سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :12

پير صاحب جهنڊي وارن جي سلسلي جا شاعر

 

 

 

سيد محمد ياسين جهنڊي وارو

سيد محمد ياسين، جناب پير صاحب محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جو ٻيو نمبر فرزند هو. هو ”جهنڊي وارو“ صاحب هو، انهيءَ ڪري سندس پويان سجاده نشين ”جهنڊي وارا“ پير سڏجن. هن صاحب 15 رجب المرجب 1275هه/1858ع تي وفات ڪئي. سندس ملفوظات ۾ سورهين سڄيون ڪافيون ۽ سترهين ڪافيءَ جو ٿلهه اسان جي نظر مان گذريو. هيٺيون ٻه ڪافيون انهن مان آهن.

[361]*

حال ته منهنجو هي، توکي سائين معلوم آهي
        1.      تون تماچي تڙ ڌڻي، آءُ مهاڻي مي
        2.      ڪوجها ڪيم ڪيڙا، سي معاف ٿين مان تي
        3.      جا نالي سُئي تنهنجي، تنهن ڏهاڳ مَ ڏي

4.      علم،حِلم لُدني ڏيو، صاحب ”سيّد“ کي.

 

[362]

گولي گنهگار، دوست! اوهان جي در جي

1.      منهنجي سارڻ ڪين ڪيو، هاڻي سڄڻ تون ڪي سار
2.      وارث! هن وجود ۾، اچي گڏ گذار
3.      ”سيد“ کي تون سهڻا سائين، پنهنجو پاڻ ڏيکار.

 

 

 

پير رشيد الدين ”سيد“

پير رشيد الدين ”بيعت ڌڻي“، سيد محمد ياسين شاهه جو ٽيون نمبر فرزند هو. 1254هه 1838ع ڌاري ڄائو ۽ ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ 1317هه 1899ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي اردو، سرائڪي ۽ فارسي ۾ بيت، ڪافيون، لوليون، غزل،  مولود ۽ مداحوم چيائين. سندس ڪلام جو مجموعو حيدرآباد جي سيٺ هاجي احمد پاٽولي ساڪن فقير جو پڙ جي ڪوشش سان 1911ع ۾ شايع ٿيو. ازانسواءِ اسماء الحسنى، تفسير مفتاح القرآن ۽ توحيد نامون سندس مشهور تصنيفون آهن. مختلف بياضن ۾ سندس ٽيهه ڪافيون نظر مان نڪتيون جن مان هيٺيون چونڊيون ويون.

[363]

آهن حرف گهڻا، ڪهڙا ڪهڙا ڳڻيا تن مارن جا

ميان عمر آهين حرف گهڻا

1.      سِيلُ ڀڳم سومرا، سانگين جو سارو
                منهن منهنجو ماڙين ۾، ڪاڪين ريءَ ڪارو
        2.      جهاگيڙن کي جيڪر، اصلئون آءُ نه ڄائِي
                تهمت تنهنجي تن تي، هوند هڏهن نه آئي
        3.      جُهوپن ۾ جي مان سان پنهوارَن پَهيُون
                ڳالهيون ڳُڻَ سندن سي منهنجي روح منجهه رهيون
                ساريو سا صحبت، هَيهَي هٿڙا هڻان
        4.      ڪين سري سانگين ريءَ، ڪهڙي طرف ڪاهيان
                جيهي آءُ تيهي، اَباڻن جي آهيان
                سرتين ڏي ”سيد“ چئي، تيلاهون ٿي تَاڻ.

 

[364]

1.      اچڻ سان عقل جو اصلئون، خانو ڪيائين ته خراب
2.      ماري مُلڪ دلين جو سارو، ڪيائين نينهن نواب
3.      ٻاري باهه بره جي بيشڪ، ڪيائين دل ڪباب
4.      ”سُبحاني ما اَعظُمُ شانِي“، خاصو ڪيائين خطاب
5.      مرشد سائين ”رَ آنِي“ وارو، روز وڄائي رباب

 

[365]

جاٿي وڻ ناهي تاٿي ڪانڊيرو به وَڻُ
        پَسيِي پنهنجو پاڻ پوءِ پير تون کَڻُ
1.      ظالم جاهل آهين اَصلي
        ڪهڙا قياس ڪرين ٿو اوڳا عُقلي
        سِر بار آيئي جوشن جو جَهلِي
        جڏهن بازي کٽين تڏهن بُزرگ بَڻُ

مقدور ماڪوڙي جو ڇاهي
        ڪهڙي سينو شاهن سان ساهي
        پَڻِي پيزار پرين جيهي ناهي
        پَسِي حال پنهنجو پوءِ هافَ تون هَڻ

3.      توکي پرين پاڻ ضعيف چيو
        ”في عبد“ تڏهن فرمان ٿيو
        ”سيد“ سمجهه تون راز اِهو
        آيو پِرت وارن کي پَر ۾ پچڻُ

 

 

[366]

ماڻهن ليکي ماڪَ، رَتُ راتِ ٿِي رُئي
        رَتُ راتِ ٿي رُئي، پِرڀات ٿِي رُئي
1.      وَالّيل اِذا يَغشى“ پَردو پريتِ لاءِ
                        چادر پسيو سي چاڪ

”اسرى بِعَبدمِ“ جو ”لَيلاَ“ ٿيو لقاء
                        تاڙيون ڏِسيو سي طاق

سڀ ڪنهن گهَڙِي جا گهايَل پِرڀات سين
                        پَسيو ماتام ۾ مشتاق.

 

[367]

سمجهڻ مشڪل اِيها مامَ، آهي ڪسرت ڏاڍي
                        ڪل بازي پيارا!

