- شهري حياتيءَ جو ڳوٺن تي آڌار
اسان جو ملڪ پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، جنهن جي خوشحاليءَ ۽
واڌاري جو دارومدار پوکيءَ راهيءَ جي سڌاري ۽
واڌاري تي آهي. ملڪ جي آباديءَ جو 80 سيڪڙو ماڻهو
زراعت جي ڌنڌي ۾ رُڌل آهن، ۽ ڳوٺن ۾ رهن ٿا. قومي
آمدنيءَ جو 60 سيڪڙو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو. زراعت
جو دارومدار وري هاريءَ جي پورهيي ۽ سندس سڌريل
حالت تي رکيل آهي. جيستائين هاري سُکيو ۽ ستابو نه
آهي، تيستائين وڌارو ڪري نه سگهنداسون.
وڌندڙ آدمشماريءَ جو مسئلو دنيا لاءِ هڪ وڏو
مونجهارو ٿي پيو آهي. انهيءَ مسئلي کي زرعي
پيداوار وڌائڻ سان ئي منهن ڏئي سگهون ٿا. اهو ئي
سبب آهي، جو سڄي دنيا اڄ انهيءَ ڪوشش ۾ آهي، ته
زمين مان وڌ ۾ وڌ اَنُ اُپائي اناج جي کوٽ پوري
ڪجي، ته جيئن دنيا مان بک ختم ڪري سگهجي.
ان مان سمجهي سگهجي ٿو، ته دنيا جي مالي حالت جو پوکي راهيءَ
سان ڪيڏو نه گهرو ۽ گهاٽو لاڳاپو آهي. حقيقت اها
آهي ته هاريءَ جو دنيا تي وڏو ٿورو آهي. هو هَڏَ
هڻي، پورهيو ڪري اَنُ اُپائي ٿو، ۽ دنيا کي بک کان
بچائي ٿو.
هو ونئڻ پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي ڪپڙي تيار ڪرڻ لاءِ ڪپهه ملي
ٿي. ڪپهه ٽاڻڻ جا ڪارخانا، سُٽُ ٺاهڻ جا ۽ ڪپڙي
اُڻڻ جا ڪارخانا به ڄڻ ته هاريءَ جي پورهيي جي
پوئتان هلن ٿا.
هو ڪمند پوکي ٿو، جنهن مان اسان کي کنڊ ملي ٿي. کنڊ جا ڪارخانا
به چئبو ته هاريءَ جي پورهيي سان ئي لاڳاپو رکن
ٿا. اهڙيءَ طرح چانورن ڇَڙڻ جا ڪارخانا، اَٽي
پِيهڻ جا ڪارخانا ۽ ٻين ڪيترن ئي قسمن جا ڪارخانا
به ڄڻ ته هاريءَ جي پگهر جي پورهيي تي دارومدار
رکن ٿا.
شهرن جي سونهن ۽ سوڀيا، وڻج واپار جو چهچٽو ۽ بزارين جي چهل پهل
به هاريءَ جي پيداوار جي ڪري آهي. هارين جي
پيداوار تي ئي شهر جو واپار ۽ ڪارخانا هلن ٿا.
شهرن جي بازارن جي رونق جو ڪارڻ به هاري آهن،
ڇاڪاڻ ته شهرن جي دوڪاندارن جي وڏي آسامي هاري ئي
آهن. ڪڏهن هاري پاڻ خريداري ڪرڻ اچن ٿا، ته ڪڏهن
وري ڳوٺن جا ننڍا دڪاندار شهرن مان سودو سامان وٺڻ
اچن ٿا.
ان مان پڌرو ٿيندو ته شهرن جي شاهوڪاري ڳوٺاڻن جي ڪاروبار جي
ڪري آهي. شهرن ۾ رهندڙ ڪاروباري ماڻهو، توڙي سرڪار
يا خانگي نوڪري ڪندڙ ماڻهو ڳوٺاڻن جي ئي پورهيي جي
پيداوار مان پنهنجو روزگار ڪمائين ٿا. انهيءَ ڪري
چئبو ته شهرن ۾ هي جو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ
عمارتون، صاف ۽ سڌا رستا، وندر ۽ ورونهن جون
جايون، ڪارخانا، اسڪول ۽ ڪاليج نظر اچن ٿا؛ اهي
اصل ۾ ڳوٺاڻن جي ڪمائي مان جُڙيا آهن.
