سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: خط ٻن استادن جا

1968ع - 2001ع

باب: --

صفحو : 6 

(69)

Ghualm Ali

Channa H.S.T.

Govt. H.S. Sukkur

Dated: 3/11/88

Dear Sir,

Hope this will find you in a happy mood.

The bearer,  Wali Mohammad Khoso, is my fast friend.

He belongs to District Dadu. He has been appointed at Commercial Centre Chak. School lately as a teacher.

I am very anxious to know whether you have received Photostat copies of letters written by you to me which are all 25, and have been sent to you in the first week of October last.

Please let me know that you have received the registered envelope safe and sound.

I think you have been busy in canvassing for Ghulam Mustafa Shah, Rasool Bux Palejo and Sobho Gian Chandani, to succeed in the current election. I heartily wish that they succeed to reach the goal.

Thanks

Yours in service,

Ghualm Ali Channa

*

 

(70)

چڪ

21-2-1989ع

سلمہُ تعاليٰ،

محترمي و مڪرمي محمد ابراهيم جويو

گهڻن ادبن ۽ سَلامن کان پوءِ عرض ته توهان جو موڪليل ڪتابڙو ”ادب ۽ سياست عوام لاءِ“ بنا ڪور جي موصول ٿيو. توهان جي وڏي مهرباني. اميد ته آئنده به نه وساريندا.

مان اڃا گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ آهيان، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. ماحول به سٺو آهي. وقت چڱو ٿو گذري. منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ P.T.C. جو امتحان ڏئي پورو ڪيو آهي. سندس نتيجو اڃا ڪونه نڪتو آهي. پرائمري ماستريءَ جون جايون خالي آهن، جيڪي مارچ جي مهيني ۾ ڀريون وينديون. اسان جي ضلعي شڪارپور جو D.E.O. ساڳيو نذير احمد مغل آهي. مهرباني ڪري کيس فون تي چوندا ۽ هڪ چٺي به موڪليندا ته کيس ڏجي. اميد ته توهان کان ڪنڌ ڪونه ڪڍائيندو۽ هڪ جاءِ ڏئي وجهندو. هو وڏن ماڻهن جون سفارشون مڃي ٿو جيڪي M.N.A يا M.P.A. آهن ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ماڻهن جا به ڪم ڪري ٿو. اسين غريب ماڻهو، اسان جو ته ڪوبه وڏو ماڻهو ڀاءُ ڪونه آهي. اسان جو نه ڪو اهڙو عزيز ئي سرڪردو آهي، جنهن جي پڄندي هجي.اسان جا وڏا ويچارا مال چارا، ڳنوار ۽ ٻڪرار، اسان جي ڪير ٿو ٻڌي ۽ ورنائي. مهرباني ڪري اسان جي پوئواري ڪريو ۽ مدد ڪرڻ فرمايو.توهان جا اڳ به گهڻائي احسان آهن. انهن ۾ هڪ جو اضافو ڪريو ته نوازش ٿيندي. هي ڪم پنهنجو ڪري سمجهندا. ان ۾ ڍرائي نه ڪندا.

زياده خير والسلام

فقط

غلام علي چنه

گورنمينٽ هاءِ اسڪول، سکر

*

 

(71)

سکر

10-4-1989ع

خوش هجو شال.

محترم محمد ابراهيم جويو،

بعد نيازن ۽ سلامن جي عرض ته اڄ صبح جو مون توهان ڏانهن تار پڻ ڪئي آهي. اميد ته توهان کي ملي هوندي.

سائين منهنجا هن کان اڳ به مون اوهان ڏانهن هڪ خط لکيو هو، پر ان جو جواب توهان نه موڪليو. شايد توهان کي وقت نه ملي سگهيو آهي.

توهان اڳ شڪارپور جي ڊي اي او محترم نظير احمد مغل ڏانهن چٺي ڏني هئي، منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ جي پرائمري ماستريءَ جي پوسٽ لاءِ. مون کيس اها چٺي ڏني هئي، ۽ درخواست به ڏني هئي.هن وٺي پاڻ وٽ رکي هئي.

ٽن ڏينهن کان پرائمري ماستريءَ جا انٽرويو شروع آهن. ڪالهه اوچتو اٽڪل ڏيڍ بجي کن نظير احمد مغل دل جي دوري پوڻ سبب انتقال ڪري ويو. اِنالله وَاِنا عليہ راجعون.

اسان جو ڊئريڪٽر هن وقت محترم الهداد بوزدار آهي، جيڪو پهريائين بورڊ ۾ چيئرمن هو۽ ائڊيشنل ڊئريڪٽر محترم غلام نبي ميمڻ آهي. اهي ٻئي ماڻهو توهان جا گهرا دوست ۽ چڱيءَ طرح واقفڪار آهن. جيڪر توهان کين مون بابت سفارش ڪئي، ته اميد ته توهان جي چوڻ کي ڪونه موٽائيندو. توهان جي ٿوري چپ چورڻ سان مون مسڪين جي پٽ جو ڪم ٿي ويندو ۽ کيس پرائمري ماستري آسانيءَ سان ملي ويندي. توهان کي خبر آهي ته اڄڪلهه پي پيءَ جا ماڻهو پيا کڄن. اڳ مسلم ليگ جا ماڻهو هئا! اسان پارن وچٿرن ماڻهن جو واهي ڪوئي ڪونهي. هونئن به غريبن کي پن تي ڇڏيو ٿو وڃي. هر دور وڏيرن کي وڌائي ٿو.

جيستائين ڪو مدد نه ڪندو تيستائين ڪم ٿيڻ ناممڪن ٿو نظر اچي. منڍ کان وٺي اسان کي خدا جو سهارو آهي، توهان جو سهارو آهي. مهرباني ڪري وري هڪ دفعو سهارو ڏئي مون مسڪين جي سهائتا ڪندا.

مون اڳ به توهان جي مدد جو سهارو پئي ورتوآهي ۽ ڪم پئي ڪرايا آهن ۽ توهان کي تڪليفون پئي ڏنيون آهن.

هاڻي به جيڪڏهن توهين ٿوري تڪليف ڪري محترم الهداد يا محترم غلام نبي ميمڻ کي فون ڪندا ۽ منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ جي نوڪريءَ لاءِ چوندا ته مهرباني ٿيندي.

مون توهان جي مدد جو غلط فائدو ڪونه ورتو آهي. توهان کي هميشه ڪنهن لائق ۽ جوڳي ڪم لاءِ پئي عرض ڪيو آهي. ڪنهن بيڪار ۽ غلط ڪم لاءِ سفارش وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿم نه ئي ڪڏهن ڪندس.

اميد ته مون کي مايوس نه ڪندا. غلطي هجي ته معاف ڪندا.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(72)

41- اي، صحافي ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ

24-4-1989ع

پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجو شال.

اوهان جا ٻه چار خط مليل اٿم. مهرباني. ياد ڪريو ٿا. جواب موڪلڻ ۾ ”دستور مطابق“ ئي تاخير ٿئي ٿي، جنهن لاءِ سچ پڇو ته ڏاڍو افسوس ٿئيم ٿو. درگذر ڪندا رهندا.

اوهان جي پٽ غلام مرتضيٰ لاءِ هڪ ڀيرو ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن اسڪولس سکر، مسٽر بوزدار کي ۽ هڪ ڀيرو ائڊيشنل ڊئريڪٽر، مسٽر غلام نبي ميمڻ کي ٽيليفون تي عرض ڪري ڇڏيو اٿم. اوهين مهرباني ڪري ميمڻ صاحب وٽ پاڻ به ويندا ۽ منهنجا کين سلام چوندا. مون اوهان ڏانهن نياپو به موڪليو هو ته اوهان جي ڪم بابت مون وس وارن سان ٽيليفون تي ڳالهائي ڇڏيو آهي. نياپو بنهه پڪو هو، ۽ خاطري هيم ته اوهان کي اُهو ضرور پهچندو، ۽ اُن ڪري به اوهان ڏانهن جوابا خط نه پئي موڪليم.

اميد اٿم ته هن ڀيري غلام مرتضيٰ کي روزگار ملي ويندو.

وڌيڪ خير- والسلام

اوهان جو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(73)

چڪ

25-4-1989ع

سنڀريو جيان ڳالهيون پريم تنهنجون

ڪهڙا ڳڻ ڳڻيان ٿورن مٿو ناه ڪو.

(شاهه)

سدائين خوش باشيد.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته توهان جي خط ۽ نياپي موجب محترم الهداد ۽ محترم غلام نبي ميمڻ سان وڃي مليم. ساڻن ملاقات هڪ نه پر ٻه ڀيرا ڪيم ۽ هر وقت سندن خدمت ۾ عرض رکيم.هنن هر ڀيري مون کان منهنجي پٽ جا Particulars ورتا ۽ پاڻ وٽ رکيا. نتيجو اهو نڪتو جو ٿيو ڪجهه به ڪونه. گهڻا ماڻهو کڄي ويا پر منهنجي پٽ جي قسمت نه ڀِڙايو.

هاڻي وري 20 جولاءِ کان پوءِ درخواستون وٺندا. وڌيڪ ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. توهان جون ته ڪافي مهربانيون آهن. جو توهان تڪليف وٺي، هنن کي چيو ۽ اسان جي باري ۾ سوال ڪيو، پر اسان جي قسمت ۽ ڀاڳ جي ڳالهه آهي.

اسان کي وئڪيشن آهي. پهريائين ايڏانهن اچڻ جو خيال ڪيو هوم ته جيئن توهان کي روبروڳالهيون ٻڌايان، پر هاڻي شايد اچي نه سگهان.

ٻيو ڪو خاص احوال ڪونه آهي،جولکان. توهان پنهنجي احوال کان واقف رکندا. اڄڪلهه ڪهڙو ڪتاب بزار ۾ آندو اٿوَ. ڇا ٿا لکو. گهڻا ڏينهن ٿيا آهن ڪو ڪتاب به ڪونه موڪليواٿوَ.

