سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :9

شاهه سستي ڪاهلي ۽ گينوارپ جيان ننڊ جو به جاني دشمن آهي. علم ادب توڻي دين جي دائره ۾ شاهه جهڙو ٻيو عارف بالله نه سجهي جنهن ننڊ کي ايتري قدر ننديو هجي. نه فقط شاهه تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ لاءِ تغاتو ڪندو ٿو رهي. فرمائي ٿو ننڊ کان جاڳ ڇاڪاڻ ته جي توکي جڳ جي واليءَ جو ديدار ڪرڻو آهي سندس مشاهدو ماڻڻو آهي ته پوءِ اهي عنايتون ننڊون ڪندي ته نصيب ڪين ٿينديون آهن. هي برابر آهي ته جسم جي تقاضا آهر ننڊ ضروري آهي پر پلڪ پهر نه اٺئي پهر، جيئن تون لت ڏيئي ليٽيو ٿو رهين. جنهن ماڳ تي تون اَجهاپو ڪري رهيو آهين، اها ته هڪ جهٽ پلڪ چيلھ سڌي ڪرڻ لاءِ جاءِ آهي ۽ نه ساڻيهه.

جنهن کي راءُ ريجهائڻو آهي يا قلب تان ڪس لاهڻي آهي تنهن لاءِ سواءِ سجاڳ رهڻ جي ٻيو چاروئي ڪونه آهي. پر تون اوجاڳو نه ٿو ڪرين ته پوءِ ڀلي اسر ويل اٿي الله اور.

مورک هن جهان جي جياپي جون چند رنگين راتيون ماڻي تون هرکجي ويو آهين ۽ ڀانئين ٿو ته هي موج مزو وٺي دل ٺاريان مبادا ٻيون راتيون نصيب ٿين الاجي نه. توکان شايد هي وسري ويو آهي اهڙيون ڪيئي راتيون اينديون جي تو کي اڪيلي سر الحد جي اونده ۽ انڌيري ۾ ڪاٽڻيون پونديون. جي سچ پڇيو ته سرتيون سمهڻ ئي مون کي وڏي گهاٽي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته آءٌ پرين جي پاڙي کان ئي ڪاٽا ٿي ويس ۽ پنهنجي سائينءَ جي صحبت کان نراس ٿيس.

آدمين کي پنهنجي گهڙين ضايع ۽ زيان ڪرڻ جو احساس ۽ افسوس شايد نه ٿيندو هجي. پر، لوڪو، پرڀات ڌاري جا ”ماڪ“پيئي آهي، سا ’ماڪ‘ نه ڄاڻو. دراصل انهن اڀاڳين جي ڪمبختيءَ تي، ”رات“ ڳوڙها ڳاڙيا آهن، جن، سمهي پنهنجو سڀ ڪجھ وڃايو آهي. شال منهنجو ’ڍوليو‘ مون مٿان رکيل ٻانهن پاسي نه ڪري، ۽ نه الله ڪري ڪا رات کُٽي (ختم ٿي) پرڀات ٿئي، جيئن آءٌ پنهنجي ڀوتار کي لوڪان لڪي پرچايان ۽ ريجهايان.“

عجب جو ماڳ آهي، جو عقل جا انڌا! کير جي (جهاڳ) گجي ڏسي، هرکجي ويا ۽ انهيءَ موه ۾ کير جو ساءُ ئي نه ورتائون. کين هيءَ ڄاڻ ئي نه ٿي، ته هو دنيا جي عارضي مزي ۽ موجد جي هوس ۾ پنهنجو روحاني خزانو گنوائي وڃي گهاٽي ۽ ڏيواله ۾ پيا.

ڏهر- داستان 4 (چوٿون)

(ملڪ الموت ۽ سندس مارو)

هي داستان ڪال يعني موت بنسبت آهي. موت اڻٽر آهي ۽ هر نفس کي سنس ذائقو چکڻو آهي. موت جي ڌرتيءَ تي اسان جي زندگيءَ جي، اسان جي جسم جي، اسان جي دعوتن ڪچهرين دوستين دشمنين جي ۽ غرض ته اسان جي هر شوق شغل جي پڄاڻي ٿو آڻي.

