ڇپائيندڙ
پاران
دنيا جي ساهتي تاريخ ۾ ناٽڪ جي هميشه وڏي
اهميت رهي آهي. مشرق توڙي مغرب جي عظيم سڀيتائن
قديم ۽ جديد دور ۾ نفيس ترين جذبن جي اظهار واسطي
ناٽڪ جي صنف کي تمام مٿانهين درجي تي رکيو آهي.
سنڌ ۾ به انهيءَ گهرج کي محسوس ڪندي سنڌي ادب جي
”وهائو تاري“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ڪيترن ئي
ناٽڪن کي ٻين ٻولين مان ترجمو ڪرڻ سان گڏ ڪجهه طبع
زاد ناٽڪ پڻ لکيا، جن ادبي ۽ علمي حلقن ۾ تمام
گهڻي مڃتا ماڻي آهي.
زير مطالعه هن ناٽڪ جو بنيادي تاڃي پيٽو
جيتوڻيڪ لارڊ لٽن جي مشهور انگريزي ناول ”نائيٽ
اينڊ مارننگ“ تان کنيل آهي. پر مرزا صاحب ان جو
سڄو ماحول سنڌ جي مٿئين وچولي طبعي وارو ڏيکاريو
آهي. ان ريت هن ناٽڪ کي مرزا صاحب جي طبع زاد
ناولن ۾ به ڳڻائي سگهجي ٿو. ڇو ته انهيءَ ناٽڪ جي
لکڻ ۾ مرزا صاحب پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو نچوڙ پڻ
شامل ڪيو آهي.
هونئن اها حقيقت آهي ته ڪائنات جي هر شيءِ
هڪ ٻئي کان متاثر ٿيندي نظر اچي ٿي. سمورا شاعراڻا
خيال، ۽ تخليقي پهلو ڪڏهن به بلڪل اڇوتا ناهن
هوندا، بلڪه اڪثر نوان شعر ۽ خيال ڪنهن ڪنهن نه
ڪنهن ڪنهن اساسي يا قديم فڪر جي آڌار تي سرجندا ۽
جنم وٺندا آهن. ان ريت هي ناٽڪ ”فيروز دل افروز“
ميرزا صاحب جي تخليقي قوت جي نئين روپ جو هڪ دلڪش
مظهر آهي. انهيءَ ناٽڪ جو هيءُ چوٿون ڇاپو منهنجي
ايامڪاريءَ ۾ ڇپجڻ تي مون سان گڏ سنڌي ساهت جي
سمورن گهڻگهرن کي ضروري سرهائي ٿيندي.
ڄامشورو سنڌ
انعام الله شيخ
خميس 2- جمادي الاول 1427هه
سيڪريٽري
بمطابق 30 – مئي 2006ع
سنڌي ادبي بورڊ
اطلاع
هن ڪتاب جو مضمون اصل لارڊ”لٽن“ صاحب جي
مشهور انگريزي ناول. يا قصي جي ڪتاب، ”نائيٽ ائنڊ
مارننگ“ مان ورتل آهي، جنهن کي ممبئي جي ”وڪٽوريا
ناٽڪ ڪمپنيءَ“. اردوءَ ۾، ناٽڪ جي صورت ۾ آندو، ۽
”ليل و نهار“ نالو رکيو. انهيءَ کي مون وري، ڊي.
جي. سنڌ ڪاليج جي ”ڊائميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جي
خواهش موجب، ضروري ڦير گهير ڪري. سنڌيءَ ۾ لکيو،
۽ انهيءَ جو نالو” فيروز دل افروز“ رکيو. اميد آهي
ته پڙهندڙن کي انهيءَ جي پڙهڻ مان گهڻي خوشي حاصل
ٿيندي.
ڪوٽڙي
قليچ بيگ
25 ڊسمبر، 1905ع
ماڻهن جو تفصيل
(مڙس)
جوان بخت:
بغداد جو نواب
فلڪ جاه:
جوان بخت جو ننڍو ڀاءُ(دنيا پرست ماڻهو)
سفير جنگ:
فلڪ جاه جو سالو(فسادي ماڻهو)
فيروز:
جوان بخت جو وڏو پٽ
انور:
جوان بخت جو ننڍو پٽ، فيروز جو ننڍو ڀاءُ
همايون:
فلڪ جاه جو پٽ(نيڪ-نيت ماڻهو)
عالمسوز:
هڪڙو وڪيل، فلڪ جاه جو ڪارڪن(حرڪتي ماڻهو)
اشرف خان:
جوان بخت جو نمڪ حلال ڪارڪن
ديانت خان:
عالمسوز جو سؤٽ(ايماندار ماڻهو)
عنايت خان:
جوان بخت جو نوڪر
پير خان:
ٿاڻيدار (رشوت خور ماڻهو)
اڪرام:
ڪوڙن سِڪن ٺاهڻ وارو
نثار:
اڪرام جو سنگتي
آدم:
نثار جو همراهه
جواهر خان:
هڪڙو دولتمند سوداگر(لالچي ماڻهو)
مداري:
پير خان جو سپاهي
فتح خان:
هڪڙو وڏو فوجداري عملدار يا ناظم
هاشم:
جواهر خان جو نوڪر
بغداد جو ڪوٽوال
قيد خاني جا داروغا ۽ دربان
(زالون)
شهناز بيگم:
جوان بخت جي زال(لِڪي شادي ڪيل)
گل اندام:
فلڪ جاه جي زال، سفير جنگ جي ڀيڻ
دل افروز:
سفير جنگ جي ڌيءَ(لِڪي شادي ڪيل زال،
لطيفان مان)، جنهن کي اڪرام پاليو،
جا فيروز تي عاشق ٿي.
سوسن:
جواهر خان جي ڀائٽي، دل افروز جي ساهيڙي جنهن تي
ديانت خان عاشق هو.
نسترن:
دل افروز جي ساهيڙي، اشرف خان جي مڱيندي
لطيفان:
سفير جنگ جي لِڪل زال، ۽ دل افروز جي ماءُ(هڪڙي
مالهڻ)
ٻيا سپاهي، سِڪي ساز، نوڪر ۽ ڇوڪرا،
سنتري، سوار، جمعدار، ڳائڻ وارا
فيروز دل افروز
باب پهريون
پردو پهريون
جوان بخت جو زنانخانو
[شهناز بيگم، پنهنجي مڙس جوان بخت جي
استنبول مان اچڻ ۽ سندس چاچي جي ميراث ملڻ ڪري،
خوشيءَ جي مجلس ڪري ٿي. سڀ زالون ڳائين ٿيون.]
