ضميمو-ج:
مخدوم بلال جي شهادت
سمن جي سلطنت جي اڀياس ۾ اڪثر مخدوم بلال جو ذڪر
ٿيو آهي. بادشاهن، اميرن ۽ وزيرن کان پوءِ مخدوم
صاحب پنهنجي پوري دور تي ڇانيل آهي. پاڻ ذات جو
سمون هو. هڪ راءِ موجب سندس تعلق ٺٽي جي شاهي
خاندان سان هو. ٻي راءِ موجب پاڻ لس ٻيلي جي ڄامن
مان هو. هيءَ آخري راءِ وڌيڪ وزن رکي ٿي. مون هڪ
مقالي ۾ مخدوم صاحب جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڀرپور
روشني وڌي آهي. (مهراڻ 1-2/1993ع) بنهھ تازو سوال
اٿيو آهي ته مخدوم بلال شهيد نه ٿيو هو. جي ائين
هجي ها ته مير معصوم اهڙو بيان لکي ها. هت اسين هن
مسئلي تي گفتگو ڪنداسين.
مير محمد معصوم جي ڪتاب (تاريخ معصومي) ۾ مخدوم
بلال ۽ ارغونن جي تصادم بابت مفصل بيان مليو آهي.
ساڳئي دور ۾ فريد بکري پڻ هن مسئلي ڏي اسان جو
ڌيان ڇڪائي ٿو. (ذخيرة الخوانين جلد1 ص177) ان
هوندي به ”تاريخ معصومي“ پهريون ماخذ آهي، جنهن ۾
مخدوم بلال جي سوانح پڻ ڏنل آهي. مير معصوم جي لکت
ته: هو سن 929ھ ۾ وفات ڪري ويو کي بنياد بنائي
ناقدن مخدوم صاحب جي شهادت جو انڪار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي اصل ڪتاب ”تاريخ معصومي“ ايڊٽ
ڪري شايع ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي سامهون جيڪو قديم
ترين نسخو هو، ان ۾ مذڪوره سٽ ڪانهي. ان جو مطلب
ته وفات وارو بيان پوءِ جي ڪاتبن جو واڌارو آهي.
مير علي شير قانع به مخدوم صاحب جي وفات جو ذڪر نه
ڪيو آهي. (تحفة الڪرام) اڄ اسين تاريخ جي علم مان
جيڪا اميد رکون ٿا، وچئين دور ۾ هي علم صرف
بادشاهن جي ثنا ۽ ساراه لاءِ هوندو هو. علي ڪوفيءَ
کان ڪري خداداد خان تائين سنڌ جي تاريخ جا سڀئي
لکندڙ سنڌي نه هئا. ان پس منظر ۾ اهڙن مؤرخن مان
سماجي ۽ عوامي تاريخ جي توقع نه رکڻ کپي.
سوال آهي ته مخدوم بلال ڇو شهيد ٿيو هو؟ مير معصوم
جي لکت مان ڳالهه سڄي صاف نظر پئي اچي. مخدوم بلال
مڃيل عالم، محدث ۽ صوفي هو. پاڻ ارغونن جو زبردست
مخالف هو. ان صورت ۾ نوان حاڪم هن کي ڪيئن ٿي
برداشت ڪري سگهيا؟ تاريخ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جا ظلم
نشانبر بيٺا آهن. بهرحال، کيس شهيد ڪرڻ لاءِ هڪ
بهاني جي ڳولا ڪئي وئي. مولانا دين محمد وفائي ان
پس منظر ۾ لکيو آهي ته: آخرڪار وقتي سياست سبب
مخدوم بلال کي شهيد ڪرايو ويو. (تذڪره مشاهير سنڌ
جلد1 ص66) هن مسئلي تي جناب جي ايم سيد وڌيڪ روشني
ڌي آهي. (پيغام لطيف ص64) انهن ڳالهين کي هت
دهرائڻ جي گنجائش ڪانهي. مخدوم بلال جي شهادت بابت
دستاويزي ثبوت گهڻو آڳاٽا آهن. انهن جو سرسري ذڪر
هيٺ ڪجي ٿو:
(1)
مخدوم جعفر جو بياض:
مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر ڳوٺائي هئا. شهادت جي
واقعي وقت مخدوم جعفر ويهن – پنجويهن سالن جو
هوندو. پاڻ وقت جو وڏو عالم ۽ متعدد ڪتابن جو
لکندڙ هو. هن جي بياض ۾ مخدوم صاحب جي شهادت جو
مذڪور ملي ٿو: آن ولي باکمال را قوم طغچه (چغده)
بر بناءِ حد در اشڪنجه کشيده بشهادت رسانيدند.