موت اڪيلو ديوتا آهي جو ڪنهن بني بشر جي پوڄا توڻي ڀيٽا قبول نه ٿو ڪري ۽ نه ڪنهن سان ڪا رعايت يا پاس خاطري ٿو ڪري. سندس لاءِ پوڄارين جا صدقا قربانيون گلن جا هار ۽ اگر بتين جا سرها واس ڪا معني نه ٿا رکن. ملڪ الموت کي دعا جا سڳا ڌاڳا يا پٽ واراتا ڪو فرق ڪونه ٿا ڪن. عبادت کائونس ماڳهين الڳ ٿي رهي ۽ عجز يا آزي نيازي سندس آڏو بيسود آهي ۽ ساڳي وقت ساڻس مهاڏو اٽڪائڻ يا جنگ جدل ڪرڻ به بيڪار آهي.

اوهان گهڻوئي کيس ڌتارڻ يا ريجهائڻ جي ڪيو ۽ کيس سوکڙيون پاکڙيون ڏيئي پرچايو، پر هي ناممڪن آهي ته هو اوهان تي ڪهل آڻي اوهان تي ڪاتي نه ڦيرائي ۽ اوهان کان ٽارو ڪري.

دنيا ۾ ڪيئي ڊاڪو ۽ ڌاڙيل آهن، جن جي ڏر کان ماڻهو ٿر ٿر ٿا ڪنبن، پر ملڪ الموت اڪيلو راڪاس آهي، جنهن جي ڏهڪاءُ کان راجائون ۽ مهاراجا به پنهنجي ڪوٽن ۽ قلعن اندر محفوظ هوندي به پيا ڪنبن ۽ ڦرڪن. جي سورهيه پاڻ کي خلق ۾ سورما ٿا سڏائين سي پڻ موت کان ايترو ٿا وَنئن ۽ وَهلور وڃن جو ننڊ ۾ به سندن چتَ تان موت جو اُڊڪو نه ٿو لهي ۽ هر ويلي پيا ڇرڪ ڀرين.

اوهان کي جڳائي ته اوهين بي فڪرا ۽ غافل ٿي سمهي نه پئو. ڏسو ڪين ٿا ته ”ڪال“ (لاکو) اوهان جي پاڙي اوڙي ۾ پيو هاڃان هڻي، جو اڄ اوهان جي گهٽيءَ ۾ گهڙيو آهي، ته صبحاڻي اوهان جي گهر ۾ پڻ گهڙندو. ڇو نه اوهين اڳواٽ ئي پهره سجاڳ ٿا رهو؟

هيءَ ٻي ڳالهه آهي، ته موت پنهنجي ”تيز- پر سواريءَ (لَکيءَ) تي سوار ٿي، سندرو ٻڌيو، وتي ٿو پنهنجي شڪار جي تاڙ ۾ مارو ڪندو. سندس خاص خوبي هي آهي، جو هو ڪنهن سان لحاظ مَرَوت يا رعايت نه ٿو ڪري. هو هرهڪ سان صبح هجي يا سانجهي، ڪَرڙي اک سان پيش ٿو اچي. شايد اهوئي ڪارڻ آهي جو سندس ڏهڪاءُ هر هنڌين ماڳين هئبت جهڙو آهي.

ڪنهن ماڳ تي ڪونجن جو هڪ وڏو ولر اچي لٿو. هو پاڻ ۾، جيئن، سندن ريت آهي، وڳر ڪيو، پريت ونڊينديون رهنديون هيون. پنهنجي لاتيون لنوڻ ۾ ايترو محو رهنديون هيون، جو کين هيءَ ڄاڻ ئي نه هئي، ته ”وڇوڙو“ ڪهڙي پکيءَ جو نالو هيو. هڪ ڏينهن ڪنهن نڀاڳي ماريءَ کي سندن وڳر جي کڙڪ پئجي ويئي ۽ هن تاڙ رکي، سندن چوڳي جي ماڳ تي ڪوڙڪيون اڏي ڇڏون. معصوم ۽ بي خبر ڪونجڙيون، پاڻ ۾ لاتيون لنونديون اچي ڪکن مٿان لنگهيون، جتي ماريءَ جون ڍَٻيون اڏيل هيون، جيئن اڀاڳي ڪونج ڦاٿي ۽ ڇڙڪ جو ٺڪاءُ ٿيو، ته ولر ۾ اچي ڦڙ ڦوٽ پيئي. وَلر جو وَلرُ ئي ڇڙوڇڙ ٿي ويو. مار پوي ماريءَ تي، شل سندس شڪار وارا ساز سامان ناس ۽ نابود ٿين، جو قرب ونڊڻ وارن وچ ۾ اچي ويڇو وڌائين، ۽ ٽٻر جو ٽٻر کي ئي فراق ۽ ڦڙائي جي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيائين.