گستاخي معاف

زياده آداب

مون کي ڪو ڪتاب ڏسيو ته ان جو ترجمو وغيره ڪريان. مهرباني.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(74)

اٻاوڙو

23-9-1989ع

خوش هجو شال.

مڪرمي ومحترمي محمد ابراهيم جويو.

السلام عليڪم: سائين منهنجا دير سان لکڻ جي معافيءَ طلبيءَ کان پوءِ لکجي ٿو ته آءٌ اڄڪلهه اٻاوڙو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ آگسٽ 89ع کان وٺي ڪم ڪري رهيو آهيان. 21-8-1989ع تي سکر هاءِ اسڪول مان منهنجي اوچتو بنان ڪنهن سبب جي بدلي ٿي.جيڪڏهن مان دير سان اچان ها، پيرڊ نه وٺان ها، يا نه پڙهايان ها، يا ڪا ٻي بداخلاقي ڪريان ها ته مون کي ضرور نوٽيس ڏنو وڃي ها يا سبب پڇيو وڃي ها، يا ڪا انڪوائري ڪرائي وڃي ها. پر هي ڪم سڀ اوچتو ٿيو ۽ پوءِ خبر پئي ته منسٽر جي ڪنهن ماڻهوءَ کي، جيڪو هيڊ ماستر صاحب جي ڪنهن پياري دوست جو پڻ پٽ هو، اٻاوڙي مان ڪڍي هتي سکر ۾ مقرر ڪيو ويو. مون کي جڏهن رليونگ آرڊر ڪلارڪ جي هٿان مليو، ته دل چاهيو ته D.E.O. صاحب سان وڃي ملان. پر ٻيءَ دل چيو ته آفيسرن جو خيال هوندو آهي ته في الحال آرڊر ”اوبي“ ڪيو وڃي، تنهنڪري مان به اها ڳالهه ڳڻي وڃي اٻاوڙي ۾ دخلڪار ٿيس. ٻئي هفتي، موٽي اچي ڊي. اي. او صاحب سان ملاقات ڪرڻ ويس ته خبر پئي ته D.E.O. صاحب اسلام آباد ويل آهي ۽ هفتي کان پوءِ واپس ٿيندو. مان وري به دل تي پٿر رکي موٽي اٻاوڙي آيس. وري ٻئي هفتي D.E.O. صاحب سان ملڻ ويس ته چيائون ته ڪراچيءَ ويو هو، جو سندس طبيعت ناساز ٿي پئي هئي، اتان هڪ ڊاڪٽر کان دوا ڪرائيندو آهي. مان وري به صبر ڪري موٽي آيس. ٽئي هفتي يعني سيپٽمبر جي مهيني ۾ هڪ دوست جميل احمد قاضيءَ کي چيم، جيڪو جهاني اسڪول ۾ سائنس ٽيچر آهي ۽ مرحوم عبدالرحمٰن قاضيءَ جو پٽ آهي، جنهن جا تعلقات اسان جي D.E.O. مسٽر عبدالرؤف قريشيءَ سان گهاٽا آهن. هن دلجاءِ ڏني، ۽ وڃي D.E.O. صاحب سان مليو. D.E.O. صاحب کيس چيو ته آڪٽوبر جي پهرينءَ تي کيس بدلي ڪندس. آڪٽوبر آيو ته پهرئين هفتي ۾ ڊي-اي-او صاحب وري به ڪراچيءَ دوا وٺڻ لاءِويو، ۽ بدلي نه ڪيائين. مان وري به وڃي قاضي جميل سان مليس. هن فون ڪيس پر ڪونه مليس. پوءِ سندس ٻارن ٻئي ڏينهن تي ڊي اي او صاحب جي ٻارن کي فون ڪيو جنهن تي هڪٻئي کي ڪا ضائفاڻا مهڻا تهڻا پڻ ڏنائون. جڏهن D.E.O. صاحب عبدالرؤف قريشي ڪراچيءَ کان موٽيوته هن جا پنهنجي ٻارن ڪن ڀريا ته اسان کي قاضي جميل جي ٻارن هينئن ڪي هونئن چيو آهي! ته هو ڪاوڙجي ويو ۽ دل ۾ منهنجي بدليءَ جي نه ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڀيري ٻئي ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي ڏانهس موڪليم ته کيس چيائين ته پنهنجي هيڊماستر کان درخواست تي ”نو آبجيڪشن“ لکرائي اچي. دل ۾ چيم ته اڳ جيڪي بدليون ڪيون هئائين انهن تي ڪهڙو ”نو آبجيڪشن“ هيڊ ماستر جي طرفان لکيل هو، جو هاڻي مان لکرايان! منهنجي خيال ۾ ته اهو رڳو بدلي نه ڪرڻ جو بهانو ۽ اَڙ هئي.

25-10-1989ع تي جڏهن پاڻ اسڪول جي انسپيڪشن ڪرڻ آيو ته کيس عرض ڪيم ته ”نوان ماڻهوجيڪي هڪ ڏينهن آفر آرڊر وٺي، ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ رپورٽ ڪري، ٽئين ڏينهن بدليءَ لاءِ درخواست ٿا ڏين، انهن جي بدلي ڪريو ٿا باقي منهنجي نه! ٻين جي لاءِ جڳهون آهن، منهنجي لاءِ نه آهن. آخر مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو مون کي بدلي ڪري هتي رکيُوَ. منهنجا ننڍڙا ٻچا اتي اڪيلا آهن، جيڪي پڙهن ٿا، انهن کي مان مدد نٿو ڪري سگهان. منهنجو هتي روزانو 20 يا 25 روپيا خرچ الڳ آهي ۽ هُتي الڳ. مهرباني ڪري منهنجي بدلي ڪريو!“ ته چيائين ته ”هيڊ ماستر کان درخواست تي نو آبجيڪشن لکرائي ڏي.“ هيڊ ماستر کي چيم ته ان کي D.E.O. اک ڌار هنئين ۽ هيڊ ماستر چيو ته ”سائين ماستر ٿورا آهن، اسڪول خالي ٿي ويندو. وغيره.“ هيڊ ماستر نوٽ هڻڻ کان نابري واري D.E.O. صاحب رجسٽر تي لکڻ ويٺو. منهنجي دل ۾ ته سچ پچ ته ڪاوڙ ڀرجي وئي ۽ دل چاهيو ته D.E.O. کي ڳچيءَ کان وٺي ٺونشا هڻان، پر هڪ ته سندس چوڌاري هيڊ ماستر ويٺا هئا ۽ ٻيو ته پنهنجي سسپينڊ ٿيڻ جو به خيال آيو. تنهنڪري مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ ڪري ٻاهر نڪري ويس. ڪلاڪ کن کان پوءِ D.E.O. ٻاهر نڪتو، کيس چيم ”مان توهان سان خلوت ۾ ڳالهائڻ ٿو چاهيان.“ پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ هيڊ ماستر سان گڏجي ڳچ پنڌ ڪري ڪار ۾ چڙهي هليو ويو. ٻئي ڏينهن تي مان پنهنجي هيڊ ماستر سان ملڻ به گوارا نه پئي ڪيو، جو هن لکي نه ڏنو هو. چند ڏينهن کان پوءِ ٻڌايائين ته اصل ماجرا هيءَ D.E.O. جي ناراضگي هئي. ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ به آئي پر درويشن جي ڪاوڙ به پاڻ تي. ٻه ڀيرا ڊئريڪٽر صاحب محترم الهداد بوزدار ڏانهن ويس، نه مليو.هونئن به ڪم ڪونه ڪري ها، اڳ ڪهڙو ڪم ڪيائين. زبان جو ڇڙو مٺوآهي. خورشيد شاهه به ڪونه ملي ٿو سگهي. محترمه بينظير اڄ سکر ايندي ان کي درخواست ڏيان ها، پر مان هتي ويٺو آهيان، اوستائين پهچي نه سگهندس. اها تڪليف وري به توهان کي ڏيندس ته محترم الهداد بوزدار ڊئريڪٽر صاحب کي فون تي چئي بدلي ڪرايو ۽ وري به سکر وٺي ڏيو، ته مهرباني ٿيندي.

زياده خير والسلام

فقط

غلام علي چنه

*

 

(75)

Ubauro

15-1-1990

Dear, Sir,

How are you getting on? My heart yearns to sea line of ink drawn by your hand even if it gives no meaning. Please do drop a word.

Yours sincerely

Ghulam Ali Channo

H.S.T.

Govt. High School

Ubauro

Dist: Sukkur

*

 

(76)

چڪ

28-7-1990ع

نڪوليکو ئي ٿيو، نڪو تتو ڏينهن،

تنهان اڳي نيهُن، ڇنو آتڻ وارئين!

”شاهه“

اوهان جو پنهنجو

غلام علي چنه

*

 

(77)

مياڻي روڊ، سکر

17-9-1990ع

صاحب، خوش باش.

محترم و مڪرم جناب محمد ابراهيم جويو

بعد السلام عليڪم جي عرض ته هن کان اڳ ٻه چار خط لکي چڪو آهيان، پر توهان جي طرفان ڪوبه جواب نه مليو آهي. مون کي توهان جي طرفان جواب نه ملڻ ڪري رنجش هئي، ۽ پنهنجي احوال کان اوهان ئي واقف ڪرڻ دل نه پئي چاهيو ۽ خط لکڻ تي روح نه ٿي ٿيو. ڀلا ٻه لفظ لکڻ ۾ توهان کي ڪهڙي تڪليف پئي پهتي! ڪم ڀل نه ئي ٿئي، پر دلجاءِ جا ٻه لفظ لکو ها ته منهنجي دل کي آٿت اچي وڃي ها. خير، وڏا آهيو جيئن توهان کي وڻي.

