سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2006ع

مضمون --

صفحو :7

 

زرينا عباسي

ڊي اين اي ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ

حياتياتي سائنس ۾ ڊي اين اي جي ڳولا سائنس جي دنيا ۾ نوان گس ڏنا آهن. اڄ جي جينٽڪس، جينٽڪ انجنيئرنگ، بائيو ٽيڪنالوجي، ماليڪولر بائلاجي ۽ اهڙيون هڪ ٻئي سان ويجهو تعلق رکندڙ سائنس جون ٻيون ڪيتريون ئي شاخون صرف ۽ صرف ڊي اين اي جي چؤگرد ڦرن ٿيون. ڪلوننگ (Cloning) جهڙي ڪارنامي ته عقل دنگ ڪري ڇڏيو آهي. يعني اڄ خود انسان چاهي ته پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان هڪ انسان جو هوبهو نقل تيار ڪري سگهي ٿو.

ڊي اين اي (DNA) هڪ ڪيميائي مادو آهي، جنهن کي ڊي آسڪيرائبوز نيوڪلڪ ائسدڊ (Deoxyribose nucleic acid) سڏجي ٿو. هن دنيا ۾ جيترا به جاندار آهن پوءِ هي هڪ سيل جا هجن يا گهڻن سيلن جا ٺهيل هجن. اهي ٻوٽا هجن يا جانور هجن. سمورا سيلن جا ٺهيل آهن. بلڪل ائين جيئن ڪوبه گهر هزارين سرن مان ٺهي ٿو.هر سيل جي وچ ۾ هڪ نيوڪلس ٿئي ٿو، جنهن کي سيل جو مرڪز به سڏجي ٿو. ان سيل جي مرڪز ۾ ڌاڳي نما ڪروموسومز ٿين ٿا جن ۾ ڊي اين اي هوندو آهي.

ڊي اين اي جي بناوٽ ٻن لڙين تي مشتمل هوندي آهي ۽ اهي ٻئي لڙيون جي چوٽيءَ وانگر هڪ ٻئي سان وڪوڙيل هونديون آهن. ڊي اين اي جي بناوٽ جا ٽي بنيادي جزا آهن، جنهن مان پهريون نائٽروجن بيسز آهي، جيڪو ٻن قسمن جو آهي هڪ پيورين (پيورين جا وري ٻه قسم آهن، ايڊنن ۽ گينن) ۽ ٻيو پرمئڊين (پرمئڊين جا ٻه قسم آهن، سائوٽسين ۽ ٿائمنس)، ان کان علاوه ٻئي نمبر تي شگر، جيڪا ڊي آڪسيرائبوز هوندي آهي ۽ فاسفيٽ ان جو ٽيون جزو آهي. ڊي اين اي جيئن اڳ چئي آياسون ته هميشه پاڻ ۾ چوٽي جي شڪل ۾ ملن ٿا. جنهن کي ڊبل هيلڪس (Double Helix) يا ٻٽو وڪڙ به سڏجي ٿو. هن عمل ۾ هر ايڊينن + ٿائمن سان ۽ هر سائٽوسين + گينن سان جوڙو ٺاهي ٿي، اهي نائٽروجن بيسز وري شگر، جيڪا پينٽوز هوندي آهي، ان سان ڳنڍيل هوندا آهن ۽ شگر وري فاسفيٽ سان مليل هوندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي ٽئي جزا يعني نائٽروجن بيسز + شگر + فاسفيٽ پاڻ ۾ ملي ڊي اين اي جي هڪ ڪڙي ٺاهن ٿا، جنهن کي نيو ڪلوٽائڊ سڏجي ٿو، ڊي اين اي جون اهڙيون ڪيتريون ئي لڙيون سيل جي مرڪز ۾ موجود هونديون آهن.

ڊي اين اي جي خاص ڪمن مان هڪ ڪم اهو آهي ته ڊي اين اي اَڍَ (heredity) وارين سمورين خاصيتن کي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪري ٿو. هڪ هاٿيءَ جو ٻچو هاٿي جهڙو، هڪ ڀولڙي جو ٻچو ڀولڙي جهڙو يا هڪ انسان جو ٻچو، انسان جهڙو آهي ته فقط انڪري جو ڊي اين اي والدين جون خاصيتون پيدائش دوران نئين پيدا ٿيندڙ ٻار ڏانهن منتقل ڪري ٿو. ان کان علاوه ڊي اين اي سيل جي اندر عضون جي اندريان پوري جسم اندر ٿيندڙ سمورن عملن کي ڪنٽرول ڪري ٿو. ڊي اين اي واڌ واري عمل کي به هلائي ٿو.

