وفات
بيدل فقير جي انتقال جو زمانو جڏهين ويجهو آيو ته
پاڻ بيماريءَ جي شدت ڪري تمام ڪمزور ۽ ضعيف ٿي
پيا. اها حالت ڪجهه وقت هلڻ بعد ذوالقعد جي
پنڌرهين تاريخ، سج لهڻ جي قريب، اوچتو کٽ تان اُٿي
اوطاق جي ٻاهرئين دروازي جي چوکٽ وٽ اچي نڪتا ته
پريان سليمان فقير سندن خدمتگار به ڊوڙ پائي وٽن
اچي نڪتو ته مالڪ ڪمزوريءَ جي ڪري ڪٿي ڪري نه پون.
ته ڇا ڏسي ته هڪ گهوڙي سوار نوراني شڪل سان دروازي
جي ٻاهران رستي تي بيٺو آهي. انهيءَ وقت گهوڙي
سوار هٿ مٿي ڪيو ته فقير صاحب ڪنڌ کڻي نوايو. پوءِ
گهوڙي سوار واپس وريو ۽ فقير صاحب پوئتي موٽي اچي
بستري تي ويٺا ته سليمان فقير عرض ڪيو ته: قبلا!
هي گهوڙي سوار ڪير هو؟ جواب ۾ فرمايائون ته: سرور
سنڌ لعل شهباز مروندي هئا ۽ قرب جا قدم ڀري آيا.
ائين چئي چادر پائي سمهي رهيا ته وجود سڪون ۾ اچڻ
لڳو ۽ منهن مبارڪ ۾ محويت جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا.
تان جو مغرب جي اذان اچڻ کان پوءِ جان بحق ٿي ويا.
انا لله و انا اليہ راجعون.
فقير سليمان هيءَ پُر ملال خبر، فقير عبدالله ۽ ڪن
مخصوص محبت وارن کي پهچائڻ جو انتظام انهيءَ وقت
ئي ڪري ورتو، پر هيءَ خبر هوا وانگر هر جاءِ ڦهلجي
وئي ۽ محبت وارن جو هجوم ڪٺو ٿي ويو. فقير عبدالله
پنهنجي هٿن سان فقير صاحب کي غسل ڏئي، ڪفن پهرائي
جسم اطهر کي رکائي ڇڏيو ۽ تاريخ 16 ذوالقعد سنہ
1289 هه منجهند جو مقام ڏانهن هلڻ جو اعلان ڪيو.
انهيءَ ڪري سج اڀرڻ کان پوءِ هر طرف کان سيد
سادات، شريف شرفاءَ، امير غريب ۽ هندو وغيره اچي
گڏ ٿيا. سڀني جا منهن غم سان ڀريل هئا. تان جو کٽ
کڻڻ جو وقت ٿي ويو ۽ کٽ کڻي قبرستان هلڻ لڳا.
انهيءَ وقت جو منظر پر درد ۽ عجيب هو. تان جو هڪ
هنڌ کٽ رکي جنازه نماز واسطي صفون ٻڌائون. جنازه
نماز فقير عبدالله پڙهائي. جسم اطهر جي دفنائڻ جو
اهڙي هنڌ انتظام ڪيو ويو هو، جتي هڪ ننڍو وڻ هو ۽
فقير صاحب ڪن وقتن تي انهيءَ وڻ هيٺيان مراقبو ڪري
ويهندا هئا، اتي کين سپرد خاڪ ڪيو ويو.
