57- جهرڪيءَ جا ٻچا*
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي دائي ۽ سندس مڙس دايو رهندا هئا.
هڪڙي ڏينهن سندن گهر ۾ هڪڙي جهرڪيءَ اچي پنهنجو
آکيرو جوڙيو. جهرڪي ويچاريءَ جو نر مري ويو هو ۽
کيس چار ٻچڙا هئا، جنهنڪري کيس سارو ڏينهن ٻچن جي
قوت لاءِ پورهيو ڪرڻو پوندو هو. هن کي چار ٻچا
هئا، جن جا نالا ارادين، پارادين، سردين ۽ ملو
موسڙو هئا. ٻچا ڪجهه وڏا ٿيا ته هڪڙي ڏينهن، ڪنهن
ڀر پاسي واريءَ ٻني ۾ لابارو هو، جنهنڪري جهرڪي به
لاباري ڪرڻ لاءِ اوڏانهن رواني ٿي ويئي. وڃڻ وقت
دائي ۽ دائيءَ کي پنهنجن ٻچن جي پارت ڪري ويئي، ۽
ٻچن جي چوڳي لاءِ داڻو ڪڻو به آکيري ۾ ڇڏي ويئي.
جهرڪيءَ جي رواني ٿيڻ کان پوءِ، دائي ڇا ڪيو جو هڪ
هڪ ڪري، جهرڪيءَ جا چارئي ٻچا ڪـُـهي ڇڏيا. شام جو
جڏهن جهرڪي لاباري تان موٽي آئي، ۽ جان آکيري ۾
ڏسي ته مار! هڪ به ٻچو ڪونهي، تڏهن ويچاري وٺي
دانهون ڪرڻ ۽ پر کوهڻ لڳي. آخر جڏهن سامت ۾ آئي.
تڏهن خيال ڪيائين ته گهر ڌڻين کان ته پڇان، جن کي
وڃڻ وقت ٻچن جي پارت ڪري ويئي هيس. ان مهل دايو
ويٺو هو، تنهن کان پڇڻ لڳي ته:
ادا ڙي دايــــا! منهنجو اَراديـــــــن
گهوڙي
منهنجو پارا دين وڏڙو، سڪ سرادين جي
الا، منهنجو مـُــــــلــــو موســــــــڙو ڪاٿي؟
دائي ورندي ڏنيس ته:مائي، مون کي ته تنهنجن ٻچن جي
ڪابه خبر ڪانهي. اهو جواب ٻڌي، جهرڪي ويچاري وري
ويئي دائيءَ وٽ، ۽ ان کان به ساڳيءَ ريت روئي پڇڻ
لڳي ته:
ادي ڙي دائـــــي! منهنجو آرادين گهوڙي
منهنجو پارادين وڏڙو، سڪ سرادين جي
الا، منهنجو مـُـلـــو مـــــــوســــــڙو ڪاٿي؟
دائيءَ به هن کي ساڳيو مڙس وارو جواب ڏنوته: ڀيڻ،
مون کي ڪابه خبر ڪانهي. آخر ويچاري مايوس ٿي، وري
موٽي دائي وٽ آئي ۽ ان کي ليلائي چيائين ته: ادا
ڙي دايا! سچ ڳالهاءِ منهنجا ٻچڙا ڪاٿي؟ تڏهن دائي
جواب ڏنس ته:
جهرڪي ڙي جهرڪي، تنهنجو آرادين ڪاتـِـي
تنهنجو پارادين ڪاتي، تنهنجو سرادين ڪاتي
باقي مـُــــلــو مـــــوســــڙو،
ســـــو بــــــه ڪــــــاتي.
