انوکن لفظن جي پٽي
نوٽ: ڏنگين ۾ ڏنل انگ متن جا صفحا ڏيکارين ٿا.
فعل جي اصلي صفحي کي ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي.
الف
آتار(104) تڪڙ-جلدي
آٽڻ(آٽي 11): ڳرڻ. رجهڻ. ڪڙهڻ.
آر(318): وهڪرو.
آراءِ (387): آرڻ-واڙي.
آرو(126): لاڙو. ٻاجهه،
آسارو(376): آسرو. تڪيو.
آسر (424): آسرو. اُميد.
آڳانجهو(17): گهڻو- زياده
آڳہ(410، 452): ڀروسو-ڀرجهلو.
اَن(80، 230): آءٌ. آهين.
اُٻهَڻَ(اُبٺا 3):بيهڻ، اُٿڻ.
اَٻالي(365): محتاج. بي پهچ
اُٻَهار (406)خوشبوءَ جا اوٻارا.
اُڀَڻ (اُڀج 420): بيهڻ.
اَڀَل(111): اَٻل-بيزور.
اَڀُل (221): نه وسار.
اُڀوڇَڻِ(440): بوڇڻ-اوڍڻي.
اُڀِيَڻُ(اُڀي5):بيهڻ. اٿي بيهڻ.
اَت(16):گهڻو(44): انت-ڳجهه.
اُتڻ(اُتائون 5)؛ چوڻ.
اَتور(479):بيمثل-لافاني.
اُپٽجڻ (اُپٽجي 390):پٽجڻ.
اُپَٽَڻ (اپٽئين 14): پَٽڻ-کولڻ.
اَپَهس (424):اوس-ضرور.
اَجهار(485):بيابان-رڻ
اَجهڪڻ(اُجهڪن 146): ڦٿڪڻ-لڇڻ.
اُڌَڻ(اُڌا 90):وڌڻ-اُسرڻ.
اَڌو ٻَنڌ((327):تعلق. لڳ لاڳاپو.
چادر ويڙهڻ جو هڪ نمونو ڳاٽي-ٻوڪي.
اَرتو(6): رت گاڏئون.
اَروٽِي(216):اڻ پڪي.
اَڙجهل(145): بچائيندڙ-پشت پناهه.
اَڙوَل(346):رنڊڪ.
اَسارو(اسارا 435):اَسرو.
اَسواري ڪرڻ (ڪر اسواري 283):هسواري ڪرڻ.
اَسُونهه(484):اَسُونهين-اڻ واقف.
اَڪاٽار(408): غافل سست.
اَڪاڄاءِ(472): بي ڪمي-پيڪار.
اُڪاسَ (74):طلب-تانگهه.
اُڪاسي(436)؛سڪايل
اُڪانڊو(337):اُڪنڊ-ڪاڍو-ڇڪ.
اُڪرس(114):گهُٽ-مونجهه.
اڱرو(اڱرا 403): عضوو-لِڱُ.
498-499 پيج کُٽل آهن.
ترڪي ڇڏڻ(ترڪي ڇڏيو 95): ميٽي ڇڏڻ.
تڙڪِي(476):اُس.
تَسَ(113):اُڃ. سڪ.
تُسڻ(تسي 161):خوش ٿيڻ. پرچڻ.
تَسُو(471):ذرو.
تَسيو (تسئي 133):بک.
تڪيو(42)؛ڀروسو. ٽيڪ.
تڳڻ(26):جيئڻ-جٽڻ.
تُل(167):مَٽ-برابر.
تَنوَر(420)تنوار-آواز.
تَڻڻ(تڻي 112):ڇڪڻ-ڪشڻ.
توڏ(111):هٺ. بحث.
توڙا(474) توڙ کان-توڙان.
تَوَڻِ(1): هڪ ويلي جو کاڌو.
توهه(22)؛مدد.
توهئون(34):توکان.
توءِ(400): توڙي.
تؤنگ(129)تلاءُ.
تُهاءُ(462):توکان.
تَهي(117): تَهه-پَٽي.
تِيان(442): تنهن کان.
تيلهان(393): تنهنڪري.
پ
پکر (396):پکر- زرهه.