جيهي تيهي جي جاءِ نه آهي، ڪو هاتِڪ هڻندو هامَ
        اِنهين ڪَپيري ۾ پير پاوڻ مشڪل، ڪو گُرو ڀريندو گامَ
                        ڪُوپ قلندر غير ڪپ غازي پيارا!
2.      مُلهه سُرڪيءَ جو سِرُ چَون ٿا، ڪو جُنگ پِي پُر جامَ
        هستي هئڻ کي حذف ڪري، پوءِ وتي مست مدامَ
                        رنگ رضا تي رهي سو راضي پيارا!
3.      اِنهين حيرت ۾ هزارين هَڄِي ويا، وڏا وِير وريامَ
        بيخوديءَ ۾ خود وڃي ٿِيَڙا، ٽوڙي دوئيَ جا دامَ
                        ”مُستقبل“ جاٿي ناهي ”ماضي“ پيارا!
4.      ”سيد“ رمزن نوان رنگ لايا، خيال، ويا سڀ خامَ
        هي جڳ هُو جڳ وسري ويڙا، حُسن هلايا حُڪامَ
                        محب مليو وئي مِهر مجازي پيارا!

 

[368]

ڏکيءَ کي ڏُڪار، توڻي وسن مينهڙا

1.      انڌي اُونداهو نه لهي، توڻي سِڄُ ڪاپار
2.      ”بِدوُن وصالِہ فَوا ويلاهُ“ ڇاجي باغ بهار
3.      ”مَع وِ صالِہ فَوا شَوقاه“ اهنج سڀئي آزار
4.      مرڻ سِينءَ نه مَٽجي، سندي پرين پچار.

 

[369]

ڪنگَ کي لُڙَ مان ڀاڱو يار، سمجهي ڪر سنڀار!
        1.      اِهي وَهَ وَهِي نِي ويندا

ڪاهي ڪنگ مٿان ڀي ايندا

ڄــــارَنِ وارا ڄـار

2.      ڪَن جو وات ڀرفيل آءِ وِهُ ۾

ڪَــــن جو ٽُڪر ڪري پيو گِہ ۾

ڪي ٿا روئن زارو زار

[370]

ويک حُسن سارا هوش ڳِيا، جڏهن عشق ٿيا ته اِمام ميان

دلڙي ميڏي دست ڪِتوني گهت ڪي زلف دي دام ميان
        فهم عقل سڀ ڇوڙ ڳيا، هُڻ مئن مستان مدام ميان
2.      دنيا دين دفع ٿي ڳيا، سڀ حُسن هلايا حُڪام ميان
        ظاهر باطن هر مظهر وچ، ”الف، رهيا ڳيا ”لام“ ميان
3.      وحدت والا وهم ڦٽا ڪر، مار ٽٻي وچ مام ميان
        ذاتي دي وچ ظهار هيئي احديت اِسلام ميان
4.      سمجهه ”سيد“ سائين رمز سُهڻي دي، نينہ نه ٿيسي نظام ميان
        ”هُو هُو“ دي وچ ”هُو“ سڀ هوئي، غير ڳيا ڪُل کام ميان.

 

 

[371]

ارادي آندي، ڳور نِهارِي ڳوٺ ۾
        1.      جالي ڪيئن جِيئرن سان،
                                        جا مڙهن لئي ماندي
        2.      هِن جو ماڳ مقام ۾،

بنگلن ۾ باندي
        3.      ”کُن فِي الّدنيا کَاءَنّکَ غَريب“
                                        وِرهان ناهي واندي

 

[372]

عشق عقل دا ٺاههَ ڪَڏَڻُ نَهين ٺَهندا

”العِشقُ نَار“ اُهُڃ عشق دا، اُهندا قَدر ڪَپاهه
2.      حُبَ اسان تي حڪم هلايا، اِينوين آکيا آپ الله
3.      عِلم عقل ڏُوهين تابع امر دي، شوق شاهان دا شاهه
4.      ”سيد“ سَٽ ڪر آپ عشق وچ، سُهڻي هيئي صلاح.

 

 

پير رشد الله شاهه

پير رشد الله شاهه، پير رشيد الدين جو وڏو فرزند هو. 1677هه ۾ ڄائو ۽ 22 رمضان المبارڪ 1340هه /19 اپريل 1922ع ۾ وفات ڪيائين. فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪيائين. اسماء الحسنى (مترجم)، ثمر آخرت، پنج گنج ارشاد، آخر ظهر، ڪشف الاستار عرف رجال معاني آثار، المعرفة  المحديت في رد اوهام الهدية، الاسدية، ارشاد المريدين و هدايت المتقين، الفارقہ بين اهل الله و بين المعارفہ تصنيف ڪيائين.

[373]*

دلڙي دلبر تو سان اڙيل، قابو ڪَڙيل، ناهي ڇُڙيل
1.      تنهنجي باب جي بيشڪ بندي، آهيان، توڙي ميري مَندي

کوٽي کَري سائين، سندِي، ٻانهي ٻَڌل ڳُڻَن ڳَڻيلَ
2.      ”لاتَقنَطُوا“ تنهنجو امر، عاصين ڪارڻ اعظم اجر
        مُذنِبَ مون جهڙو بَتَر، سُخنين سُئل، چوٽيين چڙهيل
3.      تنهنجي عَفوَ جا آهن اُڃان، سلطان ڪِينَ توڻي سُڃان
        مان ٿي لکين ٿورا مڃان، وصفن وِڪيل، پُريين پُڻِيل
4.      ”قُل ڪل“ ڪَيوَ ڪيڏو ڪرم، بدڪار لئي بيحد ڀَرم
        سائين آهي توتي شرم، آزي ڪَندل، پازي پَريَل
5.      ”رشدالله“ رضا ۾ شل رهي، گوڏا مٿو گَسَ ۾ گَهمي
        اِنهين پِرتَ ۾ پاڄي پَهي، پيش پِيلَ، ناتي نِڙيل.