(عبدالواحد آريسر جو مقالو ڇپيل ڊيلي ”جاڳو“ 21
آڪٽوبر 1993ع)
(2)
هڪ قديم تحرير:
مشتاق متعلوي جنهن مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر
ڪيو، ان جي سامهون هڪ قديم تحرير هئي. لکي ٿو ته:
نقل از منبع قديم، در منقول چنين نوشته بود.
(تذڪره مشاهير سنڌ جلد1 ص63 حاشيو)
(3)
تاريخ معصومي:
هي ڪتاب مخدوم بلال جي شهادت کان اسي سال پوءِ
1009ھ/1600ع ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب جي انگريزي مترجم
ڊاڪٽر ايم ايڇ صديقيءَ مير معصوم جي لکت جي آڌار
تي مخدوم بلال جي موت جي سزا جي تصديق ڪئي آهي.
(هسٽري آف دي ارغونس اينڊ ترخانس آف سنڌ ص27
حاشيو3)
(4)
ذخيرة الخوانين:
فريد بکريءَ سن 1060ھ/1649ع ۾ هي ڪتاب لکيو. مخدوم
بلال ۽ شاهھ حسن ارغون جي ملاقات ۽ درٻار ۾ ٿيل
جهڙپن جو احوال هن ڪتاب ذريعي دستياب ٿئي ٿو.(جلد1
ص177)
(5)
دليل الذاڪرين:
حاجي پنهور سن 1106ھ/1694ع ۾ هي ڪتاب لکيو، جنهن ۾
مخدوم بلال جي شهادت جو ذڪر آهي. مولانا دين محمد
وفائي هن ڪتاب جي مدد سان لکي ٿو ته پنهنجي مرشد
مخدوم بلال جي شهادت کان پوءِ مخدوم ساهڙ هالن جي
مخدوم نوح جي صحبت ۾ رهيو ۽ اتان گهڻو فيض
پرايائين. (تذڪره مشاهره سنڌ جلد1 ص43)
(6)
سراج العارفين:
هي ڪتاب سن 1215ھ/1800ع ۾ لکيو ويو. هن جي حوالي
سان جناب جي ايم سيد لکيو آهي ته: مخدوم صاحب جي
شهادت جو واقعو حضرت مخدوم نوح عليه الرحمة جي
پوٽي ميان غلام رسول صديقيءَ جي لکيل ڪتاب ۾ پڻ
ملي ٿو. (پيغام لطيف ص63)
(7)
سچل فقير جي شاهدي:
سچل سرمست (وفات: 1242ھ/1827ع) هڪ ڪافيءَ ۾ مخدوم
بلال جي شهادت جو ذڪر، گهاڻي ۾ پيڙجڻ جي حوالي سان
هن ريت ڪيو آهي:
گهاڻي ۾ بلاول پيڙايئي، عنايت ميدان مارايئي
(سچل جو سنڌي ڪلام ص377)
(8)
تاري گنجينه جهان نما:
مخدوم محمد عاقل فارسي زبان ۾ هي ڪتاب ٽن جلدن ۾
سن 1288ھ/1871ع ۾ لکيو. ان جو سنڌي خلاصو مخدوم
محمد شفيع عباسيءَ ڪيو. فارسي توڙي سنڌي خلاصو اڃا
نه ڇپيو آهي. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري
روايت ۽ ان ۾ مهدوين جي ملوث هجڻ جو ذڪر هن ڪتاب ۾
ملي ٿو. (سنڌي ترجمو ص31-34)
(9)
سيد حيدر شاه اجناڻي:
هي بزرگ هالن جي آس پاس رهندو هو. سن 1303ھ/1885ع
۾ وفات ڪيائين. مخدوم بلال جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ واري
واردات هن ريت بيان ڪري ٿو:
ڪني سوري سيج ڪئي، ڪي گهميا منجهه گهاڻي
(ڪليات امين ص48)
(10)
بياض مشتاق متعلوي:
قاضي هدايت الله مشتاق متعلوي (وفات؟؟) گذريل
صديءَ ۾ مشهور مصنف، نثر نويس، شاعر ۽ عالم ٿي
گذريو آهي. قاضي صاحب هڪ قديم تحرير جي حوالي سان
مخدوم صاحب جي شهادت جو ذڪر ڪيو ۽ هڪ عدد مرثيو به
لکيو، جنهن لاءِ وفائي صاحب لکيو ته ان ۾ پوءِ جي
هيراڦيري ٿيل آهي. مرثيو هن ضميمي جي آخر ۾ ڏجي
ٿو.
