جهوراڻي ٽي. ايڇ نئين دهلي
”پونجي_1 “اسان جي پهرين ڪوشش
آهي ڪيتري قدر ڪامياب ٿيا آهيون، اهو سڀ توهان
تي ڇڏيون ٿا، اسان اهو ڄاڻون ٿا ته اجھ ان ٻوليءَ
لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهيون جيڪا ذوم سان اسان وٽان
پاڻ ڇڏائيندي پئي وڃي. وقت جي سچائي سامهون آهي
خاص ڪري وڏن
ميٽروپوليٽن شهرن ۾، جتي سنڌي شڪول دونهين جي غبار
جيان وڃن ٿا گم ٿيندا. پنهنجن ٻارن کي انگلش ميڊيم
پاڙهڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙپيا ٿا ڪريون، پر دل مان ڪڏهن
ٻالڪپڻ ۾ ٻڌل ٻول يا اسر جو ڀڳت ڪنوار جو سريلو
آواز ڀڳونتي ناواڻيءَ جي سکمني ننڊ ڦٽايو ڇڏيو
ڇڏي. بس ائين بئنڪ جي دوستن/يارن گڏجي سنڌي سڀا
ٺاهي ۽ هي رسالو توهان تائين پهچايون ٿا.
رسالي اندر نظمن جو سنڌ وارو وڀاڳ، اسان جي شاعر
”ايم _ڪمل“ انتخاب ڪري ڏنو. جنهن لاءِ سنڌ جي شاعر
ذوالفقار راشدي جس لهڻو جنهن چونڊ ڪتاب کيس ميسر
ڪري ڏنا. اسين سندن شڪر گذار آهيون. رام ڪرشن
آڏواڻي راهي“ جنهن پنهنجي نجي ساهتڪ پونجي مان بنا
ڪنهن اٽڪ جي ٻه ٽي لپون چونڊ لاءِ ڏنيون. ”ڪونج“
پريس/هري موٽواڻيءَ کي وساري نه سگهنداسين جنن جي
اڻٿڪ محنت/ مدد کان سواءِ سان لاءِ ميدان ۾ اچڻ
ڏکيو ٿي پوي ها. ليکڪ دوستن جن پنهنجين رچنائن سان
اسان جي ”پونجي“ کي سينگاريو ۽ انهن سڄڻن جن جي
مالي مدد اسان جي همٿ افزائي ڪئي جنهن لاءِ خاص
مهرباني. پروفيسر گورڌن جاني جنهن پنهنجائپ وچان
اسان لاءِ ڊڪ ڊوڙ پئي ڪئي آهي تنهن لاءِ ٿئنڪ يو.
”هندستان“ ڊيلي بامبي، ”هندو“ اجمير، ”سنڌي
ٽائيمس“ الهاسنگر ۽ ”ڪونج“ وارن جا شڪرگذار آهيون
جن وقت سر اسان جي پڌراين کي پئي جوڳي جاءِ ڏني
آهي.
اڳتي به اسين اهڙي ڪوشش ڪندا رهنداسين. ٻڌل/پڙهيل
آواز کي اکرن ۾ اٽڪائڻ جي اسان جي ٻي ٻلاقات ٻئي
سال.
توهان وٽان پهچ/رايا/انتظار……. مهرباني، ٿئنڪ يو.
مئگزن ڪاميٽي
ڪور ڊزائين: رام لعلچنداڻي
بلاڪ ميڪر: مهانندا پروسيس
ڇپائيندڙ: ڀڳوان سوني، جنرل سيڪريٽري،
بئنڪ آف بڙودا سنڌي سڀا،
بئنڪ آف بڙودا، 10/12
بامبي سماچار ماڳ بمبئي ـ23
پرنٽر: ڪونج پرنٽرس، الهاسنگر بمبئي
ڪمپوزنگ ڪندڙ: فياض علي عمراڻي/ارشاد عمراڻي
ڇپيندڙ: پرڪاش بي ـ منگلاڻي.
”پونجي“ نام ڪرڻ
نند ڇڳاڻي مون کي ائپروچ ڪيو، ته بئنڪ آف بڙودا
سنڌي سڀا پاران سالياني مخزن جو نالو سجيسٽ ڪر!