جهرڪي ويچاريءَ جڏهن ٻچن جي ڪسجڻ جو احوال ٻڌو،
تڏهن ڏک ۾ اتي جو اتي دم ڏنائين.
vvv
vv
v
58- ڊينبو ۽ ڊينبي*
ڊينبو ۽ ڊينبي ٻه ڀاءُ ڀيڻ هئا. هڪڙي ڏينهن هي ٻئي
ننڍڙا ڀاءَ ڀيڻ ناناڻن وڃڻ لاءِ سنڀريا. ناناڻن جو
ڳوٺ، سندن ڳوٺ کان ڪجهه پرڀرو هو، سو هي ويچارا
سويرو ئي اُٿي پنڌ پيا. ڳچ جيترو پنڌ ته ڪري ويا،
پر پوءِ ٿڪجي پيا، سو هڪڙي هنڌ، وڻ جي ڇانو ۾ ويهي
ساهي کنيائون. ساهي کڻي وري اُٿي پنڌ پيا، پر ڪجهه
پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ته ويچارڙا بنهه ٿڪجي چـُـور ٿي
پيا. اتي ڍينبيءَ پنهنجي ڀاءُ ڊينبي کي چيو ته:
ادا، هاڻي ٿورو پنڌ تون مون کي پٺتيءَ تي چاڙهي،
کڻي هل، پوءِ وري آءٌ توکي پٺيءَ تي چاڙهينديس،
اهڙيءَ طرح واري تي هڪٻئي جي پٺيءَ تي چڙهي،
سولائيءَ سان هلي ناناڻين پهچنداسون. تڏهن ڊينبي
چيس ته: پهرين تون مون کي پنهنجي پٺيءَ تي کڻ،
پوءِ وري آءٌ توکي کڻندس! جيئين ته ڊينبيءَ کي
پنهنجي مٺڙي ڀاءُ ڊينبي سان تمام گهڻي محبت هوندي
هئي، تنهنڪري هن انڪار نه ڪيو، ۽ ڀاءُ کي پٺن تي
چاڙهي آهستي آهستي هلڻ لڳي. ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان
پوءِ، جڏهن هوءَ ٿڪجي پئي، تڏهن ڊينبي کي پٺيءَ
تان هيٺ لاٿائين ۽ چيائينس ته: ادا، هاڻي وري ٿورو
مون کي پٺيءَ تي چاڙهي هل. پر ڊينبي صفا جواب ڏيئي
ڇڏيس، ۽ چيائينس ته: آءٌ ڪونه چاڙهيندوسانءِ پٺيءَ
تي- هلڻو اٿئي ته ماٺ ڪري مون سان گڏجي پنڌ هل.
هڪڙو ناناڻن جي سڪ، ٻيو ڀاءُ جي محبت، سو ويچاري
ڊينبيءَ کي ڀاءُ جي ڳالهين جو ڪوبه ارمان ڪونه
ٿيو، ۽ هوءَ کلندي ڪڏندي ڀاءُ سان گڏ هلڻ لڳي.
ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، ڊينبي وري ڀيڻ کي چيو ته:
ادي، آءٌ ته هاڻي بنهه نٿو هلي سگهان. مون کي ٿورو
پنڌ پنهنجي پٺيءَ تي چاڙهي هل، نه ته آءٌ اتي ئي
ٿو ويهي رهان، ويچاري ڊينبي پاڻ ڏاڍو ٿڪجي پيئي
هئي، پر پنهنجي ڀاءُ سان انڪار نه ڪيائين، ۽ کيس
پٺيءَ تي چاڙهي، آهستي آهستي هلڻ لڳي. اڃان ٻه ٽي
وکون مس هلي، ته اتفاق سان هڪڙي وڏي ڀـِـتـَـر تان
ٿاٻو کائي وڃي ڪـِـري. ٿاٻي کائڻ سان سندس
پـُـٺيءَ تي چڙهيل ڊينبو به مٿان ٿي وڃي جو پاسي
واريءَ کڏ ۾ ڪـِـريو ته ويچارو ڦـِـسي پيو ۽ اتي
ئي مري ويو.
