3. جلال کٽي ۽ جمن چارڻ جا بيت(1)
روايت آهي ته قلات جي والي مير عبدالله
خان جي وقت ۾ ڪڇي ۾ ڪنهن سنڌي ماڻهوءَ هڪڙي بروهڻ
بيوهه زال کان هڪڙو ٻڪر کسي ورتو. اها بيوهه
عبدالله خان وٽ فريادي آئي. عبدالله خان اُن عورت
کي ٻڪر جي بجاءِ ست ڌڻ ڏيڻا ڪيا، پر بروهڻ زال چيو
ته مان سنڌ ۾ وعدو ڪري آئي آهيان ته جيڪر عبدالله
خان جيئرو هوندو ته ست دفعا ڪڇو هڻائينديس. تنهن
تي عبدالله خان خاموش ٿي ويو. چند ڏينهن کان پوءِ
هڪڙي ڏينهن پنهنجي اُمرائن کي دربار ۾ جمع ڪري،
مشورو ورتائين ته هن بيوهه بروهڻ جو ٻڪر منهنجي
ڇاتيءَ تي ٿو ٽپي، اوهان جي ڇا صلاح آهي؟ بروهي
اميرن سندس راءِ تي اتفاق ڪيو ته بروهڻ جي زبان کي
پاڻي ڏجي. پوءِ عبدالله خان ڇهه دفعا سنڌ هڻي
آندي. سنڌ جا ڪلهوڙا حاڪم شڪست کائي عاجز ٿيا، نيٺ
شاهه بهارو نالي هڪ سيد جي ڪمان هيٺ ساري سنڌ جمع
ڪري، مقابلي جي واسطي موڪليائون. ڪلهوڙن جي انهيءَ
حملي جي وقت اڪثر بروهي لشڪر واپس جبل ڏانهن موٽي
ويل هو. ٿورن سوارن سان عبدالله خان ڪڇي ۾ رهيل
هو، جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر حملو ڪري،
عبدالله خان کي سندس همراهن سميت قتل ڪيو. سنڌ جو
لشڪر بي حساب هو، تنهن ڪري هي ٿورڙا ماڻهو وچ لشڪر
۾ لوڻ پاڻيءَ وانگر ٿي ويا. عبدالله خان جي لاش جو
ڪو پتو نه پيو، تنهن ڪري سنڌ جي لشڪر تي تشويش ۽
هراس باقي رهيو. چون ٿا ته ڪنهن خدا رسيده فقير
درويش جي عبدالله خان کي دعا هئي ته تنهنجي مرڻ
کان بعد به ٻارهن مهينا دشمنن تان خوف نه ويندو.
هيءَ ڳالهه به چوڻ ۾ اچي ٿي ته عبدالله خان ڀوائتي
شڪل جو هو. سندس سڀني عضون تي وڏا وار هئا، تنهن
ڪري سڄي بدن جي وارن ۾ سچا موتي ڳــُـتائي ڇڏيا
هئائين. ڀانئجي ٿو ته وچ لشڪر ۾ قتل ٿيڻ تي سندس
سڀ عضوا موتين جي لالـچ ڪري، سپاهي وڍي کڻي ويا،
تنهن ڪري سندس لاش هٿ نه آيو ۽ هڪڙو سال دشمن
هراسان رهيا، ڇاڪاڻ ته سڀڪو حيران رهيو ۽ پڪ نه
پئي ٿئي ته عبدالله خان شهيد ٿي ويو يا ڀڄي ٻئي
ڪنهن پاسي هليو ويو. جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه تي ان
وقت وڏن شاعرن جمن چارڻ ۽ جلال کٽي جو پاڻ ۾
مناظرو ٿيو.
جلال کٽي چيو ته عبدالله خان جنگ جي ميدان
مان ڀڄي ٻئي پاسي نڪري ويو، پر جمن چارڻ جواب ڏنو
ته عبدالله خان جهڙي سورهيه لاءِ جنگ جي پڙ کان
پٺيرو ٿيڻ ناممڪن آهي. مختلف سگهڙن کان مليل اُهي
بيت هن بعد شامل آهن.
