| 
								 
                                ضميميو نمبر 1 
                                  
                                
                                ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جا شجرا 
                                ڪلهوڙن ۽ 
                                دائودپوٽن جي شجرن متعلق جيڪي پيچيد گيون آهن، 
                                انهن جو ذڪر مون ڪتاب جي شروعاتي بابن ۾ تفصيل سان 
                                ڪيو آهي ـ هتي انهيءَ مطلب کي دهرائڻ جي ضرورت نه 
                                آهي ـ هيئر شجرا درج ڪيان ٿو، ته جيئن انهي کي 
                                سامهون رکي، پڙهندڙن کي منهنجي گذارش تي غور ڪرڻ ۽ 
                                سهوليت ٿئي، هر شجري جي عنوان تي درج ڪيو ويو آهي 
                                ته هي ڪٿان اخذ ڪيل آهي ـ ”جواهر عباسيہ“ تان ٻه 
                                شجرا نقل ٿيل آهن، سي ٻئي هڪ ٻئي جي سامهون درج 
                                ڪيا ويا آهن ته جيئن تفاوت جو اندازو آسانيءَ سان 
                                ٿي سگهي ـ انهي مان هي به معلوم ٿي سگهي ٿو ته 
                                جيڪي ڪتاب حڪرانن جي سرپرستيءَ ۾ مرتب ٿيا انهن ۾ 
                                ڪيتري بي احتياطي ٿي ـ 
                                ڪلهوڙن جي 
                                مختلف شجرن درج ڪرڻ کان پوءِ، ٽالپرن جو شجرو به 
                                انهيءَ حد تائين ڏنو ويو آهي، جنهن حد تائين هن 
                                خاندان جي فردن جو تعلق ڪلهوڙن سان آهي ـ 
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                 |