ڀاءُ جي مرڻ جو ويچاريءَ ڊينبيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو،
۽ هوءَ اتي ويهي زاروزار روئڻ لڳي. هيڏانهن
هوڏانهن نهاريائين، پر کيس ڪوبه ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪونه
آيو. پوءِ ته هيءَ ويچاري پنهنجي پياري ڀائڙي لاءِ
روئندي رڙندي وري ساڳي واٽ وٺي پوئتي ڳوٺ ڏانهن
رواني ٿي، ۽ سڄي واٽ پنهنجي ڀاءُ ڊينبي کي ياد
ڪندي، روئندي ويئي ته:
جــــــــــو ڊينــــبو، جــــو ڊينبو واٽــــڙيءَ
ڦـِـٿـو،
جـــا واٽ، جـا واٽ، ڇــــٻــر
ڇـــــــانــئــي،
جـــــا ڇـٻــر، جــا ڇٻر، گهــوڙا
کــــــائــيـن،
جي گهــوڙا، جي گـهـوڙا،لـِــــڏڙي لاهيـــن،
جـــا لـِـــڏ، جـــا لـِـــڏ، ڪنــــڀرڙا
چــــونــــڊيــــن،
جـي ڪنڀر، جـي ڪنڀر، ڪـُــنڙا گهڙيــــن،
جـي ڪنڙا، جي ڪـــنڙا، ٻــايـَـــڙيـون وٺــن،
جي ٻــــــايڙيون، جي ٻايڙيون، رٻڙي رڌين،
جـــــــــــا رٻ، جـــــــــا رٻ،
ٻـــــــــارڙا پــــــيـــــن،
جـي ٻـــارڙا، جي ٻــارڙا، ڪنگوئڙا آڻيــن،
جـي ڪــنگو، جــي ڪنـگو، لئيءَ ۾ لـُـڏن،
جــــــــــــا لئي، جــــــالئي، پـــاڻيءَ ۾
ٻـــــوڙي،
جــــــو پــــــــاڻي جـــــو پاڻي،
ڏيـــڏر جـُـوٺو،
جـــــو ڏيــڏر، جــو ڏيـڏر، ڪـاتـــيءَ
ڪـُـٺو،
جــا ڪــــاتي، جا ڪاتي، ڀونءَ، ۾ کـُـتي،
جـــــــا ڀـُـون، جـــا ڀـُـون، هــــــرڙا
کيـــڙيــن،
جي هــــــر، جــــي هـــــــر، واڍڙا
گـــهــــڙيــن،
جــــي واڍا، جــــي واڍا، وڻــــــــڙا
وڍيــــــن،
جــي وڻ، جــــي وڻ، مـِـينهنَ ۾ مـورن،
جـــــي
مينهن، جي مينهن، مند تي وســن،
جـــــــــا مـُـــــــــنــــد، جــــــا
مـُـند، واه جا وڻي!
ڙي واه جـــــا
وڻــــي!
vvv
vv
v
59-ڦـِـدي ۽ ڦدو*
ڦـِـدي ۽ ڦدو پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ هئا. هڪڙي ڏينهن ڦدي
کي کنيو کـُـٽيءَ، سو ويو پرائي پوک گهمڻ، جنهن ۾
سيهڙ تمام گهڻو ايندا ويندا هئا. ڦدي روز ڀاءُ کي
جهليندي هئي. ته ادا، انهيءَ پوک ڏانهن نه ويندو
ڪر، پر ڦدو مڙيو ئي نه. هڪڙي ڏينهن ڀيڻ کي ننڊ ۾
ستل ڏسي، گهر مان نڪري هليو ويو. اڃان جيئن ئي ڦدو
پوک وٽ پهتو، تيئن هارين کڻي قابو ڪيس. هنن کي
خاطري ٿي ته هيءُ روزانو ٻنيءَ ۾ اچي پوک کائي
ويندو آهي، تن ٻڌي سوگهو ڪري کڻي وڃي ڳوٺ جي وڏيري
وٽ هٿيڪو ڪيس.