ڏٺو وڃي ته شهر جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ جون شيون به ڳوٺاڻا ئي
پهچائين ٿا. اناج، ڀاڄيون، ميوا، گاهه، کير، مکڻ،
ڪاٺيون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ڳوٺاڻا شهرين کي
پهچائين ٿا. اوهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن وقت ڪا هڪڙي
شيءِ به ڳوٺن مان ٿوري انداز ۾ ايندي آهي ته شهر ۾
ٻائيتال مچي ويندو آهي. هرڪو پريشان نظر ايندو
آهي، ۽ ضرورت جي شين هٿ ڪرڻ لاءِ، هيڏانهن هوڏانهن
پيو ڊڪندو آهي.
ڳوٺاڻن جي جيتري وڌيڪ اچ وڃ ٿيندي، ۽ جيتري وڌيڪ ڳوٺاڻن جي
پيداوار شهرن ۾ ايندي، اوترو وڌيڪ شهري شاهوڪار
ٿيندا، ۽ شهر جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ سڌارو ۽ واڌارو
ايندو.
2- اسلام ۾ پوکي
راهي تي زور
اسلام به پوکيءَ راهيءَ ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪايو آهي. قرآن
مجيد ۾ ڪيترين جاين تي زراعت جو بيان آيو آهي. هڪ
هنڌ آيو آهي:
”اهو خدا ئي آهي، جنهن باغات اُپائي آهي. جن ۾ مَنهِن تي چڙهيل
وليون به آهن، ۽ بنا مَنهِن تي چڙهيل به آهن.
کجيءَ جا وڻ ۽ پوک اُپائي، جن جو ذائقو جدا جدا
آهي. ان کان سواءِ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا وڻ پيدا
ڪيا. ڪي ته ذائقي ۽ شڪل ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، ۽ ڪي
نه هوندا آهن. ۽ جڏهن ميوا پَچن ته اهي کائو.“
(ترجمو)
ٻي جاءِ تي آيو آهي:
”انسان کي جڳائي ته ڪجهه پنهنجي کاڌي تي به نظر وجهي. اسان زور
شور سان مينهن وسايو ۽ زمين کي ڦاڙيو. پوءِ زمين
مان انگور، کجور، زيتون، اَنُ اُپايو، ۽ گهاٽا
ٻيلا اُپايا، ۽ ميوا گاهَه به، جيڪي توهان جي ۽
توهان جي جانورن جي فائدي لاءِ آهن.“ (ترجمو)
الله تعاليٰ اسان کي سمجهايو آهي، ته جڏهن پنهنجي پوکي راهيءَ
جي پيداوار ڏسو، ته خدا جي مهربانين کي ياد ڪيو:
”ٻڌايو، اوهان جا پوکي راهي ڪريو ٿا، ان جي پيداوار اوهان ٺاهيو
ٿا، يا اسان ٺاهيون ٿا؟ جيڪڏهن اسان چاهيون، ته ان
کي ناس ڪري ڇڏيون. ۽ توهان ڳالهيون ڪندا رهجي وڃو،
(۽ چئو ته) هي ته اسان تي تاوڻ پئجي ويو. اسان ته
نراس ٿي وياسين.“ (ترجمو)
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم به زراعت بابت هدايت
ڪئي آهي. فرمايو اٿن:
”توهان پنهنجو پيٽ- قوت، زمين جي ڳجهاين ۾ ڳوليو.“ (ترجمو)
هڪ وڏي عالم ”امام سرخسي“ ان جي اُپٽار ڪندي لکيو آهي ته ”زمين
جي ڳجهاين ۾ ڳولڻ“ مان مطلب آهي: پوکي راهي. پاڻ
سڳورن صه جي هڪ صحابي حضرت انس رضه فرمايو آهي، ته
نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو ته
”جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪو وڻ پوکي ٿو، يا ڪو پوکي راهي
ڪري ٿو؛ پوءِ ڪو پکي يا ٻيا ماڻهو يا جانور ان مان
کائي ٿو، ته اهو ان جي لاءِ صدقو آهي.“
هڪ عالم ”علامه عيني“ لکيو آهي، ته جيئن ته پوکي راهيءَ جو
فائدو مومن توڙي ڪافر ۽ هر ساهواري کي ملي ٿو،
انهيءَ ڪري اهو وڏو ثواب جو ڪم آهي. ”امان سرخسي“
پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته پاڻ سڳورن صه ”جرف“
نالي هڪ جاءِ تي پوکي راهي ڪئي هئي.