اڄ صبح جو جيئن پيرڊ پورو ٿيو ته پرنسپال صاحب گهرايو ۽ فون هٿ ۾ پڪڙائي، چيائين! ”محترم غلام نبي صاحب سان ڳالهايو!“ پوءِ ڊپٽي ڊئريڪٽر ايڊيوڪيشن سان ڳالهايم. چيائين ته ”جناب جويو صاحب جن هڪ دوست کي مون سان ڳالهائڻ لاءِ چيو هو، مسئلو توهان جي بدليءَ جو هو. مون D.E.O. صاحب کي چيو هو. تون هتي بدلي ٿي آئين، ته جويي صاحب جن کي اطلاع ڪونه ڏنو اٿَوَ. جويي صاحب جن اڄ به فون تي چيو آهي. مهرباني ڪري تون جويي صاحب جن کي مطلع ڪر ته تون هٿ سکر ۾ آهين ۽ خوش آهين.“  ٿوريءَ دير کان پوءِ وري محترم غلام رسول ڪلهوڙي جوفون آيو ۽ اُن به ساڳي ڳالهه ڪئي. مون به ٻنهي سان ساڳي ڳالهه ڪئي ته جناب جويي صاحب جن ڏانهن خط لکيا هئم، پر جيئن کانئن ڪوبه جواب نه آيو، تنهنڪري وري مون کين ڪونه لکيو ۽ منهنجي دل ۾ ناراضگي پيدا ٿي. دل ۾ چيم ته جڏهن مان ڪنهن کي پسند نه آهيان ته مان زبردستيءَ ڇو ڪنهن کي چوان ته مون کي ضرور پسند ڪري! خير هاڻي جڏهن توهان جي طرفان فون آيو آهي ۽ غلام نبي صاحب ۽ غلام رسول صاحب به چيو آهي، ته منهنجي دل ۾ ناراضگي نه آهي. مان خوش ۽ مطمئن آهيان. هاڻ سوچيان ٿو ته توهين منهنجا ڪيڏا نه خير خواهه آهيو، جو منهنجي پر پٺ منهنجي بدليءَ وغيره لاءِ ڪوشش ڪريو پيا. بلڪل ائين جيئن ڪوپنهنجو وڏو يا ڪنهن جو پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ ڪوششون ڪندو رهي. هڪ عرض وري به ڪريان ته مهرباني ڪري ٻيو نه ته سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا پيا لکو ته به توهان جي مهرباني سمجهندس. توهان جي خطن مان مون کي آٿت ملندي آهي ۽ اڳتي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ وڌڻ لاءِ دل چوندي آهي.

مان اڄڪلهه سکر ۾ ٻارن ٻچن سميت رهان ٿو. منهنجي جاءِ مياڻي روڊ تي انارڪلي اسڪائر ۾ آهي.

فقط

غلام علي چنه

*

 

(78)

41- اي صحافي ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ

22-9-1990ع

پيارا ڀاءُ غلام علي، خوش هجو شال.

اوهان جي خط کان اڳ ئي مون کي اوهان جي بدليءَ جي خبر ٿي هئي. پر رُڳي ڪي هڪ ٻه ڏينهن اڳ اوهان جي خط ڳالهه جي تصديق ڪئي، ۽ تسلي ٿيم.

برابر اوهان جا چار پنج اڳي به خط آيل هئا. بنهه پهرئين خط تي ئي اوهان جي مسئلي جي پوئواري ۾ لڳس، پر اوهان کي خبر آهي ته چؤڦير انڌير آهي. اُن جو هڪ طرح جو شڪار پاڻ اسين به آهيون، جو اُن انڌير جي ايذاءَ کي گهٽائڻ بدران ڪڏهن ڪڏهن وڌائي ٿا ڇڏيون: مون اوهان ڏانهن خطن جا جواب نه لکيا ته اُن الغرضائي وسيلي، ۽ اوهان مون ۾ پنهنجو اعتماد هيڻو ڪيو ته اُن بي صبرائيءَ وسيلي، هڪٻئي جي دلي ايذاءُ کي اسان وڌايو ئي- هائو نه!

بهرحال، وري به ڳالهه وڃي وزنائتي ٿي، اِهائي وڏي خوشي آهي. ڀلا، اوهان جي ڇوڪري کي ماستري ملي يا نه؟ اميد ته مون کي آهي ته ڪنهن روزگار سان لڳي ويو هوندو. مهرباني ڪري، اُن بابت به اطلاع ڏيندا، ۽ جيڪڏهن هو اڃان واندو ويٺو هجي، ته ضرور ٻڌائيندا.

اوهين پاڻ ڇا ٿا پيا پڙهو، ڇا ٿا پيا لکو؟ ڪهڙيءَ ڌُن ۾ آهيو؟ ڪو گُنُ، ڪا وِروُنَهن!

مون هڪڙو ڪتابُ، ”فرينچ انقلاب- هڪ هاريءَ جي ٻڌايل ڪهاڻي“ جي نالي سان پڌرو ڪرايوآهي. ترجمو آهي فرينچ ٻوليءَ تان انگريزي ترجمي جو. ”نيو فيلڊس، پبلشرس، حيدرآباد“ وارن ڇاپيو آهي. قيمت ڪجهه وڌيڪ رکي اَٿنئُون. سڄا سارا اَسي رپيا، 400 کن صفحا اٿس. هيءُ اُن جو پهريون ڀاڱو آهي، اُن جو ٻيو ڀاڱو به اوترن ئي صفحن جو ٿيندو. سو به هٿ ۾ اٿم. اِن وچ ۾ منهنجن ڪتابن ”فڪر جي آزاديءَ“ جو ٽيون ڇاپو ۽ ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ جو به ٽيون ڇاپو ”شاهه-سچل – سامي“ جو پنجون ڇاپو نڪري چڪا آهن. هاڻي ”ماڻهوءَ جو ڀاڳ“ ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پريس ۾ آهي. انگريزيءَ ۾ هڪڙو مضمون پڙهيو هوم، ڪراچيءَ ۾ هڪ سيمينار ۾- عنوان هوس: "A Society under Dictatorship Literature under Dictatorship."

اُهو جدا به ڪتابچي جي صورت ۾ ڇاپي هيٺ آهي. تون يَرَ، اسان وٽ اچين ئي ڪونه ٿو، رڳو خطَ ٿو لکين، ته به پيو ڪُرڪين! ڪيئن ڪيون. ڪيڏانهن وڃون! پنهني حال احوال کان ۽ دلي جزبن ۽ خيالن کان تفصيلي طور واقف رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهه- ڏاڍي دل خوش ٿيندي.

وڌيڪ خير- والسلام

تنهنجو دعاگو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(79)

گورنمينٽ ڪمپريهنسوِ هاءِ

اسڪول، سکر

23-9-19290ع

سدا سلامت

محترم محمد ابراهيم جويو صاحب

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته هن کان اڳ هڪ خط لکي چڪو آهيان، اميد ته توهان کي موصول ٿيو هوندو.

ٽيون ڏينهن غلام نبي ميمڻ وري به فون ڪيو ۽ چيائين ته ”سائين محمد ابراهيم جويي کي ٻڌايُوَ يا نه، جيڪڏهن نه ته هتي ايليمينٽري ڪاليج ۾ محمد صالح گوپانگ آيو آهي، ان سان وڃي مل ۽ کيس چئو ته منهنجي بدلي ٿي آهي ۽ سائين محمد ابراهيم صاحب کي دلجاءِ ڏي.“ سندس چوڻ تي پنهنجي هيڊ ماستر کان موڪل وٺي ايليمينٽري ڪاليج فار وومين ويس ۽ محترم محمد صالح گوپانگ سان مليم. کيس ٻڌايم ته ”مان اهوئي ماڻهو آهيان جنهن لاءِ توهان کي جويي صاحب چيو هو. منهنجي بدلي ٿي چڪي آهي. جنهن کي مهينو کن ٿيو آهي.“ منهنجو کيس اهو ٻڌائڻ ۽ سندس ڪاوڙ ۾ ڀرجي ڳالهائڻ، چيائين، ”توهان ماڻهن کي لڄ ۽ شرم نه آهي. حياءُ نه آهي، کڻي آفيسرن کي تنگ ڪيو اٿوَ. تنهنجي بدلي ٿي آهي، تو جويي صاحب کي ٻڌايو به نه آهي!“ مون کڻي چپ ڪئي ۽ هو پنهنجي ڪار ۾ بڙ بڙ ڪندو هليو ويو. مون سوچيو، ذهن چيو، ته قصور منهنجو نه آهي. جيڪڏهن جويو صاحب مون کي ٻه اکر لکي ها ته اڄ مون کي ٻئي ڪنهن جي واتان جي لفظ ٻڌڻا نه پون ها. محترم محمد صالح گوپانگ مون کي ڪونه پئي سڃاتو پر منهنجي ساڻس ٻه ٽي ڀيرا ڪچهري ٿيل هئي، جڏهن پاڻ سکر ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرر هو ۽ جڏهن حيدرآباد ۾ D.E.O. هو. خير وقت وقت جي ڳالهه آهي. وڏن جي نظر ۾ هميشه ننڍا غلط، خطاڪار ۽ گناهگار هوندا آهن. پر کيس هڪدم ايترو اڀو ٿيڻ نه گهربو هو. خير!

سائين! ٻيو عرض ته منهنجو پٽ غلام مرتضيٰ اڃا بيروزگار آهي.هن انٽر ڪئي آهي. P.T.C. پاس آهي، ڊرائنگ به پاس ڪئي اٿس ۽ ڪرڪيٽ جو به زبردست کيڏاري آهي. اڄ سندس انٽرويو آهي. سندس انٽرويو جو نمبر 10 آهي. اسان جو تعلقو لکي ضلعو شڪارپور آهي. توهين مهرباني ڪري ڊائريڪٽر الهداد ٻوهيي کي چوندا ته هو D.E.O. شڪارپور ۽ S.D.E.O. ڳڙهي ياسين کي چئي، P.S.T. جو آرڊر ڪڍرائي، جو P.S.T. جو حقدار آهي. P.T.C. پاس هئڻ ڪري، وڌيڪ مالڪ آهيو.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(80)

مياڻي روڊ، سکر

25-9-1990ع

خوش هجو شال.