جلال کٽيءَ جو سوال جمن چارڻ کي:
مير ويهي ميدان ۾، ڍاريائين ڍارو
جيئن ڍاريائين تيئن نه ڍريو، پيو پئون پاسارو
بازي بهارو، شاهه کٽي ويو شير کئون.
---
مير ويهي ميدان ۾، چئوپڙ چٽائي
کيليا خان کٽي چوي، ڪي ٻارهن ٻولائي
جيئن ڍاريائين تيئن نه ڍريو، ويو کـُـڻ کٽائي
بازي بتلائي، شاهه کٽي ويو شير کئون.
---
ڪـَـرتي ناهه قلات ۾، نه سو ميريءَ ۾ مير
ڦيٽ نه سٺائين فوج جي، جيڪس ديمين ڪيو دلگير
ڪين ڦـِـري ٿيو فقير، يا ويو دانهين دليءَ تي.
جمن چارڻ جو جواب:
نڪي ويو دانهين دليءَ تي، نڪي اُڏاڻو آڪاس
لڳي جنگ جمن چوي، ڍريو مورڇل مٿاس
دادو دُدَستيون ڪري، هئو بختيارو ڀاڻاس
اهدي الهداد سين، جڏهن اچي جوان جـُـتاس(1)
مـُـنهن گهنڊي، چپ وات ۾، هٿيارن هٿاس
ڪلنگي جا ڪپار جي، سا جنوهر ساڻ جڙياس
موزا جي پيرن جا، مهرن ساڻ مڙهياس
سمند سوني ساز سين، هزارڻ هياس
جهنڊا جهلندا آئيا، علم طوق اڳياس
ڪنڌ ڪرنگر ڪپراٽي، ڪـِـرماڻين ڪٽياس
ڪپ ڪاتيون، ڪٽاريون، رم رم منجهه رتياس
”بـِـزن بـِـزن“ ڪيو بهادرين، اهو آلاپ اُتاس
ڳجهڙين ڳـُـتاس، سهرا سفيديون ڪري.
---
مير ميريءَ کون چڙيو، جڏهن بروهي ڀڙڪي
خاشي خلوت خان سان، تنبو ۽ تـُـرڪي
وڏ ڦڙو واڪا ڪري، سهسين وانگر سرڪي
جوانن سندي جان تان، رُڪ ڏني رڙڪي
آيا ڌوڌو ڪار ۾، تڏهن لهڙو پيا لڙڪي
جڏهن مير ماريو مرڪي، تڏهن لٿو ڪوچ قلات تان.
---
جيئن پهون ڀيلين پٽ کي، ٿرن جيئن ٿيلي(2)
تيئن آيا مير عبدالله خان کي، رؤ وانگر ريلي
سارنگ سـِـرائين جا، مٿس ويا ميلي
تن پڙ ُ هڻي ڪيو پڌرو، زخمن سين زيلي
ڀيلاڙَن ڀيلي، لاٿس تؤ ترار سين.
---
اولهه سج اوڀر ٿئي، اوڀر ٿئي اولهه
بکيو شينهن گاهه چري، لهي هيٺ هـُـماءُ
وڄ ڪڙڪو ڪري، جڏهن وڃي تحت الثراءَ
تڏهن مير عبدالله، پڙَ کئون پٺيرو ٿئي.
---
گنگا جمنا اُلٽي وهي، نديءَ وهي نه نير
ڪـُـٺي رَتُ نه ڏئي، ڏُڌي نه ڏئي کير
دان ُ ڌرتيائي نه ڪري، ستي ڀڃي سير(1)
تڏهن عبدالله خان امير، پڙ کئون پٺيرو ٿئي.
---
گنگا جمنا اُلٽي وهي، چل چلي آسمان
قطب تارو اُڀ مان جڏهن ٿـِـڙڪي ڇڏي ٿان
ٻڍو ٻالڪ ٿئي، نئين جوڀن جوان
تڏهن مير عبدالله خان، پـِـڙ کئون پٺيرو ٿئي.