سڀ: تنهنجو اعلي شان، تنهنجو والا شان!
واه، تون آهين پاڪ سبحان،
ڇا توکي ساراهي زبان:
تون ئي جاودان، منجهه زمين آسمان،
تون ئي بيشڪ آهين جڳ تي مهربان-تنهنجو...
سڀڪنهن زمان ۾، ڪون ومڪان ۾،
جلوو تنهنجو ٿيو ساري جهان،
آها، آها،...
عيان ڪٿي ڪٿي، نهان ڪٿي ڪٿي،
ڪٿي ڏسجي نٿو تنهنجو ظاهر نشان؟
تنهنجو...
[ڪا چانهه ٿي ٺاهي، ڪا حقو ٿي پيئي، ڪا پکو
ٿي هڻي.]
هڪڙي زال:
بيگم، نواب صاحب استنبول مان ڇا آندو آهي؟
شهناز:
پنهنجي چاچي جو سڀ ورثي ۾ مليل مال آندو اٿس، ۽
پنهنجي ننڍي ڀاءُ ۽ ڀائٽيءَ کي به پاڻ سان وٺي آيو
آهي.
ٻي زال
سندس ننڍو ڀاءُ ته اڳي هتي ڪڏهن ڏسڻ ۾ نه آيو.
شهناز
هو ننڍي هوندي ئي چاچي ساڻ استنبول ۾ وڃي رهڻ لڳو
هو، ۽ منهنجو گهر وارو، چاچي سان رنج ٿي، ننڍي
هوندي ئي اچي پرديس ۾ رهڻ لڳو هو.
پهرين زال:
خدا ڪري ته اڳتي هميشه خوشي خورمي ۽ عيش عشرت
رهي!
ٻي زال
شل، تنهنجي ڏير ۽ ڏيرياڻيءَ جي جوڙي سلامت رهي!
[سڀ زالو اُٿن ٿيون، ۽ موڪلائين
ٿيون.]
سڀ:
هاڻ الهه وائي، خدا کي پرتينءَ!
شهناز
خير هجي، ڀلي آيو!
[هڪڙي پاسي کان زالون وڃن ٿيون، ٻئي پاسي
کان جوان بخت اچي ٿو.]
جوان بخت:
ڪيئن، مجلس خير جي پوري ٿي؟
شهناز:
هائو، مجلس ته پوري ٿي، باقي هاڻ درگاهه تي هلي
نذر ڏيڻو ۽ پڙُ چاڙهڻو آهي.
جوان بخت:
تڏهن جلد وڃي اهو نذر به ڏيئي اچو ۽ پڙ به چاڙهي
اچو.
فيروز:
بابا، درگاهه تي هلڻ لاءِ ڏولي تيار آهي.
انور:
امان، آءُ به درگاهه تي هلان!بابا ، آءُ به وڃان؟
جوان بخت:
چڱو، بابا، ڀلي وڃ. [فيروز کي] سڀ نوڪر به ساڻ
هلندا؟
فيروز:
هائو، همايون به ساڻ ٿو هلي.
[همايون اندر اچي ٿو، سلام ڪري ٿو، ۽ حجاب
کان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي ٿو.]
همايون:
چاچي، خوش آهيو؟
شهناز:
ابا، خير هجي، شل سلامت هجين، لڄ ڇو ٿو ڪرين؟
جوان بخت:
نئون آيو آهي، تنهن ڪري ٿو لڄ ڪري، هري مري ويو،
ته پوءِ لڄ نه ڪندو.
شهناز:
(جوان بخت کي) باغ مان اوهين اڪيلا آيُو. ننڍي
ڀاءُ کي ساڻ نه آندوَ؟
جوان بخت:
ادو اڃا تائين وظيفي پڙهڻ ۾ مشغول هو.
شهناز:
ڏاڍو ڪو خدا وارو ماڻهو ٿو ڏسجي!
جوان بخت:
ٻيو وري ڪالهه سفر ڪري ٿڪجي آيو هو، سو اُتي ئي
باغ ۾ سمهي پيو. هاڻ توهان روانا ٿيو، دير نه
ڪريو.
[هو وڃن ٿا ته ٻاهران ”فلڪ جاه“ جو آواز اچي
ٿو”]
فلڪ جاه:
ادا، جوان بخت!
جوان بخت:
فلڪ جاه، ادا، هليو اچ.
[فلڪ جاه تسبيح پڙهندو اچي ٿو، گهر وارن کي
پري کان ويندو ڏسي، فڪر ۾ پوي ٿو. ”سفير جنگ“ به
اچي ٿو، مگر ٻنهي ڀائن کي ڳالهائيندو ڏسي، لڪي
بيهي ٻڌي ٿو.]
فلڪ جاه:
ادا، همايون سان گڏ هوءَ ڪهڙي مائي وڃي ٿي؟
جوان بخت:
اها منهنجي گهر واري آهي.
فلڪ جاه:
۽ هو ٻه ڇوڪر؟
جوان بخت:
اُهي منهنجا ٻه پٽ آهن.
فلڪ جاه:
ادا، اوهان شادي ڪڏهين ڪئي؟
جوان بخت:
جڏهين ديس ڇڏي سفر ڪيم، تڏهين هتي اچڻ سان پرديس ۾
گهر ڪيم.
فلڪ جاه:
تڏهين چاچي کان اوهان اها ڳالهه لڪائي هئي- بلڪ
وصيتنامي مهل ته قسم به کنيو هُو!
جوان بخت:
جي چاچي کان اها ڳالهه نه لڪايان ها، ته سندس ورثو
ڪيئن مليم ها؟ هن ته اڳي ئي چيو هو ته جي منهنجيءَ
مرضيءَ ڌاران ڪٿي شادي ڪندين، ته ڪوڏي به ڪانه
ملندءِ!
فلڪ جاه:
ڪنهن دولتمند امير جي نياڻي هوندي؟
جوان بخت:
نه، هڪڙي وچولي درجي واري سوداگر جي ڌيءَ آهي.
