پيشڪش
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي شريف جو هي
نسخو، جيڪو شاهه صاحب جي وڏي ڄاڻو ۽ پارکو، حضرت
علامہ آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي ڊگهي عرصي جي جاکوڙ
جو نتيجو آهي. ”سنڌي ادبي بورڊ“، اول 1961ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو وري 1986ع ۾
ڇپيو هو. رسالي جي هن متن جي منفرد سهيڙ ۽ افاديت
جي ڪري، عام پڙهندڙن، طالبن توڙي تحقيق ڪرڻ وارن
پاران، ان جي وقت بوقت طلب ٿيندي ٿي رهي. ان ڪري
هي ٽيون ڇاپو، شاهه سائينءَ جي ٻه سؤ اُڻونجاهين
سالگرهه جي موقعي تي پڌرو ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري
رهيا آهيون. اُميد ته اسان جي اها پيشڪش قبول
پوندي.
29- 7- 1993ع
شمشير الحيدري
مهاڳ
سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف رحه جون ورسيون
1940ع کان پوءِ ذوق شوق سان ملهائڻ شروع ٿيون.
پاڪستان جي قائم ٿيڻ بعد، شاهه جا اهي سالگره جشن
ويتر وڏي پيماني تي ملهايا ويا آهن، جن ۾ ملڪ جي
صدر ۽ ٻين اعليٰ ڪارڪنن، ٻاهرين سفارتخانن جي
نمائندن توڙي سفيرن، ۽ ملڪ جي مختلف ڀاڱن جي اديبن
۽ شاعرن شموليت پئي ڪئي آهي. انهيءَ ڪري وقت بوقت
شاهه جي سوانح توڙي شاعريءَ بابت موزون ڪتابن جي
طلب ٿيندي رهي آهي، ۽ خصوصاً شاهه جي رسالي جي هڪ
مستند متن بابت تقاضا وڌندي رهي آهي.
ملڪي اديبن توڙي ٻاهرين عالمن جي عام مطالعي واري
انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ سنه
1960ع ۾ شاهه جي شاعرانه پرواز ۽ فڪر بابت هڪ جامع
ڪتاب توڙي شاهه جي ڪلام جي هڪ معياري متن تيار ڪرڻ
جو ڪم علامہ امداد علي قاضي صاحب جن جي حوالي ڪيو،
جن مان ڪلام جو متن هينئر شايع ٿي رهيو آهي.
هت انهيءَ ڳالهه کي جتائڻ جي ضرورت ڪانهي ته شاهه
جي ڪلام جو مرتب ٿيل هيءُ متن، شاهه جي وڏي ۾ وڏي
عالم ۽ ڄاڻو جي گهَري غور ۽ فڪر جو نتيجو آهي.
علامہ قاضي صاحب جن گذريل سٺ سالن کان وٺي شاهه جي
ڪلام جو مطالعو پئي ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري شاهه جي
ڪلام جي متن جي هيءَ تاليف ۽ ترتيب ڄڻ هڪ روشن
دماغ مفڪر جي سٺ سالن جي گهَري غور ۽ ويچار جو ثمر
آهي. صرف ڪلام جي صحيح متن قائم ڪرڻ ۽ ان کي صحيح
طور سان ڇاپائي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ پڻ داناء
مؤلف هڪ سال کان وڌيڪ مسلسل ڪوشش ۽ توجهه کان ڪم
ورتو آهي.
متن جي هن اشاعت جي خاص خوبي اها آهي جو هن ۾ شاهه
جي ڪلام جو، نفس مضمون توڙي معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ
سان، گهَرو مطالعو ڪيو ويو آهي ۽ ان کي انهيءَ
فطري ترتيب موجب پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي،
جنهن جو شاهه جي زندگيءَ جي جدا جدا منزلن سان
مناسبت ۽ مطابقت جو امڪان آهي. انهيءَ لحاظ سان
هيءَ اشاعت اڳين مڙني ڇاپن کان اُتم ۽ اعليٰ آهي.
