليڊر جي نئين سر ٺاهڻ تي
زور ڏنو. انهيءَ ڳالهه تي صلح ٽٽي پيو.
مسلم ميمبر، جن جي ليگ ۾ داخل ٿيڻ تي جناح صاحب کي ناز
هو، انهن جو حال اهو ٿيو ته جناح صاحب جي هوندي،
موٽي سڀ وڃي الهه وزارت سان شآمل ٿيا ۽ مسلم ليگ
پارٽيءَ ۾ باقي نوَ ميمبر وڃي بچياسون. جن مان پنج
اڳوڻا اتحاد پارٽيءَ وارا ميمبر هئاسون. پوءِ انهن
ميمبرن جي جناح صاحب جي موجودگيءَ ۾ ميٽنگ ٿي، جتي
سر غلام حسين هدايت الله کي پارٽيءَ جو ليڊر ۽ مير
بنده علي خان کي ڊيپوٽي ليڊر چونڊيو ويو. ان ميٽنگ
۾ ٺهراءُ ٿيو ته الهه بخش وزارت خلاف بي اعتباريءَ
جي تجويز پيش ڪرڻ جو نوٽيس اسيمبليءَ ۾ آءُ پيش
ڪريان. فيصلي موجب مون اهو ٺهراءُ اسيمبليءَ ۾
موڪليو. جناح صاحب خير سان روانو ٿي ويو. جڏهين
ٿوري عرصي بعد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڪٺو ٿيو، ۽
منهنجو ٺهراءُ اجازت لاءِ پيش ٿيو، سر غلام حسين ۽
مير بنده علي خان ان جي فائدي لاءِ اٿي بيٺا. ان
تي ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ اجازت ملي. اسپيڪر ٽن
ڏينهن کان پوءِ ان ٺهراءَ تي بحث ڪرڻ لاءِ تاريخ
مقرر ڪئي. ان ۾ وچ ۾ الهه بخش مرڳو مسلم ليگ جي
ليڊر ۽ ڊيپوٽي ليڊر کي ئي وزارتن جي لالچ ڏيئي
ٺاهي ڇڏيو. جنهن ڏينهن ٺهراءُ بحث لاءِ اسيمبليءَ
اڳيان پيش ٿيو، مسلم ليگ جي ليڊر سر غلام حسين ۽
ڊيپوٽي ليڊڙ مير بنده علي خان کي وزارت جي بينچن
تي ويٺل ڏٺو سون. ٽن ڏينهن جي بحث بعد ووٽن وٺڻ
مهل هائوس جي سٺ ميمبرن مان منهنجي ٺهراءَ کي صرف
ست ووٽ مليا. جن صاحبن کي وزارت ۾ آڻڻ لاءِ جناح
صاحب نئين سر وزارت ٺاهڻ تي زور ڏنو هو تن وزارت
خاطر نه جناح صاحب جي عزت جو خيال رکيو، نه مسلم
ليگ سان بي وفائيءَ ڪرڻ کان تِر هٻڪيا.
سنڌ ۾ مسلم ليگ کي الهه بخش وزارت طرفان اها پهرين شڪست
هئي. ان کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ اندر
صرف ست ميمبر وڃي رهياسون، جن خانبهادر محمد ايوب
کهڙي کي پارٽيءَ جو ليڊر چونڊيو ۽ محمد هاشم گزردر
کي سيڪريٽري چونڊيو. ان وقت کان وٺي اسان سيٺ حاجي
عبدا: هارون جي صدارت هيٺ مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم
ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. سکر ضلعي ۾ ان جي منظم ڪرڻ
جو سمورو بار غلام نبي خان تي رکيو ويو.
جناح صاحب جي ان مهم ۾ ناڪاميابيءَ سنڌي سياست کي نئون
رنگ ڏنو. هن کان اڳ سنڌي سياست جو دائرو مڪاني
سوالن ۽ مختلف ماڻهن جي وزارتن ۾ کڄڻ ۽ نڪرڻ تائين
محدود هو. هاڻ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي آل انڊيا
سياسي اختلافن سنڌي فضا کي ولوڙڻ شروع ڪيو.
ڪانگريس الهه بخش وزارت جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي. هن
جي مخالفن ڪانگريس کي هندن جي جماعت قرار ڏيئي.
فرقيوار بنياد تي پروپيگنڊا ڪري، مسلم ليگ کي زور
وٺائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هندو- مسلم نفاق کي زور وٺائڻ لاءِ اتر سنڌ جي چند مسلم ليگ
ڪاڪرڪنن هڪ نئون مسئلو قبر مان کوٽي ڪڍيو. سکر شهر
۾ مغل دور جون ڪي ٺهيل عمارتون موجود هيون، جن مان
ڪن ۾ انگريزن آفيسون ڪيون هيون. ڪن کي پنهنجي چارج
۾ رکيو هئائون. انهن مان هڪ منزلگاهه جي ڀر واري
ڦٽل عمارت به هئي. ان لاءِ سکر جي مسلمانن سوال
اٿاريو ته اها جاءِ مسجد هئي، تنهنڪري ان کي
مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ اها جاءِ شهر
کان ٿوري پاسيري هئي، ۽ ان جي ڀر ۾ ايتري آبادڪاري
ڪا نه هئي، جو روزمرهه جي نماز لاءِ ڪارآمد ٿي
سگهي. ڳوٺن ۾ اهڙيون ڪيئي مسجدون زبون حالت ۾ پيل
هيون، جن جي نه ڪنهن مرامت ٿي ڪرائي، نه نماز لاءِ
انهن کي ڪتب آندو ٿي. پر سوال اٿارڻ وارن کي پتو
هو ته الهه بخش وزارت جو زياده تر مدار هندو
ميمبرن تي هو. سکر جا هندو تعصبي ۽ ڪوتاهه نظر
هئا. انهيءَ جاءِ جي سامهون درياءَ جي وچ ۾ هندن
جو ساڌ ٻيلي وارو مندر هو. سو هندو ضرور ان ڳالهه
جي مخالفت ڪندا. جي الهه بخش اها جاءِ مسلمانن کي
ڏيندو ته مٿس هندو ناراض ٿيندا، جي نه ڏيندو ته
مذهب جي نالي ۾ الهه بخش وزارت خلاف نفرت ڦهلائڻ
جو موقعو ملي ويندن.