محترم محمد ابراهيم جويو صاحب،

السلام عليڪم کان پوءِ لکجي ٿو ته توهان جو 90-9-22 وارو لکيل خط اڄ شام جوجاءِ تي مليو، جتي آءٌ ٻارن سميت رهان ٿو. هڪ سڄي سال کان پوءِ خط لکڻ جي مهرباني.

مون کي وهم هيو ته توهان هاڻي مون کي ڪڏهن به نه لکندؤ، جڏهن کان توهان پنهنجا مون ڏانهن لکيل خط فوٽو اسٽيٽ ڪرائي گهرايا هئا. پر وري توهان هڪ سال جي طويل عرصي کان پوءِ لکڻ جي نوازش ڪئي تنهن لاءِ اوهان جو شڪر گذار آهيان. مهرباني!

توهان لکيو آهي ته مون اوهان ڏانهن خط نه لکيا ته ان ڪري توهان جو اعتماد مون ۾ هيڻو ٿيڻ لڳو. معافيءَ کان پوءِ عرض ته توهين ڳالهه ابتي ٿا ڪريو. جيڪڏهن مون ننڍي جي خط نه لکڻ ڪري توهان بزرگن جو اعتماد هيڻو ٿو ٿئي ته توهان وڏڙن جي طرفان جواب نه ملڻ ڪري توهان بزرگن جو اعتماد جو ڇا حال هوندو؟ جن کي اڃا توهان جهڙن عظيم هستين، مشهور و معروف اديبن ۽ دانشورن جي رهنمائيءَ جي ضرورت آهي. عموماً ته ڏٺو ويو آهي ته وڏا ننڍڙن کي لکندا آهن ته هو بي پرواهه ۽ لاغرض ٿي ڪري جواب نه لکندا آهن ۽ سندن وڏڙن کي انتظار رهندو آهي ته وڏڙا کين لکندا ئي رهندا آهن. پر هي ته قصو ئي ابتو آهي. ننڍا لکن ٿا پر وڏڙن کان ڪو جواب نه آهي، جهڙوڪ ناراض هجن. خير! ٿي سگهي ٿو مان غلط هجان ۽ توهين صحيح هجو.واقعي وڏڙن جو چوڻ ڪنهن حڪمت عمليءَ کان خالي نه هوندو.

توهان منهنجي ڇوڪري جي باري ۾ پڇيو آهي ته کيس نوڪري ملي يا نه. سائين افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته کيس اڃا نوڪري ڪانه ملي آهي ۽ نه ملندي، جيستائين ڪو پوئواري ڪرڻ وارو نه هوندو. اڄڪلهه جو دؤر ئي ابتو ٿي ويو آهي. بينظير صاحبه جي جمهوري دور ۾ به اسان کي نوڪري نه ملي سگهي، نه وري سندس پيءُ جي جمهوري دور ۾ اسان کي ملي سگهي. ڀٽي جي جمهوري دؤر به اسان کي 10 سال پوئتي هٽايو ويو ۽ ڊائريڪٽ سليڪشن ۾ نٿو خيرو کڄي آيا، کين اسڪيل مليا، چريا کريا ليڪچرار ٿي ويٺا جن کي نه ’مونث‘ جي خبر نه ’مذڪر‘ جي، ۽ اوستي صاحب انهن ماڻهن کي اڳتي آندو جن ۾ نه ڪا اهليت هئي نه صلاحيت، ۽ انصاف ڏسو ته ان زماني ۾ انٽرويو اڄ ته همراهن وڃي هفتو اڳ ۾ ڊيوٽي رزيوم ڪئي هئي. ان زماني ۾ مون هڪ ڪهاڻي لکي هئي ”انٽرويو“ ان ۾ لکيو هوم ته ڪيئن همراهه هڪڙي ڪڪڙ ڏئي ڀوتار کان سفارش ڪرائي، ليڪچرر شپ ورتي هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ جو نالو هيو ”ڪڪڙ جي قسمت، مٺوءَ جو مقدر“ اها سرڪاري رسالي ”پيغام“ ۾ ڇپي هئي. مون کي جيڪو پندرهون گريڊ ڏنو ويو سو به موچڙي واريءَ حڪومت يعني مارشل لا جي دؤر ۾ ۽ آرڊر به پنهنجو پاڻ آيو. نه سفارش ڪرايم نه ڪنهن کي چيم ئي. جمهوري دؤر ته آهي ئي بيڪار. غريب جي عزت ۽جان مال غير محفوظ، هميشه خطري ۾ آهي. سچ ته جمهوريت چند ماڻهن جي حڪومت آهي. بلڪ هڪ پارٽيءَ جي حڪومت آهي، جيڪا رڳو پنهنجا ”چاچا ماما“ پاليندي اهي. ٻئي جو ٿيو مڙئي خير! سچ پچ ته مون کي جمهوريت کان الائي ڇو نفرت آهي ۽ ان جي ”چونڊ جي اچڻ“ کان پڻ جمهوريت هڪ ڍونگ آهي، ٺڳي آهي. مان جيڪر جمهوريت جي ظلمن تي گهڻو لکان، پر ڪنهن وقت ضرور لکندس. هينئر نه. اسان جي پاڪستاني جمهوريت ۾ پڪ سان چوان ٿو ته چمڙا پوش ڊڪٽيٽر شپ ئي آهي، خير! سو، مون پنهنجي پٽ غلام مرتضيٰ جي ڳالهه ٿي ڪئي ته هو اڃا بيروزگار آهي. ڪالهه سندس پرائمري ماستريءَ جو انٽرويو ٿيو. سندس انٽرويو نمبر 10 هو. کانئس ڪجهه به ڪونه پڇيو ويو. رڳو سرٽيفڪيٽ ڏٺائونس ۽ واپس ڪيائونس.

توهين مهرباني ڪري ڊائريڪٽر الهداد ٻوهيي صاحب جن کي چئو ته هو کيس کڻي ۽ D.E.O. احمد بخش ميراڻيءَ کي ۽ S.D.E.O. محمد امين اعواڻ ڳڙهي ياسين واري کي چوي ته کيس آرڊر ڏئي. ان ۾ مهرباني ڪري دير نه ڪندا ۽ دلجاءِ طور مهرباني ڪري خط لکندا ته توهان محترم الهداد ٻوهيي صاحب کي چيو. اسان جي بيواهين دِلين تي پَهي رکڻ ۾ وقت جو خيال رکندا. مهرباني. خاطريءَ ڪارڻ ٻيهر چوان ٿو ته اسان جوڳوٺ چڪ، ڊويزن لاڙڪاڻو، سب ڊويزن ڳڙهي ياسين ۽ تعلقو لکي آهي، ۽ منهنجي پٽ غلام مرتضيٰ جو انٽرويو نمبر 10 آهي. هو P.T.C. ٽرينڊ آهي.

سائين منهنجا، توهان پڇيو آهي ته مان پاڻ ڇا پيو ڪريان، ڇا پيو پڙهان ۽ ڇا پيو لکان. ڪهڙيءَ ڌن ۾ آهيان ۽ ڪو گُنُ، ڪا ورونهن وغيره ته سائين منهنجا، مان عرض ڪريان ته هن سال پنج لکڻيون لکيم جن ۾ تنقيد، تاثر، مقالو ۽ مضمون هئا. جيڪي سکر جي ”اخبار الغوث“ ۾ ڇپيا. پهرين تنقيد هئي، جيڪا سائين ”محترم اياز شيخ“ جن جي ڪتاب ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ ۾ هو جمالو تي سندس خيالن تي هئي. ان جو عنوان هو ”هو جمالو تي هڪ نظر“، ٻيو تاثر هو، جيڪو ”ڪويل جي ڪوڪ“ تي هو، جنهن جو عنوان هو ”هڪ آواز تي احساس“. ٽيون مقالو هو جيڪو وچٿرائيءَ تي هو، جنهن جو عنوان هو ”اعتدال“، ۽ پوءِ ٻه مضمون هئا، جن مان هڪ جوعنوان هو ”زندگي ۽ ان جو ڏاج“. هيءُ زندگيءَ ۽ موت جي ڳالهه تي هو. ٻيو مضمون هو ”چاليهه“. ته مطلب ته ڪڏهن ڪڏهن لکان ٿو ۽ ڪڏهن بنهه بس. منهنجي طبيعت جو عجيب حال آهي. ڪڏهن ڪڏهن چوان ته جيڪر رڳو لکندو رهان، ڪڏهن چوان ته رڳو سوچيندو رهان ۽ ڪڏهن ڪڏهن چوان ته نه لکان، نه سوچيان، رڳو ڳالهايان ئي ڳالهايان، ۽ ڪڏهن وري سڀني کان دور، چوان ته نه لکان نه پڙهان، نه سوچيان نه ڳالهايان، رڳو ڏسندو رهان ۽ ٻين جون ڳالهيون ٻڌندو رهان، پاڻ ڪجهه نه لکان، نه ٻيو ڪجهه ڪريان. في الوقت منهنجي ورونهن اسڪولي ڪتاب آهن، جيڪي اسڪول ۾ توڙي گهر ۾ ٻارن کي پڙهائيندو ٿو رهان.

چند مهينن کان توهان جو ڪتاب ”فرانس جو انقلاب“ ڏسندو ٿو اچانپر اڃا ورتو ڪونه اٿم. ٿي سگهي ٿو، ايندڙ مهيني ۾ وٺان. توهان کي شابس آهي، جو هيڏو سارو ڪتاب ترجمو ڪيو اٿو ۽ اڃا به پيا ڪريو. خدا توهان کي سنڌي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ طاقت ۽ توانائي بخشي تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي. جو توهان جا ڪتاب وري وري توهان جي سامهون توهان جي آڏو پيا ڇپجن. اهو وڏو اعزاز آهي. سنڌي عوام توهان کي تمام گهڻو پسند ڪري ٿو.