رسالي جا اڳيان ڇاپا يا ته محض بيتن جا ’مجموعا‘
آهن، جن ۾ شاهه جي بيتن سان گڏ ٻين ڪن شاعرن جا
بيت پڻ شامل آهن، ۽ يا ته وري اهڙن ’مجموعن‘ جي
زياده صاف صورت آهن، جن ۾ فقط شاهه جي بيتن کي
ڀيٽي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن اشاعت ۾
شاهه جي مستند ڪلام جي سلسليوار سٽاءَ ۽ ترتيب کي
خاص طرح مدِنظر رکيو ويو آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان
شاهه جي ڪلام جو هيءُ پهريون مرتب ڪيل نسخو آهي،
جنهن ۾ شاعر جي ذهن ۽ فڪر جي تدريجي ارتقا جو خاڪو
نسبتاً صاف نظر اچي ٿو. شاعر جي زندگي ۽ فڪر جي
درجيوار مرحلن مطابق، ڪلام جي هيءَ ترتيب خود شاعر
جي سوانح حيات جي مطالعي لاءِ پڻ مفيد ثابت ٿي
سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين ٻُڌل زباني روايتن جي
برعڪس، خود شاعر جي پنهنجي ڪلام جي تسلسل ۾ سندس
زندگيءَ جي مختلف مرحلن جا اهڃاڻ موجود آهن. هيءُ
هڪ عجب اتفاق آهي جو روشن دماغ ۽ داناءَ مولف جي
گهَري غور ۽ ويچار بعد هن اشاعت ۾، شاهه جي ڪلام
جي جيڪا داستانن ۽ سُرن وار ترتيب وجود ۾ آئي آهي،
ان ۾ انسان جي ذهني ۽ روحاني ارتقاء جي اعليٰ
مرحلن جو عڪس موجود آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان
پڙهندڙن لاءِ هن اشاعت جو مطالعو اڻ سڌيءَ طرح پڻ
فائدي کان خالي نه آهي.
متن ۾ بيتن جون پڙهڻيون موجوده عام رائج اچارن
مطابق ڏنيون ويون آهن. انهيءَ ڪري، شروع کان پراڻي
صورتخطيءَ جي استعمال سببان پوين ڇاپن ۾ جيڪي لفظن
جي پڙهڻين جون غلطيون هلنديون پئي آيون، تن جي
تصحيح ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ هيءُ متن رسالي جي
مختلف ڇاپن توڙي قلمي نسخن جي پڙهڻين تي غور بعد
قائم ڪيو ويو آهي، ته به رسمي طور هيٺ حاشين ۾ جدا
جدا پڙهڻيون ڪين ڏنيون ويون آهن؛ انهيءَ لاءِ ته
هيءُ جلد اجايو ضخيم نه ٿي پئي ۽ پڻ پڙهندڙن جو
ڌيان متن ۾ ڪلام جي حسن ۽ ڪمال کان هٽي حاشين طرف
نه ٿئي. البته عام فائدي خاطر متن جي آخر ۾ ڏکين
لفظن جي پٽي ڏني وئي آهي، جا اُميد ته پڙهندڙن
لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي.
پريس لاءِ صاف ڪاپي لکڻ، پهرين پروفن پڙهڻ ۽ آخر ۾
ڏکين لفظن جي پٽي تيار ڪرڻ ۾ مير محمد نظاماڻي،
ليڪچرر شعبہ سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، مؤلف جي مدد
ڪئي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي پريس جي عملي هن کي ٿوري
عرصي ۾ ڇاپڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن لاءِ اهي سڀيئي
صاحب شڪريي جا لائق آهن.
حيدرآباد
1- مئي 1961ع
نبي بخش بلوچ
ڊين فيڪلٽي آف آرٽس
سنڌ يونيورسٽي |