ڦديءَ کي جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي ٻڌجڻ جي خبر ملي
تڏهن ڇا ڪيائين، جو اڪ جي پنن جو ”گڙ گاٽ“ (گاڏڙو)
بڻائي، ان ۾ ٻه ڪـُـئا کڻي جوٽيائين ۽ پاڻ ان تي
چڙهي، ڀاءُ کي ڇڏائڻ لاءِ اُٿي پنڌ پئي.
رستي ۾ هلندي هلندي هن کي هڪڙو ڪڪڙ مليو. ڦديءَ کي
ڪڪڙ ڏسي چيو ته: مائي ڦدي! ڪيڏانهن سنبت ڪئي اٿئي؟
ڦديءَ جواب ڏنس ته:
اڪين دا گڙ گاٽ بڻايم، ڏون ســدوري جـُـتـي،
مين ويندي پئي هان ”خان ڦدي“ ، ڪون ڇڙاوڻ،
تون
ڀي چڙهه ٻهه اتي.
ڪڪڙ اهو جواب ٻڌي، ڦديءَ سان گڏجي گڙ گاٽ تي ويٺو.
هڪليندا اچن، هڪليندا اچن ته واٽ تي گدڙ ملين،
جنهن ڦديءَ کان پڇيو ته: مائي ڦدي، ڪيڏانهن ٿي
وڃين؟ ڦديءَ جواب ڏنس ته:
اڪين دا گڙ گاٽ بڻايم، ڏون ســدوري جـُـتـي،
مين ويندي پئي هان ”خان ڦدي“ ، ڪون ڇڙاوڻ،
تون
ڀي چڙهه ٻهه اتي.
گدڙ به ٽپ ڏيئي، ڦدي سان گڏجي گڙ گاٽ تي چڙهي
ويٺو.
اڃان اڳڀرو هليا ته هڪ نهر (بهگڙ) ملين. نهر هنن
کي ڏسي، ڦديءَ کان پڇيو ته: مائي ڦدي! ڪيڏانهن،
ڪاوڙ ڪئي اٿئي؟ ڦديءَ جواب ڏنس ته:
اڪين دا گڙ گاٽ بڻايم، ڏون ســدوري جـُـتـي،
مين ويندي پئي هان ”خان ڦدي“ ، ڪون ڇڙاوڻ،
تون
ڀي چڙهه ٻهه اتي.
نهر به هڪدم ٽپ ڏيئي، گاڏيءَ ۾ چڙهي ويٺو.
اڃان ٿورو اڳتي هليا ته وري شينهن ملين. ان به
ڦديءَ کان ساڳي ڳالهه پڇي ته: مائي ڦدي، ڪيڏانهن؟
هن کي به دستور موجب ساڳيو جواب ڏيئي گاڏي تي
چاڙهي ويهاريائين.
ڳچ پنڌ ڪيائون ته سامهون درياءَ وهندو نظر آين.
جڏهن درياءَ تي پهتا، تڏهن درياءَ به پڇيس ته:
مائي ڦدي،ڪيڏانهن تياري ڪئي اٿئي؟ ڦديءَ ساڳيو
جواب ڏنس، جو ٻڌي درياءَ به سٽ ڏيئي گاڏڙيءَ تي
چڙهي ويٺو.
نيٺ سڀئي صحيح سلامت وڃي وڏيري جي ڪوٽ وٽ پهتا،
جتي ڦدو قيد هو. ڦديءَ وڏيري ڏانهن ماڻهو اماڻيو،
۽ چوائي موڪليائين ته: وڏيرا، ڦدي کي آزادڪر، يا
مقابلو ڪر. ڦديءَ جو نياپو ٻڌي سمورو راڄ مهاڄڻ
اچي گڏ ٿيو. ڦدي چوي ته: منهنجو ڀاءُ بيگناهه آهي
ان کي ڇڏي ڏيو. وڏيرو چوي ته اسان هن کي سڳ سان
پڪڙيو آهي، سو اصل ڪونه ڇڏينداسون. نيٺ جنگ جي
تياري ٿي. پهريائين پهريائين ڪڪڙ جو وارو آيو.