جيئن مالوندا مارو ماڻهو، ڌڻن جا ڌنار آهن ۽ هو مال جي خير خيراتي ۽ منجهن برڪت پوڻ لاءِ هر خميس رات جو ”کير“ خيراتي ۽ منجهن برڪت پوڻ لاءِ هر خميس رات ڌنار يا سرواڻ آهن، جي سندن خاطر فاقا ڪڍي ۽ اوجاڳا ڪري ذڪر فڪر ڪندا آهن ۽ عوام جي رهبري ڪندا رهندا آهن.

اهڙا سنگهار شال هميشه حال حيات هجن، جن جي ڇپر ۽ ڇانوَ هيٺ، اسان جو گذر سفر ٿئي، ۽ من هو ڏکيءَ ويل اچي اسان جي سار لهن، ۽ هاڙ ڪن. جيڪڏهن ڪو چاهي، ته هو هن دنيا جي کٽراڳ کان آجو ٿي ۽ سک جو ساهه کڻي، ته کيس جڳائي ته اهڙن درويشن جي سنگ ۾ سانگي ٿي، سفر ڪري. جڏهن تون، سندن سَٿ ۾ سيلاني ٿي، جهنگ جَهرُ گهمندو رهندين، ته پوءِ توکي، ڪڏهن به ڪنهن جي نقصان يا هاڃي جي ”ڪوڪ“ ڪنين مور نه پوندي. سگهارن جي ڪکن ۾ مسافرن جو آڌرڀاءُ ٿئي ٿو. سندن ڏڌ مکڻ لاءِ مٽين ۾ مانڌاڻيون پيون ڇيڄ وجهن. سچ پڇيو ته سنگهارن جا اوتارا جڏن ۽ ڏڏن لاءِ وڏي آٿت آهن.

شاهه لطيف جي سُر ڏهر جو علامتي مطالعو

غلام نبي سڌايو

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع- 1752ع) هڪ ڪلاسڪ شاعر آهي. سنڌي شاعريءَ جون انيڪ خوبيون آهن انهي لحاظ سان سندس هرهڪ شاعرانه خوبي تي جدا جدا باب لکي سگهجي ٿو.

علامت نگاري (Symbolism) ۾ هڪ شاعراڻي خوبي کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ واري تحريڪ آهي، اها شاعراڻي تحريڪ اسٽيفن مئلارمي ۽ پال ورلائيف 1985ع ۽ 1998ع جي وچ ڌاري شروع ڪئي. ڪن عالمن جي چوڻ موجب انهي تحريڪ جي شروعات صوفي شاعرن سويڊن بورگ (1688ع-1772ع) يا سينٽ مارٽن (1743ع-1783ع) کان شروع ٿي. منهنجي خيال مطابق انهي تحريڪ جو باني مباني شام ولايت جو عربي شاعر ابو طيب احمد بن حسين المنبي (303هه-354هه)/(916ع-967ع) آهي.

سوسن- ڪي لينگر لکي ٿي ته لفظ علامتون به آهن بلڪه اهي تصور آهن جيڪي انهن لفظن سان وابسته آهن، انهي ڪري اهو وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته علامتون انساني تصورن جون پئداوار آهن ۽ اهي صرف انسان ئي پنهنجي تجزيي، اعتقاد ۽ نظرئي جي بنياد تي سمجهي ۽ منتقل ڪري سگهن ٿا. جانورن جي دنيا ۾ نشانن جو تعداد تمام گهٽ آهي ۽ انهن وٽ اشارا تمام ٿورا آهن ۽ جڏهن ته انهن وٽ علامتون بلڪل ڪونه ٿينديون آهن. انسائڪلو پيڊيا امريڪانا ۾ علامت لاءِ لکيل آهي ته: :علامت جو لفظ جيڪو مختلف معنائن جو حامل آهي، سو يوناني لفظ “Symbloon” تان ورتو ويو آهي. عيسائيت جي ابتدائي ڏينهن هي لفظ عقيدي لاءِ اڪثر استعمال ٿيندو هو ۽ اڄ به لاطيني ملڪن ۾ مستعمل آهي.... نيپچون سامونڊي ديوتا جي علامت آهي.