(11)
رکيل شاه صوفي:
پاڻ سنڌي زبان جو مشهور شاعر هو، جنهن سن
1359ھ/1940ع ۾ وفات ڪئي. مخدوم بلال جي شهادت هن
ريت بيان ڪئي اٿس:
منجهه گهاڻي پيڙيو، وهن تنهنجي ناز جون ناليون
(بحر العشق ص54)
(12)
مولانا دين محمد وفائي: مولوي صاحب ”تذڪره مشاهير
سنڌ“ جلد اول سن 1365ھ/1946ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن
عالم شخص پنهنجي ڪتاب ۾ مشتاق متعلويءَ جي بياض ۾
آيل مواد ۽ ٻين ذريعن کي سامهون رکي مخدوم بلاول
کي شهيد ثابت ڪيو آهي. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ
1974ع ۾ ڇپيو آهي.
قيام پاڪستان کان پوءِ جناب جي ايم سيد هن عنوان
تي ”پيغام لطيف“ ۽ ”سنڌ جا سورما“ نالي ڪتابن ۾
مفصل روشني وڌي آهي. ان ريت همعصر دور ۾ هر اديب ۽
شاعر، مخدوم صاحب کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي.
مخدوم صاحب جي شهادت جي تاريخ مير معصوم (تاريخ
معصومي)، مير علي شير قانع (تحفة الڪرام) ۽ سيد
عبدالقادر (حديقة الاوليا) نه لکي آهي. مختلف
روايتن موجب هو 30 صفر 931ھ، 2 رجب 930ھ يا 1 محرم
935ھ تي شهيد ٿيو هو. مخدوم صاحب جي مقبري ۾ ڪتبي
تي سندس شهادت جي تاريخ 1 محرم 929ھ ڏينهن جمعي جو
لکيل آهي. خاطري آهي ته هي واقعو شاه بيگ ارغون جي
دور ۾ ٿيو، جنهن جديد تحقيق موجب 22 شعبان 930ھ تي
وفات ڪئي هئي.
مخدوم بلال جي مزار دادو تعلقي ۾ ”باغبان“ ۾ آهي،
جنهن تي ڪنڊي ڳوٺ جي محمد بخش ولد الھ بخش پنهور
1990ع ۾ عاليشان مقبرو تعمير ڪرايو آهي. سال 1995ع
۾ پنهور صاحب شيشي جو ڪم به مڪمل ڪرايو. ان کان اڳ
سال 1928ع ۾ لاڙڪاڻي جي محبوب خان ولد الھ بخش خان
وڳڻ هتي هڪ خوبصورت مسجد ٺهرائي، جا اڃا سلامت
بيٺي آهي. مخدوم صاحب جي عقيدتمند مخدوم دانيال
912ھ ۾ وفات ڪئي، جنهن جو مقبرو اتر ۾ (مخدوم بلال
جي) ڪجهه وکن تي موجود آهي. هيءَ اڏاوت به تازي
دور ۾ ٿي آهي.