ٽئين ڏينهن دستور موجب بيدل صاحب جي فرزند محمد
محسن کي دستار مبارڪ ٻڌائي وئي، ان وقت صاحبزادي
جي عمر اٽڪل چوڏهن (14) سالن جي هئي. پنهنجي والد
صاحب جي وصال کان پوءِ محمد محسن اهڙي رنگ ۾ رڱجي
ويو، جو لکڻ وارن لکيو. سندس طالب سيد نواب شاه
”سڪايل“ روهڙائي پنهنجي ٻن ڪلامن ۾ سندس مرشد
(محمد محسن ”بيڪس“) جي حقيقت هن طرح بيان ڪئي آهي:
ڪلام پهريون
ٿل: منهنجو مير محسن قلندر قلندر
سدا شائقن جي دل اندر دل اندر
1. قلندر جي عرشن مٿي آشنائي
ورتي شاه بيدل تهين ۾ فنائي
ڪيو پوءِ بيدل بيڪس کي تن اندر
2. تڏهين چئبو هي به ته آهي قلندر
۽ ظاهر باطن قلندر قلندر
قلندر جي معنى ڪُل اندر ڪل اندر
ڪلام ٻيو
ٿل: سڀني گلن ۾ گل محسن
حسن حسين علي پنجتن
1. باغ بيدل جي ڪئي آهي بهاري
حسن بسونت کليو چوڌاري
طرحين طرحين ڦوهه ڦلن
2. رک سڪايل سرت سدائي
در محسن جي ڪر تون گدائي
آءُ لنگهي منجهه عشق اگن
پهريون ڪلام اٺن (8) مصرعن جو آهي، پر مون ٻه
مصرعا ڏنا آهن. ٻيو ڪلام ڇهن (6) مصرعن جو آهي،
انهيءَ جا به صرف ٻه مصرعا ڏنا ويا آهن.
بيڪس سائين پنهنجي والد ۽ مرشد جي حقيقت ۽ سندن
رحلت جي تاريخ بيان ڪئي آهي، سا پيش ڪئي وڃي ٿي:
ٿل: رمز رنديءَ جو عجائب روهڙيءَ ۾ راز هو
نالي بيدل بادشہ بيشڪ اهو شهباز هو
1. موج مستيءَ ۾ سدا سلطان سرافراز هو
حلاج جي حالت ۾ هردم من خدا ممتاز هو
2. پير مغان جي پيش هڪ حقيقتاً مجاز هو
همہ اوست واري حال ۾ محمود سو اياز هو
3. درد واري دور ۾ هو وير وحدت باز هو
عشق جي اوتار سان دلدار دست دراز هو
4. هن تماشي گاه ۾ اوڻهٺ جو آواز هو
مرضيءَ موجب پنهنجي سر صفاتي ساز هو
5. سال ٻارنهن سئو اڻانوي ۾ سوز گداز هو
سورهين ذوالقعد جي هادي سندو پرواز هو
بيدل مرشد منهنجو سائين غريب نواز هو
بيڪس خادم درجي کي، عشق جو آغاز هو
–––
فقير غلام علي ”مسرور“ شڪارپوريءَ، بيدل صاحب جي
عشق ۾ هڪ ڪلام چيو آهي. جنهن مان ڇهه مصرعا پيش
ڪيا ٿا وڃن:
ٿل: دائم قائم قرب ڪرارو، ڪعبو قبله گاه
هادي بيدل شاهن شاه
1. روهڙي فرش وڇائي گادي، موڙ ٻڌي سر ويٺو هادي
ٿي ويئي ملڪان ملڪان منادي، واحد وجہ الله .......
2. آدم شيث ايوب اهوئي، يحيٰ نوح يعقوب اهوئي
احمد مهدي خوب اهوئي، اولي منجهه الله .......
3. شبلي شمس عطار اهوئي، درس علي ديدار اهوئي
هرجا جلويدار اهوئي، سڀ جو ساه پساه
.......
4. شهنشاه شهباز اهوئي، دولهه شاه دراز اهوئي
خفي جلي جو راز اهوئي، فائق فيض درياه
.......
5. ظاهر بندو باطن مولى، نوان نوان نت پهري چولا
ڪڍي وجودي وهم وچولا، آيو عالي جاه .......
6. هادي حق مسرور مليو آ، ڀول ٻيو سڀ دل جو پليو آ
خيال خدائي خوب کليو آ، آندو ٿم ويساه .......