سائين! توهان لکيو آهي ته آءٌ اوهان وٽ اچان ئي ڪونه ٿو، رڳو خط ٿو لکان ۽ ته به پيو ٿو ڪُرڪان! سائين منهنجا جواباً عرض ته توهان حيدرآباد جا حالات ته ٺيڪ ڪريو ته اچون! حيدرآباد جي حالات تي ڪوبه اعتبار ڪونه آهي. ماڻهو ڪڏهن به موت جو بک ٿي سگهي ٿو، ۽ مان مفت مري وڃڻ کان گهٻرايان ٿو. مون کي اڃا جيئرو رهڻو آهي. پنهنجن ٻچڙن خاطر، پنهنجي خاطر نه. وڌيڪ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ لاءِ هاڻي گهٽ وَجُهه ٿو ملي، پر رٽائرمينٽ کان پوءِ وڌيڪ ملندو. ٻيو ته چوندا آهن ته”ايڪ پنٿ ڏون ڪاج.“ ايڏانهن ڪم گهٽ ٿا پون تنهنڪري اچڻ به ڪونه ٿو ٿئي. منهنجي دل ڪيترائي ڀيرا ڪڍيو آهي ته توهان ڏانهن توهان جي ملاقات لاءِ اچان پر الائي ڇو وري دل ”خط برابر اڌ ملاقات“ تي ئي راضي ٿيڻ ڏانهن مُڙي وڃي ٿي. مان اڄ کان وٺي پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي ته مان توهان کي گهٽ ۾ گهٽ هفتيوار لکندو رهان ۽ پنهنجي حال کان واقف ڪندو رهان.

سائين منهنجا هي دؤر ڪجهه سفارش جو آهي. ماڻهوءَ کي وقت جو فائدو وٺڻ گهرجي. مان چاهيان ٿو ته هاڻي مان ڪاليج ليول تي وڃي ڪم ڪريان. اسڪول مان دل ڀرجي وئي آهي. جيڪڏهن توهين ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪندؤ ۽ اڳتي ڌڪو ڏيندوَ ته ڏئي سگهو ٿا.

شاهه صاحب سائين غلام مصطفيٰ شاهه کان ڪم نه ورتو، ته سائين عبدالحميد سنڌي ئي مون کي ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرر سنڌيءَ جو مقرر ڪري سگهي ٿو. ٿرو پراپر چيئنل! توهان جو وات خرچ ٿيندو- هو توهان سان سچو ٿي پوندو ۽ ڪائي نه ڪائي صورت ڪڍي وٺندو- آءٌ توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته مان بهتر ڪم ڪري سگهندس. مون ايم-اي سنڌيءَ ۾ 1970ع ۾ پاس ڪئي آهي. سيڪنڊ ڊويزن  ۾ ايم – ايڊ آهيان گريڊ ۾. منهنجي لاءِ ترقيءَ جورستو کلي پوندو ۽ چڱيءَ طرح ڪم ڪري سگهندس. هڪ ئي ڪم ٿيندو. شوق ۽ ذوق سان ڪندس، ادب سان چاهه به رکان ٿو.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

*

 

(81)

مياڻي روڊ، سکر

29-9-1990ع

سائين منهنجا!

هن کان اڳ ٻه ٽي خط لکيا اٿم اميد ته توهان کي موصول ٿيا هوندا جيئن ته مون پڪو پهه ڪيو آهي ته توهان کي پنهنجي حال کان گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ واقف رکندو رهان، ان ڪري وري اڄ لکڻ لڳو آهيان.

مون اوهان کي اهو ڪونه ٻڌايو هو ته مان هتي ڪڏهن کان رهڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڪيئن. تنهنڪري اڄ ان باري ۾ توهان کي ٻڌائيندس. ان کان پوءِ ٻئي خط ۾ پنهنجي ادبي سرگرمين جو حال احوال. ها ته مون هتي ٻن مهينن کان ٻارن ٻچن سميت رهڻ شروع ڪيو آهي. منهنجي جاءِ سکر جي مياڻي روڊ تي آهي. مان ممتاز پرنٽنگ پريس جي بلڪل سامهون انارڪلي سينٽر جي اٺين نمبر فلئٽ ۾ رهان ٿو. اصل ۾ هيءَ جاءِ منهنجي نه پر منهنجي هڪ شاگرد، ميان عبدالستار ملڪ، جي آهي، جيڪو F.I.A. ۾ انسپيڪٽر آهي. هو ڪجهه وقت هتي هو. هاڻي سندس بدلي ساڳئي درجي تي ڪراچيءَ ۾ ٿي آهي. ۽ اڄڪلهه هو اُتي ٿو رهي ۽ اتي به کيس پنهنجو فلئٽ آهي. عبدالستار ملڪ مون وٽ ڇهين ۽ ستين ڪلاس ۾ عمر ڊهو مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو.نهايت ئي سٺو، سٻاجهو ۽ هوشيار ڇوڪرو هو. سندس پيءُ انور تپيدار هو.جڏهن منهنجي اتان بدلي ٿي هئي، ته ان کان پوءِ به مون ڏانهن ٻه چار خط لکيا هئائين ۽ هڪ دفعي پنهنجي شاديءَ جي دعوت به موڪلي هئائين پر مون ان ڏانهن گهڻو گوش نه ڏنوهو. اها ڳاله ان وقت جي آهي، جڏهن مان C.T. پاس ڪري عمر ڊهي ۾ بدلي ٿي آيو هوس. توهين ان وقت اڃا ڪوهاٽ ۾ P.T.C. ڪاليج جا پرنسپال هئا. ان کان پوءِ هو ۽ مان مليائي ڪونه هئاسون. پوءِ 1984ع ۾ جڏهن منهنجو ڀاڻيجو گورنمينٽ جي طرفان حج تي ٿي ويو ته مان کيس ڪراچيءَ حاجي ڪئمپ ۾ ڇڏڻ ويو هوس. ٻه چار ڏينهن اُتي لڳي ويا هئا. هن جي اُسهي وڃڻ کان پوءِ به مان ۽ منهنجو هڪ مائٽ ڪراچيءَ کي گهمي ڏسڻ جي خيال کان ٻه ڏينهن وڌيڪ اُتي رهيا هئاسون. هڪ ڏينهن اوچتو ايئرپورٽ گهمڻ جو خيال ٿيو هو. سو اُتي وياسون، ۽ پئي گهمياسين ڦرياسين. اسان جا حال بڇڙا هئا، ڪپڙا ميرا، تڙڪيل ڪونه هو. سنوارت به وڏي بلڪل ٻهراڙيءَ وارن اٻوجهن وانگر پئي وائڙا وئڙا گهمياسين،ته اوچتو هڪ سوٽيل بوٽيل نيريءَ ڊريس سان، قد ڪاٺ وارو، بت ۾ ڀريل همراهه اچي اسان جي سامهون بيٺو. اسين حيران پريشان ٿي وياسون.مون سمجهيو ته اسان کي ڪو جاسوس وغيره سمجهيو اٿس! همراهه سامهون اچي بيٺو ۽ چيائين، ”مون کي سڃاڻو ٿا!“ هو مون سان مخاطب ٿيو هو! مون هرو ڀروبه ڏند ٽيڙي کيس چيو، ”سائين معاف ڪجو، مان توهان کي نٿو سڃاڻان.“ تنهن تي هن پنهنجي واقفيت ڪرائيندي چيو، ”سائين، مان عبدالستار ملڪ، توهين اسان کي ڇهين ستين ڪلاس ۾ عمر ڊهي مڊل اسڪول ۾پڙهائي ويا هُئا!“ اِهو ٻڌي، منهنجي جان ۾ جان آئي ۽ ورندي ڏني مانس ته ”واقعي توهان جا غلط صورتخطي ۾ لکيل خط اڃا مون وٽ آهن!“ پوءِ ڀاڪر پائي ملياسين ۽ جلدئي پڇيائين، ”ڀلا توهين سکر ڪڏهن ويندؤ؟“ مون چيو ”ٻئي ڏينهن تي وينداسون.“ پوءِ هو اسان کان موڪلائي ڊيوٽي آف ٿيڻ لاءِ ويو، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هن هوائي جهاز جي ٽڪيٽ کڻي اچي منهنجي هٿ ۾ ڏني! ان زماني ۾ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ڪراچيءَ کان سکر تائين 325 روپيا هئي. هن چيو، ”جڏهن وڃوته هوائي جهاز تي وڃجو!“ مون چيو ”مان ته ڪڏهن ڪونه چڙهيو آهيان“ تنهن تي چيائين، ”مان هوندس نه!“ پوءِ هو اسان ٻنهي کي وٺي هڪ هوٽل تي ويو ۽ اتي ڪافي ماني گهرايائين. سندس خرچ اتي به ٻه اڍائي سؤ کن آيو. جڏهن اٿياسين ته مون چيو، ”عبدالستار اڄ جي ڪمائي ته تنهنجي اِتي پوري ٿي وئي!“ چيائين، ”سائين دعا ڪريو، ايتري ۾ پوري ٿي ته به سجائي ٿي! چيم، ”واهه! واهه! پوءِ هو اسان کي کڻي گهر آيو، ٻه ڏينهن پنهنجي ڪار تي گهمايائين ۽ هميشه مون کي اڳيان ويهاريندو رهيو. مان تمام گهڻو ٻاهرينءَ طور احساس ڪمتريءَ ۾ هوس، جو حال خراب هئا، پر اندروني طرح خوش ۽ احساس برتريءَ ۾ هوس. ڪراچيءَ ۾ ٻيا به ڪيترائي شاگرد سٺين پوسٽن تي هئا، جن ڏانهن عبدالستار مون کي وٺي هليو، سڀئي ڏاڍي عزت ۽ احترام سان مليا. ڏاڍي خدمت ڪيائون. انهن جي ايتري خدمت ڪندي ڏسي منهنجو من پنهنجي ڌنڌي ڏانهن وڌيڪ مڙڻ لڳو. پنهنجي پيشي کي پروقار ۽ اُتاهون سمجهڻ لڳس. منهنجي دل ۾ هونئن پنهنجي شاگردن لاءِ تمام گهڻي محبت هوندي آهي. مان سمجهندو آهيان ته اهي اڄ جا شاگرد سڀاڻي دوست ٿي پوندا. اڄ هنن سان سٺو هلبو ته سڀاڻي اسان جي عزت ۽ احترام رکندا ۽ اسان سان سٺو پيش ايندا. هو مستقبل جا وڏا آهن، پڪ آئيندي جا ابا آهن، هر استاد جيڪو ٻارن کي محنت ۽ مشقت سان پڙهائي ٿو، ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض پورو ڪري ٿو ان جي عزت رهي ٿي. منهنجو اهو ايمان آهي. مون کي ڪيترائي شاگرد مليا آهن، جيڪي چوندا آهن ته کين اهي ڳالهيون اڃا ياد آهن جيڪي مون کين سمجهايون ۽ سيکاريون هيون ۽ هو منهنجا ٿورا مڃيندا آهن. ڪيترائي شاگرد خط لکندا آهن. جن ۾ اهڙو اعتراف ڪندا آهن. مون وٽ ڍير خطن جا آهن جن ۾ سندن مختلف مختلف نموني سان تعريف ۾لکيل خط پيا آهن. آءٌ سندن ٿورائتو آهيان. مان چاهيندو آهيان ته گهڻو ڪجهه سکجي ۽ گهڻو ڪجهه سيکارجي ۽ جيڪي ڪجهه پنهنجي پلئه پيل هجي سو سڀ شاگردن کي سمجهائجي ۽ سيکارجي ۽ اڻ معلوم ڳالهيون ٻين کان سِکي، اُنهن کي سيکارجن. دراصل مون کي ته توهان ئي منڍ کان وٺي ان تي هيري ڇڏيو آهي. مون کي توهان فارسي سيکاري، ۽ اهڙيءَ طرح ٿوري گهڻي عربي به سکيم. ڇو ته ڪٿي عربي به پاڙهڻي پوي پئي. اهڙيءَ طرح Maths سکيم. هاڻي مونکي ڪنهن مضمون پرهائڻ ۾ دقت نه ٿيندي آهي. جتي ويندو آهيان، چوندو آهيان ”بابا جيڪي مضمون ڏيو مان پڙهائيندس.“ ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي لاءِ ٻه اصول مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هڪ سکڻ ۽ ٻيو تياري ڪري پڙهائڻ- سکڻ نه اچڻ جي حالت ۾ تياري هر حالت ۾ ڪري ڪلاس ۾ وڃڻ. خير، مان ڳالهه پئي ڪئي عبدالستار جي، ته هو جڏهن اوچتو پوءِ مون کي سکر ۾ به مليوته هن، هڪدم پنهنجي فلئٽ ڏيڻ جي آڇ ڪئي ۽ مان ٻئي ڏينهن ٻارن کي وٺي، سامان کڻي وڃي فلئٽ ۾ ويٺس؛ هو پاڻ ڪراچيءَ ۾ آهي. ٻئي ٽئين ڏينهن تي فون جي ذريعي حال احوال وٺندو آهي ۽ ڏيندو آهي. فلئٽ جو سارو خرچ يعني بجلي، گئس ۽ پاڻيءَ وغيره جو خرچ پاڻ ڀريندو آهي. مان رڳو ٻارن سميت رهندو آهيان. هن فلئٽ ۾ ٽي ڪمرا آهن. هڪ ڪمري کي پنهنجي بيٺڪ بڻايواٿم جنهن ۾ هي خط ويٺولکان. باقي ٻه ڪمرا گهر وارن جي استعمال ۾ آهن.