جنهن سان شهر جي ڪڪڙن ويڙهه کاڌي پر گهڻن کان جند
ڇڏائي نه سگهيو ۽ ساڻو ٿي وڃي ڊٺو. تڏهن ڦديءَ
چيو:
ڪڪڙ پئون پٿاري، هـُـڻ گدڙ آئي تيڏي واري.
گدڙ ميدان ۾ آيو ته شهر جا گـُـلر چهٽس، پر گدڙ جو
رت کٽو، سو ڪو وات ئي نه پيو وجهيس. نيٺ وڏن ڪتن
هڻي ڊاهي وڌس. اتي ڦديءَ چيو ته:
گدڙ پئون پٿاري، هـُـڻ آئي نهر تيڏي واري.
نهر (بگهڙ) به ڪتن سان چڱي چٽ پٽ لاتي، پر هي
ويچارو هڪ، هوڏانهن شهر جو منهن، پڄي نه سگهيو ۽
هيسجي پيو. وري شينهن جو وارو آيو، ڦديءَ چيو ته:
نهر پئون پٿاري، هـُـڻ آئي شينهن تيڏي واري.
شينهن وٺي جو شهر جي ماڻهن تي سٽ ڪئي، سو ڪيترا
ماڻهو ماري وڌائين، پر نيٺ کيس ڀالن ۽ تيرن سان
ڪيرائي وڌائون. اتي ڦديءَ چيو ته:
شينهن پئون پٿاري، هـُـڻ آئي درياءَ تيڏي واري.
درياءَ جڏهن ڳوٺ پائڻ لڳو، تڏهن وڏيري توڙي ٻين
خدا جا واسطا وجهي ڦدي کي آزاد ڪيو ۽ معافي به
ورتي، ڦدي به پنهنجي ڀاءُ کي وٺي خوش ٿي موٽي آئي.
اُهو ڏينهن، هيءَ ڏينهن، وري ڪڏهن به ڦدو ائين ڀيڻ
جي چئي کان ٻاهر نه ويو.
vvv
vv
v
60- کير پير بادشاهه ۽ سـُئائون*
هڪڙي ڀيري ”کير پير“ بادشاهه، پنهنجي وزير کي حڪم
ڏنو ته: سڄي ٻيلي ۾ عام پڙهو گهماراءِ ته جمعي جي
ڏينهن،ٻن پهرن کان اڳي، اُهي سمورا جانور، جي کير
ڏين ٿا. اسان جي درٻار ۾ حاضر ٿين، جو سندن کير کي
ڏسنداسين. وزير حڪم جو بندو، يڪدم سڄي ٻيلي ۾ پڙهو
اچي ويو. سمورو مال حيران ٿي ويو ته آخر کير پير
بادشاهه ڪهڙي ڳالهه ڪري اسان جو کير ٿو تپاسي.
سڀڪو پيو چئي ته، منهنجو کير سٺو. جيترا وات
اوتريون ڳالهيون، نيٺ ڳالهيون ڪندي ڏينهن کـُـٽا،
۽ جمعي جو ڏينهن به اچي سهڙيو.