مخزن جو نام _ڪرڻ _ ڪريا_ برهمڻ _ ورتيءَ جو
ڪارنامو آهي. ويٺي ويٺي کيس ويهه ٽيهه نالا ٻڌايم،
ڳالهه
نه ڄمي. ڇاڪاڻ مخزن جو نالو هن بئنڪنگ سان
واسطيدار رکڻ چاهيو ٿي. ان دوران مارڪسواد تي چند
آرٽيڪل منهنجي نظر مان گذريون، جنهن ۾ پوجي واد
لفظ جو ذڪر بار بار آيو ٿي.
پوءِ سوچيم ”پونجي“ ئي آهي جنهن تي اڄ جو هيومن
ڪلچر سروئيو ڪري ٿو. هوئن ”پونجي“ کي فقط ايڪسچينج
ويليو آهي.
پر ان پونجي جي مٽا سٽا تي ئي ملڪن جي وچ ۾
دوستيون ۽ دشمنيون پلجن ٿيون، جنگيون ۽ صلح جا
عهدناما ٿين ٿا.
ساهت به ڇا آهي_ هيومن ايڪسپيرنس جي ”پونجي“ هڪ
ليکڪ به جڏهن پنهنجي آنڀوکي اظهار ڏئي ٿو ته هو
پنهنجي ساهتڪ پونجي پاٺڪن ۾ شيئر ڪري ٿو.
وشنو ڀاٽيا
اائين
ٻڌندو/پڙهندو پئي آيو آهيان ته سنڌي رسالا/مئگزن
ڪڍڻ ڄڻ ته مکڻ جي شيخ پچائڻ آهي؛ منهنجي لاءِ
آزمودو اڃان ته ابتو آهي. اهو شايد ان ڪري به ته
سڀا وارن فراخدليءَ سان پونجي منظور ڪئي؛ ليکڪن/
دوستن/ عالمن/ اديبن جن وٽ به ويس انهن مٺ مٺ
”ساهتڪ پونجي“ نه فقط پئي ڏني پر سچيءَ دل سان شڀ
ڪامنائن جا انبار به پئي ڏنا.
اديب ته مان ڪو نه آهيان پر ادبي سنگت ضرور حاصل
اٿم. شڪر گذار آهيان انهن اديب دوستن جو جن سڌو/
اڻسڌو مون کي پئي اتساهت ڪيو، پئي ٽيڪڙون ڏنائون
جيئن ”پونجي“ ظاهر ٿي سگهي. افسوس اهو آهي جو
محدودگيءَ ڪري پنهنجي پهرين پيشڪش ۾ ڪن دوستن/
سڄڻن کي جاءِ ڪو نه ڏئي سگهيا آهيون. اها اسان جي
مجبوري آهي. اميد نه پر وشواس اٿئون ته ٻيهر اهڙي
چڪ ڪو نه ڪنداسين. سڄاڻ دوستن جي محدودگيءَ/
مجبوري ۾ به اسين هم شريڪ آهيون.
ميلا، ملاکڙا، مئگزن/ رسالا/ ڊراما/ لپيءَ جو
گرماگرم واد وواد ڪيتري قدر اسان کي سنڌي ٻوليءَ
جي واڌاري لاءِ آماده ڪن ٿا، هر جواب اڳيان سوال
جي نشاني اچيو وڃي. هر هنڌ ”مان“جو مونجهارو/
مظاهرو پيو نظر اچي. اڄ سياست شڪول ۾ ئي پهرين
بينچن تي مسڪرائيندي نظر ايندي. عالمن ـ اديبن ۽
ڏات ڌڻين (Genius)
جو سياست سان پير پير ۾ ملائي هلڻ ۽ هڪ ٻئي جي
جتيءَ ۾ پير پائڻ، ڪاميابيءَ لاءِ ضروري ٿي پيو
آهي. جي گذريل وقت کي تواريخي باب ڪري اوڻاين جي
اوگهڙ ڪجي ته به لک کٽياسين، پر هت ته قصو ئي اور
پيو ٿو پسجي. اڃان ته تواريخ پئي ٿي لکجي. هرڪو
پيو ٿو پنهنجو نالو سونهري اکرن ۾ اٽڪائڻ جو جتن
ڪري.
لاعلاج مريض کي ڏسي دل ۾ ان لاءِ قياس ايندو آهي.