فرينڪ لوريمر (Frank Lorimer) پنهنجي ڪتاب “The Growth of reason” ۾ لکي ٿو! ”علامت لفظي عمل جي مطالعي جو ذريعو آهي ۽ ان جي مدد سان اسين انسان جي ذهن جي جوڙجڪ ۽ واڌاري جا سبب معلوم ڪري سگهون ٿا.

معلوم ٿيو ته علامت کي استعمال ڪرڻ لاءِ هڪ شاعر شين (Objects) کي سڌو سنئون بيان ڪرڻ بجاءِ انهن کي نيون معنائون ڏي ٿو. انهي صورت ۾ شاعر جو اصل ڪمال تڏهن ليکبو جڏهن شعر ظاهري طور تي به پنهنجي Situation جي لحاظ کان، حظ حاصل ڪرڻ جو ذريعو ثابت ٿئي. اهڙي ئي بصيرت افروز ۽ مٿانهين معنيٰ (Higher Meaning) واري شعر کي علامتي شعر ڪوٺجي ٿو.

اچو ته هيٺ لطيف سائين جي سُر ڏهر جو علامتي اڀياس ڪريون. سُر ڏهر تي اهو نالو داستان پهرين جي مناسبت سان پيو آهي. هن سُر ۾ لطيف سائين ٿر جي سفر دوران ڪنهن ڏهر مان گذرندي، انهن ڳالهين کي ظاهر ڪيو آهي جيڪي کيس مشاهدي ۽ تجزيي هيٺ آيون آهن. اهي سڀ ڳالهيون ۽ مشاهدا ڪنهن آفاقي حقيقت سان واسطو رکن ٿا نڪي صرف تاريخي واقعن سان.

هن سر جي علامتي تشريح ڪندي شري ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو:

”هن سُر ۾ جتي ڍوري، ڪنڊي ۽ جسودن جو ذڪر ٿو اچي اتي دنيا جي بي ثباتي ۽ الله جي مردن جي اڻاٺ ڏانهن اشارا آهن. ڏهر هي دنيا آهي، جتي ڪڏهن اوج آهي ۽ ڪڏهن زوال، جنهن هنڌ اڄ شاهوڪاري آهي، تنهن هنڌ سُڀان سڃ وسندي جو اڄ ڳاڙهو گهوٽ آهي، سو سڀان مقام ۾ لٽبو، جيئن جسودن جو زور هينئر ناهي، تيئن روحاني وڻجارن جو به هينئر قحط آهي. رڳو صاحب ئي ساراهه جو لائق آهي. نالو سندس ئي رهندو، ٻيو سڀ فاني آهي ڪيڏانهن ويا اهي جُنگ فقير، جي وحدت جي درياءَ ۾ حقيقي ماڻڪن جو وڻج وهائيندا هئا. افسوس جو انهن جو هاڻ نشان به ڪونهي ۽ سندن جاءِ تي اڪ ڦلاريا بيٺا آهن. هن دنيا ۾ ڌڻي جو ئي نالو رهڻو آهي، هوئي اسان جو پردو ۽ پناهه آهي، جي دنيا تي ڀلجي، کانئس منهن موڙيوسين ته اسان جو حال به انهي مڇ جهڙو ٿيندو، جو پاڻي ڏسي ڀليو هو ۽ مهراڻ جي سڪي وڃڻ سان موچڙن جي منهن پيو هو.“

هن سُر ۾ شاهه صاحب ڪونجڙين لاءِ پنهنجي درد جو اظهار ڪيو آهي ۽ سنگهارن کي ساراهيو اٿس جي سخا ۽ مهمانوازي جا ڪوڏيا آهن. ڪڇ جي مشهور ڌاڙيل لاکي جي واکاڻ ڪئي اٿس، ڇو ته هڪ مسڪين پرور ۽ عاجزائن جو پردو رکندڙ هو.