 

[374]

رنگ رنگيءَ جي رَتِي، ڪا، هزارن ۾ هڪڙي
1.      وئي وِي چَري وحدت جو، محبت منجهه مَيتي ڪا
2.      صفت صبغت الله، جي سُکي هوندي سُتِي ڪا
3.      ”وما اوتيتم من العلم اِلا قَليلا“، پِريان پهتي پَتِي ڪا
4.      جبل جهاڳي جَتَ لاءِ، طلب منجهه تَتِي ڪا
5.      ڇُلي پوندي ڇپر ۾، گهوٽ جي جنهن کي گَتي ڪا
6.      پهچي ڏهن ڪينڪي، سيجن تي جا سُتي ڪا
7.      ٻئي پير پنهل جي، جمعا ٿيندي جَتِي ڪا.

 

 

پير محبوب شاهه

پير محبوب شاهه، پير رشيد الدين ثالث (وفات 1317هه) جو چوٿون نمبر فرزند هو، جنهن جي ڪوشش سان، سندن مريد حاجي احمد پاٽولي پير رشيد الدين ثالث جو ڪلام 1911ع ۾ شايع ڪرايو هو. پير محبوب شاهه پوءِ ڳوٺ ٻارچاڻي تعلقي ماتلي ۾ وڃي مستقل سڪونت اختيار ڪئي هئي.

[375]*

وڻي سا آهي واه، منهنجا ڪُلَئِي ڪم قربان ٿيا

1.      صحي سڀ سَينسار کان سيڻن جي ته صلاحَ
2.      ”اِنّ رَبّي عَلى صِراط مُستَقِيم“ نِرتئون ڪر نگاهه
3.      حاضر ۽ غائب جي، اٿن سڀ آگاهه
4.      ڇڏ ته ڇُٽين ڇِينَ کان، وَٺُ رضا جي راهه
5.      مِڙنئون ”محبوب شاهه“ چئي، دوست آهي داناهه.

 

 

پير حاجي هدايت الله شاهه راشدي ٺُلاهي

حاجي هدايت الله شاهه ولد محمد ياسين شاهه، سنه 1262هه ڌاري ڄائو. ڳوٺ پيرل وڏل شاهه تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ اربعا ڏينهن، تاريخ 18 ربيع الثاني 1325هه/1907ع ۾ وفات ڪيائين. فارسي، سنڌي، سرائڪي ۽ بروهڪي ۾ شعر چيائين. هيٺيون ڪافيون سندس پوٽي پير محمد بقا شاهه عرف مٺل شاهه کان مليون، جنهن وٽ سندس 171 غزل ۽ ڪافيون قلمبند ٿيل هئا.

[376]

سا سُڌ ڪنهن سان سليان مان يار، جا جڙ جوڳي هڻي ويا
1.      لڏڻ لاهوتن وي ميان، آڳ اندر هئي ني وي ميان
        جوش اِنهين ۾ جلان مان يار، خيما اڄ جي کڻي ويا
2.      مڙهيون مهيسين ري ميان، سُڃيون ٿيون ساڙين وي ميان
        پر اِنهين ڪئن پلان مان يار، ديس سڌائي ڏڻي ويا
3.      موتُ العلماء وي ميان، ظُلمت چيائون وي ميان
        مونجهه انهي جون ملان مان يار، بار بنديءَء تي بڻي ويا
4.      سِڪ سناسين وي ميان، ”سيد“ سدائي وي ميان
        هاڻ پُٺيءَ هن هلان مان يار، جان جسم جي وڻي ويا.

 

[377] سر ڪوهياري

لکين هِن لائق وو، پرين جا پورهيت سان
        1.      نڌَر سان ناتو رکن، فهميدا فائق وو
        2.      قرب ڪن ڪمذات سان، شاهه بڻي شائق وو
        3.      ”سيد“ اِنهين سِرّ جي خبر نه خلائق وو.

[378] سر سهڻي

ڇا چوان مان بخشش باتِ، حد حساب جي هُن وٽ ناهي
                        وو ڏيهاڙي نئين ڏاتِ

1.      رُکيءَ ڪاڻ سِڪيا جي سڃ ۾، طلب هُوئڙن تاتِ
        ڪوثر واري قربئون تَن جي واحد پلٽيو واتِ
2.      ويهڻ جن کي هئو نه وٽ ۾، سي ظاهر ٿيڙا ذات
        سڄڻ تن ۾ پاڻ سمايو، والي سان وصفاتِ
3.      لَنوَن ويهي لوڪن وچ ۾، لامڪان لاتِ
        سندن موهي محبت آهي، مڙئي مخلوقاتِ
4.      ”سيد“ سهچ سچي صاحب جي ڪيو آ ڪيذاتِ
        ڏوهن بدران ڏاتر جنهن کي دُهرا ڏئي درجاتِ

 

[379]

مارن مون سان ڪيون ڪيون، لکين مهربانيون

1. بيڪاريءَ سان جي ڀال ڪيائون، سي نه سگهان سي چَيون چَيون
2. بديون بخشي، ڀاڪر پائي، ڏاج ڏوڙا سي ڏَيون ڏَيون
3. گُنهَن واريونگنديون لاهي، نيئي ڍڪايائون نَيون نَيون
4. جيڪي اذيتون عمر ڪيون هيون، وسري سي سڀ وَيون وَيون
5. سيڻن ڳالهيون ڪي سمجهايون، ساهه اٿم سي سَنيون سَنيون
6. ”سيد“ تون هوئج انهن وٽ، پيرن تي تون پَيون پَيون.