مشتاق متعلوي سندس وفات تي هيٺيون مرثيو لکيو آهي:
شهنشه باغبان مخدوم مشفق
غريق بحر عرفان پاي تا فرق
بلال ابن الحسن سلطان سمه
بتائيدات سبحاني موفق
جو بهره اش ز ما اوذيت، موهوب
نمودہ اش قتل قوم چغدہ ناحق
شده چغده چو چغدان چغو ويران
وهو حي مع الشهداء يرزق
بغره ماه عاشورا مکرم
شهادت شد نصيبش قدرت حق
چو پرسيدم ز هاتف وصف سالش
جوابم داد خوش دان خاصه حق
اگر جويء تو تاريخ وصالش
بجو از لفظ خوش آن خاصهء حق
ازان منظوم شد تاريخ مذڪور
که آرد ذکر صالح رحمت حق
(تذڪره مشاهير سنڌ جلد پهريون ص66)
ضميمو-د:
ڪجهه نئين معلومات
تحقيق ۽ تاريخ نون ماخذن ۽ مطالعن جي دستياب ٿيڻ
سان هر وقت درستگي ۽ اضافي جي گنجائش رهي ٿي. هن
ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ جو ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ نڪتو هو.
ان بعد هونئن ته سمان دور متعلق ڇڙوڇڙ ڪم ٿيندو
رهيو آهي، ليڪن گذريل اٺن سالن ۾ ٻه وڌيڪ ڪتاب
ڇپيا آهن، جن ذريعي سمان دور جي مطالعي ۾ گهڻي
اڳڀرائي ٿي آهي. ٽيهھ سال اڳ ڇپيل هڪ اهم مقالي جي
به مون کي تازو ڄاڻ ملي آهي. هيٺ انهن نون مطالعن
جي آڌار تي ڪجهه خاص خاص ڳالهين جي اپٽار ڪجي ٿي.
نصرت نامه ترخان: هي ڪتاب سيد مير محمد پوراني سن
968ھ/1560ع ۾ تيار ڪيو. مصنف جو خاندان ارغونن جي
فتح بعد قنڌار کان لڏي اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو. مير
محمد جو هي ڪتاب ويهين صدي جي آخري چوٿائي ۾ علي
ڳڙه مان دستياب ٿيو، جنهن کي ڊاڪٽر انصار زاهد خان
ايڊٽ ڪري سن 2000ع ۾ ڇپرايو آهي. هونئن ته هي ڪتاب
ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ تي مشتمل آهي، ليڪن هن
ڪتاب ۾ سمن جي دور جي آخري سالن، ارغونن هٿان سنڌ
جي فتح ۽ بعد ۾ ڄام فيروز ۽ ڪجهه سنڌي قبيلن پاران
مقامي حڪومت جي ٻيهر قيام لاءِ ڪيل جدوجهد جو مفصل
احوال ملي ٿو. مصنف اڪثر واقعن جو اکين ڏٺو شاهد
هو، يا وري ڪيئي معاملن ۾ کيس سِڌي ڄاڻ حاصل هئي.
ان ڪري سمن ڄامن جي دور تي ”نصرت نامه ترخان“ جي
هڪ بنيادي ماخذ طور گهڻي اهميت آهي، جنهن کي اڄ
تائين ذڪر هيٺ دور جي اڀياس لاءِ استعمال نه ڪيو
ويو آهي. ڪجهه خاص ڳالهين جو ذڪر ڪجي ٿو:
سن 1485 (890ھه) ۽ 1490ع (895ھه) ۾ ارغونن ۽ سنڌي
لشڪر جا سبي ۾ معرڪا ٿيا. بعد ۾ لکيل تاريخي ڪتابن
مان هنن معرڪن جي باري ۾ ڪي قدر مونجهارن جو ماڳ
جوڙي ڇڏيو. نامور تاريخدان سيد حسام الدين راشدي
هرات ۾ لکيل ”فتح نامه سند“ (192ھ) جي حوالي سان
هن منجهيل تاريخي واقعي کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي. (مڪلي نامه ص176-189) گهڻو پوءِ سنڌ جي هڪ
وڏي اسڪالر راشدي صاحب جي هن تحقيق کي رد ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. سيد مير محمد جي هن ڪتاب ذريعي راشدي
مرحوم جي تحقيق ۽ اخذ ڪيل نتيجن جي تصديق ٿئي ٿي.