ٻوليءَ جي ماهرن کي ”سنڌي ٻولي“ اهڙو ئي مريض ڏسڻ
۾ پئي اچي. اڄ سنڌي ٻولي مرڻينگ مريضن جي قطار ۾
پئي ٿي شماري وڃي. جيئن مرڻ واري کي دليو_بي دليو
بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اهڙيءَ
طرح انعام/ اڪادميون/ اپاڌيون ان ڏس ۾ سرڪار جو
مبارڪ قدم آهي، واجبي علاج آهي پر ان لاءِ وقت جي
تقاضا موجب هوشيار ۽ آزمودگار ڊاڪترن جي ضرورت آهي
۽ نه سيکڙاٽ لسڙاٽن جي؛ ڪامياب ڪمپيوٽر واري واٽ
جي لوڙ آهي ۽ نه پراڻي پيچري جي. ڀل پانڌي پراڻو
هجي پر واٽ نئين هئڻ گهرجي. هڪوار جي مريض سرڪاري
امداد مان ڪر موڙيا، اٿڻ جهڙو ٿيو ته پوءِ باقي
رهندي سندس پنهنجي مڙسي ۽ دوستن/ عزيزن/ خيرخواهن
جي مدد جو هٿ. گهڻي کڄي ڇپر به سولائيءَ سان کڄيو
وڃي.
ادل_ ڪو پورن_ ڪامل عيبن کان آجو ملڻ مشڪل آهي پر
گروءَ بنا گت به ڪو نه آهي. پنهنجي گروءَ ۾ صدق
رکي وچن وٺڻو آهي. قدرت جو قانون آهي ته ”ننڍو وڻ
وڏي ڇايادار وڻ جي ڇانو ۾ ڪڏهن به واڌ ڪو نه پائي
سگهندو“، پر پئراسائيٽ ان ئي وڻ جو ڳڀ چوسي بنان
ڪنهن روڪ ٽوڪ جي واڌ پائي ڦلي ڦولي ٿو قدرت جو اهو
قائدو اسان جي ڪن سنڌي عالمن/ اديبن سان به لڳائي
سگهجي ٿو. وس وارن ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ادب ۾ اضافو
آڻڻ بدران هڪ ٻئي کي پئي ورسايو/ ويڙهايو آهي.
لپيءَ جي واد وواد ورهاڱي کان به وڌيڪ خونخوار
ثابت ٿي چڪي آهي. فرق صرف اڪبر ۽ اورنگزيب جي
حڪومت وارو آهي. اچو ته گڏجي سوچيون ته
”اسان ڇا مان، ڇا ٿيندا پيا وڃون.“
نند ڇڳاڻي
BK. 948/20
SECTION 22;
ULHASNAGAR_ 421003
اوهان جا خط. . .
رات اوچتو اُڀرڪو آيو جو هي ليک رهڙيو اَٿم. رات
جا 25-11 لڳا ته رضائي ويڙهي سمهي پيس.
مان اڪيلو آهيان ۽ سڀني جو ڀاءُ مان ابو هرگز نه
ٿيندس. سال ڳڻڻ دل جي سوڙهه آهي. مان سڀني سريکو
آهيان. بس ليک جي پهچ ڏيندا.
تيرٿ بسنت
مان مضمون ڪو نه لکي سگهيو آهيان نه لکي سگهندس،
شايد (موڊس جي غلاميءَ جو هڪ ثبوت) معافي.
هريش واسواڻي
مون ڪڏهين به ڪنهن فرمائش تي نه لکيو آهي ۽ نه لکي
سگهندس.
نارائڻ ڀارتي
*خط به، اچڻ سان مليو هو، واعدو به ياد آهي، اڄ
سنڌي ٽائيمس به ياد ڏياريو، پر صحت ڊهڻ ۽ ٺهڻ کان
پوءِ، اڄ تائين، ڪجهه نئون لکيو ئي نه آهي.
اميد ته دل ۾ نه ڪندا. افسوس آهي. منهنجو ڪجهه
ڇپيل پاڻ جو اتفاق ٿئي ته صرف ڄاڻ ڏيڻ ڪافي ٿيندو
توهان لاءِ. البته اڻ ڇپيل مئٽر ئي بهتر ٿيندو.