سمورن جانورن مان پهرين مينهن ڀٽاري، کير پير
بادشاهه جي درٻار ڏانهن وڃڻ جو سعيو ڪيو. اَسر جو
اُٿي، گاهه پـَـٺو چري، ڍؤ ڪري، درٻار ڏانهن رواني
ٿي ۽ اتي پهتي ته اڃان ڪوبه ٻيو جانور ڪونه پهتو
هو. خود کير پير بادشاهه به اڃان درٻار ۾ ڪونه آيو
هو. هن ڇا ڪيو جو ڪنڌ نمائي، نهٺائيءَ سان هڪڙي
پاسي بيهي رهي، سج ڪـَـني ڪڍي ته کير پير بادشاهه
پنهنجي امير وزيرن سميت اچي درٻار ۾ پهتو. جڏهن
سندس اک مينهن تي پئي، تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس
کيڪاري چيائين ته: مائي مينهن، مون کي ڏاڍي خوشي
ٿي آهي، جو تون سڀني کان پهرين هتي آئي آهين، هاڻي
آءٌ توکي دعا ٿو ڪريان ۽ هي خاصيتون تنهنجي کير ۾
شامل ٿو ڪريان: پهريون ته تنهنجو کير سدائين سڻڀو
رهندو، ٻيو ته تنهنجي کير ۾ طاقت جون وٿون
هونديون، ٽيون ته تنهنجي کير ۾ خوشبوءِ هوندي، جا
پوءِ آهستي آهستي ختم ٿي ويندي، ۽ آخر فنا جو
ڏينهن اچي ويندو. چوٿين هيءَ ته جيئن ته تون مڙني
جانورن کان اول آئي آهين، تنهنڪري تنهنجو کير به
سڀني کان سٺو رهندو. آخر توکي اها به خاصيت ڏجي
ٿي، ته تنهنجو کير مڙني جانورن کان سٺو ڄمندو،
جنهن مان مکڻ ۽ ڏڌ ٿيندو ۽ ماڻهو کائي خوش ٿيندا،
پوءِ کير پير بادشاهه پنهنجي وزير کي حڪم ڏنو ته:
مائي مينهن کي وڃي هـُـڙيءَ ۾ ڇڏي اچ. وزير يڪدم
مينهن کي وٺي، اُتي ڇڏي آيو.
هوڏانهن ٻيلي ۾ جڏهن سج ڪجهه مٿي چڙهيو، تڏهن سڀئي
جانور اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ هڪٻئي سان صلاحون ڪرڻ
لڳا ته کير پير بادشاهه وٽ ڪيئن هلجي. ڪو ڪهڙي
ڳالهه چئي ڪو ڪهڙي ڳالهه، پر فيصلو ڪوبه ٿي نه
سگهيو. جانورن جي اها حالت ڏسي ڍڳيءَ خيال ڪيو ته
هي الاجي ڪهڙن خيالن ۾ آهن. تنهنڪري آءٌ وڃي
بادشاهه جي حاضري ڀري اچان. سو ماٺڙي ڪري اُتان
کسڪي رکيائين کڙين تي زور. جڏهن ڍڳي، کير پير
بادشاهه جي درٻار ۾ پهتي، تڏهن سج چڱو مٿي اچي چڪو
هو، پر تڏهن به کير پير بادشاهه سندس آجيان ڪئي، ۽
سندس کير ۾ هيٺيون خاصيتون شامل ڪيائين: پهرين ته
کير نه گهاٽو نه ڇڊو، پورو پنو هوندو، چڱو ولوڙجي
سگهندو. منجهس سڻڀ به موچارو هوندو. پوءِ وزير کي
حڪم ڏنائين ته هن کي به وڃي هڙيءَ ۾ ڇڏي اچ. وزير،
ڍڳيءَ کي به اُنهيءَ هڙيءَ ۾ ڇڏي آيو.
ٻيلي ۾ جانورن جا معاملا کـُـٽڻ جهڙا ئي ڪونه هئا.
اهو حال ڏسي رڍ خيال ڪيو ته هتان هلجي، هتي نڪا
مينهن آهي، نڪا ڍڳي ۽ نه ئي وري اُٺڻ، سي لاشڪ ته
اُتي پهچي ويون هونديون. ڇو نه آءٌ به هلي پنهنجا
ڪن ڳڻايان. اهو ويچاري، رڍ به اتان کسڪي. هلندي
اچي ته رستي ۾ اُٺڻ مليس، جنهن پئي ڄار کاڌي. اهو
ڏسي رڍ کيس چيو ته: ادي اُٺڻ! هل ته کير بادشاهه
وٽ هلون... اڄ انهيءَ جو سڏ آهي. اُٺڻ ورندي ڏنيس
ته: تون هل، آءٌ پاڻهي ٿي تو کان اڳي پهچان. پير
هـِـتي رکنديس، پير هـُـتي، ته به وڃي پهچنديس.