(نصرت نامه ترخان، ص60) ڄام نظام الدين هڪ ديندار،
امن پسند ۽ منصف بادشاھ هو. هن قضا جو هڪ بهترين
انتظام قائم ڪيو هو. هن ڪتاب ذريعي پهريون ڀيرو
خبر پوي ٿي ته سبيءَ جي معرڪن کان پوءِ ڄام نندي
هرات ۾ سلطان حسين بايقرا جي درٻار ۾ امن خاطر هڪ
ايلچي موڪليو هو. ان جو نالو مولانا شيخ ٻڌايو ويو
آهي، جو خود هرات ۾ پڙهيو هو. مولانا شيخ کي درٻار
۾ عزت ۽ آبرو ملي. واپسي ۾ هن کي ڪيچ مڪران کان
سنڌ وڃڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. (نصرت نامه ترخان
ص65-66)
مير محمد پوراني لکيو آهي ته ٺٽي جي فتح کان پوءِ
شاه بيگ ارغون قيد ٿيل سپهه سالار دريا خان کي
پنهنجي هٿن سان تلوار هڻي شهيد ڪيو هو. (ص222) ان
کان علاوه مصنف اسان کي ڄاڻ ڏني آهي ته سنڌ جي فتح
کان اڳ توڙي پوءِ ارغونن سبي، ڳاها ۽ سيوهڻ توڙي
باغبان تي ڪيئي ڀيرا لشڪر ڪشي ڪئي ۽ قتل عام ڪيو.
سنڌي شهزادن ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز حڪومت
وڃائڻ کان پوءِ ارغونن سان تمام گهڻا دنگل ڪيا.
سامونڊي پٽي ۾ موجود سنڌي قبيلن پڻ فاتحن کي گهڻو
پريشان ڪيو ۽ عربي سمنڊ ۾ موجود پورچوگيز لشڪر کان
به مدد ورتي. سيد مير محمد ”نصرت نامه ترخان“ ۾
اڪثر نئين ۽ مستند معلومات ڏني آهي. ان ريت ڄامن
سمن جي آخري دور حڪومت ۽ ڌارين جي خلاف ڪيل جدوجهد
جي حوالي سان هي هڪ نهايت ڪارائتو بنيادي ماخذ
آهي. ياد رهي ته هن دور تي هي اولين ماخذ ”تاريخ
معصومي“، سيد مير محمد جي ڪتاب کان چاليهه سال
پوءِ سن 1009ھ/1600ع ۾ لکيو ويو هو.
مڪليءَ تي سمن جا يادگار تعميرات: هونئن ته ڊاڪٽر
احمد حسن داني صاحب جو ٺٽي جي تاريخي تعميرات بابت
هڪ ڪتاب
Thatta: Islamic Architecture
سال 1982ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ ٻه ڀرپور باب سمن جي
اڏاوتن متعلق پڻ ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو سنڌي
ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ
2004ع ۾ ڇپرايو، ليڪن بعد ۾ خاص مڪليءَ تي سمن جي
يادگار تعميرات جي باري ۾ هڪ ڪتاب ڇپجي ظاهر ٿيو.
هي ڪتاب سهيل لاري ۽ ياسمين لاريءَ جي گڏيل ڪوششن
سان تيار ٿيو. هن ڪتاب جو نالو هن ريت آهي:
The Jewel of Sindh: Semma monuments on Makli
hill.
هي هڪ جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ سمن جي تعميرات جا
مختلف انداز 326 تصويرن جي صورت ۾ ڏنا ويا آهن.
پنجاه عدد تصويرون رنگين آهن. هي ڪتاب آرٽ پيپر تي
نهايت عمدي طريقي سان نروار ڪيو ويو آهي. سهيل
لاري ۽ ياسمين لاري جو هي ڪتاب هيريٽيج فائونڊيشن
ڪراچي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي پاران سال
1997ع ۾ شايع ٿيو آهي. سمان پيرڊ جي مطالعي ۾ هي
هڪ اهم واڌارو آهي.
آخري
سمن ڄامن جا سڪا ۽ سندن شجرو:
سائمن ڊگبي جو نالو سنڌ لاءِ اجنبي ڪونهي. پاڻ سنڌ
جي حوالي سان ڪجهه تحقيقي مقالا لکيا اٿس. سندس
شمار نامور محقق سيد حسام الدين راشدي جي دوستن ۾
ٿئي ٿو. ٽيهه سال اڳ لنڊن جي هڪ رسالي ۾ سندس هڪ
مضمون ڇپيو هو، جنهن جي ڄاڻ مون کي سال کن اڳ ٿي.