معاف ڪندا مون لکڻ ۾ جلد بازيءَ کان ڪم ورتو آهي. مون پنهنجي هٿ جي رفتار کي پنهنجي ذهني سوچ جي رفتار سان ڊوڙائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجا اکر بجاءِ خود ايترا سٺا نه آهن، پر منهنجي نظر ۾ اکرن کان به وڌيڪ ٻيا اکر (لڇڻ) سٺا هئڻ گهرجن. پني تي لکڻ وارا اکر رڳو ايترا هجن جو اڳلو چڱي نموني پڙهي سگهي ۽ مطلب ڪڍي سگهي ۽ بس.

زياده آداب

وري ٻئي دفعي

فقط

غلام علي چنه

*

 

(82)

انارڪلي سينٽر،

مياڻي روڊ، سکر

5-10-1990ع

سدائين خوش هجو شال.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو،

السلام عليڪم: سائين منهنجا هن کان اڳ مون پنهنجي ڪيل واعدي مطابق، ته آءٌ هفتي وار توهان ڏانهن خط لکندو رهندس. اوهان ڏانهن هڪ خط لکيو آهي جنهن ۾ ٻڌايو اٿم ته مان سکر ۾ ڪٿي ۽ ڪيئن ٿو رهان. هڪ خط ۾ توهان کي آءٌ پنهنجي ادبي سرگرمين بابت مهڙ کان وٺي معلومات ڏيندس.

سن 1967ع ۾ جيئن ئي جيڪب آباد گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ جي ايس ٽيءَ جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هوس ته ادبي ماحول مليو. اتي جو هيڊ ماستر جڳ مشهور اديب ۽ عالم سائين محمد ابراهيم جويو صاحب هو. اتي ٻيا به چند دوست ادب سان چاهه رکندڙ هئا، جهڙوڪ غلام رسول ڪلهوڙو، جيڪو سٺو ڪهاڻيڪار هو، ۽ ٻيو مولا بخش لاشاري ۽ مشتاق هڪڙو وغيره. هڪ اسڪول ۾ ايترن ڄڻن جو ادب سان چاهه رکڻ جو سبب اتان جو هيڊ ماستر صاحب هو. ان زماني ۾ مون کي ڪابه خبر ڪانه هوندي هئي ته ادب ڇا آهي؟ مون کي ادب جي الف جي به ڄاڻ ڪانه هئي. مون کي هيڊ ماستر ڪي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ هو رسالو نئين زندگي ۽ اخبار جيڪا اسڪول ۾ ايندي هئي پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪندو هو. مان پنهنجي منهن رسالو ”نئين زندگي“، ”اديون“ ۽ روزاني اخبار پڻ پڙهندو هوس. پوءِ لائبرريءَ مان ڪتاب وٺي پڙهڻ لڳس ۽ ڪي پنهنجي پئسن سان به وٺي پڙهندو رهيس. پر جيئن ته مان نئون انگريزي ماستر ٿيو هوس تنهنڪري مون کي پنهنجي پڙهائڻ وارن مضمونن ڏانهن خاصو خيال ڏيڻو پوندوهو. انگريزيءَ ماستر ٿيم تنهنڪري انگريزي گرامر ڏانهن توجهه ڏنم ۽ ٻيو ته مون کي اتي فارسي پڙهائڻي پوندي هئي، تنهنڪري ان ڏانهن ته پورو پورو ڌيان ڏيڻو پوندو هو. مون کي فارسي ٻن استادن وٽان سکڻي پوندي هئي.مولوي محمد حسين ڪٽپر کان ڇهين ۽ ستين جي اسڪول جي دوران فري پيرڊن ۾ ۽ سائين محمد ابراهيم جويي کان اٺين جماعت لاءِ تياري فرصت جي وقت رات جو.