منهنجي پاڙي ۾ هئا، پڻس اوچتو مري ويو، هيءَ
ويچاري ڇوري بيواهي ٿي پيئي: مون کي مٿس رحم آيو،
ساڻس کڻي نڪاح ڪيم. پر چاچي جي ڊپ کان، کليو کلايو
شادي نه ڪيم، لِڪ ڇپَ ۾ ڪيم.
فلڪ جاه:
ادا، شادي همجنس ۽ همسر گهراڻي مان ڪرڻ گهرجي، ته
پس پيش ڪو عيب نه ڪڍي.
جوان بخت:
برابر آهي، مگر:
ڪچري گڏيل مٽيءَ ۾ جي زر هوئي ته هٿ ڪجي،
اشراف ڌيءُ غريب جي گهر هوئي ته هٿ ڪجي،
آب حيات زهر ۾ گر هوئي ته هٿ ڪجي:
ادنا مان نقص پهچي ڪو اعليٰ جي شان کي؟
دونهين مان داغ ڪين لڳي آسمان کي!
فلڪ جاه: انصاف ڪيو اٿوَ جو هيترا
ورهيه نڪاح لڪائي سگهيا آهيو.
جوان بخت:
اهڙِ پڪائي ڪئي اٿم، جو جي منهنجي مرضي نه ٿئي ته
منهنجي زال به نڪاح ثابت ڪري نه سگهي!
فلڪ جاه:
ثابت ڪرڻ لاءِ ته نيٺ مُلي ۽ ٻن شاهدن جو ضرور
آهي.
جوان بخت:
مُلو ته مري ويو، ۽ شاهدن مان به هڪڙو ته مري ويو.
ٻيو الاجي ڪيڏي هليو ويو آهي: مُلي جو دفتر، جنهن
۾ ڪو نڪاح جو داخلو ۽ نڪاح نامي جو اصل مسودو
هوندو، سوبه سڙي ويو آهي.
فلڪ جاه:
تڏهن اوهان وٽ ڪهڙي ثابتي هوندي؟
جوان بخت:
قبالي يا نڪاح نامي جو تصديق ڪيل نقل.
فلڪ:
اهو نقل ڪٿي آهي؟
جوان بخت:
ڪٿي رکي ڇڏيو اٿم، انهيءَ جي هاڻ ڪا گهڻي ڳڻتي
ڪانه اٿم.
[اتي اشرف اچي سلام ڪري ٿو]
اشرف:
سرڪار جو خير!
جوان بخت:
اشرف، اڄ ته وڃي هو مُشڪي گهوڙو تيار ڪراءِ.
اشرف:
قبلا، اُهو گهوڙو ته مستيءَ وارو آهي، ڪنهن ٻئي
تي چڙهو.
جوان بخت:
ڪهڙي حرڪت آهي، آءُ پاڻهي مستي ڪڍي ڇڏيندو سانس.
اشرف:
جيڪو اوهان حڪم ڪريو.
[اشرف وڃي ٿو.]
جوان بخت:
فلڪ جاه، هينئر آءُ وڃان ٿو. انشاءَ الله، ڏينهن
ٻن ۾، قاضيءَ سان صلاح ڪري، پنهنجي شاديءَ جي
پڌرائي ڪرائيندس، ۽ عام مجلس جو بندوبست ڪندس.
[اشرف اچي ٿو.]
اشرف:
حضور، گهوڙو تيار آهي.
جوان بخت:
چڱو[فلڪ جاه کي] ادا، آءُ وڃان ٿو، تون آرام
ڪر.(اشرف کي) اشرف، تون مون ساڻ هل.
[ٻئي وڃن ٿا، ته سفير جنگ ظاهر ٿئي ٿو.]
سفير جنگ:
وڏي نواب صاحب چڱي ٻولي ٻڌائي! ٻاريچا ڪٿان
آندائين؟
فلڪ جاه:
چوي ٿو ته لڪ چوريءَ ۾ شادي ڪيائين. تو ڪنهن کان
ٻڌو؟
سفير جنگ: انهيءَ جي چوڻ مان ڪهڙو فائدو؟
فلڪ جاه:
ڏس ته ڪهڙو نه اونڌو ڪم ڪيو اٿس- ماڻهو ڀلا ڇا
چوندا!
[اشرف ڊپ ۽ فڪر ۾ اچي ٿو.]
اشرف:
سائين، گهوڙي ته قهر ڪري وڌو: رڪاب ۾ پير وجهڻ
شرط، نواب صاحب کي اڇلائي ڇڏيائين! مٿي کي ڏاڍي
ضرب پهتي آهي. ۽ زبان بلڪل بيهي ويئي آهيس!
[خبر ڏيئي اشرف وري وڃي ٿو. فلڪ جاه ۽ سفير
جنگ جي نيت بگڙي ٿي.]
سفير جنگ:
فلڪ جاه، نڪا ثابتي آهي نڪو نڪاح نامو آهي!
فلڪ جاه:
برابر.... اڄ کان وٺي اسان جو هل هنگامو آهي!
[سگهو ئي ڪي نوڪر جوان بخت کي ڏوليءَ يا
کٽولي تي کڻي اچن ٿا. اهو بيهوش پيو آهي، زور سان
ساهه پيو هڻي. اشرف غم ۾ بيٺو آهي. فلڪ جاه ۽ سفير
جنگ حيران ڏسجن ٿا.]
سفير جنگ:
اڙي وڃو جلد گلاب کڻي اچو!
[اشرف اچي پهتو.]
فلڪ جاه:
[جوان بخت کي] ادا، هيءُ ڇا ٿيو؟ ڪي ڳالهاءِ ته
سهي!
[اشرف گلاب کڻي اچي ڇاٽاري ٿو.]
سفير جنگ:
نه هوش آهي، نه حواس آهي- هينئر ڪهڙي آس آهي!
[فلڪ جاه، هٿ ٿڌا ڏسي، ڪوڙو سوڙو ڊپ ظاهر
ڪري ٿو.]
فلڪ جاه:
ڪو وڃي، وڃي ڪنهن طبيب کي وٺي اچي.
[جوان بخت کي هڏڪي اچي ٿي، ۽ دم نڪري ٿو.
سفير جنگ نبض ڏسي ٿو.]
سفير جنگ:
طبيب جو هينئر ڪهڙو ڪم آهي... هتي سڀ قصو ختم آهي!