ڇپيل نه کڻو ته بهتر. مزي ۾؟
- نامديو
کاتو پهريون: ڪهاڻيون
*جن آهن؟ *ڪافر * موٽ* ڪاسائي* سمرتين جا لاش*
پريم سنيهه* بي زبان پربت* لکيو جو للاٽ هنڊي*
انسان.
*لعلچند امر ڏنو مل جڳتياڻي* نسيم کرل* ايشور
چندر* وشنو ڀاٽيا* هري همٿاڻي* تيرٿ سڀاڻي* پوپٽي
هيرانندواڻي* هولارام هسيجا* سريچند ڄيٺملاڻي*
علي بخش ميمڻ.
لعلچند امر ڏنو مل جڳتياڻي
جِنَ آهن؟
[لعلچند امر ڏنو مل جڳتياڻي، ”ڏڪر“ ۽ لعل
محمد“ جي نالي سان اڄ به سنڌي ساهتيه ۾ ممتاز جڳهه
والاري ٿو. هن جي وصعيت سنڌ ۽ سنڌين لاءِ بي پناهه
پيار جو ثبوت آهي. اسين ديوي_ رام گلراج جبرالٽر
وارن جا ٿورائتا آهيون، جن هيءَ ساهتڪ پونجي اڄ
سوڌو جيءَ سان جوڙي رکي.
نند ڇڳاڻي]
سنه ستانوي عيسوي.
حيدرآباد ۾ پهرين پليگ پوي، ۽ اسين لڏي کپري
وڃون. مون کي پير ۾ چڪر، مان روز پيو سير ڪريان.
دادو تپيدار، سو وهٽ اسان وٽ جام، مان، ته به ٻه
ڪوهيءَ تي ٽه ڪوهيءَ تي پنڌ ئي نڪريو پوان.
کپري کان ڦلهڏين جو ڳوٺ آهي ٽي ڪوهه. دادو هجي گشت
۾. مان ڪنهن بهاني ڀاڀيءَ سان رسي پيرين پنڌ
ڦلهڏين هليو ويس.
کپري کان آئي مون کي پنج ڏينهن ٿيا هئا.
پنجين ڏينهن، ڏين تي وَٽَ چڙهي ته قاصد مون وٽ
داديءَ جي چٺي کڻي آيو.
داديءَ لکيو هو؛ ڪڪو ٿي پيو آهي صحتڙو؛ دادو به
هتي ڪونهي، تون چٺيءَ ڏسندي هيڏانهن هليو آءُ.
دادي ويچاري ڏنيل، ڪڪو اِهوئي، منهنجابه ڪڪي
۾ پران هوندا هئا.
جن وٽ مان لٿل هوس، تن کان مون وهٽ گهريو، پر
وهٽ ڀائين جا هئا کرن تي. مون کي چيائون، رات ترس؛
ساجهر وهٽ دَل.
پر مان رات به ترسان ڇو ٿو؟
لنگهي ويس ٿاڻي تي. پوليس منشي سڃاڻو هو.
انهي امالڪ گھوڙو ڪڍي ڏنو، رڳو تاڪيد ڪري ڇڏيائينم
ته کپري ۾ گهوڙو ٿاڻي تي ڪري ڏجانءِ.
مون رات جي ماني به ڪا نه کاڌي. گهوڙي تي
لانگ ورائي، اٿي هليس.
پر واهڙ اُڪري، اڃان وڻراهه ۾ گهڙيس ته
.... .... .... ....
هوس ٻارهين ورهئين جو ڇوڪراٽ؛ پر سنسو ڀرم تن
ڏينهن ڪو نه واريندو هوس. جن ڀوت جي هستيءَ ۾ ته
ويسهه ئي ڪو نه هوندو هوم.
دادي اڳيان هونئن اک کڻي ڪو نه نهاريند هوس
پر جن ڀوت جي ڳالهه نڪرندي هئي، ۽ دادو ساکه
ڀريندو هو ته فلاڻي جهنگ ۾ مون کي سڏ ٿيا؛ مون
ٻاٻي جوالا رام کي پڪاريو؛ منهنجي اچي واهر
ڪيائين، ته مان بي ڌڙڪ چئي ڏيندو هوسانس ته اهو
رڳو اوهان جو وهم آهي! اوهين وڳو ڀانيو ٿا ته ائين
ٿيو، هو پر سچ پچ ائين ٿيو ڪڏهين ڪو نه هوندو!