ان زماني ۾ نئون نئون انگريزي ماستر ٿيو هوس تنهنڪري پڙهائڻ جو گهڻو چاهه هو. اڪثر دوست مون کي ڪلاس ۾ موڪليندا هئا ۽ پاڻ ٿورو آرام وٺندا هئا. مون جيئن ته گهڻو سکڻ ٿي چاهيو تنهنڪري هر ڪلاس ۾وڃڻ کان ڪين ڪيٻائيندو هوس. ڇاڪاڻ ته مان شاگردن کان به سکڻ ٿي گهريو. اهڙيءَ طرح مون ۾ مطالعي جو چاهه وڌيو. ان زماني ۾ اسان جي اسڪول مان مئگزين (مخزن) نڪرڻ جي تياري ٿي، سو مون به چاهيو ته مئگزن ۾ اچان ۽ مان به ڪجهه نه ڪجهه لکي ڏيان. ان سلسلي ۾ اردو اخبار ”جنگ“ مان هڪ نفسياتي مضمون ”مطالعو ڪيئن ڪجي“ ترجمو ڪيم، جيڪو شاگردن لاءِ ڏاڍو ڦلدائڪ ٿئي ها، پر افسوس جو اهو منهنجو ڪونه ڏنائون. اهڙي شڪايت پوءِ مون دوستن سان به ڪئي ۽ ان وقت جي هيڊ ماستر سان به خط جي ذريعي ڪئي جڏهن پاڻ بدلي ٿي ويو هو ۽ مئگزن جو اجراءُ سندس وڃڻ کانپوءِ ئي ٿي سگهيو هو. خير، وقت گذرندو رهيو.مان اسڪول ۾ نصابي مضمونن کي به پڙهندو رهيس ۽ پنهنجي روءِ سوءِ ادبي ڪتابن جو مطالعو به ڪندو رهيس. مان P.T.C. اڳ ئي ڪري چڪو هوس. وري 1968ع ۾ C.T. جي ٽريننگ تي سکر آيس، ۽ پوءِ مختلف اسڪولن ۾ بدلي ٿي. مون B.Ed ڪئي ۽ ادب سان دلچسپي رکڻ ڪري 1970ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪئي جنهن ۾ سيڪنڊ ڊويزن ۾ آيس.ان کان پوءِ وري ادبي مطالعي کي وڌايم. 1974ع ۾ مان پنهنجي ڳوٺ چڪ ۾ بدلي ٿي آيس. ٻاهران جيڪي ادبي جذبا ۽ ڪي تجربا پاڻ سان کڻي آيو هوس تن جي آڌار تي ٻن سالن کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ جي مٿئين ڪلاس جي شاگردن کي گڏ ڪري ”العزيز ادبي انجمن“ ٺاهيسين، جيڪا ڳوٺ جي هڪ شاعر جي نالي تي هئي. جنهن جو پورو نالو هيو ”سيد عبدالعزيز شاهه“ هو. 1976ع ۾ ڪم ڪرڻ لڳي، پوءِ ٻه سال کن هلي. انجمن جي بنياد وجهڻ کان پوءِ مون اُن جي ميمبرن کي ادبي ليڪچر ڏنا ۽ ادب کان واقف ڪيو. اڳتي وڌي، العزيز ادبي انجمن ”چاس“ يعني ”چڪ ادبي سنگت“ ۾ بدلجي وئي ۽ ميمبرن جو تعداد پنجاهه کن ٿي ويو.مان ساڳيءَ طرح ان جو بنيادي ميمبر رهيس ۽ ادبي ليڪچر وقتاً فوقتاً ڏيندو رهيس. انهيءَ کان پوءِ 1979ع ۾ پورن نون سالن کانپوءِ مون کي ايڇ. ايس. ٽي اسڪيل مليو ۽ مون کي ٺٽي ضلعي جي شهر گهارو هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو. مون چڪ جي نوجوانن ۽ ادب دوستن کي چيو ته هاڻي هوپنهنجي منهن مطالعو ڪري ادبي ڄاڻ حاصل ڪن، پر جيئن ته ڪتابن جو مسئلو هو ان ڪري مون کين مشورو ڏنو ته هو ڪتاب گڏ ڪن. ان سلسلي ۾ڪجهه مون ۽ ڪجهه ٻين دوستن ڪتاب ڏنا ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي ”چاس“ جي ميمبرن ۾ ڪتابن گڏ ڪرڻ جو ذوق شوق وڌيو۽ سندن شوق ايتريءَ حد تائين پهتو، جو هوعام ماڻهن ۽ خاص ماڻهن کان ڪتاب ڊونيشن طور وٺڻ لڳا، ان زماني ۾ آءٌ گهاري ۾ هوس، پر ڪتابن گڏ ڪرڻ جي سرجوشيءَ وارن جذبن جي ساراهه آءٌ پنهنجي دوستن، محترم محمد هارون چنه،رشيد سومري ۽ نظير ناشاد سومري جي ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان. اهي ئي دوست شروع ۾ ”العزيز انجمن“ ۾ به هئا ۽ اهي ئي دوست ”چاس“ ۾ آيا ۽ انهن جي ئي ڪوشش سان ۽ محنتن سان چڪ ۾ لطيف لئبرري قائم ٿي، جنهن ۾ هن وقت 15000 ڪتاب آهن. ان کان پوءِ ”چاس“ کي ”ساس“ جي نالي يعني ”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ بدلايو ويو. ان جو سهرو نوجوان اديب محترم تاج جويي تي آهي. جنهن ”چاس“ کي س.ا.س ۾ رجسٽر ڪرايو. اُن کان اڳ اسان مرحوم رشيد ڀٽيءَ ڏانهن لکيو هو. پر هن انڪار ڪيو. ”چاس“ کي س.ا.س جو نالو ته ڏنو ويو پر اسان جي لطيف لائبرري آزاد رهي. ان ۾ ”ساس“ جو ڪوبه دخل نه آهي. ان ڏينهن کان وٺي اڃا تائين چڪ جي اُها شاخ ”ساس“ جي سنڌ جي شاخ آهي ۽ مان ان جو ميمبر آهيان. ”ساس“ شاخ چڪ جو مان ڪجهه وقت سيڪريٽري پڻ رهيو آهيان. ان دور ۾ محترم تاج جويي جو حڪم موجب چڪ ۾ ڌارين جي آباد ڪاريءَ خلاف ڪانفرنس ٿي. جنهن کي سڏائڻ کان ٻين ”ساس“ جي شاخن جي سيڪريٽرين انڪار ڪيو هو ۽ خرچ ڪرڻ کان به ڊنا هئا! چڪ ۾ اُها ڪانفرنس ڪامياب وئي ۽ اخبارن ۾ پڻ اُن جي ڪارڪردگيءَ جو بيان آيو. اُن موقعي تي مون پڻ مقالو پڙهيو هو. مان ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن اديبن ۽ شاعرن کي هر هفتي ڪوٺ ڏئي گهرائيندو ويندوهوس ۽ سرگرم محفلون ڪرائيندا هئاسين. سچل صرفائي (وڪيل محمد سچل مهر) سان شام ملهائيسون، جيڪو ڳوٺ چڪ جي ڀرسان جو هو ۽ چڱو شاعر آهي. هن وقت سکر ۾ آهي، ۽ هاڻي سکر ۾ پڻ ساڻس ۽ ٻين اديبن دوستن سان ملاقاتون ٿينديون رهن ٿيون، ۽ اسين هڪٻين کان گهڻو ڪجهه پرائيندا ٿا رهون.

مون 1974ع کان لکڻ شروع ڪيو. پهريائين ٻه تبصرا ساڻيهه ڊائجسٽ ۾ ڇپيا، جيڪي حقيقت ۾ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب ڏانهن سندس ترجمو ڪيل ڪتابن ”وحشي جيوت جا نشان“ ۽ ”فڪر جي آزادي“ تي منهنجا پنهنجا رايا هئاجيڪي خطن جي صورت ۾ هئا.ان کان پوءِ هڪ مضمون سکر جي ”نجات“ اخبار ۾ ڇپيو. جنهن جو عنوان هو ”پهاڪن جي پچار“. تنهن کان پوءِ ٻه مضمون ”شريعت“ رسالي ۾ ڇپيا جيڪي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعر تي هئا. ان کان پوءِپيغام رسالي ۾ هڪ ڪهاڻي ”ڪڪڙ جي قسمت جا مٺوءَ جو مقدر“ ۽ هڪ مضمون ”جي تو بيت ڀانيان“ شاهه جي شاعريءَ تي مضمون ۽ هڪ غزل ”پيغام“ رسالي ۾ پڻ ڇپيو، جنهن جا -/72 رويپا مون کي مليا. سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ ۾ منهنجو لکيل هڪ خاڪو ڇپيو، جنهن جو عنوان هيو ”چڱا لڇڻ“، رستم ”ساس“ شاخ طرفان لطيف ڏينهن ملهايو ويو جنهن ۾ منهنجي صدارت هئي ۽ مون مقالو پڙهيو، ۽ صدارتي تقرير ڪئي. ان دوران انگريزي گرامر جا ٽي ڪتاب ڇپرايم:

1. Active voice Passive Voice 2. Direct and Indirect Forms of Speech. 3. Tenses

جن جا مهاڳ اسلاميه ڪاليج جي انگريزي مضمون جي لڪچرار محترم شمشير احمد صديقيءَ ۽ ڊگري ڪاليج جي انگريزي مضمون جي ليڪچرار انور شاهه کان لکرايا. هي ڪتاب B.A. ۽ B.Sc. جي شاگردن لاءِ پڻ ڪمائتا آهن. مون هي ڪتاب انهن استادن جي نالي منسوب ڪيا،جن کان اهي شيون سکيون هوس. انهن مان هڪ هو استاد فتح محمد اعواڻ، جو پوءِ پوليس کاتي ۾ وڃي صوبيدار ٿيو ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ سارجنٽ آهي، ٻيو هو استاد اتم چند جيڪو هينئر رٽائر ٿيل آهي ۽ جنرل اسٽور هلائي رهيو آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ چڪ ۾ رهي ٿو. ٽيون ڪتاب استاد الله بخش کوکر ڏانهن منسوب ڪيم، جنهن منهنجو مئٽرڪ جو فارم هڪ چوڌريءَ کان -/60 روپيا وٺي ڀريو هو، ۽ پاڻ مون کي زڪواة طور پئسا ڏيندو هو،جن مان نوٽبڪ ۽ ڪتاب وٺندوهوس، ڇاڪاڻ ته مان سڀئي ڇوڪرن کان ننڍو ۽ يتيم شاگرد هوس. جيڪڏهن هو منهنجي مئٽرڪ جو فارم چوڌري اسماعيل کان -/60 وٺي نه ڀري ها ته اڄ مان هن پد تي رسيل نه هجان ها. مطلب ته منهنجن استادن، توهان سميت، مون تي مهربانيون پئي ڪيون آهن. ورنه آءٌ بيڪار ڪنهن نه ڪم جو هجان ها.

ان کان علاوه مون مذهب تي مختلف ماڻهن جا خيال گڏ ڪيا آهن. جنهن جو ڪتاب پڻ لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي ”اچو تقرير ڪرڻ سکون!“ معاف ڪجو مون کي اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته جيئن سکر ۾ 1985ع دوران بدلي ٿي آيو هوس ته مون کي سکر جي نئشنل سينٽر ۾ مختلف عنوانن تي تقرير ڪرڻ جو موقعو ملندو رهيو. تنهنڪري اخبارن ۾ آيس.اهڙيون ڪٽنگون مان پاڻ وٽ رکندو آيس ۽ نئشنل سينٽر طرفان اخبارن ۾ موڪليل خبرون به گڏ ڪندورهيس. هڪ دفعي جناب مرحوم علي محمد شاهه راشديءَ جي زندگيءَ تي ڳالهائڻ لاءِ نئشنل سينٽر ويس. اتي اسلاميه ڪاليج جو پرنسيپال شير محمد بلوچ ۽ انفارميشن ڊائريڪٽر محترم نصرت ابڙو (جيڪو ڪنهن زماني ۾ اسان جو استاد به رهيو هو ۽ جاگرافي پڙهائيندو هو- ان وقت مان ٽيون درجو انگريزي پڙهندو هوس ۽ مان سرمو گهڻو پائيندو هوس ته مون کي پاڻ ”سرمائي“ ڪوٺيندوهو) به وقت بوقت تقريرون ڪندا هئا.

اِئين اُنهن سان گڏ منهنجا اخبارن ۾ فوٽو آيا ۽ ٽي وي تي پڻ گڏ آياسين.