فلڪ جاه:
اشرف، ادي جي گهر جي ماڻهن کي خبر
ڏي: ڪو ماڻهو ڊوڙاءِ، ته سڏي اچين.
اشرف:
سائين، ڪڏهن جو ماڻهو ويو آهي، هينئر ايندا
هوندا.
[فلڪ جاه ڪوڙو سوڙو روئي ٿو.]
فلڪ جاه:
هاءِ هاءِ، منهنجا موڀي ادا، منهنجي پيءُ جي
بجاءِ، منهنجا والي، مون کي ڪنهن جي حوالي ڪريو ٿو
وڃين!
اشرف:
هاءِ هاءِ، اڄ ئي خوشي، اڄ ئي غمي!
[شهناز، فيروز ۽ همايون دانهون ڪندا اچن ٿا،
۽ کٽولي جي آسپاس گوڏن ڀر ويهي، روئين پٽين ٿا.]
شهناز:
[روئي] منهنجا وارث، توکي ڇا ٿيو؟... هاڻ آءُ ڪيئن
ڪريان!
فيروز:
[روئي] بابا، ڪي ڳالهايو، امان کي جواب ڏيو!
انور:
امان، ڇو ٿي روئين.... بابي کي ڇا ٿيو آهي؟
[ٻين کي ڏسي روئي ٿو.]
شهناز:
يا خدا، هيءَ ڪهڙي آفت، ڪهڙي مصيبت؟
همايون:
[پيءُ کي] بابا، چاچو ته ويچارو مري ويو، چاچيءَ
کي ڪو دڙ دلاسو ڪريو!
[فلڪ جاه چڙي ٿو]
فلڪ جاه:
ڇا جي ڙي چاچي؟ صبر ڪر، چاچي وري ڪٿان ٿي؟
اشرف:
[همت جهلي] نه، ته ٻيو ڪير؟
فلڪ جاه:
سريت چُو، وهاريل چئو، رکيل زال چئو!
شهناز:
هاءِ هاءِ، منهنجا خدا!
[مٿو پٽي ٿي]
فيروز:
چاچا، هي ڇا ٿا چئو!
سفير جنگ:
توکي ڪهڙي خبر،- تون ڪو پنهنجيءَ ماءُ جي نڪاح ۾
هُئين ڇا؟
شهناز:
[جوان بخت ڏي هٿ کڻي، سفير جنگ کي چوي ٿي] ادا، هن
نيڪ بخت جي محبت ۾ جهڙي اڳي آءُ نهال هيس، اهري
هاڻ سندس غم ۾ بيحال آهيان. خدا شاهد آهي ته آءُ
سندس نڪاح ٻڌي زال آهيان!
فلڪ جاه:
گهڻو هُل نه ڪر، جي نڪاح ٻڌي آهين، ته نڪاح جي
ثابتي ڏي!
اشرف:
(چڙ مان) سائين، پنهنجي زبان سنڀاليو، حقدارن کي
پنهنجي حق کان نه هڪاليو: جي هنن غريبن اشرافن جي
نسبت ۾ وري آءُ اهڙي ٻولي ٻڌندس، ته هن گهر ۾ اڳتي
پير نه رکندس!
همايون:
بابا سائين، اوهين الاجي ڇو ٿا هنن تي ڪاوڙجو؟
سفير جنگ:
تنهنجو انهن ڳالهين ۾ ڇا ٿو وڃي؟ تون ماٺ ڪري
ويهه!
همايون:
ماما، خبر ناهي ڇو اوهان جو خيال ڦري ويو آهي؟ پڪ
آهي ته هن جو نتيجو چڱو نه ٿيندو!
فيروز:
[روئي]بابا، اوهين هليا ويا: امان کي بدناميءَ ۾
ڇڏي ويا، ۽ اسان يتيمن کي بيرحم چاچي حوالي ڪري
ويا! هاءِ هاءِ، هيءُ ڇا ٿيو!
همايون:
بابا، خدا جي واسطي، هاڻ لاش کڻائڻ جو بندوبست
ڪريو، پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ ۽ ڀائٽين کي دلاسو ۽ تسلي
ڏيو!
[فلڪ جاه ڪاوڙ ۾ پٽ تي اکيون ڪڍي ٿو.]
فلڪ جاه:
صبر ڪر، ڇاجي ڀاڄائي، ڇا جا ڀائٽيا: اڄ کان وٺي هي
سڀ مال ملڪيت منهنجي آهي، هنن جو ڪو حق ڪونهي!
[شهناز ٿڌو ساه کڻي ٿي، فيروز ڪاوڙ مان چاچي
ڏي نهاري ٿو، ۽ همايون نفرت مان منهن ڦيرائي بيهي
ٿو. فلڪ جاه گهنڊ وجهي بيهي ٿو، ۽ سفير جنگ خوش
نظر اچي ٿو.]
[پردو ڪري ٿو.]
پردو ٻيو
عالم سوز جو گهر
[جواهر خان هٿ ۾ لڪڻ کڻي هليو اچي ٿو، ۽ سڏي
ٿو.]
جواهر خان:
ڪو آهي؟
ديانت:
[اندران] ڪير آهي؟ [اچي ٿو] اچو. سائين.
جواهر خان:
وڪيل صاحب کي ته سڏ جئين.
ديانت:
وڪيل صاحب ٻاهر نڪتو آهي، ڪم هجي ته مون کي چئو.
جواهر خان:
هڪڙو نوٽيس لکائڻو اٿم.
ديانت:
ماڻهوءَ جو نالو ڏيئي وڃو، سڀاڻي اچي نوٽيس
لکائجو.
جواهر خان:
قرضدار جو نالو- شيخ امام، پيءُ جو نالو شيخ غلام،
محلو نعلبندن جو، شيخن واري ڌرمسال ۾، آيو ڪي خيال
۾؟ [هو لکي ٿو.]
ديانت:
هائو آيو.
جواهر خان:
آءُ سڀاڻي صبح جو ضرور ايندس، هينئر الهه واهي، نه
ته دير ٿيندي جواب ۽ سوال ۾، آيو ڪي خيال ۾؟
ديانت:
سائين، ڀلا ذرا ترسجو.
جواهر خان:
ڇا آهي؟
ديانت:
منهنجي مرضي آهي ته آءُ نوڪري ڇڏي ڪپڙي جي گهور
ڪريان، ۽ پورهيو ڪري پيٽ ڀريان، مون کي ڀلائي ڪري
پنهنجي ڪوٺيءَ تان مال ڏياريندا وڃو ۽ پيسا
پياريندا وڃو.