منهنجي بيويساهيءَ تي دادو ڪاوڙبو هو پر انهي
ڳالهه ۾ مان سندس ڪاوڙجڻ کان به ڪين ڪنبندو هوس.
خير، انهي رات، چنڊ جي نڪوريءَ سهائيءَ ۾،
پهرين پهرين مان ڇا ٿو ڏسان جو منهنجي ساڄي توڻي
کاٻي، ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا ناچ وجهندا هلن پيا.
ٻارڙن جو ناچ هليو ئي پئي، ته اتي جو اتي، کن
پل ۾، رڍن ۽ ٻڪرين جا اچي ڌڻ نيا.
مان وائڙو ته هيڏا ڌڻ آيا ڪٿان، ته اک ڇنڀ ۾
ٻيو به چهچٽو لڳي ويو.
ڇا پيو ڏسان جو سامهون اٺ تي ڪا ٻڪري سوار
آهي، جنهن جون پوئيون ڄنگھون وري پٽ سان پيون لڳن!
هيل تائين مان دل ڏاڍي ڪيو پئي آيس. پاڻ کي
اهو ئي پئي آٿت ڏنم ته هي جيڪي به ڏسجي پيو، تنهن
کي سچي هستي ته آهي ئي ڪا نه. دل ۾ چوان پيو ته
دادي کان جنن ڀوتن جون ڳالهيون ٻڌيون اٿم، هي
نتيجو جيڪس انهي اثر جو آهي.
پر پويون رنگ ڏٺم، تڏهن همت منهنجن هٿن مان
وڃڻ لڳي.
هيڪاري جو اُتيئي سڏو سڏ لڳي ويئي ته لالا پٽ
امر ڏني مل جا، سکرام داس جڳتياڻيءَ جا پوٽا،
رامچند لالواڻيءَ جا ڏوهٽا! اوٻڌين ٿو......؟ ٻڌين
ٿو؟ اڙي نه نهاريندين ته پاڻ ٿو ڄاڻين؛ تڏهن ته دم
به منهنجو نڪ تائين اچي ويو.
دادي کان ٻڌو هوم ته ڪنهن اوجهڙ ۾ ائين سڏو
سڏ ٻڌجي ته پٺيرو نهارجي نه.
اِها ڳالهه مون کي ياد آئي. سڏ مون ڏاڍا ٻڌا،
پر مون نه ورجايو، نه پٺيان نهاريو.
تن ڏينهن ڪو گور پير به مان نه پوڄيندو هوس.
پر هن اوسر ۾ مون، چوويهن ئي اوتارن، ڏهن ئي گورن،
برهما، وشنو ۽ مهيش، بلڪه دريا لال ۽ ماتا ڀواني،
ويندي
حضرت عيسيٰ ۽ حضرت محمد تائين سڀني کي وٺي آراڌيو.
جپ صاحب پيو پڙهان. سکمنيءَ جو پاٺ پيو
ڪريان. ڪڻاهه جون ڳنڍيون پيون ٻڌان. مهاڏيو جو روٽ
پيو باسيان.
چوان؛ ڪيئن مڙيوئي هتون منهنجون بچاءُ ٿئي!
اتي ڇو نه اچي ناڙا ڇوڙ جو ويچار ٿئيم!
هاڻي وڃان سو وڃان ڪيڏانهن؟
پهرين ته چيم ته گهوڙي تي ويٺو ئي آهيان لهي
ڪير ٿو؟ اتان ئي ٿو.......... پر وري پيو چوان
ڪپڙن ۾ ڪچ ڪچ ٿي پوندي. ڪنا، آلا ڪپڙي لڳندا پيا.
دٻيم به گهڻو ئي پر جڏهن ڏٺم ته وڌيڪ دٻجي
نٿو تڏهن لغام جو نختو ڪرائيءَ ۾ اٽڪائي، لهي هيٺ
ٿيس.
پر ناڙا ڇوڙ ڪري اٿيس، ۽ جهڙو رڪيب ۾ موٽي
پير ٿي وڌم تهڙو ڇا ڏسان جو هڪڙو ڌونرسرو، اڇيءَ
ڏاڙهيءَ وارو بزرگ منهنجي گهوڙي تي سوار آهي.
منهنجون ته حال ٻه به ويون، ڇهه به ويون.