 

[380]

جنهن کي عشق بڇيو آتشُ ميان، تنهن جي پاڻ ڪجو پروشُ ميان
1. سهڻل جنهن جو سينو ساڙيو، تجليءَ جي تابش ميان
2. محب اوهان جي ملڻ ريءَ، جنهن کي ڪين اچي ٻيو ڪش ميان
3. هي جڳ هو جڳ جنهن کي وساريو، خاوند تو خواهش ميان
4. ريءَ ملڻ جنهن حُب نه لهندي، سِڪ سندي سوزش ميان
5. ”سيد“ کي سِڪَ سار اوهان جي، آهي رِيت روش ميان.

 

[381]

منهنجو من ميهار اديون، چوري چريو ڪيڙو الا
        1. مُنهن ڏسو جي هوند ميهر جو ميان لا
                                مون کي ڏيو نه ميار اديون
        2. ڪُڙم ڪڙو هوند ڪل ڪيڙوَ ميان لا
                                ٻايوون ٻچا ٻار اديون
        3. گهرج گهڙي جي هوند ڪانه ڪيوَ ميان لا
                                جڳ جند وو جانب تان ميان لا
        4.      جڳ جند وو جانب تان ميان لا
                                صدقي ڪيان سو وار اديون
        5.      سوگهو ساههُ ڪيو ”سيد“ چئي ميان لا
                                ساهڙ تنهن سردار اديون.

 

[382]

تن محبن جي مامن جي، ڪهڙي ڳالهه ڪيان قربن جي
1. عين اشارا اُلٽا ادنيٰ، قوسين جي قابن جي
2. ”لِي مَعَ الله وَقت لاشَڪ“، کُلي بره سندي بابن جي
3. هوش عقل حيران اُتي ٿيي، خوض منجهي خامن جي
4. سوز اِيها سِٽ زوريءَ سڻائي، نينهن سندي نامن جي
5. ”سيد“ سالڪ جيڪي سمجهن، اور نه سا عامن جي.

 

[383] سر ڪوهيار

ڪوهياري لئي ڪافَ، ڏوريندس ڏونگر ميان
        1.      ملي پنهنجي محب کي، سچي ٿيان شل صاف
        2.      ويلهه نه وسرن هڪڙي، عجيبن انصاف
        3.      وِهڻ هتڙي وَرَ ري، خوشيءَ جي خلاف
        4.      سڄڻ شل ”سيد“ جون مديون ڪندا معاف.

 

رمز سڄڻ جو رازُ، ڪونه پروڙي مَلَڪَ مُنجهن ٿا
1. مام محبن جي سمجهڻ  مشڪل، باب ايهو ناهي هر ڪنهن کي حل
                        برهه وارن لئي بازُ

2. گهاتُو گهڙندا گهيڙا اِنهين ۾، پوندا سِر ڏيئي سِير اِنهين ۾

اهڙو اٿن آغازُ

3. ”لِي مع الله وَقت“ لاشڪ، اعظم شاني توڙي انّاالحَق
                        عشق ايهو آوازُ

4. چشمان چائي لائن چُٽڪا، سِر ڏيڻ جا ٿين ات سٽڪا
                        نينهن جو اهڙو نازُ

5. علم عقل هي اُتهين اوڳا، مام سمجهڻ ۾ مست ۽ موڳا
                        نِسورو ڪن نيازُ

[385]

محبت ڪيو آءِ جن وٽ ماڳ

سورهيه سي تان سِرُ سٽيندا
1. منهن ڏسڻ لئي هوندا ماندا، پتنگ جيئن سي پسندا داڳ
                محبت مانجهي ڪانه مٽيندا

2. اڳرا ٿي سي اڳ ۾ عاشق، بره بڙڇيون ڀانئين ڀاڳ
                جوان جلي منجهه جنگ جَٽيندا

3. لڄ لاڳاپا لوڪ جا لاهي، رمز وارو ڳائيندا راڳ
                کر کامائي خان کٽيندا

4. ”سيد“ سڄڻن طرفان تن کي، ملڻ جو جي ملندو لاڳ
                سِر صدق ٿي ڪنڌ ڪَٽيندا.

 

 

 

 

پير مظهر الدين شاهه ٺُلاهي

پير مظهر الدين شاهه ولد حاجي هدايت الله شاهه راشدي ٺُلاهي، ڳوٺ پيرل وڏل شاهه تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ۽ اربع ڏينهن 22 ربيع الثاني 1318 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. هيٺيون ڪافيون سندس پٽ پير محمد بقا شاهه عرف مٺل شاهه کان مليون.

[386] سر سارنگ

اڃان نه موٽيين يار، موٽي آئي مند ملهار

سانوڻ ٿيو اڄ ساريون رتيون، ساهه منهنجي ڀي ساريون رتيو
 نيڻن چاڙهيا نار، جُهڙ جوسن جي جر ڪيو جاري
2. پلر پلٽيا پيڄ پَٽن تي، کِلن ٿا خوش خان کٽن تي
 سُهڻي تاڙي جي تنوار، هيج منجهان هر ڪاهن هاري
3۔ جُهڙن جهرمر جهڳ مڳ لائي، مِينهن ڌرتي پاڪ پُسائي
 کِنوڻين ڪيا خنڪار، گوڙين لاٿا غم غباري
4. گلن گاهن ڪيون گلزاريون، آءُ ته گڏجي ڏينهن گذاريون
 ڇڏ ڏاڍائي ڏاتار، هيئن نه بي غرضي ڪر هيڪاري
5. ”مظهرالدين“ سڄڻ ساري ٿو، هنجهون هر دم هَئي هاري ٿو
 مِل اچي مَنٺار، وڃي خوف، لهي خلل خواري.