جواهر خان:
چڱو ڏيندس، پر پيسا روز جا روز وٺندس، پوءِ برڪت
پوندي مال ۾، آيو ڪي خيال ۾؟
ديانت:
بيشڪ.
[جواهر خان وڃي ٿو. ديانت نوڪريءَ تي نفرت
ڪري ٿو.]
قطعه
خدا ڪري ته ڪو بندي جي بندگي نه ڪري،
جي وس پڄيس ته اهڙي هو گندگي نه ڪري،
ڀلي ڪنهين جي محبت ۾ ٿي غلام وڃي،
مگر ڪنهين جو هو نوڪر ٿي زندگي نه ڪري.
[عالم سوز ٻاهران اچي ٿو.]
عالمسوز:
ديانت؟
ديانت:
سائين!
عالمسوز:
بس، اڳتي ڪو هلڪو مقدمو نه وٺجئين، کٽلن ڌرين کي
اصل پاڻ وٽ اچڻ ئي نه ڏجئين.
ديانت:
ڪيئن ڪا سڻڀي آسامي هٿ لڳي آهي ڇا؟
عالمسوز:
هائو، فلڪ جاه جي وڪالت ملي آهي.
ديانت:
سچي؟ پر ماڻهو ٿا چون ته فلڪ جاه پنهنجيءَ
ڀاڄائيءَ جو حق غضب ڪرڻ ٿو گهر: سو، جيڪو دنيا ۾
ائين ڪندو، سو پنهنجي آخرت وڃائيندو!
عالمسوز:
[خفي مان] ڇو وڃائيندو- هي ڪهڙو اجايو غرض آهي؟
ديانت:
ايمان بچائڻ انسان تي فرض آهي!
عالمسوز:
(خفي مان) ڇو وڃائيندو- هي ڪهڙو اجايو غرض آهي؟
ديانت:
ايمان بچائڻ انسان تي فرض آهي!
عالمسوز:
دنيا ۾ رهي جيڪو ايمان جو خيال ڪندو، سو هميشه
نااميد ۽ نامراد رهندو.
ديانت:
جي ائين آهي، ته منهنجي موڪل آهي. اهڙيءَ نوڪري
کان آءُ لاچار آهيان.
عالمسوز:
خير، ڏسنداسين. پر جوان بخت جي ڀاءُ جو سالو هينئر
مقدمي جا ڪاغذ کڻي ايندو، انهيءَ جي اڳيان اسان کي
خوب ٻٽاڪون ٻڌائجئين!
ديانت:
مون کان ڪوڙ ڳالهايو ڪو نه ٿيندو، خوشي اوهان جي!
عالمسوز:
[چڙي] تون نيٺ گڏهه جو گڏهه رهندين، ماڻهو ڪين
ٿيندين- وڃي جهنم ۾ پُو!
ديانت:
[هلندو وڃي] اُتي جو به رستو هلي ڏيکاريم،
منهنجو ڏٺل ناهي!
عالمسوز:
[وڃي بيهاريس ٿو] تڪڙ نه ڪر، ڏاهو ٿيءُ، هيءُ
نوٽيس وٺ. [ڏئيس ٿو] هي نوٽيس فلڪ جاه جي پاران
شهناز بيگم کي ڏيڻو آهي. سو وڃي منشيءَ کان جلد
نقل ڪرائي آءُ، ته آءُ کڻي وڃان.
ديانت:
چڱو، جواهر خان سوداگر به نوٽيس لکائڻ آيو هو، وري
سڀاڻي ايندو.
عالمسوز:
چڱو، تون وڃي اهو نوٽيس جلد تيار ڪراءِ.
[ديانت وڃي ٿو. عالمسوز خوشيءَءِ ۾ ڳائي
ٿو.]
*واه،
واه، آهي ڪيڏو منهنجو مان!-
واه واه... مفلس محتاج هوس، بک مئس ٿي،
۽ ماريون پئي ٿي مکيون مون – واه واه...
مقصد پورو ٿيو، چڱو حيلو ٿيو،
پکي ڦاهيءَ ۾ پيو:
کپايان، ڪمايان، ۽ ٻوليون ٻڌايان،
جهنم ۾ پوي سارو جهان!
ڇا چئبو اجي، واه واه، اجي واه واه- ڪيڏو...
[فلڪ جاه جو نوڪر اچي سلام ڪري ٿو.]
نوڪر:
حضور، سلام.
عالمسوز:
سلام.
نوڪر:
نواب سفير جنگ صاحب جن آيا آهن.
عالمسوز:
ڀلي اچن.
[نوڪر وڃي ٿو.]
عالمسوز:
[سڏي ٿو[ ديانت؟
ديانت:
[اندران] جي حضرت.
عالمسوز:
ٻه ڪرسيون کڻي آءُ شتاب
ديانت:
[اندران] حاضر، جناب.
[ديانت ٻه ڪرسيون رکي وڃي ٿو. سفير
جنگ اچي ٿو.]
عالمسوز: اچو، سائين، ڀلي آيُؤ.
سفير جنگ:
خير هجي.
[ٻئي ويهن ٿا]
عالمسوز:
وڏي تڪليف ڪيوَ؟
سفير جنگ:
هلو، نواب صاحب سڏيو آهي.
عالمسوز:
نواب صاحب مون کي پنهنجو احسانمند ڪري ڇڏيو آهي.
سفير جنگ:
پاڻ نڪاح نامي جي ڳولا ۾ مشغول آهن.
عالمسوز:
سندن خواهشون هميشه پوريون، ۽ دعائون مقبول آهن.
[سڏي ٿو] ديانت!
ديانت:
[اندران] جي حضرت.
[اچي ٿو. عالمسوز ٻٽاڪون هڻي ٿو.]
عالمسوز:
چمن خان ڪٿي آهي؟
ديانت:
گلشن خان جي دعوت تي ويو آهي.
عالمسوز:
۽ لطافت؟
ديانت:
شرافت جي معذرت تي ويو آهي.
عالمسوز:
سُوسن ڪيڏي ويئي؟
ديانت:
پنهنجي گهر ويئي.
عالمسوز:
۽ گُلچمن؟
ديانت:
ڪالهه ٻڏي مُئي.