---
2. جنگو خان جمالي ۽ بـُـلي بڊاڻيءَ جي جنگ
ڪاڇي جي کوسن جو هڪ پاڙو بڊاڻي، جنهن ۾
بـُـلو بڊاڻي ساماڻو، جو لوڙهيون هڻندو هو. ٻه
شاهاڻي ماريائين، جن جون مايون جنگو خان جمالي وٽ
دانهين ويون. جنگو خان کوسن ۽ جمالين جو لشڪر وٺي،
اوچتو بـُـلي بڊاڻي تي حملو ڪيو. بـُـلو بڊاڻي،
سندس ڀائر ۽ دوست سائينداد نوحاڻي لشڪر سان مقابلو
ڪندي مارجي ويا.
انهيءَ واقعي تي ڇهه روايتون شامل ڪيون
ويون آهن، جن مان ٽي روايتون نثر ۾ ۽ ٽي روايتون
بيتن ۾ آهن. انهن روايتن جا راوي لس ٻيلي ڪوهستان
۽ ساڪري جا مشهور سگهڙ (محمد امين ڀوتاڻي، حاميد
خان رند ۽ کيئا خان) ۽ جوهيءَ جو داناءُ سگهڙ نبي
بخش لـُـنڊ آهن.
روايت
بـُـلو ۽ علي خان، ٻئي پٽ عرضي جا هئا.
بـُـلو وڏو بهادر شخص هو. بـُـلي هڪڙي جهيڙي ۾
راڌو ۽ روات خان ٻه شاهاڻي ماريا. اُنهن جون مايون
ويون جنگو خان جماليءَ وٽ ته اسان کي وير وٺي ڏي.
جنگو خان هائوڪار ڪئي. جڏهن بـُـلي اها خبر ٻڌي،
تڏهن چيائين ته: جـَـنگو، شاهاڻين لاءِ چيلهه
ٻـَـڌي آهي، ۽ بيت چوائي موڪليائين ته:
آ جـَـنگو جنگ تي، مان پهرو پـِـيراڻو ڏيانءِ
تـُـرڪن ۽ ترارين جا، توکي چکايان ساءِ
انهيءَ تڙ مٿاءِ، ساٿ نه نيندين سنرو.
تنهن تي جـَـنگـُـو جواب موڪليو ته:
بـُـلا! ساٿ به نيندو سانءِ سـَـنـَـرو، انهيءَ تڙ
مٿان تاري
منهنجو سـِـرُ صدقو لڄن تئون، آيون پيهي اوتاري
هاڻي مهائون ماري، وٺندو سانءِ رت راڌي راوت خان
جو.
پوءِ جنگو لشڪر گڏ ڪري، بـُـلي تي
چڙهائيءَ جي تياري شروع ڪئي، جمالي ۽ بروهي وغيره
گڏ ڪري لشڪر ٺاهيائين. ڪـَـنبـِـيرو لـُـنڊ به
انهن ۾ شامل هو. حملي واري رات جڏهن سـَـجيون
پچايائون، تڏهن جنگو چيو ته: هڪڙو ڀاڱو وڌيڪ
ٺاهجو، جو جيڪو بلي سان انگ ۾ مٽ ٿئي، سو پنهنجي
پتي ۽ اُهو حصو کائي. جمالين ۽ بروهين اُهو حصو نه
کاڌو، باقي لـُـنڊ اهو حصو کائي ويو. ٻئي ڏينهن
جنگو لشڪر سميت، بـُـلي کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪاهي
اچي مٿس ڪڙڪيو، پر پنهنجي لشڪر کي چيائين ته:
بـُـلي وٽس لشڪر ڪونهي،ان ڪري بندوقون نه هڻجئو،
باقي ترارين سان جنگ ڪجئو. ڪـَـنبـِـيرو لـُـنڊ،
جنهن بـُـلي سان مـَـٽ ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، سو
بـُـلي سان سامهون ٿيو.
آيو لـُـنڊ لـُـرڙيون ڪندو، جنهن کـِـنوڻ
کـِـنوائي
بيهڻ بـُـلي نه ڏنس، ويس کني سان کائي
سرسي سائينداد ڪئي، جنهن ڪـُـنڍي ڪڙڪائي.
سائينداد نوحاڻي، بـُـلي جو دوست هو.