ج
جاڏو(472): مَضبوط-سگهارو.
جارَ(108): ڏک-درد.
جاڙِ (254): جُٺ- مصيبت.
جاسَڪو(472): زياده-گهڻو.
جال (8):جام-جهجهو.
جانسين(395): جيسيتائين.
جانڪون (221): جڏهن کان.
جائي(184): سچ پچ.
جُتڻ(475)؛ جوٽڻ-مِلائڻ.
جَر(213): پاڻي.
جيڪس(326): شايد.
جَلان(448):رنڊڪ-جهل، ساڙ.
جلپِ(403):روشني – سيڪ.
جِمَ(430):متان.
جَم ڪرڻ(ڪيئي جم 21):جمع ڪرڻ، گڏ ڪرڻ
جُنگَ(346): بهادر-وڏو پهلوان.
جوڌ(319):جوڌا-پهلوان.
جوراڻو(جوراڻي 106): ڏاڍائي-زورآوري.
جُوءِ(98):ماڳ-جاءِ.
جُہ (457): جيئن.
جِهات(378):طرف-ڏِسيون.
جِهو(4): جهڙو.
جيائين(116):جيستائين.
جِيَڏ (389): جيت.
جيلاهه (387):جنهنڪري.
ڄ
ڄُلڻ(ڄلان 11):هلڻ.
ڄُنڍي(104):ڏنڊي-بُونڊ.
جهه
جهاٽڻ (جهاٽي 11):جهٽڻ-تڪڙو هلڻ۔
جهَڙڳُ(338):ڀَڀڙ-اُلا.
جهوڪ(131): ويهڻ جي جاءِ-ماڳ.
جهوَڻُ(جهون 338):ڀڙڪڻ.
جهيٖر(107):چير-چاڪ.
چ
چاري(293):پهريدار. ڳولائو.
چائِتَ(462):ٻيائي-مَدِي.
چائِين(391):چوائين-سڏائين.
چَبَ (462):اَڙي – ضد.
چِت (58):جيءُ-مَن.
چُرٽو(چرٽا 396):رهزن-چور.
چَرکو(چرکا 386): چرخو - ايٽ.
چَسڙا (386):مزو.
چَڪَڻُ(چڪين ٿو 462):چڪ هڻڻ.
چَل پَل(281):عارضي.
چِلُڙ(چلُڙ 385):گپ چڪ.
چَمڪار (375):چمڪو-روشني.
چُڻڀات(316): آواز-چونگار.
چِڻي (248):جهرڪي.
چُواڪو(چواڪن 279): قطرو. لڙڪ.
چوڏس(25): چوطرف-چوڌاري.
چُورا(4):ٽڪرا-ڀورَ.
چُوڙيٖلِي(253):ٻانهياري-سُهڻي..
چُونگهَر(126): چُونگ-چورت.
چوءِ(393):چوي.
چَهري(129):خوش-سَرهي.
چُئاڪو(390):ڦڙو-قطرو.
چؤٻول(54):گفتگو-هُل.
چِيڙَهه(100):اڳڙي-رِيڙَ، شيء- وٿ
چيئَن (11):ڏاگَهه.
ڇ
ڇاڻو (485):ڇانء وارو.
ڇِراڻو(ڇراڻا 144):چريو- ڇِتو.
ڇَڙهه(317):رنڊڪ، مصيبت.
ڇَلان (216):کجيءَ جون کلُون.
ڇُلڻ(ڇُلن
307):ڇُلڪڻ،ڪُڇڻ،سچ ٻڌائڻ،راز ظاهر ڪرڻ.
ڇمر (485):ڪڪر.
ڇوهئون(107): ڇوهه مان- تيزيءَ سان.
ڇُهو(ڇهي 431): هوا جو جهٽڪو، زوردار واءُ.
ڇيٖڙڻ(ڇيڙي 11): ڇولڻ-رولڻ.
ڇِيو(ڇِينَ 241):ڇيهو-نقصان.
د
دانگَ(114):داغ- ڪارنهن جو ٽِڪو.
دُرڙي (367):ڪوڙي – بيوفا.
درسن (31):ديدار.