سنه 1298 هه ۾ فقير محسن ”بيڪس“ به 23 سالن جي عمر
۾ وصال ڪري ويو ۽ سندس مزار بيدل صاحب جي لڳ سڄي
پاسي کان ٺاهي وئي. بيڪس صاحب جي انتقال کان پوءِ
ٽئين ڏينهن دستور موجب فقير عبدالله پنهنجي ننڍي
فرزند غلام اللطيف کي بيڪس سائين جي دستار مبارڪ
ٻڌائي، سندن جاءِ نشين مقرر ڪيو. انهيءَ کان پوءِ
سنہ 1301 هه ۾ فقير عبدالله به انتقال ڪري ويو ۽
کيس به بيدل صاحب جي لڳ کٻي پاسي کان رکيو ويو.
بيدل جي درگاه جي اڏاوت
بيدل صاحب جي وصال بعد ٽن ڏينهن کان پوءِ سندن
مزار مقدس مٿان هڪ ڪچو ڪوٺو في الحال ٺهرايو ويو،
جيڪو ٽن سالن تائين قائم رهيو. انهيءَ کان پوءِ
سندن مزار مٿان چوڪنڊيءَ جي صورت ۾ هڪ ڪشادي درگاه
تيار ڪرائي وئي، جنهن کي اوڀر طرف هڪ وڏو دروازو ۽
ڏکڻ طرف ٻه وڏا دروازا هئا ۽ ٻه دروازا اتر طرف
رکيا ويا هئا. انهيءَ کان سواءِ درگاه جي اندر
ڀتين تي گل پتيءَ جو ڪم رکيو ويو. ڇت ۽ فرش تي
ڪاشيءَ جون سرون لڳايون ويون هيون. انهيءَ کان
پوءِ جڏهن سنه 1298 هه ۾ سندن فرزند محمد محسن کي
۽ سنه 1301 هه ۾ فقير عبدالله کي سندن لڳ رکيو
ويو، تڏهين بيدل صاحب جو طالب ڀائي ڪشنداس پير
ڳوٺائي پنهنجي ڳوٺ کي هميشہ جي لاءِ ڇڏي درگاه تي
خدمت ڪرڻ جي لاءِ رهي پيو ۽ ڪافي ڪم ڪاريون ٿيڻ
لڳا. ڀائي ڪشنداس کان پوءِ ستت ئي سنہ 1923ع ۾
ٽنهين مزارن جي مٿان ڪاٺيءَ جو عجيب قسم جو ڪٽهڙو
ٺهي تيار ٿيو. انهيءَ ڪري درگاه جو اندريون پاسو
ميلي جي موقعي تي گهڻي پيهه سبب ضرورت کان ننڍو ۽
تنگ ٿي پيو، تنهن ڪري نئين درگاه جي تعمير ٿي.
نئين درگاه جي تعمير. سنہ 1945ع م فقير سبحان بخش
جي نگرانيءَ هيٺ اڳين درگاه شريف شهيد ڪرائي، نئين
سر ڪشادي درگاه ٺهرائي وئي، جا هن وقت موجوده صورت
۾ آهي. انهيءَ کان سواءِ سنہ 1963ع ۾ درگاه جي لڳ
اُتر طرف هڪ عاليشان مسجد به فقير سبحان بخش جي
ڪوشش سان ٺهي تيار ٿي، جا هن وقت تائين نروار ۽
وسندڙ آهي. درگاه شريف تي هميشہ جي دستور موجب
هاڻي به وڏي جوش خروش سان ذوالقعد جي 15-16 تاريخ
تي عرس مبارڪ لڳندو آهي.