لـُـنڊ کي هڪ ڌڪ بـُـلي هنيو، وري جو ٻيو ڌڪ
سائينداد هنيس ته لنڊ چار ٽڪر ٿي پيو، انهي تي
جـَـنگوُ جي ماڻهن کيس چيو ته: هاڻي پڄڻ ڀيڻي
ڪانهي، تنهنڪري جي چوين ته بندوقون هڻون، باقي
ترار جي جاءِ ڪانهي. تڏهن جـَـنگوُ چين ته: انهيءَ
۾ ناموس ڪانه ٿيندوَ، ڇو ته هو مڙس آهن ئي فقط ٽي.
اهي ٽي ڄڻا هئا: قـُـّلو، سندس ڀاءُ علي خان ۽ ٽيو
هو بـُـلي جو دوست سائينداد نوحاڻي.
جمالي هر وقت پيا ڪوشش ڪندا هئا ته ڪنهن
نموني سان بـُـلي خان جون مينهون هڻون، ڇو ته گهڻو
ڪري مينهون سڃيون پيون چرنديون هيون.
جمالين سندي راڄ ۾ ڪا جا چورپچور
آيا ڄاڃي ڄام بـُـلي جا، سـُـڃا ڇڏ مَ ڍور
مينهون چـَـرن مور، مانجهي مير بـُـلي جون
---
اَحدي پٽ عرضي جا، سڀ سياڻا شينهن
هڪڙو شوق شڪا رجو، ٻيو گهمن راتان ڏينهن
بـُـلي خان بٺيءَ تي، مهند وسايا مينهن.
---
بـُـلي جي ڀائرن جي ڪندو ڪانه ڪچي
نوحاڻي ننگ تي اچي بيٺو مرد مچي
لوهو ليٽي لال ٿيا، جيئن کهنبي لاک رچي
پوءِ جن جي ساک سچي، سي مري مور شهيد ٿيا
محمد امين ڀوتاڻيءَ واري روايت
بـَـراد بنديچي بروهي، کوسن جو خون ڪيو.
اهو وڃي بروهين جي کجراڻي پاڙي جي وڏيرن چاڪر،
غلام علي ۽ بکر وٽ سهڙيو. کوسن چوائي موڪليو ته:
براد اوهان وٽ آهي سوٺهيو، باقي جي اسان ڏانهن آيو
ته مارينداسونس. پوءِ وڏيرن براد کي اَن سودڻ لاءِ
سنڌ ڏانهن موڪليو. اها خبر کوسن کي پيئي، سي اڳ
جهلي ويٺا. براد اَن ۽ ٻيو سامان سؤدي موٽيو پئي
ته کوسن حملو ڪري ماري ڇڏيس ۽ سمورو سامان بکر ۽
غلام علي ڏي ڏياري موڪليائون. حمر نالي لنگهو،
براد جو يار هو، سو خراسان ڏانهن ويل هو، اُهو
خراسان کان موٽيو ۽ جڏهن ٻڌائين ته براد کي کوسن
ماري ڇڏيو آهي، تڏهن چيائين ته: بکر ۽ غلام عليءَ
ڪجهه ڪونه ڪيو. ان کان پوءِ حمر انهن وٽ ويو ۽ کين
چيائين ته: اوهان ڪجهه ڪونه ڪيو، باقي آءٌ اوهان
جي ڏوئي ۽ ڪـُـني سـِـٺيندس. انهيءَ تي وڏيرن لشڪر
گڏ ڪيو.
هيڏانهن کوسن وري بلي کي چيو ته: لشڪر ٿو
اچي، هل. بـُـلي جواب ڏنو ته: ڪونه هلندس. پر سڀني
ماڻهن جي راءِ ٿي ته بـُـلو هلي. آخرڪار بـُـلو
تيار ٿيو. سائينداد ٻروچ، بـُـلي جو يار هو ۽
”ڪاسوٽو“ (دُريجي جي حد ۾) جو رهندڙ هو، تنهن جڏهن
ٻڌو ته بـُـلو ٿو جنگ تي چڙهي، سو بلي جي مدد لاءِ
آيو. جڏهن لشڪر آيو ته ان وقت سائينداد حقو پئي
پيتو. بلي، سائينداد کي چيو ته: اُٿي! تنهن تي
سائينداد چيس ته: هي ڦوڙائي جون ڦوڪون آهن، پوءِ
اُٿون ٿا. غلام علي ۽ بکر جي لشڪر ۾ ڪـَـنبـِـيرو
لـُـنڊ به چڙهيو هو، تنهن پنهنجي ساهيڙيءَ کان
انجام ورتو ته: جي ٻيو يار نه ڪرين ته بـُـلي سان
وڙهان! سو بـُـلي جي سامهون آيو. بـُـلي جي
شـَـڪيـِـلي جو نالو هو ”رُٺو“، تنهن جي ڌڪ کڻي
ڇڏيس.