ڊي اين اي ٽيسٽ

جيئن اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته سائنس جي ترقي انساني عقل کي دنگ ڪري ڇڏيو آهي. انسان جي ٺهڻ، ان جي ڄمڻ ۽ بعد ۾ هن دنيا اندر رهندي، هن جي روين متعلق سائنسي تحقيق جا نوان رُخ سامهون آيا آهن. اڄ اسان ڄاڻون ٿا ته نه صرف انسان پر هر ساهه وارو هڪ سيل يا گهڻن سيلن جو ٺهيل آهي. اسان جا عضوا، اسان جو ماس، اسان جا هڏا ۽ هر هڪ جسماني شئي سيل Cell (گهرڙي) جي ٺهيل آهي ۽ سيل زندگيءَ جو بنيادي جزو آهي. هيءَ ڳالهه به اسان اڳ ۾ ڪري آيا آهيون ته گهرڙي جي وچ ۾ هڪ مرڪز هوندو آهي، جنهن ۾ موروثي ڌاڳا (ڪروموسومز) هوندا آهن. اهي ڪروموسومز يا موروثي ۽ ڌاڳا جاندارن جي سيل ۾ مخصوص ۽ مقرر تعداد ۾ هوندا آهن، انهن جي تعداد ۾ گهٽ وڌائي ڪنهن نه ڪنهن نقص جو سبب هوندو آهي. جيئن انساني سيل اندر انهن موروثي ڌاڳن جو تعداد جوڙن جي صورت ۾ 32 ۽ ايڪٽوٽي جي صورت ۾ 46 هوندو آهي. اهي موروثي ڌاڳا والدين ۽ انهن جي ابن ڏاڏن جون وصفون انهن جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندا آهن، ڇاڪاڻ جو انهن ۾ ڊي اين اي هوندو آهي. ”ڊي اين اي چڪاس“ يا ”ڊي اين اي ٽيسٽ“ بابت توهان اڪثراخبارن، فلمن يا ڊرامن ۾ ضرور ٻڌو هوندو ته ڪنهن جاچ کي مڪمل تسليم ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته ڊي اين اي رپورٽ ڪرايو. تازو جڏهن سونامي جي تباهه ڪارين بعد هڪ ٻار جي زندهه ملڻ کان پوءِ گهڻا جوڙا ان جي دعويدار طور سامهون آيا ته اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو ته ٻار ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن کي ڏجي، تڏهن ان ٻار جي ڊي اين اي رپورٽ ڪرائي وئي ۽ ان جي آڌار تي ان جي صحيح ۽ حقيقي والدين جو پتو لڳائي ٻار انهن جي حوالي ڪيو ويو. ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ سولو ۽ سستو ڪم ناهي. اسان جي ملڪ ۾ اها ٽيسٽ صرف ٻن وڏن شهرن ۾ ممڪن آهي نه ته گهڻن هنڌن تي اها سهولت ممڪن ئي ناهي.

ڊي اين اي رپورٽ اصل ۾ هڪ اهڙي ليبارٽري ٽيسٽ آهي، جنهن ۾ سادي نموني سان اسان سمجهي سگهون ٿا ته ٻن ماڻهن جي ڊي اين اي کي ڀيٽايو ويندو آهي. هڪ جهڙيون ڊي اين اي رپورٽ ٿيڻ جي صورت ۾ انهن ٻن ماڻهن جو پاڻ ۾ تعلق ثابت ٿي ويندو آهي. ڊي اين اي جي رپورٽ يا ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ رت جي سيلن، پيدائشي جزن يا جسم جي تاندورن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. انهن سيلن جي مرڪز ۾ موجوده موروثي ڌاڳن ۽ انهن ۾ موجود ڊي اين اي کي ڪڍيو ويندو آهي. ان کان پوءِ ڊي اين اي کي هڪ ائنزائم رستي ان ڊي اين اي کي 600 کان 700 ٽڪرن ۾ ٽوڙيو ويندو آهي. ڊي اين اي بناوٽ جي لحظ کان ٻن لڙين تي مشتمل هوندا آهن ۽ هر لڙيءَ جي پڇاڙي هڪجهڙي هوندي آهي. هر انسان جي سيل ۾ موجود ڊي اين اي جي لڙين جون پڇاڙيون مختلف هونديون آهن. ڊي اين اي کي ٽوڙڻ بعد هڪ ٻي ٽيڪنڪ جنهن کي اليڪٽرو فورسز سڏجي ٿو. ان رستي ڊي اين اي جي ٽڪرن کي سائز جي حوالي کان هڪ ترتيب ۾ رکيو ويندو آهي. ان کان ٻئي انسان جي رت وارن سيلن يا جسم جي ڪنهن به حصي مان حاصل ڪيل ڊي اين اي جي جزن کي پڻ اڳئين عمل مان گذارڻ کان پوءِ اهوڏٺو ويندو آهي ته ٻنهي انسانن جي ڊي اين اي جي لڙين جون پڇاڙيون پاڻ ۾ هڪ جهڙيون آهن يا نه، هڪ جهڙي بناوٽ هجڻ جي صورت ۾ ڊي اين اي ميچ ڏيکاريوويندو آهي ۽ هڪ جهڙي بناوٽ نه هجڻ جي صورت ۾ ڊي اين اي جي رپورٽ ميچ نه ڏيکاري ويندي آهي.