دُرنگو (درنگا 29):ٻيائيءَ وارو.
دلڌير(43):ڏڍ – دلداري.
دَمَڻُ (دميندوءِ 438):ساهه کڻڻ، فرصت ڏيڻ، مهلت
ڏيڻ.
دَنگي(دنگين 430):ٻيٖڙي.
دوڙڻ(دوڙي 25):ڊوڙڻ.
دوسُ(391):دوست، يارُ.
دوساڻي(125):دوست جي.
دولهه(34):گهوٽ.
دُهرو(دهرا 244):بيڻو-ڏوڙو، گهڻو.
دؤنڪڻُ(دونڪي (18):چمڪڻ.
ديکاءِ(369):ڏيکار.
ديهي ڪرڻ (ڪيس ديهي 11)گهَر ڪرڻ.
502-503 پيج کُٽل آهن.
سِياندو(89): ڊپ-سِياٽو.
سِيانڊاهه(316):سياٽو. سيءُ.
سُياءِ(414):ٻُڌئي.
سِيباٽَڻُ(سيباڻو 12): دل کي وڻڻ.
سِيڙيهُون(402):چاڙهيون-چاڙهيڪا.
سِيس(356):سِر-مٿو.
سيٖڪڙُو(426):گهرندڙ-طالبو.
سِيل(160): سَتُر-عِصمت.
سيٖلِي(سيليون 5)وارن کي ٻڌڻ جي نوڙي.
سيٖڻپو (425):مائٽي.
سِيهو(سيهي 308):شيهو.
ش
شَمُ(374):اکيون، روشني.
شوُڪَ (294):ٽيڙي-اَڪڙ.
ف
فُرجو(406):دم، گهڙي، ساعت.
ڦ
ڦُٽرو(442): کُليل، سرهو.
ڦَريو(216):ٻُهارو.
ڦَلائِڻَ(ڦلاءِ 352):کولڻ-ظاهر ڪرڻ.
ڦِنجو (471):ڪپهه جي پُوڻِي.
ڦوڏَرُ(216): ڪک ۽ تُههَ.
ڦوڙُ (479):بُنڊ-ڪاٺ.
ڦوڙائو (ڦوڙائي 8): وڇوڙو-فراق.
ق
قِيامَ (8):قيامت.
ڪ
ڪاپو (ڪاپا 410): ڪَتڻ.
ڪاجَ(50): ڪم.
ڪاڏَهُن (81):ڪِٿان.
ڪارَڻ(ڪارڻ 302):ڪرائڻ.
ڪارڻِي(27):وسِيلو. اُڪاريندڙ، نبي صلعم.
ڪارُون(419):دانهون، حيلا.
ڪاڙهو(8):پچڻ-کام، اندر جو سُور.
ڪامَڻِي(320):سهڻي زال.
ڪانبو (ڪانبِي 470):جهولِي.
ڪاڻيارو(237): محتاج. قصور وار.
ڪِٿائِي(383) ڪٿان ئي، ڪنهن به هنڌان.
ڪُپيٖيرِي(308):اڙانگي واٽ.
ڪُڄاڙو(383):ڇا.
ڪَڃ(86):ڪِنِ.
ڪُڇڻا(411): ڪڇڻ کان.
ڪُڍِي(216): سَنگن جا بچيل ڦوڏر.
ڪَرَ(326):خبر. سنڀال.
ڪِرتِن ڪَچو(ڪرتن
ڪچِي 247):بدڪار-بداعمال.
ڪَرِج(88):ڪَج.
ڪَرڙي(ڪرڙيون 295):تکي – تيز.
ڪَرڪَ(163):وارِي.
ڪَرَن(34):ڪَنِ.
ڪَرهه(426):جهيڙو.
ڪُڙم (68):ڪٽنب-قبيلو.
ڪُڪرا(397):ڀور ڀور-ذرا ذرا.
ڪَلَپُ(476): ڪَلفُ-پيٖڻُ.
ڪَلُور(272):ظلم-انڌير.
ڪُليٖرا(475): سٺي خاندان وارا.
ڪِمام(135): ڪم ڪار –مونجهارو.
ڪَنان(367):کان.