مضمون جو عنوان هن ريت آهي:
The Coinage and Genealogy of the later jams of
Sindh.
هن مضمون ۾ مصنف ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز جي
سڪن جي ڀرپور اسٽڊي ڪئي آهي. ان ريت هڪ ته ڄامن
سمن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت جي وڌيڪ تصديق ٿئي
ٿي، ٻيو ته ڄام صلاح الدين جي سڪي تي سندس والد جو
نالو ڄام نظام الدين ڄاڻايل آهي. ان ريت هي سوال
اٿاريو ويو آهي ته سمن جي دور جي آخر ۾ اقتدار
لاءِ وڙهندڙ هي ٻئي شهزادا پاڻ ۾ ڀائر هئا. جڏهن
ته اسان وٽ موجود مواد جي آڌار تي ڄام فيروز ۽ ڄام
صلاح الدين پاڻ ۾ سوٽ هئا. سائمن ڊگبي جو هي
مطالعو سمن جي شجرن ۽ پڻ اقتدار خاطر ٿيل گهرو جنگ
جي حوالي سان هڪ اهم اڀياس آهي.
ببليو گرافي
اردو، سنڌي ۽ فارسي ڪتاب:
(1)
الهه بچايو يار محمد سمون: ”لاڙ جو سير“ سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سال1971ع
(2)
ايڇ ٽي لئمبرڪ ”سنڌ- هڪ عام جائزو“ ترجمو: سليم
احمد سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال1982ع
(3)
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڌ جو سيلاني“ ڀارتواسي
پريس حيدرآباد سال1923ع
(4)
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ”سنڏ جي هندن جي تاريخ“
ڀاڱوو پهريون ڪراچي 1946ع
(5)
جي . ايم . سيد: ”پيغام لطيف“ نئين سنڌ پبليڪيشن
ڪراچي، سال 1974ع
(6)
جي . ايم . سيد ”جنب گذاريم جن سين“ جلد پهريون
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1979ع
(7)
حامد بن فضل الله جمالي: ”سير العارفين“ اردو
ترجمو: محمد ايوب قادري، مرڪزي اردو بورڊ لاهور
سال 1976ع.
(8)
خداداد خان: ”لب تاريخ سنڌ“ ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1959ع.
(9)
ڊاڪٽر ايس . پي . ڇٻلاڻي: ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“
ترجمو سراج الحق، سنڌي ادبي بورڊ سال 1959ع
(10)
ڊاڪٽر صابر فاروقي ”کشمير – اسلامي عهد مين“ سنگ
ميل پبليڪيشنز لاهور سال 1984ع.
(11)
ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني
جاگرافي“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سال1979ع
(12)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي
جائزو“ ٻيون ڇاپو، سکر سنڌ سال؟؟
(13)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ٻيلاين جا ٻول“ زيب ادبي
مرڪز حيدرآباد سال 1970ع
(14)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”جامع سنڌي لغات“ جلد
ٻيون سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1981ع
(15)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ“ حيدرآباد 1962ع
(16)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
مختصر تاريخ“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال 1980ع
(17)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي موسيقيءَ جي مختصر
تاريخ“ شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز حيدرآباد
سال 1978ع
(18)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”لوڪ ادب سلسلي جو 29
ڪتاب: مشهور سنڌي قصا – سنڌ جا عشقيه داستان“ سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1964ع
(19)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: ”روح رهاڻ“ پاڪستان
اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سال 1980ع
(20)
رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون“
سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سال 1971ع
(21)
سلطان محمد فخري هروي ”روضة السلاطين وجواهر
العجائب“ ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي سنڌي ادبي
بورڊ سال 1968ع
(22)
سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌي ادب“ ترجمو: غلام
محمد لاکو، گرامي پبليڪيشن دولت پور صفن سال 1981ع
(23)
سيد رکيل شاه صوفي: ”بحر العشق“ نئون ڇاپو سال
1995ع
(24)
سيد طاهر محمد ٺٽوي ”تاريخ طاهري“ ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ ”سنڌي ادبي بورڊ“ حيدرآباد سال 1964ع
(25)
سيد عبدالقادر ٺٽويِ ”حديقة الاولياء“ ايڊٽ: سيد
حسام الدين راشدي سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال
1968ع
(26)
شيخ فريد بکري: ”ذخيرة الخوانين“ جلد اول ايڊٽ:
شاڪٽر سيد معين الحق پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي
ڪراچي سال 1961ع
(27)
ضياءُ الدين برني ”تاريخ فيروز شاهي“ اردو ترجمو:
ڊاڪٽر سيد معين الحق اردو سائنس بورڊ لاهور سال
1983ع
(28)
عبدالغني عبدالله ”تاريخ سنڌ – سومرا ۽ سمان“
انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سال 1984ع.