پر وري به دادي واري ڳالهه ياد آيم. دادي کي
چوندي ٻڌو هوم ته اهي ڀوت ڇايا روپ، هڏ ماس کين
ٿئيئي ڪو نه.
اها ڄاڻ به مون کي ڪم آئي. مون به رڪاب ۾ پير
وجھي، لانگ ورائي ته بزرگ الوپ ٿي ويو!
هيلتائين گھوڙو وڻراهه مان نڪري، پڌري تي آيو
هو.
بس، بچاءُ بند جي حد لنگهي هن ڀر ٿيس، تنهن
بعد ٻيو ڪو رنگ مون ڪو نه ڏٺو.
مان به گھوڙي کي سرارو کڻائيندو ڪلاڪ اڌ ۾
اچي کپري ۾ پهتس.
گهوڙو ته مون انهيءَ ويرئي ٿاڻي تي پهچائي
ڏنو، پر گهر ويس ته ڇا ڏسان جو دادي ۽ امان جاڳن
پيون. ڪڪو ليٽيو پيو آهي؛ پر اکيون کليل اٿس.
پڇيم؛ ڇو؟
امان چيو؛ پٽ، ٽي ڏينهن ٿيا اٿس، نڪي ٿو
کائي،نڪي ٿو پيئي. ڳالهائي به ڪو نه ٿو، سن ئي سن.
اکيون ڦاڙيو، رڳو نهاري پيو.
”داختر ڇا ٿو چوي؟“
”پٽ، داکترن کي هن مرج جي ڪهڙي کبر؟......
چوي ٿو ته هن کي ٿي آهي مٿين جي. عاشورن جي رات
جھليو آهي.“
”پوءِ؟“
پوءِ دادنهن اچي ڪو تدارڪ ڪريس. مان جال
ماڻهو، مان هنن ڪمن مان ڇا ڄاڻان؟“
(2)
ٻئي ڏينهن 10 لڳا ته دادو به اچي سهڙيو.
دادي کي غيب جي ڄاڻ هوندي هئي. انهي سهي ڪيو
ته ڪڪي سان ويڌن ڪهڙي آهي. پر جهاڙ جهڙپ ڪڪي جي
چيائين ته مان نه ڪندس. شهر جي ٻاهران هڪڙو گر ٿي
رهيو. دل ۾ سوچيائين ته انهيءَ کي ٿو وٺي اچان.
پر جهڙو سنبري، انهيءَ گر وٽ ٿي ويو ۽ در کان
ٻاهر نڪتو به هو، ته ڪڪي پاسو ورائي، امان وڏيءَ
کي اکين جي اشارن سان ليئون وڌيون ته دادي کي
پٺيان سڏ ڪر.
اما وڏيءَ ”رمو، رمو!“ گهيائي ڪئي، پر دادي
ورجايس ئي ڪو نه.
اما وڏيءَ تنهنتي مون کي ڊوڙايو.
مان ڊوڙندو وڃي دادي کي پنس. چيومانس؛ ڪڪو ٿو
ڪوٺيو.
مون ڏٺو ته دادي کي پٺ تي ورڻ ٿيو ڪو نه ٿي؛
تڏهن به گهٽڪو کائي وريو، پر موٽي اچي ڪڪي کان
پڇيائين ته ڇو؟ ۽ ڪڪي وري به اک جي اشاري سان ئي
ڄاڻايو ته ٺهيو؛ ٿڏهن ٻئي هٿ جوٽن تي هڻي، چوڻ لڳو
ته توهان هي ڪيو ڇا؟ هن جي چوڻ تي مون کي پٺيان
سڏيو ڇو؟ ماڻ گورو آهي جو پئج رکي!
دادي پنهنجي سر وري به ڪڪي کي آڀاريو؛ پر
واسو منجهس اهڙي نگري جيو اچي ڪيو هو، جو سنئون
پلو ڏٺائين نٿي.
دادو پوءِ ته وڃي گر کي نه، گر جي چيليءَکي
وٺي آيو. اها مائي!
وستر سي ڀاڳوان پيل هئس؛ پر جوڻ الاجي جي
ڪنهنجي هيس!
کائڻ جي به ڪاٽيڙ هئي. اچڻ سان ڪڪي کي جاچي،
لڳي دارونءَ ۽ کاڌي کي. |