سُر ڏهر ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته انسان دشمن قوتون هر دؤر م پيدا ٿينديون رهنديون آهن جيڪي پرائي مال جي تاڙ ۾ رهنديون آهن. اهڙين قوتن کان غافل ٿيڻ نه جڳائي، لطيف سائين اهڙين ئي قوتن سان مقابلي لاءِ اڀاري ٿو ۽ انهن قوتن کي انت ياد ڏياري ٿو. ”ڀڄ“ اهڙي ئي علامتي ڪردار جي روپ ۾ آيو آهي.

مڇ جي ڪردار کي لطيف سائين بي اعتبار (Unfaithful) جي علامت ۾ ڏنو آهي. مڇ هڪ حريص ۽ انساني قدرن کان ڪريل اهڃاڻ آهي. شيڪسپيئر جي ڊراما ”ٽيمپيسٽ“ جو ڪردار ڪيليبان (Caylibon) لطيف سائين مڇ سان مشابهت رکي ٿو.

ڪيليبان اڌ انسان اڌ مڇي آهي. هن جي ماءُ ليپوريڪس هڪ جادوگراڻي آهي. ڪيليبان ڳالهائي سگهي ٿو پر سندن سوچ جو انداز حريص ۽ ڪينه پرور آهي. مڇي هڪ گهڻ معنائو Symbol آهي. مڇ وحشي جيوت آهي، جيڪو سماج ۾ پنهنجي ڪردار ذريعي نفرت ۽ ٻيائي پيدا ڪري ٿو. لطيف اهڙين وحشي قوتن سان بنرد آزما ٿيڻ لاءِ انساني ذهن کي تيار ڪري ٿو. مڇ جو ڪردار هڪ استحصالي ۽ سرمائيدارانه ۽ جاگيرداري سسٽم ۾ ملي ٿو. اسلام اهڙي ذهنيت ۽ اهڙي سسٽم جي خلاف آهي. ان ڪري اسلام جي سماجي سوچ رکندڙ هر ڏاهي اهڙين قوتن سان جنگ جوٽڻ لاءِ ترغيب ڏني آهي.

هنِ سُر جون چند بنيادي علامتون هيٺ ڏجن ٿيون.

مَهراڻ، جسودا، مڇ، ڪونج، لاکو ۽ لکي. مهراڻ سڄي ڪائنات ۽ سڄي انسانيت جي علامت آهي ڪائنات ۾ هر قسم جا انسان ۽ ٻيا وحشي جيون رهن ٿا. تاريخ اهڙن ڪردارن کان خالي ڪونهي.

”جسودا“ اهڙي علامت آهي جنهن جو ڪائنات تي راڄ آهي. جن جو مشاهدو باريڪ ۽ عميق آهي. اهي ڪائنات جي سڀني لڪن، لارن، پنڌن ۽ پيچرن جا واقفڪار آهن. مڇ وحشي جيون آهي، جنهن جي عادت آهي انسان کي اهنج رسائڻ. مڇ بدي (Evil) جو تصور (Concept) آهي. نفسياتي طور تي مڇ ڏسي وائسي انسانن لاءِ مسائل پيدا ڪري ٿو. هو ڪائنات ۾ رهي، اتي رهندڙن انسانن لاءِ هاڃي جو سبب بڻجي ٿو. هن کي پنهنجي سرمائي تي وڏو فخر آهي ۽ هو انهي طاقت جي نشي ۾ ڪنهن به انسان کي اهميت نٿو ڏي. مسنوعي فخر کيس ڪنڌ ڀر ڪيريو ۽ قوت ڪم نه آئي ۽ آخر ماڻهن جي موچڙن جو شڪار ٿيو.

”ڪونج“ سماج جي هڪ اهڙي فرد جي ڪهاڻي آهي جيڪو سماج جي هِٿراڌو ڏولاون جو شڪار آهي جنهن کان پنهنجي ئي ديس ۾ جيئڻ جا حق کسيا وڃن ٿا. سندس اٿڻ ويهڻ ۽ نشست و برخاست تي پهرا آهن. ”ڪونج“ اهڙي فرد جي علامت آهي جيڪو سماج جي انيائن کي دؤر ڪرڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ پنهنجن جي درد ۽ پيڙا کي هر گهڙي محسوس ڪري ٿو.