بـُـلي بيهڻ نه ڏنس، وياس کنا کائي.
پوءِ وري سائينداد به ڪنبيري کي ڌڪ هنيو،
جنهن ماري ڇڏيس.
سرسي سائينداد جي، جنهن ڪـُـنڍي ڪڙڪائي.
بـُـلي چيو ته: ڌڪ رُٺي جو اٿس، جنهن پورو ڪيس.
حاميد خان رند واري روايت
خان ٻـَـڌيون ٿي کرڪيون، سي ٿيون ويروه منجهه وڄن
گـَـري ڳئون گورم مان هڻيو هوت وڃن
ٿـُـڪ تنهن ٿوُهر کي، ٿا لـَـيـَـن منجهه لـِـڪن
هو ٿا وس وڃن، بـُـولي ٿي لائون لڌيون.(1)
بـُـولو بڊامن ۾ ٿو سورهيه سڏائي
نڪي وجهي وَڇون واڙن ۾، نڪي ٿو پينگها پائي
جڙي هن جوان جون، ڪـُـنڍيون ڪير ڪاهي
مينهون ملهائي، بـُـولي لائون لڌيون.
---
ڀائر بـُـولي بيگ بڊاماڻي جا، هئا پنجئي پهلوان
سي ٽلي چڙهيا هئا ٽڪرين، کيڙا ٻڌي خان
جت سـِــيهي ڪيا ٿي سٽڪا، تتي ترارين وڌا ٿي تان
موٽ بـُـولا علي خان، ڪوڏ رڱائي ڪپڙا.
---
نڪا جهور جهنڊي کي، نڪو ميانداد منجهن
پوءِ مينهون ڪک چرن، بـُـولي لائون لڌيون(1)
---
لـُـنڊ فقط اڪيلو جمالين سان گڏ هو. اڳ ۾
اُهو بلي کي سامهون ٿيو.
اچي لـُـنڊ لوڙيون ڪندو، جيئن کنوڻ کنوائي
خان جهـَـلي کيڙي ۾، تنهن جي سچي سـَـرواهي
بـُـلي بيهڻ ئي نه ڏنو، ويو کني سين کائي.
---
بـُـلو بي مـَـيار، جا ڪري سا پاري
هڪڙيون ملهايائين مينهون، ٻيا ملهايائين ميهار
کيڙا کڙئي ڍار، تنهن رات رڱايا رت مان.
سگهڙ کيئا خان واري روايت
ڳنڀڙاڇ (هيءَ جوءِ جهانگارن کان 5 - 6 ميل
اُتر - اولهه جي ڪـُـنڊ تي آهي) تعلقي سيوهڻ ۾
بـُـلي جي بٺي آهي. بـُـلي کي جنگو خان جماليءَ
مارايو هو. ڪاڇي ۾ کوسن جو زور ۽ ظلم وڌي ويو هو.
اول اول ۾ کوسن، ڪـُـڪڙاڻي جي نئن ۽ شهيدن جي لڪ
(تعلقو جوهي) تي، شاهاڻين جي ڳوٺ کي ڦريو. اتي
راڌو شاهاڻي تنهن کي ماريائون. انهيءَ کان پوءِ
شاهاڻين جي زالن کي چيائون ته توهان جي وارثن جي
رت جا ٽڪا اسان جي ڪپڙن کي لڳا آهن، سي ڌوئي ڏيو.