–––
ڪتاب پنج گنج بابت
گهڻي وقت کان دوستن جي تمنا هئي ته بيدل صاحب جو
”پنج گنج“ سنڌي ترجمي سان گڏ نڪري ظاهر ٿئي، پر ڪن
مجبورين جي ڪري اهو ڪم مشڪل ٿي پيو هو. هاڻي ڪن
احبابن جي تعاون ڪري، الله تعالى جي آسري، ڪن درجن
جو ترجمو شروع ڪيم ته حاجي محمد يعقوب صاحب ۽ حاجي
غلام علي صاحب؛ ”پنج گنج“ جي ترجمي جي باري ۾ حافظ
خير محمد ”اوحدي“ سان مشورو ڪيو، جنهن تي اوحدي
صاحب ترجمو ڪري ڏيڻ جو وعدو فرمايو. انهيءَ ڪري
آءُ اڳتي ترجمي ڪرڻ جو ڪم ڇڏي، هاڻي رٿيل ترتيب
موجب ڪيل ترجمو ۽ باقي رهيل ڪتاب اوحدي صاحب جي
خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. جڏهين تيار ٿي مليو ته
انشاءَ الله فقير بيدل صاحب جي سوانح عمري سان گڏ
پريس کي ڏنو ويندو.
اسان جي رٿيل ترتيب هيءَ آهي:
1- عالم حضرات جي واسطي پنج گنج الڳ ۽ جنسي
پيش ڪيو ويندو ۽ پنج گنج جو ترجمو الڳ هوندو.
2- ترجمو آسان ۽ سمجڻ جهڙن لفظن ۾ هوندو،
ڇاڪاڻ ته فارسي جي لفظي ترجمي ڪرڻ ڪري عام فهم نه
ٿي سگهندو ۽ اصل ڳالهه سمجهڻ عام ماڻهن اڳيان مشڪل
ٿي پوندي. ڇو ته رنگين ۽ چيده فارسي ۾ چيل آهي.
تنهن هوندي به ضروري ۽ حقيقت سان ڀريل لفظن کي پيش
ڪري، تنهن کان پوءِ سنڌي ۾ الفاظ ڏئي ڳالهه
سمجهائي وئي آهي.
3- مثنوي جي بيتن جو ترجمو سنڌي شعر ۾ نه
آهي، فقط دلچسپي لاءِ ڪافيو ساڳيو ۽ تڪ بندي جي
طرز اختيار ڪئي وئي آهي.
4- قرآن شريف جي آيت کي جلد ڳولي لهڻ واسطي
هيٺيون طريقو اختيار ڪيو ويو آهي: پ
=
نشاني پاره جي؛ س
=
نشاني سورة جي ۽ ع
=
نشاني رڪوع جي آهي.
لاشي فقير صوفي سبحان بخش
خادم درگاه عالي، روهڙي شريف
متن
پنج گنج
فارسي ترجمو
مقدمہ پنج گنج
بسم الله الرحمان الرحيم
الحمد لله والثناءَ لمن حجب الذات بصفات الکمال
والصفات باسماءِ المثال
و الا سماءَ بظهور الا فعال
والصلواة والسلام على من قاد الواقفين اِلي
الملکوت
والوالصفين الي الجبروت
والعارفين الي اللاهوت
و على آلہ العظام و اصحابہ الکرام الى يوم القيام
اما بعد سپاس بيقاس درگاه ايزدي و درودنا محدود
بارگاه احمدي، اين رسالہ اينست مشتمل برچهل درجات
وهر درجہ متضمن بر خمسہ تعينات:
-- تعين اول بہ تسطير فحوائي تصديق انثمائي
آيت شريف معلى
-- و تعين ثاني بتحرير مضمون صداقت مشحون حديث
مبارڪ مجلا
-- و تعين ثالث بترقيم ابيات فيض آيات مثنوي
معنوي معلى
-- و تعين رابع بہ تبيين کلام وجد آگين خلاصہ
مضامين يکتائي يعني بيت سنڌي از رسالہ حضرت شاه
صاحب ڀٽائي قدس سره مبين
-- وتعين خامس بہ تعبين حکايت منحصر بر ترعيب
راه هديت معين.
پس بحسب تعداد تعنيات ويرا بہ بنگ گنج مسمى ساختيم
و بعدر قوت استعداد مرکب اجتهاد در عرہ تاليفش
تاختيم
فا الله هو المستعان و عليہ التکلان و منہ البدايت
واليہ النهاية.