تون پنهنجي ڳڻتي ڪر. اها ڳالهه رڍ کي دل سان لڳي،
سو هن کان موڪلائي اڳتي رواني ٿي.
درٻار ۾ پهچي، ويچاري رڍ ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهي.
کير پير بادشاهه کي رڍ جو نياز ڏاڍو وڻيو، سو يڪدم
چيائينس ته: آءٌ توکان به مينهن جيترو خوش ٿيو
آهيان، ۽ تنهنجي کير ۾ به مينهن جهڙيون خاصيتون
هونديون،رڳو انهيءَ جيترو کير تو ۾ ڪونه ٿيندو، ۽
نه ئي تنهنجي کير مان گهڻو ڏڌ مکڻ نڪرندو. رڍ، کير
پير بادشاهه جو فيصلو اکين سان قبول ڪيو. بادشاهه
پوءِ وزير کي چيو ته: هن کي به وڃي ڪنهن هوڙيءَ ۾
ڇڏي اچ.
ٻيلي ۾ اوچتو ٻڪريءَ کي به پور پيو، سا به اُتان
کسڪي نڪتي ته رستي ۾ اُٺڻ ڄار کائيندي مليس.
ٻڪريءَ کيس هلڻ لاءِ چيو، پر هن اهو ئي جواب ڏنس
جيڪو رڍ کي ڏنو هئائين، ٻڪريءَ کي ڳالهه دل سان
لڳي، سا به اچي درٻار ڀيڙي ٿي.
ٻڪري جنهن مهل درٻار ۾ پهتي، تنهن مهل ذري گهٽ ٻه-
پهر اچي ٿيا هئا، پر کير پير بادشاهه کي مٿس رحم
اچي ويو، سو چيائين ته: تنهنجو کير هلڪڙو ۽ ٿورو
هوندو، کير مان مکڻ نه ٺهندو ۽ تنهنجي کير ۾ ڌپ
هوندي. هاڻي هتان وڃ ۽ مـُـنهن ۾ جيڪو وڻ ٻوٽو
ڏسين، اُن کي کائيندي وڃج، ٻڪري يڪدم سلام ڪري
اُٿي هلي، ۽ رستي ۾ جيڪو ٻوٽو مليس ٿي سا ٿي
کاڌائين.
جڏهن پورا ٻه- پهر ٿيا، تڏهن اُٺڻ به درٻار ڏانهن
هلي، هڪ پير هت، هڪ پير هـُـت، اچي درٻار ۾ ٺڪاءُ
ڪيائين. بادشاهه کي اُٺڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، چي: تو
لاغرضي ڪئي آهي، جنهن جي توکي اها سزا ٿي ڏجي ته
تنهنجو کير ڪڏهن به ڪونه ڄمندو. تنهنجو کير جيڪڏهن
ڍڳي، مينهن، ٻڪري ۽ رڍ جي ڀرسان رکبو ته انهن جو
کير به ڦـِـٽي ويندو. باقي تون آئي آهين، تنهنڪري
تنهنجو کير حلال ڪريان ٿو، جو آيو ويو واٽهڙو پيو
پيئندو، هاڻي وڃ، جيڪو لئي لاڻو ڏسين، سو وڃي
چـَـر. ائين چئي، کير پير بادشاهه درٻار مان اُٿيو
۽ محلات ڏانهن هليو ويو.
ٻن پهرن کان پوءِ، ٻيو ڪيترو ئي مال آيو، پر وزير
سڀني کي درٻار مان هڪالي ڪڍيو، جنهنڪري هنن جو کير
ڪنهن به ڪم جو نه رهيو.
vvv
vv
v
|