(29)
عبدالقادر منگي (مرتب) ”ٿر“ مٺي سال 1993ع
(30)
عثمان علي انصاري: ”سچل جو سنڌي ڪلام“ سنڌي ادبي
بورڊ ڄامشورو سال 1982ع
(31)
علي بن حامد ڪوفي: ”فتح نامه سند“ ايڊٽ: ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري ڪلچر
اينڊ سويلائزيشن اسلام آباد سال 1983ع
(32)
عمر حسين الخشاب ”ابن بطوطه جو سفر“ سنڌي ترجمو:
محمد ابراهيم عباسي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال
1976ع
(33)
محبوب علي چنا: ”ڪليات امين“ سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو سال 1966ع
(34)
محمد سومار شيخ ”ڪڇين جا قول“ سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو سال 1977ع
(35)
محمد قاسم فرشته ”تاريخ فرشته“ جلد دوم اردو
ترجمو: عبدالحي خواجه لاهور سال 1974ع
(36)
محمود شاه بخاري، ”تاريخ بلوچستان“ اردو بڪ لينڊ
ڪوئيٽه سال 1983ع
(37)
مخدوم حاجي محمد شفيع عباسي: ”قصص الاولياء سنڌ“
قلمي سنڌي (نوٽ: هي ترجمو ۽ خلاصو ”تاريخ گنجينه
جهان نما“ لکندڙ مخدوم محمد عاقل مرحوم جي ڪتاب جو
آهي)
(38)
مرزا قليچ بيگ: ”قديم سنڌ – مشهور شهر ۽
ماڻهو“سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 1966ع
(39)
مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد
اول ايڊٽ: سيد حسام الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ
ڄامشورو سال 1985ع
(40)
مولانا دين محمد وفائي: ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد
ٻيون سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال1985ع
(41)
مولائي شيدائي: ”تاريخ تمدن سنڌ“ سنڌ يونيورسٽي
پريس سال 1959ع.
(42)
مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
سال 1958ع
(43)
مير علي شير قانع: ”تحفة الڪرام“ سنڌي ترجمو:
مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال
1976ع
(44)
مير علي شير قانع ”مقالات الشعرا“ ايڊٽ: سيد حسام
الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1957ع
(45)
مير علي شير قانع: ”مڪلي نامه “ ايڊٽ: سيد حسام
الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1968ع.
(46)
مير معصوم بکري: ”تاريخ معصومي“ ايڊٽ: عمر بن محمد
دائود پوٽه ڀنڊارڪر اورينٽل رسرچ انسٽيٽيوٽ پونه
سال 1948ع.
(47)
مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ سنڌي ترجمو:
مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ سال1959ع
(48)
مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ اردو ترجمو:
اختر رضوي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1959ع
(49)
مير محمد معصوم بکري ”تاريخ معصومي“ سنڌي ترجمو:
”تاريخ سنڌ“ از ديوان ننديرام، مفرح القلوب
ڇاپخانو ڪراچي سال 1861ع
(50)
يوري گنڪوفسڪي: ”پاکستان کي قوميتين“ اردو ترجمو:
مرزا اشفاق بيگ دار الاشاعت ترقي ماسڪو سال 1976ع
(51)
يوسف ميرڪ: ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ايڊٽ: سيد حسام
الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1962ع.