ڪَنٺارَ(140): ڪپر-ڪنڌي.
ڪَنجَڪَ (ڪنجڪون 147):پلئه، رڪيب.
ڪَڻِ(444):وٽ.
ڪَڻمِ(44):مونکي.
ڪُوارَ (264):گِلا.
ڪوٿَرو(ڪوٿرا 387):ڳوٿرو-بُجڪو.
ڪوڏ (407):خوشي.
ڪوڏاءِ (471):خوشيءَ مان.
ڪول(87):ڏانهن-وٽ، قريب، ويجهو.
ڪُوهَڙُ.(213):ڍنگهرن جو مچ.
ڪُهَڙُ(92):مچ.
ڪَهَڻ (ڪَهِي 8):ڪاهڻ-پنڌ ڪرڻ.
ڪهڻُ(ڪَهن 2): چون.
ڪِئان (430)ۡڪٿان).
ڪِيرُ(107):ڪِلُ-ڪِلو.
ڪِيرت (172):ساراهه. ذِڪر.
ڪيٖرن(173):ساراهه، ذِڪر.
ڪيٖرَڻُ (ڪيرَ 291)؛ڪيرائڻ.
ڪَيڪان (397):گهوڙو.
ڪيٖڻس(412):کيس-ڪَڻِس.
ڪڻِن(414):ڪڻِن- کين.
ڪيهيءَ (461):ڪهڙيءَ.
ڪيءَ(280):ڪيئن.
ک
کاماڻو(485):کاميو-ٻريو.
کاندِ(11):صبر.
لانگهَرِيُون (478):کنگهڪارون.
کَٿُ ٿِيڻ (466):دل ڪچي ٿيڻ، بدهاضمي ٿيڻ.
کِجڻ (کجندي 163):ٽهڪڻ، لُڇڻ، ڦٿڪڻ.
کڏهَر(396):کڏ-کامون.
کِرُ(418):فريب.
کِسَڻُ(396):ترڪڻ.
کِمان(11):صبر.
کَنڌِي(89):بَندِي-وَهِي.
کورا کائڻ (کورا کِيان
406):اُڌماکائڻ، اندر ۾ سڙڻ
کِههَ(471):مِٽي.
کُههُ پوڻ(کُهه پيا 282):ٻَنَ پوڻ.
کَهَڻُ (کهڻا 39):کؤنسڻ.
کُهيَل (کهين 100):ٿڪل –ڪمزور.
کيٖجِرو(424):خسارو، کٽراڳ.
کيٖرو(146):بي حِس.
کِيرُون(323):مبارڪون.
کِينِ(465):کائين.
پيج 506 ۽ 507 کُٽل آهي.
نِبار(65):خالص-نج.
نِبتر (226):ابتر-بدڪار.
نِٻَرُ (228):بي پهچ-هيڻو.
نُجهُرو(نِجهرن 410):جهوپو-ڀونگو.
نِڌان(10):دنگ-ڇيهه
نِرتِ (5):نَظر – نِگاهه.
نُرڪِي (115):اڏ-ڪَسي.
نِروال(433):نروار – ظاهر.
نِسائِڻ (نِساءِ 212):سُسائڻ: گهٽائڻ.
نِسَتُ(10): ڪمزور-نِٻل.
نِسنگ(339):اڪيلو.
نِڪَڻي (9):فقط- رڳو.
نِڱَڻُ (نِڱئو 164):نڪرڻ- ظاهر ٿيڻ.
نِنڊاهِي(447): ننڊاکڙي.
نُولُ(412):ڀاڙو، محصول.
نوڻ (نوڻيون 479):هيٺاهين جاءِ-جهِم.
نِهالُ(307):خوش.
نيٖ(28):وٺ-ڪڍ
نينَ(82):نيڻ – اکيون.
نيٖههَ(94):ڳاهه وقت کوڙيل مُني.
و
واڌائيِ (62):مبارڪ – خوشخبري.
واڍوڙيل (399):زخمي – گهايل.
واڪڻ(واڪيندا 424):تکو هلڻ.
واڪڙا(459): واڪا –دانهون.
وانار(478):باندر.