 

[387]

محبت جو لڳو منڊ يار، ڪيئن لِڪي سو لوڪ کان
        1. سُورن ڪيو آءِ سوجهرو، جيڪو چمڪيو چوڏهين چنڊ يار
2. سِڪَ سندي سلطان، هر گهڙي وڄي گهنڊ يار
3. وَهي ٿو واڪا ڪَيُون، جوشن وارو جَنڊ يار
4. ”سيد“ انهي سوز ۾، کير وراهي ٿو کنڊ يار.

 

[388]

آءُ وري يڪبار يار، ڇو ڪرين دلدار ديريون
1.      روز شب راهون ڏسي اکيون ڪَرن ٿيون انتظار
        روح کي ڀي راڳ تنهنجو، تَن اندر تنهنجي تَنوار
                        ٻيون وڄايون بِرهه ڀيريون

ڪيترا ويا سال گذري، ڪانه سهڻا لَڌوَ سار
        شوق تنهنجي شاهه ڪيڙا قرب ڪوڙين ڪامگار
                        هيئن نه ڪر پوءِ هوت هيريون

عرض هي منهنجو سڻي ڪر غرض پورو غمگسار
هڪ اچڻ تنهنجو اسان کي بادشاهي بي اپار
                        ٻيا نه گهرجن سونَ سيريون

محب ”مظهرالدين“ کي پلپل اوهان جي آءِ پچار
        ڪر وصل جون يار وايون ننگ سڃاڻي نامدار
                        ميٽ مڙئي منهنجون ميريون.

[389]

جوڳين ريءَ جاڳي، پورب پهچي ٻيو ڪونڪو

1.      ڪَنَ ڪپائي ڪين رُسبو، سنگت ڪجي توڙي ساڳي
2.      جبل جهاڳڻ ڪم تنين جو، دل جنين جي داڳي
3.      گهوٽ گهرن گرنار ۾، وس نه تنين جي واڳي
4.      ”مظهر الدين“ اکيون پٽ ٻيئي، ننڊ اَٿِي ته نڀاڳي.

 


[390]

لانگوٽين کي لاڳُ، مليو ”ماشئتم“ جو

1.      ”بي يسمع“ بيراڳن جو، ڀلو ٿيڙو ڀاڳ
2.      لنگهي ”لا“کئون اڳتي، ”مااعظم“ ڪيائون ماڳ
3.      وڻيو واڍوڙين کي ”رب ارني“ جو راڳ
4.      مظهرالدين“ مهيسين سان، جوڳي ٿي پوءِ جاڳ.

 

391]

پردو آهي پاڻ، پاڻ وڃاءِ ته پرين پهچين
1.      ”وَنحن اقرب وَ فِي انفسڪم“، سائين هردم ساڻ
2.      وهم دوُئي جو دور ڪري ڏس، وحدت وارو وٿاڻ
3.      مِلڻ مرڻ ريءَ مور نه حاصل، ڄاڻ اِهو ٿَئِي ڄاڻ
4.      ”مظهرالدين“ پنهنجو پاڻ وڃائي، پوءِ تون پاڻ سڃاڻ.

 

 

 

محمد بقا شاهه عرف پير مٺل شاهه ٺُلاهي

 

محمد شاهه بقا شاهه عرف پير مٺل شاهه ٺُلاهي، ڳوٺ پير وڏل شاهه تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ تاريخ 1 ربيع الاول 1301هه ۾ ڄائو. پنهنجي والد مظهرالدين شاهه وٽ عربي صرف، نحو، فارسي علم طب يوناني ۽ فقہ پڙهيائين ۽ آخر ۾ مولوي عبدالله کڏهه سرائي وٽ پڙهيو. حضرت تاج محمود امروٽي صاحب کان فيض حاصل ڪيائين. خلافت تحريڪ ۾ وڏو بهرو ورتائين ۽ تڪليفون سٺائين. ڳچ عرصو ٿيو جو ساڻس صحبت ٿي (1) سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ غزل جوڙيائين. هيٺين ڪافي پاڻ لکي موڪليائين.

[392]

جنهن ته ٺوازي هئي ٻانهي، سو سدا جُڙيم جاني
        1.      اوَ ڳُڻين بي لڇڻي، ناقص ڏوهن هاڻِي
                 در در جي جاءِ لوڌيل، سائينءَ کي سِيباڻي
                                قرب سندس تان قرباني
        2.      ڳالهائيندي جنهن سان چُهڙن کي ٿئي شرم
                تنهن کي تاج شاهي بخشي ڪيائون ڪرم
                                مورئون سڀ مهرباني
        3.      ڄام سمو سورهيه آ سڀ جو ڍول ڍڪڻ               ڪُل ڪڄي ڪُوَڙايون سَتُر ڪيو ٿَمِ سڄڻ                            شوم هُيَس نه ته شيطاني     4.      هِي ”مٺل“ هو مَٺو، پر هاڻي ٿيو مِٺو
                امروٽيءَ ڏَئِي عزِت سيلي ڪيو تنهن سٺو
                                سيرت هيءَ آ سلطاني.

 

 

 

پير نورالحق شاهه

 

پير نورالحق شاهه راشدي، اندازاً 1318هه/1900ع ڌاري وفات ڪئي. سندس هڪ ڪافي ملي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي(1):

[393]

ويڙهيچن جا وڳر، آءُ ڙي عمر، ويهي هِتڙي ڪيئن وساريان
1.      سيج پلنگ تنهنجا ميان الا، آڇ نه عطر عنبر
2.      معاف ڪرايان ميڙن سان ميان، الا ڏيهاين جا ڏمر
3.      ڏکيا سکيا ڏينهڙا ميان، الا گذري ويندا گذر
4.      لاه الهُه لڳ لوهه جا ميان، الا ”نورالحق“ چئي نِيرَ.