”لاکو“ دشمن قوتن لاءِ ڌاڙيل آهي، پر لطيف سائين سندس ڪردار کي مهان سخي جي علامت ۾ پيش ڪري امر بڻائي ڇڏيو. ”لاکو“ براين کي ختم ڪندڙ ۽ حريص ۽ شرير قوتن کي تڙيندڙ ۽ ڏتڙيل ۽ مسڪين طبقي لاءِ سک ۽ آسائش جي علامت آهي.

”لکي“ لاکي جي گهوڙي جو نالو آهي، پر لطيف سائين ”لکي“ کي معرفت جو ذريعو ڪري پيش ڪيو آهي. نفساني خواهش ۽ وحشي قوتن کي ختم ڪرڻ ۾ ”لاکي“ جي علامت چئجي ته بجا آهي. لطيف سائين چوي ٿو:

لکي لاکو ٻئي مئا، ٻاجهه ٿي،

قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،

وانڍن ۾ واڪو، ريٻا ڪڙي رهي ويا.

(شاهواڻي- 4- 37)

لکي ۽ لاکي جي مرڻ تي، وقت جا جاگيردار خوشيون ٿا ڪن. استحصالي قوتون، اهڙن سماج سڌارڪ هستين ۽ انهن جي پوئلڳن جي هلي وڃڻ کي پنهنجو ڀاڳ ڀائيندا آهن، لطيف سائين اهڙن ئي استحصالي قوتن جي اندر جي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو، جيڪو هڪ مهان مرد ۽ سندس حوارين جي موت تي (خاموشي واري روش تي) خوشي جو اظهار ڪن ٿا. لطيف سائين اهڙن انسانن جي دنيا تياڳي وڃڻ ٿي چوي ٿو:

سچ ڪه سڪو ڍور، ڪنڌي اڪ ڦلاريا،

جنگن ڇڏيو زور، سَرُ سڪو سونگي گيا.

ڍور ۽ سَرُ ٻئي هم معنيٰ لفظ آهن جيڪي ڪائنات جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيا ويا آهن. اَڪ ڦلارجڻ روائتي علامت آهي، اَڪ ڦلارجڻ معنيٰ جتي وسنءُ نه هجي، يعني هي علامت آهي سڃ ۽ ويرانيجي ”جَنگ“ آدرشي انسانن ۽ صاحب تصوف ماڻهن جي علامت لاءِ ڪتب آيو آهي. ”سونگي“ معنيٰ آهي محصول وٺندڙ، پر علامتي معنيٰ ٿيندي روحاني فيض بخشيندڙ.

مٿين بيت جو مطلب آهي ته هي ڪائنات بي بقا آهي ۽ ان جي هميشه هجڻ واري ويساهه ۾ ڦاسڻ نه گهرجي. اڄ جيڪا جوءِ آباد آهي، سا سڀان سڃ ۽ ويراني جو ڏس ڏيندي، جڏهن ڪو ماڳ ئي سڃو ٿي ويندو ته اتي روحاني فيض رسائيندڙ به ڪونه رهندا. حقيقت ۾ لطيف سائين انهي بيت ذريعي پنهنجي دؤر جي ترجماني ڪئي آهي. ان وقت ملڪي حالتون اهڙيون هيون جو هر طرف خوف ۽ هراس، قحط ۽ ڪلور جو ڏيک هو ۽ ساڳيءَ وقت، جبر ۽ ڏاڍ واري فضا ۾ آردشي ماڻهن جي به اڻاٺ ٿي ويئي هئي. تنهن ڪري ئي لطيف چئي ڏنو.

”جنگن ڇڏيو زور، سَرُ سڪو سونگي گيا.“

ڏيهه جا ڏاها ماڻهو وقت جي رفتار جا پارکو هوندا آهن، سماج ۾ ٿيندڙ هي تبديلي تي انهن جي اک هوندي آهي. انهن کي اندروني توڙي بيروني خطرن جي آگاهي هوندي آهي. لطيف چوي ٿو:

ڍور نه اڳين ڍار، مهند ملاحن لَکيو،

موڙي ڇوڙيا مڪڙا، پسي پاڻي پار،

جسودن جيها يار، پيڙا وير وِماس ۾.