پاڻ سڳورا صه مديني منوره هجرت ڪري ويا هئا، ۽ مديني
منوره جي ماڻهن پنهنجي مهاجر ڀائرن جي وڏي عزت ڪئي
هئي. مديني منوره جا اهي ماڻهو هاري هئا. هو پوکي
راهي ڪندا هئا، ۽ پوک جي هنر جا وڏا ڄاڻو هئا.
مديني منوره جي پسگردائيءَ ۾ باغات هئي، ۽ ڪڻڪ جي
پوک به ٿيندي هئي. ڪيتريون ئي زمينون ۽ باغات اهڙا
هئا، جتي انجير، کجور، انگور، شفتالو ۽ ٻيا اناج ۽
ميوا ٿيندا هئا.
ڏکڻ ايشيا جي هڪ وڏي عالم حضرت شاهه ولي الله محدث
دهلوي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب حجة الله البالغه ۾
فرمائي ٿو:
”جنهن ملڪ ۾ کيتيءَ جي لائق زمين هجي، ۽ اتي جا رهاڪو سُستي ۽
لاپرواهي ڪن، ته ان ملڪ جي تباهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪري
نٿو سگهجي، عيش عشرت وارين شين ٺاهڻ جي ڀيٽ ۾ ملڪ
جو پڪو واڌارو پوکي راهيءَ ۾ آهي. ان جو سبب اهو
آهي، جو واپار توڙي هنر جو دارومدار ڪَچي مال تي
آهي.
جيڪڏهن ملڪ جي زمين پوکي راهيءَ جي لائق آهي ۽ ان هوندي به پوک
نٿي ڪئي وڃي؛ ته اهو ملڪ نه فقط واپار ۽ هنري
واڌاري ۾ پوئتي رهجي ويندو؛ پر پنهنجي حياتيءَ جي
گهرجن لاءِ به ٻين ملڪن ڳيجهُو ٿيندو.“ (حجة الله
البالغه)
ان مان معلوم ٿيندو، ته اسلام پوکي راهيءَ جي ضرورت تي
ڪيترو نه ڌيان ڏنو آهي. اسلام کان اڳ، هاريءَ توڙي
پورهيت کي تمام گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو هو، ۽ غلام
ڪري ليکيو ويندو هو. انهن کي تمام گهٽ اُجرت ڏني
ويندي هئي، ۽ کين زوريءَ بيگر ۾ وهايو ويندو هو.
اسلام انهن ڳالهين جي منع ڪئي آهي. اسلام اسان کي
سيکاريو آهي ته پورهيت ۽ هاري وڏي مانَ جا لائق
آهن. انهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن جو حق نه
کائجي. ان کان سواءِ اسلام هاري ۽ آبادگار کي
هيٺين سهوليتن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي:
1- ڍل گهٽ ۾ گهٽ وٺڻ.
2- هاريءَ کي وڌ ۾ وڌ سهوليتون رعايتون ڏيڻ.
3- غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ.
4- آبپاشيءَ جي ذريعن کي سُٺو ۽ آسان بنائڻ.
پراڻي زماني ۾ زميندار، هارين کان زوريءَ بيگر وٺندا هئا، ۽
انهن کي پيداوار جو تمام گهٽ حصو ڏيندا هئا، اسلام
اهڙي هلت کي ڌڪاريو آهي، ۽ اسان کي سيکاريو آهي ته
هاريءَ کي پورو حصو ڏيون، جيئن هو سکيو ۽ آسودو
رهي. ان سان گڏ جيترو پڄي سگهي، اوتري ان جي مدد
ڪريون. |