عالمسوز:
اڙي، ويچاري! چڱو، چانهه ٺاهي آءُ.
ديانت:
سائين، گدام جي ڪنجي گلچمن وٽ رهجي ويئي!
سفير جنگ:
وڪيل صاحب تڪليف نه ڪريو، هاڻ هلو ته هلون.
عالمسوز:
نواب صاحب، تڪليف ڪهڙي آهي: اوهين پهريون ڀيرو هتي
آيا آهيو، پر عجيب اتفاق ٿيو آهي جو منهنجن ماڻهن
مان ڪو ڪيڏي ويو آهي، ۽ ڪو ڪيڏي. [ديانت کي] ڀلا،
شربت کڻي آءُ.
ديانت:
شربت جو شيشو ڀڄي پيو!
عالمسوز:
او! چڱو، جوڙيءَ واري گاڏي تيار ڪراءِ.
ديانت:
سائين، گهوڙا ٿڪجي شل ٿي پيا آهن!
عالمسوز:
ٻئي؟
ديانت:
ٻئي: هڪڙو منڊو ٿي پيو آهي، ۽ ٻيو ويچارو اَڦرجي
پيو آهي!
سفير جنگ:
منهنجيءَ گاڏيءَ ۾ هلو، وڌيڪ دير نه ڪريو.
عالمسوز:
چڱو ڀلا، هلو.
سفير جنگ:
منهنجيءَ گاڏيءَ ۾ هلو، وڌيڪ دير نه ڪريو.
عالمسوز:
چڱو ڀلا، هلو.
سفير جنگ:
بسم الله.
[ٻئي نوڪر سميت وڃن ٿا. ديانت اڪيلو ڳائي
ٿو.]
حرص انسان جي دل ۾ ٿو جڏهن جاءِ وٺي،
ٿو اتان شرم حيا، صبر قناعت کي ڪڍي،
دين ايمان جلائي ٿو سو بجليءَ وانگي،
باهه پاڻيءَ ۾ لڳائي ٿو سو بجليءَ وانگي.
[افسوس ڪندو، نڪري وڃي ٿو.]
[پردو ڪري ٿو.]
پردو ٽيون
جوان بخت جي گهر جو هڪڙو ڪمرو
[جوان بخت جي سڀ سامان جي ياداشت تيار ڪري،
صندوقن تي مهر هڻي، فلڪ جاه، هٿ ۾ تسبيح کڻي،
عالمسوز سان گڏ، هڪڙيءَ فراشيءَ تي ويٺو آهي. هڪڙو
شراب جو شيشو ۽ ٻه گلاس، پاسي ۾ ڪپڙي سان ڍڪيا
رکيا آهن. عالمسوز هڪڙيءَ ننڍي پيتيءَ ۾ ڪاغذ
ڳولي، اها بند ڪري ٿو. اشرف پاسي کان بيٺو آهي.]
اشرف:
افسوس، جو ڪنهن به پيتيءَ ۾ نڪاح نامو نٿو لڀي!
عالمسوز:
ته! تون به شاهد رهجئين، شهناز بيگم کي ٻڌائجئين.
فلڪ جاه:
مون کي اڳي ئي خبر هئي ته نڪاح جو رڳو ڪوڙو بهانو
هو.
اشرف:
تڏهن بس، هو ويچارا اميدوار نه ٿين.
فلڪ جاه:
ڇو نه ٿين – پر ورثي ۾ حقدار نه ٿين.
عالمسوز:
سائين، هي ڪاغذ به وٺو، هي به بند ڪريو، ۽ پيتيءَ
کي مهر هڻي ڇڏيو.....
فلڪ جاه:
[ڪاغذ بند ڪري مهر هڻي ٿو، ۽ ڪوڙو افسوس ڪري ٿو.]
ڪهڙي مهر هڻان، پياري ڀاءُ جو غم ڪيئن کڻان، جيڪا
اندر ۾ ٿي گذري، تنهن جي مون کي خبر آهي:
دل منهنجي آهي درد برادر جي ڪئي ڪباب،
هن سور جي سهڻ جي نه طاقت رهي نه تاب!
اشرف:
[چڙ مان، پنهنجي مُنهن] ڪوڙي جي منهن ۾ ڌوڙ!
فلڪ جاه:
(اشرف کي) ادا، ڪي چوڻو اٿئي؟
اشرف:
هائو، سائين. مهرباني ڪري ٻڌايو ته وڏي نواب صاحب
جا نوڪر چاڪر بحال رهندا، يا نڪري ويندا؟
فلڪ جاه:
ادي جا نوڪر سامهون هوندا، ته ادي جي يادگيري
ڏياريندا، اسان جي ڏکويل دل کي وڌيڪ ڳاري ۾
ڳاريندا!
اشرف:
سچ... ۽ مفت جي مليل ملڪيت ڏي به پيا نهاريندا!
فلڪ جاه:
[چڙي] بي ادب، ڇا ٿو چوين؟ ... ٻن ڪوڏين جو ماڻهو،
۽ ٻن هٿن جيڏي زبان!
اشرف:
بيشڪ، آءُ ٻن ڪوڏين جو مزور آهيان، ليڪن پنهنجيءَ
سچائي ۽ وفاداريءَ تي مغرور آهيان!
فلڪ جاه:
[چڙي] نڪر اسان جي جاءِ مان! عالمسوز هن کي پنهنجو
حساب چڪائي ڏي ته وڃي.
اشرف:
وڏي مهرباني.
عالمسوز:
(اشرف کي) تون هلي ٻاهر بيهه، ته آءُ اچي تنهنجو
حساب صفا ڪريان ٿو.
[اشرف وڃي ٿو.]
فلڪ جاه:
عالمسوز، هن غم جي باهه ۾ اندر جلي ٿو، ڪيئن
ڪريان؟
عالمسوز:
[شيشو ڏيکاري] باهه کي باهه جي پاڻي سان اُجهايو.
[عالمسوز، ٻه گلاس، ڀري هڪڙو فلڪ جاه کي ڏئي
ٿو، ۽ هڪڙو پاڻ وٺي ٿو.]
فلڪ جاه:
”انسان جي حياتي به ناپائدار آهه،
(شراب پي) وه واه، هي شراب گهڻو خوشگوار
آهه!“
عالمسوز:
”شيرازي هي شراب مٺو آهه، لال آهي زاهد به جي پئي
نه انهيءَ کي حلال آهي.