 

 

مولوي غلام محمد خانزئي

مولوي غلام محمد خانزئي بروهين بلوچن جي سلسلي مان هو. علم جي طلب کيس پير جهنڊي وارن بزرگن جي وَسئَن ۾ وٺي آئي، جتي هن ظاهري ۽ باطني فيض حاصل ڪيو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو اتي ئي گذاريائين. اندازاً 15-1310هه ڌاري وفات ڪيائين. سندس جوڙيل ”رسالو“ (ڪتاب 1303هه) اعلى شاعريءَ جو شاهڪار آهي. تصوف ۾ ”منهاج العاشقين“ تصنيف ڪيائين، جنهن ۾ اعلى شاعريءَ ۾ آيل تمثيلون سمجهايائين. سندس رسالي ۾ هر سُر جي پويان وايون ڏنل آهن ۽ انهن کانسواءِ ٻيو به اوڻهٺ (59) ڪافين جو وڏو ذخيرو قلمبند ٿيل آهي، جنهن مان ڪي مثال طور هيٺ ڏجن ٿيون.

[394]

اُڃان آدم هو نه عَلُم، ووءِ ووءِ

تڏهن عشق پَلئهِ مون پِيَڙو.
1.      ڪُن فَيڪُونُ نڪو هو پيدا، نڪو آدم هو هويدا
        نڪو لوح قلم وو، قول تڏهاڪون مون ڪِيَڙو
2.      دم دم دل تي برهه جون باهون، کڄي ويڙهيون راحت راهون
        ويو هٿان مون ڪم وو، هنيو هوتن هِنيڙو
3.      دونهون دل تي درد دکايو، اُلون لونءَ لونءَ ۾ لالڻ لايو
        جيءَ اندر ۾ جهم جهم وو، ناهي اُجهامڻ جِهڙو
4.      ”غلام محمد“ محبت حقاني، مليو جيءَ جو جانب جاني
        قادر ڪيو ته ڪرم وو، غم وهم سڀ ويڙو.

 

[395]

نيڻين وهايان ٿي نَيُون نَيوُن، پاڻي پلڻَ نه جهڙو
1.      اڱڻَ تون منهنجي آءُ پيار

ڳالهيون ٻَٽڙي ڪي ڪَيُون ڪَيُون
2.      پَرچُ پيارَل پاڄيئڙن سان

پيش اچي جيڪي پَيوُن پَيوُن
3.      ڳالهيون تنهنجو چَوڻ نه جهڙيون

روح اَندر ۾ ٿم رهيُون رهيُون
4.      ”غلام محمد“ ڳالهيون ڳُڻَ جون

اَچي عجيبن چَيُون چَيُون.

 

[396]

نِـــت نَوِين نَوِين رُت آئندي هي

ڪيون نهين آئندَئين تون يار پيارا

کَسُ نِيتُئي دل دوست آساڏِي

ساعِتَ ساعِتَ سِڪَ تُساڏي

سِيني وچ نه سَمَئِندي هي
2.      نَحَن اَقرَبُ قُرب رباني

راتو ڏينهان دِل ديواني

ڳُڻ سڄڻ تيڏي ڳَئُندِي هي
3.      آءُ پيارا تان گڏ گذارون

ڏک ڏوراپي وِرهَ وِچاروُن

جدائي نه جُڳئندي هي
4.      ”غلام محمد“ واء وَصُل دِي

طرفئون تيڏي روز اَصُل دِي

ساهَ جُسي ڪون سِبَئندي هي.

 

[397]

ڪَر نه وڃڻ جون وايُون وايُون

ڪِيمَ جدا ٿي جانِبَ جانِي

1.      عرض ته توکي ٿي چوان ووءِ ووءِ

پاند ڳچيءَ ڳلِ پايُون پايُون

محبَ ڪَيو پنهنجي مهرباني
2.      ماريو ڪِيمَ مُئيءَ کي ووءِ ووءِ

ڏيئي جيءَ کي جدايون جدايون

مَنُ فِراقن ڪيو فانِي
3.      واري ورقَ وصالَ جا ووءِ ووءِ

ورقُ فِراقي وڃايون وڃايون

گڏ گوليءَ سان ٿي گذرانِي
4.      غلام محمد“ مئي کي ووءِ ووءِ

ڏيندا دوست وڌايون وڌايونِ

هوندا جانِبَ جاوداني.

 

[398]

جاٿي کوڙي عشق قناتون،

تاٿي ذات پُڇي نه صِفاتي
1.      شاه ڪري گهوڙي جا گاهي، گولن کي ڏي شرفُ شاهي
        ووءِ ووءِ پاڻَ ٿِي اِثباتي، گُم ٿين مصلحاتون
2.      آري عسق جي جيڪو ايندو، هوش تهين کان ڇڏي ويندو
        ووءِ ووءِ ٿيندو مِثل مَماتي، توڙي هجي اَفلاطون
3.      قُوّ ناهي ڪنهن کي ڪائي، واري عشق اڳيان جو وائي
        ووءِ ووءِ دست ڌري جڏهن ڪاتي، بند ڪري سڀ باتون
4.      ”غلام محمد“ عشق شڪاري، محبت تنهنجيءَ پٺيان ماري
        ووءِ ووءِ هيبتناڪ حياتي، مزا ماڻِ مماتُون.