انهيءَ تي ماين ڪاريون پوتيون ڪيون ۽ بلوچن وٽ
ويون ته: اسان جون ڪاريون پوتيون لهرايو (يعني وير
وٺي ڏيو). مايون آخرڪار جنگوخان جي گهر آيون، مگر
جنگو خان پاڻ گهر ڪونه هو، باقي سندس ڀاءُ عرضي
خان ويٺو هو، تنهن ماين جون ڪاريون پوتيون لهرائي،
ٻيا ڪپڙا ڏنا (يعني ته وير وٺڻ جو بار پنهنجي
سـِـر تي کنيو). جڏهن جنگو خان گهر آيو ۽ ماين
وارو سمورو قصو ٻڌائين، تڏهن ڀاءُ کي چيائين ته:
عرضي خان! ڪم ڏاڍو ڏکيو کنيو اٿئي، پر هاڻ مرڻ
لاءِ تيار ٿي. انهيءَ عرصي دوران، بـُـلو بڊاڻي
سندس ڀيڻ جو لاش، ڳنڀڙاڇ کان کڻائي، ڇنيءَ واري
مقام ۾ پورائڻ لاءِ آيو. ايتري ۾ جنگو به لشڪر وٺي
وڃي اتي پهتو. بلي کي چيائين ته: يا مرڻ لاءِ تيار
ٿي يا ڀيڻ جو لاش ڇڏي وڃ، آءٌ پاڻهي پورائيندس.
بـُـلو لاش ڇڏي هليو ويو.جنگو خان لاش به پورايو ۽
ڪانڌپو به ڪيائين (اها مذاق ڄڻ رت وارن ٽڪن ڌوئڻ
عيوض ڪيائين). ان بعد بلو لشڪر وٺي آيو ۽ رحيم خان
جي ٽنڊي کان اولهه طرف لڳ ٺوٺ جبل تي جنگ لڳي،
جنهن ۾ ڪي ماڻهو ڦٽيا، پر بلو بنا سوڀ ڪرڻ جي واپس
ويو. ان بعد جنگو خان، هتان شاهاڻين، لنڊن ۽
جمالين جو لشڪر ساڻ ڪري ڳنڀڙاڇ تي چڙهائي ڪئي.
بـُـلو بڊاڻين ۾، اڙٻنگ عطائي
خان جهليو کيڙي سان، سٽي سرواهي
مٿي ڀڙڀائي، وهيو رت ريلا ڪري.
---
بـُـلو بـُـڊاماڻين ۾ ٿو سورهيه سڏائي
نڪا وڇ واڙي ۾، نڪا پينگهي پائي
ڪير ڪـُـنڍيون ڪاهي، جيئري بـُـڊاماڻي جون.
---
بـُـلا بي مـَـيار، ڪيئي سي پار
هڻي هٿ هاڃا ڪري، وڌئي ڏيهه منجهه ڏهڪار
اندر روئن راڻيون، ٻـَـهر پـِـٽيـِـن ٻار
کيڙا کيڙي ڍار، رات رڱياَ رَت مان.
---
گـَـبـَـر نوحاڻي ننگ تي، آيو مرد مچي(1)
سـَـڪيلا سرواهيو ته هنيا نر نچي
ڪامَڪجان ڪچي، بلي بيگ بڊام جي.(2)
---
مينهيون بـُـلي بيگ جون، آنڌاريون اچن
نڪا جهڻڪ جهنڊي جي، نڪو ميانداد منجهن(3)
ڪـُـنڍيون ڪـِـيهون ڪن،جن جون رهيون وَڇون واڙي ۾.
---
اُڏر اُڏر ڪونجڙي، جهنڊي ڏيج سلام
سـِـسـِـي بـُـلي بيگ جي، جهٽي ويا جوان
ٽه پهريءَ ٽاهو لڳا، نغارا نيشان
پوءِ جهنڊي علي خان، ڪوڏ رڱايا ڪپڙا.(1)
نبي بخش خان لـُـنڊ جي روايت
مرحوم ميان نبي بخش خان لنڊ، تعلقي جوهيءَ
جو وڏو داناءُ سگهڙ هو. ساڻس سندس ڳوٺ ۾ ڪچهري ٿي،
جنهن ۾ هن جنگ جي ٽاڻن جا هيٺيان بيت ٻڌايا:
بـُـلي جهڙا پـُـٽڙا، مر ڄڻي مائي
کـَـنا کيڙا هٿ ۾، اٿن ويڙهه جي وائي
بـُـلو ڪين هڻڻ ڏي، ويس سـَـڪيلا کائي
سرسي سائينداد جي، جنهن ڪـُـنڍي ڪڙڪائي
تو بـُـٺي ۾ ڀائي، ٿيا ٿي ڀائر بـُـلي بيگ جا.