[خوشيِءَ ۾ ڳائين ٿا.]
فلڪ جاه: *واه پرين پياري انسان جو، جاني
آهي جان جو،
آهي قسم مون کي ايمان جو-
واه....
ساهه توتان صدقي ٿئي هر ڪنهن
انسان جو-
شاهه گدا پير توڙي جوان جو،
هندو مسلمان جو-
آهي قسم مون کي ايمان جو
واه......
ڪوڙي دنيا آهي فاني،ٻن ڏينهن جي آهي مهمان،
پيو پياريو، وهم وساريو، جيسين آهي تن ۾
جان،
مي کان سواءِ هت گهر ڪير ويندو اَڏي؟
عالمسوز: ماڻهو ويندو لڏي، مي کي ويندو
ڇڏي!
فلڪ جاه:
غم جو مارو شراب، فرحت وارو شراب!
[1]عالمسوز:
من کي پيارو شراب، فرحت وارو شراب![2]
فلڪ جاه:
جوهر آهي جان جو، دلبر جهان جو، آهي قسم مون کي
ايمان جو!... واه..[i].
فلڪ جاه:
يار، عالمسوز. شراب سان گڏ ڪباب هجي ته روا آهي!
عالمسوز:
واه واه، منهنجي دل وٽان ڳالهه ڪئي اٿو- سڀ بجا
آهي! [سڏي ٿو] ڪو آهي. هيڏي اچي.
نوڪر:
(اندران) حاضر، جناب.
عالمسوز:
آڻيو ڪباب.
نوڪر:
آيو شتاب.
فلڪ جاه:
افسوس، پنهنجو فرض گهڻو درد ناڪ آهه،
هن ڀاءُ جي فراق ۾ دل چاڪ چاڪ آهه،
دنيا جي اهڙي دهل دمامي تي خاڪ آهه،
ناحق انهيءَ جي واسطي ماڻهو هلاڪ آهه!
[شراب پئي ٿو، ۽ نوڪر ڪباب آڻي رکي ٿو.]
عالمسوز:
سائين، هاڻ وڌيڪ غم نه کائو، غم جي بدران ڪباب
کائو.
[ٻئي ڪباب کائين ٿا، ۽ شراب پيئن ٿا.]
فلڪ جاه:
عالمسوز، نوٽيس ڪٿي آهي؟
عالمسوز:
[کيسي مان ڪڍي ڏئي ٿو] اجهو هتي آهي.
فلڪ جاه:
اهو هتي ئي کڻي رکو، شهناز پاڻيهي اچي ڏسندي ۽
پڙهندي، جي گهرج هونديس، ته منهنجو مقرر ڪيل پگهار
قبول ڪندي. هاڻي هلو ته هلي ٻاهر ٿڌي هوا کائون، ۽
دل وندرايون.
(ڪاغذ صندوق تي رکي ٻئي اُٿن ٿا.)
عالمسوز:
بهتر آهي- هلو ته هلون. (سڏي ٿو) ڪو آهي؟
[اشرف اچي ٿو] ڪا گاڏي تيار
آهي؟
اشرف:
ننڍي نواب، فيروز جاه جي گاڏي تيار آهي، مگر ان جي
اجازت درڪار آهي.
فلڪ جاه:
(چڙ مان) فيروز جاه ڪير آه! عالمسوز، نظر رکجئين
ته منهنجي حڪم کان سواءِ هن کي ڪابه شي نه ملي-
بلڪ ڪنهن شيءِ کي هو هٿ به نه لائي!
عالمسوز:
دلجاءِ ڪريو (اشرف کي) ڀلا، وڃ هليو.
[اشرف پاسي ٿي بيهي ٿو.]
فلڪ جاه:
[هيڏي هوڏي جاءِ ڏسي] هي محلات به هاڻي ڏک ۽ عذاب
جو گهر آهي، ادي سفير کي وڪڻي ڏيئي ڇڏيان ته بهتر
آهي.
عالمسوز:
بيشڪ، برابر آهي.
فلڪ جاه:
[ڪوڙي ڏک مان] هاءِ ڙي، منهنجا جاني ادا، توکي
ساريان ٿو سدا!
عالمسوز:
وري ادو ياد پيو؟ [شيشو ڏيئي] تڏهن شراب پي شاد
ٿيو!
فلڪ جاه:
هينئر ڇڏ، پاڻ سان کنيو اچ.
[عالمسوز ٻاٽلي رومال ۾ لڪائي کڻي ٿو. ٻئي
وڃن ٿا.]
اشرف:
(اڪيلو، افسوس ڪري ٿو) بس، هاڻ هن کان پوءِ هنن بي
ايمانن جو نمڪ کائڻ، گويا پنهنجو دين ايمان وڃائڻ
آهي: بهتر آهي ته ڪٿي محنت مزوري ڪري پيٽ پاريان،
۽ جيترو ٿي سگهي اوترو پنهنجي اڳوڻي ڌڻيءَ جي ٻارن
ٻچن جي خدمتگاري ۽ سنڀار ۾ گذاريان.
[ڳائي ٿو]
(1) پئي دنيا مڪاريءَ سان ڀري آهه،[3]
آهي غم الم جت صبح ۽ شام.
جيڪي ظاهر ۾ ڏسجي سو ڄاڻجي سڃاڻجي،
باطن کان ڀڄي مدام.
ڪنهن کي سڌ ڇا کوٽي ڇا کري آهه،
آهي پنهنجيءَ ۾ سڀ خاص ۽ عام.
مطلب سڀ کي پنهنجو آهه، شان سان، مان سان.
پيارو آهي
پنهنجو آرام.
ڪورس
آهي ڪوڙي دنيا مطلبي...
آهي ناهموار ڪير؟ - دنيا مطلبي!
ان ۾ جهڳڙو جهيڙو، کٽ-پٽ، کٽ – پٽ آهي اڳ
جي.
ڪم ڪار جنهن ۾، آهي. بد انجام.
ان جي ڦندي ۾ ڦاسڻ سان، خواري آهي جڳ جي.
يارو، سمجهو ٿا؟... ڇا؟ خواري آهي جڳ جي!
هي عيارن جي عيار، هي مڪارن جي مڪار.
آهي ناهموار ڪير؟ - دنيا مطلبي!
[شهناز ۽ فيروز اچن ٿا.]