مون ٻيو هڪ ڪتاب لکيو آهي، جيڪو نياڻين لاءِ تمام سٺو آهي، ان ۾ رهبري ڏنل آهي ته هو شاديءَ کان پوءِ مڙس سان، پنهنجن سس سُهري سان ۽ والدين سان ڪهڙي نموني ۾ سلوڪ ڪن ته جيئن سڀني جون دليون وٺن ۽ ڪامياب ٿين. مون معلوم ڪيو آهي ته اسان جي جيلن ۾ اڌ ماڻهو اهڙن معاملن ۽ جهڳڙن ۾ بند آهن. نياڻين کي معاشري ۾ هلڻ نه اچي ۽ آخر جهيڙا فساد ٿين ۽ ماڻهو جيلن ۾ وڃن. مون هڪ ٻيو ڪتاب ترجمو ڪيوآهي جيڪو نفسياتي آهي،جيڪو Art of Living جو ترجمو آهي. ان جو نالو آهي ”ڪامياب ڪيئن ٿجي“. ان کان علاوه پنج مضمون لکيم جيڪي هتان جي ”الغوث“ اخبار ۾ ڇپيا، جن لاءِ مون اڳ به توهان کي ٻڌايوآهي. اڃا ڪي مضمون آهن جيڪي آهستي آهستي ڇپرائبا ۽ ڪي خيال ۾ آهن جن تي لکبو. في الحال پنهنجي اسڪول جي ڪمن ڪارين ۾ ۽ گهرجي ڳالهين ۾ رڌل آهيان. وقت سان لکندو رهندس.

مون کي هاڻي ڪهاڻيون، ناول وغيره پسند ڪونه ٿا اچن. اڄڪلهه مون کي جيڪي موضوع پسند آهن. اهي آهن: (1) تنقيدي ادب (2) تاريخ، (3) لغات يا گرامر (4) نفسيات ۽ (5) فلسفو. تازو برٽرينڊرسل جو ڪتاب Victory of Happiness جو ترجمو ڪيو اٿم، جنهن جو نالو رکيواٿم ”سڪون جي تلاش“. ترجمو ڪيئن آهي، ان لاءِ اڳ ۾ چئي نٿو سگهجي، ڪنهن کي ڏيکاريان ته پوءِ چئجي، في الحال رف ڪاپيءَ تي آهي. هن مهيني ۾ ان کي فيئر ڪرڻ جو خيال آهي. توهان وٽ وقت نه آهي نه ته توهان ڏانهن کڻي اچان نظر ثانيءَ لاءِ. اميد ته هتي ڪنهن اهڙي اديب کي ڏيکاريندس، جيڪو ان کي ڏسي، پڙهي، اُن جي اصلاح ڪري، مون کي هڪ ناول لکڻ جو خيال هو. جنهن جو عنوان هو ”پيٽ تي!“ اُن جا ڪي منظر لکيا به هئم، پر پوءِ لکڻ ڇڏي ڏنم ۽ ڀانيم ته پهرين ناول جي ٽيڪنيڪ کي سمجهجي پوءِ لکجي. ان ۾ پلاٽ هيءُ هو ته هڪ همراهه پنهنجي ڀاءُ جي شادي ڪرائي. ان جي بَدي ۾ يعني عيوض طور پنهنجي زال جو پيٽ باسيائين يعني پنهنجي ڌيءُ ڏيڻي ڪيائين، جيڪا اڃا سندس زال جي پيٽ ۾ هئي. مطلب ته پنهنجي ڀاءُ جي سڱ جي عيوض پنهنجي زال جو پيٽ ڏيڻو ڪيائين. قدرت سان هن کي ڌيءَ ڄائي، پر جنهن کي اها ڇوڪري پرڻائي پئي وئي. اهو لچو ۽ لفنگ ماڻهو هو جنهن پنهنجي ڀائٽيءَ سان منهن ڪارو ڪيوهو.ان ڪري هن همراهه اُن کي پنهنجي ڌيءُ ڏيڻ کان نابري واري. اهو لچو ماڻهو پوءِ هڪ زميندار وٽ وڃي نوڪر ٿي بيٺو، ۽ ان زميندار جي مدد سان هُن تي ڏاڍا مظالم ڪرايائين. ناول ۾ ڏيکارڻو هي هو ته اسان جا سٻاجها ماڻهو جيڪي نياڻين جا سودا اڳ ۾ ڪري ٿا ڇڏين، اها وڏي بيوقوفي آهي. وقت آيو ته ان ناول کي به لکي پورو ڪندس. دعائون ڪندا رهو.

ٻئي ڀيري آءٌ لکندس ته جيڪب آباد ۾ مون پنهنجو وقت ڪيئن گذاريو.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

- اميد ته محترم الهداد ٻوهيي کي منهنجي پٽ جي نوڪريءَ لاءِ چيوهوندُوَ!

(غ.ع.چ)

*

 

(83)

41- اي، صحافي ڪالوني،

حيدرآباد، سنڌ

12-10-1990ع

عزيزم غلام علي، شال خوش هجو-

اوهان جا خط هاڻي هر هفتي ملندا رهن ٿا. ٽي کن ملي چڪا اٿم. اوهان پنهنجي لکڻ پڙهڻ ۽ پڻ پڙهائڻ جي پنهنجي ذميداريءَ کي ايتري قدر ذوق ۽ شوق سان نباهيو ٿا، اِهو معلوم ڪري بيحد خوشي ٿي. شال اوهين پنهنجي ان عملي دائري ۾ وڌ کان وڌ ڪاميابيون ماڻيو!

هڪڙي اوائلي خط ۾ اوهان محترم گوپانگ صاحب جي تلخ زبانيءَ جو ارمان ظاهر ڪيو هو، اِن ۾ اوهين بجاءِ آهيو- ڇا به هو، اوهين اها روش وڻي نه هئي. دراصل اوهان ۽ منهنجي ويجهن قرب ڀرين ۽ پنهنجائپ جي لاڳاپن جو هن کي پتو ڪونه هو، نه ته هوند ايتري اوهان تي ڪاوڙ ڪانه ڇنڊي ها. بهرحال، درگذر ڪندا. هو به منهنجو دوست آهي،۽ اوهان کان عمر ۾ وڏو به آهي، انهيءَ لحاظ سان به هو اوهان جي مَنَ ساڌنا جو حقدار آهي.

اوهان جي پُٽَ مرتضيٰ جي نوڪريءَ لاءِ مون کي هڪڙو ڪوڏسڻ ۾ ڀروسي جهڙو موقعو ملي ويو، سو وڏي وزير صاحب جي ترجيحي لسٽ ۾ نالو، ٻئي سڄي تفصيل سان، لکائي ڇڏيو اٿم.جي ڀاڳ به ساٿ ڏنوته اهو ڪم شايد اِئين ٿي وڃي. باقي ٻوهيي صاحب کي ۽ اهڙي ٻئي صاحب کي اڄڪلهه چوڻ آهي اڳلي کي به لڄي ڪرڻ ۽ پاڻ کي به.

ناولن ڪهاڻين، ناٽڪن وغيره جهڙن افسانوي ڪوششن ۾ اوهان کي واقعا، ڳالهيون (مسئلا)، پلاٽ، ڪردار وغيره پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي جي دائري سان ڏسڻ ۽ چونڊڻ کپن.

هاڻي طبيعت ڪجهه بحال نٿي رهي. ڪجهه قدر دوائن تي وڌيڪ ڀاڙڻو ٿو پوي. سو،هٿ ۾ گهڻن ڪمن جي هوندي به، ڪو خاص اُن جو ۽ اُنهن جو اڪلاءُ ڪونه ٿو پڄي سگهيم.

وڌيڪ خير- والسلام

اوهان جو دعاگو

محمد ابراهيم جويو

*

 

(84)

چڪ

30-10-1990ع

خوش هجو شال.

محترم و مڪرم محمد ابراهيم جويو.

السلام عليڪم کان پوءِ عرض ته توهان جو 13 آڪٽوبر 1990ع وارو لکيل خط اڄ پنهنجي ڳوٺ چڪ پهتو. توهان جو خط گهڻو اڳ آيو هو پر ممتاز پريس جي مالڪ کان ڪجهه هيٺ مٿي ٿي ويو هو. اڄ هتان جي هڪ دوست کي ڏنائين. مان اليڪشن کان اڳ هتي پنهنجا ٻار وٺي آيو هوس، جو ڪجهه گوڙٿيڻ جو امڪان نظر پئي آيا. اهي گوڙ شور ٻڌي هاڻي منهنجي رفيق حيات جا خيال مٽيا آهن. ۽ واپس سکر هلڻ کان نابري واري ويٺي آهي. هاڻي وري روزانو سکر نوڪريءَ تي اچڻو وڃڻو پوندو.

توهان منهنجي پٽ جو نالو وڏي وزير جي ترجيحي لسٽ ۾ به لکرايو آهي، توهان جي وڏي وڏي مهرباني. خدا ڪري ڪم ٿئي. آسرو گهٽ ٿو نظر اچي.

مون برٽرينڊرسل جي ڪتاب Victory of Happiness جو ترجمو پورو ڪري ڇڏيو آهي. ان تي نظرثاني ڪري رهيوآهيان. منهنجو خيال آهي ته اهو نيو فيلڊس وارن کي ڏجي. ان لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مهرباني ڪري مدد ڪندا. اسان جي سنڌي ادب ۾ نفسياتي ڪتابن جي تمام گهڻي کوٽ آهي. جيڪڏهن هو اهڙا ڪتاب ڇپائيندا ته کين منهنجي خيال ۾ نقصان ڪونه رسندو. توهين مهرباني ڪري ساڻن ڳالهايو. پوءِ مون کي لکو ته مسودو توهان ڏانهن اماڻيان. آئنده خط اسڪول جي ائڊريس تي لکندا.

زياده آداب

فقط

غلام علي چنه

- ها اسان جي استادياڻي محترم قمر واحد گڏجي، ته مهرباني ڪري کين منهنجا ادب ۽ نياز پهچائيندا.

(غ.ع.چ)

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org