سنڌي ترجمو
پنج گنج جو ديباچو
بسم الله الرحمان الرحيم
هر قسم جو حمد ۽ ثنا انهي لاءِ آهي جا ذات ڪمال
صفات ۾ پوشيده آهي. صفحات مثالي ۽ تشبيهي اسمن ۾
آهي اسم فعلن ۽ ڪرشمن ۾ نروار آهن. ۽ صلوات و سلام
انهيءَ ذات تي ئي هجن، جيڪو راز محرمن کي ملڪوت
ڏانهن رهبري ڪندڙ آهي. صفت ۽ اوصاف بيان ڪندڙن کي
جبروت ڏانهن ۽ آلہ و اصحابہ الڪرام تي قيامت جي
ڏينهن تائين هجن.
انهيءَ کان پوءِ انتها درجي جي صفت ۽ ثنا رب العزت
جي درگاه ۾ هجي. ۽ بيحد درود احمدي بارگاه ۾ هجن.
هي هڪ رسالو آهي، جنهن ۾ چاليهه درجا آهن ۽ هر هڪ
درجي ۾ پنج دليل مقرر آهن:
-- پهريون دليل قرآن شريف مان موافقت رکندڙ
آيت مبارڪ آهي.
-- ٻيو دليل صداقت سان ڀرپور حديث شريف آهي.
-- ٽيون دليل فيض ڀريل مثنوي معنوي جا بيت
آهن.
-- چوٿون دليل وجد ڀريل شاهه صاحب ڀٽائيءَ جو
بيت آهي.
-- پنجون دليل راه هدايت ڏانهن ترغيب ڏيندڙ
حڪايت ۽ بيان آهي.
سو مقرر تعداد جي ڪري انهيءَ جو نالو ”پنج گنج“
رکيوسون (يعني منجهس پنج گنج سمايل آهن) ۽ پنهنجي
طاقت ۽ قوت آهر انهيءَ جي لکڻ جي ميدان ۾ اجتهاد ۽
ڪوشش جي سواريءَ کي ڊوڙايوسون. الله جي آسري ۽
انهيءَ تي ڀروسو آهي، جنهن مان شروعات آهي ۽
ڏانهنس ئي انتها آهي.
فارسي متن
درجہ يکم
در مذمت قال و تحريص حال
آيت
قال الله تعالى جل جلا لہ و عم نوالہ:
ومن الناس من يقول آمنا بالله و بااليوم الاخر وما
هم بمؤمنين.
( پ-1 : س- بقرة : ع - 2)
حديث
عن المهاجر بن حبيب رضه قال، قال رسول الله ﷺ:
قال الله تعالى اني لست کل کلام الحکيم اتقبل ولا
کني اتقبل همہ وهواه فان کان همہ وهواه في طاعتي
جعلت صمتہ حمد آلي و وقاراً ان لم يتکلم.
(رواه الدارمي)
مثنوي
ما درون را بنگريم و حال را |
مابرون را ننگريم و قال را |
آتشي از عشق در جان برفروز |
سر بسر فکرو عبادت را بسوز |
بيت
عاشق ايئن نه هون، جيئن تون سڄي آڱرين
منهن پايو مونن ۾ راتيو ڏينهان روُن
ڪنهن کي ڪين چوُن، ته اسين عاشق آهيون.
( يمن ڪلياڻ: د - 7 : ب - 5
حکايت
در شرح کلام قدسي مسطور است کہ بوالهوسي
بادشاهي را بضيافت طلبيد مکان بيروني ضيافت خانہ
بجاروب مصفا نود و طريق را از خس و خاشاک پاک
گر دانيد اما جائي کہ بهر جلوس خسروانه معين شده
بود
همچنا پر عبار و کدورت گذاشتہ چون مقدم شاهنشاهي
سايہ دولت بر آن ويرانه افگند مقام ناپاک مطبوع
طبع پاکيزه اش نگرديد جميع خذمات بيرون او
بجهتہ نا پاکي منزل درون مکروه پنداشتہ باز گرديد.
–– |