 

 

الله بخش

حاجي الهه بخش فقير ابڙو، هالا نوان جو ويٺل هو. پير رشد الله شاهه (وفات 1340هه/ 1922ع) جي حاضريءَ ۾ رهندو هو. ڪنهن ڪنهن وقت پير رشيد الدين ۽ رشد الله شاهه جون ڪافيون نهايت سوز ۽ درد سان پڙهندو هو. (1)

[399]

سرتيون پنهنجي سانول سان، ڪهڙي پَههَ پَهان

ڪــهڙي پَـــههَ پَـــهان، رَتِي مُور نه رهان

1.      دوستاڻي درگاهه تي، ٻانهي ٿي مان ٻَهان
        ”قُل ڪُل“ جي قول سان، ٺاهه اِنهين من ٺهان
2.      زاري ٻاجهئون زور جي، لاڳ نه ٻي ڪا لَهان
        ”فاغفِر لِي“ جي فهم ۾، قول هميشه ڪَهان
3.      ڪُتِي قريبن جي، سَوَ سَهاپا سَهان
        پاڙي پنهنجي پِرينءَ جي، بِلائتِي ٿِي بَهان
4.      ”الله بخش“ عجيبن ريءَ، واههَ نه ٻي شل وَهان
        پِريان سندي پيچري، ڊٺل دل پئي ڊَهان.

 

[400]

روُح منجهه رهيون رهيون، مون کي سي ماروئڙن جون
1.      ساهه برابر سانڍيو سانيان، جي پهنوارن پَهيون پَهيون
2.      ڪين وسارڻ جهڙيون ڪڏهين، جي قريبن ڪَهيون ڪَهيون
3.      ”الله بخش“ عجيبن آڇيون، ٺاهه اٿم سي ٺَهيون ٺَهيون.

 

[401]

ساڻ زوراور زاري، محبت جي ڪا حاجت ناهي

1.      پاڻي بديون پاند پنهنجي، ڳل ڳچي ڪر ڳاري
2.      پاڻ پرستي کان پاسي ٿي، پوءِ اڃان ٿَئِي اختياري
3.      هر دو جهانن ۾ هادي ٻاجهئون، ناهه تَڳاء ڪاتاري
4.      ”الله بخش“ عجيبن آڏو، سِسِي سٽ ڪر ساري.

 

[402]

ڪيچ ڌڻي قدرت وو، ڏي ته ڏونگر ڏوريان

1.      سائين تون سَوَلي ڪرين، جنهن پر ملان جَت
2.      هاريان هوت پُنهل لئي، رَندن مٿي رَت
3.      قادر ڏي ڪمزور کي، هيڻائي ۾ هِمَت
4.      سڪ سان شل ثابت رهي، لَڪَن مٿي لت
5.      ڀنڀور ڀِنڀ بلوچ ريءَ، ماڳَهين ملامت
6.      جفائون جبلن جِيون،  ساريان سعادت
7.      آگا ”الله بخش“ کي ڏي، مرضي منجهه مدت.

 

[403]

پيار تيڏيان رمزان نَيان نِت نُور، نا غائب نا حضور

1.      ”هُوَ الاوّلُ هُوَالاخِر“ مَلڪ فَلڪ معذور
2.      ”هُوَ الظاهِرُ هُوَ الباطِنُ“ ماسِوا مجبور
3.      هادي مثل سارا حڪم تساڏا، ناظر تي منظور
4.      مئن تان نماڻي روز ميثاقون، مام تيڏي دي مامور
5.      ”الله بخش“ امر تي خلق وچ، مخفي هاٿيا مشهور.

 

 

پير محمد اشرف شاهه ۽ سندس ڪي همعصر شاعر

 

 

پير محمد اشرف شاهه

محمد اشرف شاهه سنه 1214هه/1799ع ۾ ڳوٺ ڪرم خان جمالي، تعلقي ٽنڊي باگي ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي فقيري ۽ شعر و شاعري ڏانهن لاڙو هُئس. سندس چيل مداحون، مولود، مناقبا ۽ ڪافيون مشهور آهن. سن 1277هه/1820ع ۾ ڳوٺ ڪاماري شريف، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي سندس مزار آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ڇپيل آهي.

[404] سر ڪلياڻ*

آدم ڪيسِي ذات، ڪيسي ديسئون آيا هي

حق ڪي ذات صفات، رنگين برقعا پايا هي

1.      اَنا اَحمد مُرلي صوت سُنائي، قم بِاذني بِين بجائي
        صم بڪُم ڪي بات، طُوطِي، طرح بلايا هي
2.      صورت مورت رنگبرنگي، حسن هادي دا هي هر رنگي
        آپ پِيا پِرڀات، دلبر ديد دکايا هي
3.      وحدت ڪي دريا وچالي، موج اَمواج وصال وِکالي
        اُس قلزم ڪي قطرات، ديکو هِي رنگ لايا هي
4.      ”اشرف“ عشق اَلوليان ڪيتيان، جو ڀر جام صراحيان پيتيان
        اُس صانع وچ صُنعات، اَپنا نور کُنڊايا هي.

[405] سر مارئي*

منهنجا مارو منجهه ملير، سي ٿِي ساريان سومرا
1.      آئِي اَباڻن ڏانهن، هينڙي وڻيم هِيرَ
        ڪڍ بندياڻي بند مان، زيرُيون لاه زنجيرَ
2.      پين پُوڄ پهنواريون، کٽا مکڻ کِيرَ
        ڦُٽا ڀِٽُن ڀر ۾، ڳاڱيون ڳَم ڳنڍيرَ
3.      سنگهارن جو سومرا، اٿم سُوزَ سريرَ
        ”اشرف“ چئي اُن لئي، نيڻين وهايم نِيرَ.

