فيض بخشاپوري
سنڌ جو سردار ڀٽائي
تو پردهءِ اسرار ڪيو تار ڀٽائي!
آ تنهنجو فرشتن ۾ به اذڪار ڀٽائي!
هر طرف جهان ۾ هو ائيو شور سخن جو
ٿيو بحر طبيعت کان گهُرَ بار ڀٽائي
هر شعر آهي ساغر عرفان محبت
اي يار ڪيو خلق کي سرشار ڀٽائي
آ شانئه ابيات تهه – گيسوءِ اُلهام
اسرار الاهي آهن اشعار ڀٽائي
هو شورو نوا باعث – آگاهيءِ انسان
خوابيده جهان کي ڪيو بيدار ڀٽائي
دلڪش ۽ دل آويز آ صد رنگ رسالو
گويا هي آهي گلشن – بي خار ڀٽائي
ٿيو بند نه دردام هي عنقاءِ خوش آواز
کليو نه در – معنيءِ اشعار ڀٽائي
ويران هيو شهر – سخن پيشتر ان کان
بڻجي ويو رونق – بازار ڀٽائي
هن دجاءِ دنيا ۾ هجي غرق ها ورنه
سنڌي جو سفينو آ ڪيو پار ڀٽائي
قدمن ۾ رهيا تاج آهن تاجورن جا
دراصل آهي سنڌ جو سردار ڀٽائي
هان! ”بيت نه ڀائين جو هي آيتون آهن“
صدقي وڃان هن قول تي صدبار ڀٽائي
آ زبدة
الشعرا ٿو چوي زمره – شعرا
هر فرد آهي قائل ابرار ڀٽائي
سرسبز آهي واديءِ مهراڻ هميشہ
بي خوف خزان کان آهي گلزار ڀٽائي
آسان نه ڪو آهي درو ديوار هلائي
سنڌي جي عمارت جو آ معمار ڀٽائي
بستان طبيعت جي سندم ساز هجي ها
توتي مان ٿيان خوب ها گلبار ڀٽائي
دربار ۾ هي ’فيض‘ ستم ديده اچي ها
افسرده طبيعت کان آ لاچار ڀٽائي!
-------- ™™ٽزززز
|