(شاهواڻي 1-10)

”ملاح“ دانشور جي علامت آهي ۽ ”مڪڙا“ واسطا ۽ ذريعا آهن. جڏهن ڏاها ۽ دانشور، سماج مٿان ڪا مصيبت ايندي ڏسندا آهن ته يڪدم ان مصيبت کان بچڻ لاءِ سوچي سانڀاها ڪندا آهن ۽ پنهنجي سماج کي انهن نتيجن کان آگاهه ڪندا آهن لطيف سائين جڏهن اغيارن جي پنهنجي سماج مٿان مسلسل يلغار ٿيندي ڏٺي تڏهن خاموش نه رهيو ۽ مٿين بيت ۾ اهڙي ئي صورتحال کي ظاهر ڪيائين. لطيف سائين صرف ان صورتحال کان پنهنجي سماج کي آگاهي ڪونه ٿو بخشي، بلڪه انهن سماج روش ۽ استحصالي قوتن کي چتاءَ ڏيندي چوي ٿو:

جان واهڙ ۾ وَهُ، تان تون مڇ نه موٽئين،

ڪائي ۾ ڪوه ڪرئين، پوءِ موٽن جو پَهه؟

سِر مٿي تون سَهه، مهيزون ملاحن جون.

(شاهواڻي، 1-11)

لطيف سائين اهڙن دئيتن ۽ سماج دشمن عناصر کي انتباه ڏي ٿو ته اهي پنهنجي روش تي نظرثاني ڪن، ڇو ته تاريخ جي مسلسل عمل مطابق، سندن خلاف سماج طرفان مهم هلندي ۽ انهن عناصرن جو انت ايندو. لطيف سائين جي شاعري انهي ڪري ئي زمان ۽ مڪان جي پابندين کان مٿي ڪائناتي بڻجي پئي آهي.

اهڙن ئي عاقبت ناانديش ۽ مايا ميڙيندڙ ٽولي کي ننديندي لطيف چوي ٿو:

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

جا تو ڏٺي اڇ، تنهن پاڻي پنا ڏينهڙا.

(شاهواڻي، 1-14)

لطيف سائين اهڙي استحصالي، حريص ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ کي مايا ۽ مال جي گهڻائي ڪري ”ٿلهو“ ڪوٺي ٿو. ڇو ته اهڙين ماڻهن جو دين ڌرم مايا جي موهت آهي. هو ڪنهن به رشتي ناتي، قومي ۽ سماجي سوچ ۽ اخلاقي قدرن جي پرواهه ڪونه ٿا ڪن. هر موقعي ۽ هر جاءِ تي صرف پيسي جي زبان ڳالهائن ٿا. انهن قدر ناشناس ماڻهن کي لطيف ٻڌائي ٿو ته توهان جي غلط نموني سان گڏ ڪيل ميڙا چونڊي جو عنقريب انت اچڻ وارو آهي.

لطيف سائين جي اها سماجي تبديلي واري سوچ، اڄ به نئين نڪور آهي. انهي سوچ جو واسطو فطرت جي خيال کان ايڪائي (Unity) ۾ آهي. تبديلي جو اهو عمل لطيف سائين کان گهڻو پوءِ ڊارون ڏنو. ارتقائي طور تي تبديلي جي انهي عمل کي ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو اندروني طور تي هڪ واحد عمل جيان بدلجندڙ اڪائي سمجهي ٿو. انهي اندروني تبديلي سان طاقتن (Forces) جي رونمائي ٿئي ٿي ۽ اهو ئي فطرت جو جوهر ڪَل آهي جنهن تي ويساهه ڪرڻو پوي ٿو.

سُر ڏهر جي ٻي داستان ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ڪائناتي حاڪميت ۽ محمد عربي  جن جي شخصيت کي رحمت جي علامت طور پيش ڪيو ويو آهي. نبي اڪرم صلعم جن جي شخصيت نه صرف عرب دنيا لاءِ رحمت جو اهڃاڻ آهي بلڪه پوري ڪائنات ۾ وسندڙ هر ذي روح لاءِ رحمت ۽ برڪت جو سنديشو آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام جي دعا جيڪا هن ڪعبة الله جي تعمير وقت الله تبارڪ و تعاليٰ کان گهري، تنهنجو نتيجو نبي اڪرم حضرت محمد ﷺ جن هئا. فرمائين ٿا:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com