 

[406] سر مارئي*

ڏوٿي ٿئڙم ڏور، سي آڻ ته آئون

حال ڳرهيان اُن سان

ساريو سانڀئرن کي، هينئڙو وڃي وهلور
                ڪي جي مون سان ڳُڻ ڪيائون

اُنّ اُنهن جو آذقو، سُرهِي کان سالُور
                ڏوريا مون کي ڏيج ڏنائون

کڻي کاهوڙي هليا، ڏاڍي ڪنهن ضرور
                لَڏا نيئي ڏور لاٿائون

4.      سِنجينِ ساٺيڪن تي، ”اشرف“ چئي اَسُور
                ڀِني نيئي ڀُوڻ ڀيريائون

 

 

 

[407]

تون دانهن ڪري اُٿي ڀَڄُ، هِت اڳيئي سرتين سور پِرايا
        1.      ڇڏ اڻانگا ڪوڙا سانگا، ڀڄ ٻِيلي ٿيءُ رُڄُ

ڦير ’هُئڻ‘ جي ڪئين ڦيرايا

2.      ڪوڙي قيل مقام اجائي، ڀڳل گهڙي جيئن نه وَڄُ
                        ڪُن قهر جي ڪئين ڪيرايا

3.      هارَ کَٽئي جي جاءِ اِهائي، ڪر عبادت اَڄُ
                        ڪُن قهر جي ڪئين ڪيرايا

4.      ”اشرف“ تون سڀ غير وڃائي، پِرين ساڻ پَهڄُ

تو تان ناحق نيڻ هيرا.

[408]

تن سامين جو سُرهو سنگت، آيل ڙي مَنان مور نه وسري
1.      مـــاء جوڳيڙا جا مير ويا

مون کي پلپل تن جا پور پيا

هو پورڀين سان وڃڻ پهت
                                گولي جا گسن تي گِسري
2.      ماء جوڳين جي جيءَ ۾ جهوري

لاءِ لان‘گوٽين گهمان گهوري

سڀ ڏيهه پڇيم مانَ پُونمِ اَت
                                توڻي هِندُ شام بخارا بَصري
3.      مــاء جان جلائي جوڳيڙن

جڏهن گودڙيا ڪريو هوءِ هلن

تنهن سنگ ۾ ڪو جو سوڀاڳت
                                مَن اُن لئي اُسڙڪِي آسري
4.      ماء ”اشرف“ ساري اُداسِيَڙن

منهنجو ساهه سلهاڙيو ساميڙن

شال ساڻن منهنجي سدا سچ ست
                                پلپل ۾ پِرت نِتُ پَري.

 

[409] سر بروو

آهين هر جا هادي تونهين

تو ٻاجهؤن ٻيو ڪين ناهي

1.      تون سڃاپين تون سڃاڻين، تنهنجي قدرت تونهين ڄاڻين
        مور نه ڄاتِي مُونهِين، تنهنجي رمز عجائب آهي
2.      حضرت محمّد مظهر ذاتي، ويس وجودي نور صفاتي
        احمد آدم ڏونهين، ڪَئِي ظاهر پاڻ پَراهي
3.      تون رهنما تونهين راحم، هئڻ تنهنجو دائم قائم
        هِن جو هُئڻ هُونهِين، کڻي ”لا“ سين وجهجي لاهي
4.      ”اشرف“ سندي دل فضل سان، شاغُل وحدت جي شغل سان
        ڪر ساڃاه دي سُونهِيني، کڻي قلم عطا جو واهي.

 

[410]

منهنجو سڄڻ سنڀالون،

ٻيو ڪير لهي ڪل مُئيءَ جي
1.      مون ۽ محبن سنديون، ميان ملڪن منجهه مقالون
                اها ڳالهه هُلي دل هُئيءَ جي

آءُ ڪا آهيان جوڙ جتيءَ جو، منهنجون نه آهن مجالون
                اچي سُڌ لهو سـڱ سُئيءَ جي

سانگي ايندا سُرڪ سڃيندا، ڏيندا وٽ وصالون
                ڪندا مڙ مارو مارئيءَ جي

”اشرف“ اڱڻ عجيب آيا، ٿِيڙَون نينهن نهالون
                        ويئي دُور دليان سُڌ دُئيءَ جي

[411]*

ڀلي آئين تون ڪانگا، اچي ويهه اکين ۾
                ٻول تون مٺي ٻولي

ڏي ڪا خبر کِينءَ جي اسان کي، سدا بِره جا بانگا
                هِينَڙي ۾ هر دم وِره جي هولي

اسان ڏي اچڻ جا ڪڏهن وري ٿيندا، سندا پِرين سانگا
                درد جي ڇَلن ماري آ ڇولي

هِت رهون ٿا تو بنا اُداسي، نينهن سڄڻ جي ۾ نانگا
                تنهنجي ٻانَهن جي مون ٻانهپ ٻولِي

”اشرف“ چوي ڪڏهين پرين ملندا، لڪيون لنگهي سڀ لانگها

ٿيون خوشيون ڏسي تن جي ڏولي


 


* [361] کان ]371] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [373] ۽ [374] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [375] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

(1) پير ميان مِٺل صاحب ۽ شاعر ثناء الله ثنائي گڏجي راقم وٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مهمان ٿيا. ان وقت پير ميان مِٺل جي عمر 71 سال کن هئي. غالباً 60-1970ع واري ڏهاڪي ۾ يا پوءِ وفات ڪيائين.

(1) (1) پير حسام الدين راشدي جي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ تان ورتل.

(1) (1) حڪيم محمد يعقوب قادريءَ جو مضمون ”منهنجون يادگيريون“ ماهنامو نئين زندگي، فيبروري 1958ع، ص ص 27-30.

* [404] ۽ [405] سيد فاضل شاهه ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتابن تان ورتل. سيد فاضل شاهه شاعري جي لحاظ سان هن ڪافي کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن ڪافي کي ’ڪافي ڏيڍي‘ جو عنوان ڏنو آهي.

* [406] کان [409] سيد فاضل شاهه جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل. سٽاء جي لحاظ سان سيد فاضل شاهه هنن ڪافين کي ’ڪافي ڏيڍي‘ جو عنوان ڏنو آهي.

* [411] محمد عالم ”شوري“ خانپوري (تعلقو ميرپور ماٿيلو) کان مليل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org