شهناز:
(اشرف کي) ادا، فلڪ جاه ڪٿي آهي؟
اشرف:
بيبي، هوا کائڻ ويو آهي.
شهناز:
[ويهي ٿي] ڏٺئه ڪي؟ هن کي ذرو به اسان جو قياس ڪو
نه پيو!
[فيروز جي نظر صندو قڙيءَ تي رکيل خط تي پوي
ٿي، کڻي ڏسي ٿو، ۽ لفافي تي ماءُ جو نالو ڏسي،
ماءُ کي ڏئي ٿو.]
فيروز:
امان، هيءُ خط تنهنجي نالي جو آهي.
شهناز:
(حيرت ۾) منهنجي نالي! ابا، پڙهي ڏس ته ڇا
آهي.(پڙهي ٿو)-”بيبي صاحب مهربان، بيبي شهناز
بيگم، سلامت. افسوس آهي ته مرحوم ادي جي مال ملڪيت
۾ اوهان جي حقداري معلوم ٿي نٿي سگهي، جنهن نڪاح
نامي جو ادي ذڪر ٿي ڪيو، سو به هٿ نٿو اچي، جنهن
ڪري اوهان کي اسين پنهنجي خاندان ۾ داخل ڪريون.
هاڻي، اوهان جو هن گهر ۾ رهڻ، جهڙو اوهان جي لاءِ
تهڙو اسان جي لاءِ، نقصان آهي. تنهنڪري، بهتر آهي
ته اوهين ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي رهو ۽ پنهنجي رهڻ جي
هنڌ جو پتو مون کي ڏيندا رهو، ته اوهان کي مناسب
ماهيانو پهچايو وڃي. زياده سلام.“
[شهناز روئي ٿي، فيروز دلاسو ڏئيس ٿو.]
فيروز:
امان، نه روءُ. اسين بک مرنداسين، فاقا ڪڍنداسين،
پر هن بيرحم ظالم جو پگهار ڪڏهن نه وٺنداسين! (چڙ
مان ڪاغذ ڦاڙي، اڇلائي، لت هيٺ لتاڙي ٿو. ٻه نوڪر
عالمسوز جي حڪم موجب سندن خدمت لاءِ اچن ٿا، تن کي
ڏسي) بس، اڄ کان پوءِ هن گهر کي سلام آهي- هتي جو
داڻو – پاڻي اسان کي حرام آهي!
شهناز: شاباس ٻچا شاباس! خدا اولاد
ڏئي، ته اهڙو صالح ڏئي.
فيروز:
امان، جيجي، منهنجي دل ٿي چوي ته تنهنجو نڪاح نامو
ضرور هن گهر ۾ ڪٿي رکيو آهي.
اشرف:
سائين، اوهان جي چاچي ان جي گهڻي تلاش ڪرائي، پر
اهڙي ڪابه شي هٿ نه آئي، آءُ سڄو وقت حاضر هوس.
فيروز:
شايد هن جي نظر گُسي ويئي هوندي، يا انهن دغابازن
توسان ٺڳي ڪئي هوندي- جيسين آءُ پاڻ نه ڳوليندس،
تيسين سک نه پائيندس.
شهناز:
ابا، صندوقن ته سڀني تي مهر لڳل آهي، ڳوليندين
ڪيئن؟
فيروز:
مهر لڳل هوندي ته ڇا ٿيو؟ امان، جنهن شيءِ تي
تنهنجي عزت آبرو منحصر آهي، سا جي فلڪ جاه جي پيٽ
۾ بند هوندي، ۽ مٿس رڪ جي مهر ئي لڳل هوندي، ته
اها به ڀڃي آءُ تلاش ڪندس! (صندوقن تي نظر گهمائي)
هيءَ صندوقڙي ضروري ڪاغذن جي ٿي ڏسجي- شايد هن جي
ڪنهن خاني ۾ پيل هجي.
[پيتي کڻڻ گهري ٿو، ته نوڪر روڪيس ٿو.]
نوڪر:
سائين، پيتيءَ کي هٿ نه لايو.
فيروز:
(چڙ مان) ڇو، تون ڪير آهين جو جهلين ٿو؟
ٻيو نوڪر:
اسين نواب صاحب جي طرفان سامان جا سنڀاليندڙ
آهيون.
فيروز:
اسين نوابزادا ۽ گهر جا مالڪ آهيون، ۽ اوهان نوڪرن
جا پاليندڙ آهيون!
پهريون نوڪر:
گهر جو مالڪ نواب فلڪ جاه آهي، ۽ اُهو اسان جو
پاليندڙ ۽ اسان جو بادشاهه آهي.
فيروز:
نمڪحرامو، ڪالهه تائين ته اوهان جي هٿان اسان جي
جُتين جي صفائي ٿيندي هئي!
ٻيو نوڪر:
برابر، پر هاڻ اُها ڪُڪڙي مري وئي جا سونا آنا
ڏيندي هئي!
[انور اچي ماءُ کي ڀاڪر پائي چوي ٿو.]
انور:
امان، ڏس، چاچي جا نوڪر ٿا چون ته توکي پنهنجو
ننڍو گهوڙو ڪين ڏينداسين!
شهناز:
بابا، حرڪت ڪانهي، خدا ٻيو ڏيندو.
[روئي ٿي، ۽ انور کي پرچائي ٿي.]
انور:
امان، تون ڇو ٿي روئين؟ مون کي گهوڙو
نه گهرجي، تون نه روءُ!
[سڀ افسوس ڪن ٿا. فيروز ڏک ۾ ڳائي ٿو.]
(1) صبر ڪر ماءُ، تون غم نه کاءُ، نڪي جگر دل جلاءِ،
والي تنهنجو آهي خدا سدا- صبر..............
الم غم تنهنجو اهو وڃائيندو،
اچي بلا ڪائي
جفا، اسان کي اُن جا آسرا – والي.......
[شعر]
ڪٿي عورت سان ٿئي حاصل،
ڪٿي ذلت سان ٿئي حاصل،
خدا جنهن سان ملائي ٿو،
انهيءَ ملت سان ٿئي حاصل،
نه سک الفت سان ٿئي حاصل
نه ڏک نفرت سان ٿئي حاصل،
ٿئي حاصل بشر کي جيڪي،
سو قسمت سان ٿئي حاصل.
(پردو ڪري ٿو)
|