---
سج لهي سانجهي ٿي، جهنڊي موڪليا سلام
بـُـٺي بلي بيگ جي، جهٽي ويا جوان
ٽه پهري ٽاهو لڳا، لڳا نغارا نيشان
پوءِ جهنڊي علي خان، ڪوڏ رڱايا ڪپڙا.
---
پنج پـُـٽ عرضي جا، پجئي ساماڻا شينهن
اٿن شوق شڪار جو، گهمن راتيان ڏينهن
پوءِ بلي جهڙا شينهن، مري مور شهيد ٿيا.
------
3. ميان نور محمد جو کوسن کي هڪالي ڪڍڻ
”ڇني“ (تعلقو جوهي) کوسن جو مرڪز هوندو
هو. ڇنيءَ کان ڏکڻ طرف ٽڪر تي، گولي جي پٽ شهداد
کوسي جو قبو آهي. گولو مٿي جبل ۾ رهندو هو. گولي
جو ڪن ڳالهين تان پنهورن سان تڪرار هلندو پئي
آيو.انهن پنهورن مان حيدر پنهور، ڇنيءَ کان اُتر -
اوڀر جي ڪنڊ تي، نوَن ميلن جي مفاصلي تي، ديهه
”اراڙو“ ۾ ويٺل هو. اتي سندس مسجد اڃا تائين بيٺي
آهي. ٻيو ”قيصر پنهور“، ”سامتاڻي“ ۾ رهندو هو.
ڀانن کان اُتر - اوڀر طرف 5 ميلن جي فاصلي تي سندس
مسجد اڄ به بيٺي آهي.
گولي کوسي وارا مال هڻي سنڌ ڏانهن ويندا
هئا. هڪ دفعي هنن بوبڪن ۽ ڀانن جي وچ تي، ايندي
وقت، پنهورن جو مال هنيو ۽ هلندا اچي ديهه بشام ۾
علي مراد خان شاهاڻي جي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ منزل ڪيائون.
پويان پنهورن کي به مال جي خبر پئجي ويئي، سي لشڪر
ڪاهي اچي مٿن ڪڙڪيا. سخت مقابلي کان پوءِ گولو
کوسو مارجي ويو. سندس قبر به اُتي ئي آهي. اُن
جهيڙي جو فيصلو پوءِ وري ميان نصيرمحمد ڪيو، جنهن
موجب اولهه طرف جبل کان وٺي ”ناڙي“ تائين يعني
اوڀرطرف سيوهڻ تعلقي جي دنگ تائين، پنهورن جو سڄو
علائقو خون جي عيوض کوسن کي ڏنائين. پوءِ کوسا زور
وٺڻ لڳا ۽ انهن راڄن کي تائي کنيو. پوءِ خود ميان
نورمحمد (وفات 1167هه / 1753ع) به هنن جي مارائڻ
پٺيان پيو. هڪ ڏينهن پڳ وارا روحلاڻي کوسا، جيڪي
هن وقت ”کاٿڙي“ تعقلي ڪڪڙ ۾ ويٺل آهن، تن کي ميان
نور محمد خداآباد ۾ گهرايو. جڏهن اُهي اُتي اچي
پهتا ۽ اندر گهڙيا، تڏهن يڪدم دروازا بند ٿي ويا ۽
ماڻهو هنن تي ٽٽي پيا. جعفر کوسو ترار لڪايو کڻيو
پئي آيو، تنهن وجهه وٺي يڪدم مير بهرام تي حملو
ڪيو، پر مير کيڙي آڏي ڏيئي بچاءُ کائي ويو. پوءِ
ترار کڻي وار ڪيائين ته کيڙي توڙي جعفر منجهان وڃي
ٻاهر پئي. انهيءَ تي شاعر چيو ته:
”بچي ويو بهرام، نه ته دست چڙهيوهو ديوَ جي.“
پوءِ ستر راڄن گڏجي ڪوشش ڪري، انهن کوسن
کي اُتان تڙي ڪڍيو، جنهن کانپوءِ هو وڃي جيڪب آباد
جي پاسي رهيا.
|