(52)
يوسف ميرڪ: ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ سنڌي ترجمو:
نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1979ع
اردو ۽ سنڌي مضمون، مقالا:
(1)
ايم . ايڇ . صديقي: ”مهدي جونپوري ۽ سنڌ“ ترجمو
غلام محمد لاکو سه ماهي مهراڻ 2/1987ع
(2)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”مخدوم بلال هڪ محب
وطن بزرگ“ سه ماهي مهراڻ 4/1981ع
(3)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سپهه سالار دريا خان جو
حسب نسب“ سه ماهي مهراڻ 1-2/1981ع
(4)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”سنڌ جو آخري سومرو بادشاه
۽ سندس ڀائر“ سه ماهي مهراڻ 3-1981ع.
(5)
سيد حسام الدين راشدي ”سنڌ جي تاريخ جا چند واقعا“
سه ماهي مهراڻ 4/1968ع.
(6)
عبدالله ورياه ”سمن جي دور جا سڪا“ ڇهه ماهي ”سنڌي
ادب“ سنڌ الاجي سال 1980ع
(7)
غلام محمد لاکو: ”ڇا دريا خان ۽ مبارڪ خان ٻه الڳ
شخص آهن؟“ سه ماهي مهراڻ 1-2/1981ع.
(8)
غلام محمد لاکو: ”دولهه دريا خان“ ماهنامه الرحيم
اپريل 1979ع
(9)
غلام محمد لاکو: ”سمن جي دور جا ڪجهه شهر“ نئين
زندگي، ڊسمبر 1981ع.
(10)
غلام محمد لاکو: ”عمر ڪوٽ – چند تاريخي مسئلا“ سه
ماهي مهراڻ 2/1986ع.
(11)
غلام محمد لاکو: ”مخدوم بلال جي شهادت جو مسئلو“
سه ماهي مهراڻ 1-2-1993ع.
(12)
غلام محمد لاکو: ”سمه دور کي علمي اور سرکاري
زبان“ اردو ترجمه از سعيد احمد خانزاده سه ماهي
اردو 2/1981ع.
(13)
مولانا غلام مصطفيٰ قاسميِ ”نواب غيبي خان چانڊيي
جي گهرو فساد بابت واقعاتي بيت“ ماهنامه الرحيم
جون 1973ع.
English Books and Articles:
(1)
Ahmed Hassan Dani: “Thatta: Islamic
Architecture”, Institute of Islamic History,
Culture and Civilization,
Islamabad, 1982.
(2)
Ansar Zahid Khan: “History and Culture of Sindh”
Royal Book Company,
Karachi 1980.
(3)
C.L.Mariwala: “History of the commerce of Sindh”
Institute of Sindhology 1981.
(4)
Dr.H.I Sadarangani: “Persian Poets of Sindh”,
Sindhi Adabi Board,
Hyderabad 1956.
(5)
M.H. Panhwer “Chronological Dictionary of Sindh”
Institute of Sindhology, 1956.
(6)
M.H. Panhwer “Sindh-Cutch Relations” Sindh
Archives
Karachi 1980.
(7)
M.H. Panhwer “Sindh’s Struggle Against
feudalism”, Sindhological Studies, Summer 1979.
(8)
M.H.Siddiqi: “History of the Arghuns and
Tarkhans of Sindh”, Institute of Sindhology
1972.
(9)
Mubarak Ali (Ed): “Mc Murdo’s Account of Sindh”
institute of Sindhology 1985.
(10)
PreMoghal Materials of the Samma Period,
Bulletin Institute of Sindhology, Vol III No:2/3
July, 1973.
(11)
R.C.Majumdar (Ed): “History and culture of
Indian People” Vol:VI,
Bombay 1967.
(12)
Riazul-Islam “Indo-Persian Relations”, Iranian
Culture Foundation
Tehran, 1970.
(13)
Riazul-Islam “The Rise of the Sammas in Sindh”
Islamic Sulture, October 1948.
(14)
Stanley Lane-poole “Mediaeval India” (Rep)
Lahore 1979.
(15)
Woolseley Haig (Ed): “Cambridge
History of India” Vol:III, Delhi 1958.
|