بهرحال، سکر مان مسلمانن جو هڪ وفد ڪرچي هلي آيو. وزارت کي
مليا، ۽ مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽِيءَ اڳيان اهو سوال
پيش ڪيائون. مون ان سوال کي مخالفت ڪرڻ جو غلط ۽
غير منصفانه طريقو سمجهي، بر خلاف راءِ ڏني؛ پر
جوش ۾ دماغي توازن ٺيڪ نٿا رهن. عام چوڻي آهي ته
”عشق ۽ جنگ ۾ هر طريقو جائز آهي“. منهنجو آواز
ڪنهن به نه ٻڌو. مون تي پاڻ ميمبر ناراض ٿيا. ان
سوال کي هٿ ۾ کڻڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيائون.
جڏهين مسلم ليگ طرفان مسجد هٿ ڪرڻ جو فيصلو
ڪيائون.
ان بعد آغا غلام نبي خان پنهنجي ڪجهه ساٿين سان شيخ واجد علي
ائڊووڪيٽ شڪارپور جي اڳواڻيءَ هيٺ، سون ماڻهن جو
جٿو شڪارپور کان چاليهه ميلن جي پنڌ تان پاڻ پيادو
وٺي، سکر پهتو. ستياگرهه شروع ٿيو. ڪيئي هزار
ماڻهو جيلن ۾ ويا.
سر ڪار تنگ ٿي، منزلگاهه تان پهرو هٽائي ڇڏيو، ۽ جيل جا دروازا
کولي ڇڏيا. ستياگرهن اچي منزلگاهه تي قبضو ڪيو. پر
معاملو اتي ختم نه ٿيو. سملمانن طرفان گهر ٿي ته
باقاعدي سرڪاري طرح ان جو قبضو کين. ڏياريو وڃي.
ٻئي طرف هندن مهاسڀائي ليڊر، ڊاڪٽر مونجي جي
صدارت هيٺ سکر ۾ ڪانفرنس سڏائي، ۽ پرزور تقريرون
ڪري سرڪار تي زور ڀريو ته اهو ناجائز قبضو کين
ڏياريو وڃي. حالتون ويئون وڌيڪ خراب ٿينديون. آخر
وزارت گورنر کان آرڊيننس پاس ڪرايو ته ڪنهن به
ماڻهوءَ کي ڪيس هلائڻ بنان گرفتار ڪري ٻن مهينن
تائين سرڪار جيل ۾ رکي ٿي سگهي. هنن جو خيال هو
ته ان طرح سان ليڊرن کي گرفتار ڪري، جيل ۾ رکڻ سبب
هلچل سرد ٿي ويندي.
انهيءَ سلسلي ۾ پهرين هنن خانبهادر کهڙي کي سندس ڳوٺ عاقل ۾
نظربند ڪري رکيو. انهيءَ حالت کي ڏسي، حاجي
عبدالله هارون ۽ سيد علي محمد شاهه راشدي، ليگ ۽
تحريڪ جا صدر ۽ سيڪريٽري؛ سنڌ ڇڏي وڃي دهليءَ ۾
ويٺا. باقي جيڪي اسان چند ڪارڪن مسجد ۽ ستياگرهين
جي چارج ۾ هئاسون، تن کي گرفتار ڪري، ٻڻ مهينن
تائين نيئي حيدرآباد جيل ۾ رکيائون. انهن ۾ (1)
قاضي فضل الله، (2) غلام نبي خان پٺاڻ، (3) نعمت
الله قريشي، (4) ڊاڪٽر محمد يامين، (5) آغا نظر
علي خان، (6) پير غلام مجدد سرهندي، (7) شيخ واجد
علي وڪيل، (8) سيد صادق علي شاهه، (9) آئون ۽ ڪي
ٻيا دوست هئاسون. ليڪن حڪومت جو گهربل مقصد حاصل
نه ٿيو. ليڊرن جي غير موجودگيءَ ۾ ماڻهو ڪنٽرول
مان نڪري ويا. پوئتان هندو_مسلم فساد ٿي پيا. سوين
جانيون ضايع ٿيون. لکين رپين جو نقصان ٿيو. ساري
ملڪ ۾ بدامني ڦهلجي ويئي. سوين ماڻهو ڌاڙن ۽ قتل
جي ڪيسن منجهه جيلن ۾ موڪليا ويا. |