واهُڙ(315):وهڪرو، واهه.
واياڻِي(248):واڃاڻي-هندو عورت.
وِتَرِي (15):گهڻي.
وِٿ(58):وڇوٽي – مفاصلو.
وٽا (440):وياج، نفعا.
وِجهلڻ(وِجهلندي 165):اندر ۾ ڳرڻ- جهِڄڻ.
وَڏاندر(328):گهڻا. اُچا.
وَر(400):بهتر، وڌيڪ.
وَرَ ڪرڻ(ور ڪري 249): واهر ڪرڻ.مدد ڪرڻ.
وَرِتيُون وڃڻ (ورتيون وڃج 108):وٺيو وڃڻ، پاڻ سان
گڏ نيڻ.
وَرکُ (485): وڻ، ٻوٽو.
وِرکڙا(478):وڻ. ٻوٽا.
وَرن(485):رنگ.
وَرنائڻ (ورنائيو 227):اونائڻ – ٻڌڻ.
وَرنَهه (458):بهادر، سورهيه.
وِرونهه(22):پچار-وندر.
وَڙولڻ (وڙولي 265):ڳولهڻ-وؤڙڻ.
وِسَتو.(229):دير سان.
وِسوڻو(وسوڻا 193):وسوڙيل – ويچارا.
وَسين(478)؛بستي يا ڳوٺڙو.
وِڪر(396):جنجال-کٽراڳ.
وَلَ ڇَل (111): مڪر فريب، اٽڪلون.
وَلَل(403):بَڪ-جهڳِي.
ولِهو(وِلهن 28):مسڪين-سکڻو.
وِلهِي(9):بيواهي، سُڃِي.
وَنءُ (101)؛وڃ.
وَنِي (وَنِيءَ 389):ڪُنوار.
وَنِيُون(ونِين 399):پنبڻيون.
وَڻت (456):وڻج واپار.
وَڻجَڻُ (وَڻجئا 438):خريد ڪرڻ.
وؤڙ(479):ڳولا.
وَهه(317):وهڪ-موج.
وَهارَ(15):واهر-مدد.
وهسڻ(وهسان 405):خوش ٿيڻ.
وَهلو(38):جلدي.
وَهلُور (292):بيزار – خفَي.
وِئوءِ (384):توکان ويو.
وِياءُ (433):اولاد.
ويٺهِن(481):ويٖٺي.
ويرٖا ويٖر(393):جيئن پوءِ تيئن.
وِيرَ وَتارَ (478):سائين – سردار.
ويسرو (ويسر 383):سست ڪاهل.
ويلههَ(108):ٻاجهه – مهرباني.
وينگس(114): سهڻي عورت.
هه
هاتِڪُ(313):حاذق-هوشيار.
هاٿيو (474):هاٿي.
هاراسيٖ(421):حِرص.
هان (204):آهيان.
هاوي(39):دوزخ –باهه.
هَٿِيَرَ(396):هٿيار (تلوار)هڻندڙ.
هَڏَهون(408):هرگز. فقط.
هَرين(444):آهستي.
هِڪَ(264):محبت. سِڪَ.
هڳاءُ (475):هُل-هنگامون.
هُلو(217):هُل. مشهوري.
هُلو پوڻ(هُلو پيو 54):هُل ٿيڻ. مشهور ٿيڻ.
هِن(279):آهن.
هَنبار (216):انبار – ڍير – کوڙي.
هَنيو(36): پِٽيل.
هَڻي وڃڻ(هڻي ويا 11): کڻي وڃڻ.
هَوَ (485):ذرڙو.
هورو(443):ڳڻتي-فڪر.
هوري (هوريءَ 138):ڳڻتي.
هُوڪَ(294):مشهوري.
هُونگَ(385):هُل. آواز.
هُهِين(403): اجايو. خواهه مخواهه.
هِئا(473):هِتان.
هيٖر(257):هينئر، هاڻي.
هيڪاند(11):گڏجاڻي. ملاقات.
هيٖڪ جِهو(432):هڪجهڙو.
هيڪڙو(هيڪڙي 1):هڪڙو.
هيڪلي(269):اڪيلي.
هيٖهي(480 |