 

شمشاد مرزا

بابل

ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻيءَ جڳُ،

لڳي ٿو بابل توکان سواءِ!

ڇانو ڇپرمٿي تي ڪونهي،

اڀ وشال ڏٺو ڪونهي،

لڳو ڪانُ هينئڙي لڳ

ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻي جڳُ،

لڳي ٿو بابل توکان سواءِ!

نيريون اجهاڳ تنهنجيون اکڙيون

سخن سهڻا ٽڙيل مکڙيون،

ور ور پيون مرڪن

ڏيئاٽيون ٿيون جرڪن

لڳي ڪنهن جي نظر؟

کڻي مٽائيءِ پڳ

لڳي ٿو بابل توکان سواءِ!

چندن چهرو موهيل ماهتاب!

ٿيندو هو جهٽ ترين تي حساب

پل ۾ کلي ويندو هو ڪتاب

ڪري سوگهي هٿن جي رڳ

ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻي جڳ

لڳي ٿو بابل توکان سواءِ!

سونهن سکرُ مهراڻي موهه هين

بت اسان روح تون هين

علم ادب رنگ - تصوف

ها تنهنجي وجدان جا معرف

ڪامل هين عامل هين تون

هرفن جو ماهر هين تون

ٽيبل تنهنجي سينگاريل اوئين

موٽي ايندين جيئن وئين

هر شيءِ تنهنجي اوسيئڙيل

 ڀاتي گهر جو هر هڪ اُڪريل

تنهنجو ڇهاءُ هر پاسي ڇانئيل!

تنهنجو هڳاءُ هر پاسي وکريل!

نيڻ آهن ڀريل ڀريل!!

سُجهي نٿو ڪو دڳ

ريءَ ٿنڀي ريءَ ٿوڻي جڳُ

لڳي ٿو بابل توکانسواءِ!

 

پروفيسر رشيده ڀٽي

جڏهن نڙيءَ منجهه خارش ٿي پوي، ته ڇا ڪجي؟

عام طور تي نڙيءَ جي خارش کي انگريزيءَ منجهه اسين هيٺين ريت سمجهي سگهون ٿا، ته (Sore Throat) ڇا آهي؟ اصل ۾ گلي جي خارش کي ميڊيڪل سائنس ۾ اَڪيوٽ فيرنجائٽس (Acute Pharyngitis) سڏيو وڃي ٿو. گلي جي خارش ڪنهن بيماريءَ جو نالو نه آهي، پر اهڃاڻ يا علامت ضرور آهي. (Syonplom) اهڙو اهڃاڻ يا علامت جيڪو بئڪٽيريا يا وائرل انفيڪشن جي موجودگيءَ جو احساس ڏياري ۽ خبردار ڪري. جيئن ته اسان کي خبر آهي، ته نڙي يعني ٿروٽ (Throat) نڪ (Nose) اسان جي جسم جا سڀ کان پهريان ۽ ضروري عضوا آهن، جيڪي حفاظتي اُپاءَ وٺرائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا ۽ ٻاهران هوا جي ذريعي، جيڪي مٽيءَ جا ذرڙا ۽ نظر نه ايندڙ ننڍڙا جيوڙا شامل هوندا آهن، تن کي يعني (Airborve or ganisms) کي اتي جو اتي روڪڻ ۾ مدد ڏيندا آهن، ڇو ته تنتي اوڄ (Tissues)، جيڪي اتي موجود هوندا آهن، سي سڀ کان پهريان متاثر ٿي پوندا آهن. مثال طور: اوچتو سرديءَ جي لهر اچڻ سان، سردي ۽ زڪام يا وري نڪ جي اندر ناسن منجهه انفيڪشن پيدا ٿي پوندو آهي، جنهن ڪري گلي ۾ خارش محسوس ٿيندي آهي. هوا ۾ موجود جيوڙا، ۽ کٽين شين جي استعمال سان اچانڪ ايندڙ ٿڌن ڏينهن ۾ گلي ۾ خارش ٿي سگهي ٿي ۽ اهو عمل ننڍڙن ٻارن ۾ تڪڙو نظر ايندو آهي. جڏهن ته وڏن ۽ بالغ ماڻهن منجهه گهڻو ڪري وائرل انفيڪشن ان ڳالهه جو سبب بڻجندو آهي. سرديءَ جو لڳڻ ۽ زڪام جو پيدا ٿيڻ آهستي آهستي وڌي گلي جي خارش واري صورتحال پيدا ڪري وجهندو آهي، جنهن ڪري ڪنن ۾ پڻ خارش محسوس ٿيندي آهي ۽ ڳيت ڏيڻ ۾ ڏکيائي درپيش ايندي آهي. جڏهن ته ٻئي طرف بئڪٽيريل انفيڪشن تمام تڪڙو ۽ سور سان گڏ هلڪو بخار به ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ هيٺيون علامتون نظر اينديون آهن:

(1) چڀندڙ، خارش محسوس ڪرائيندڙ احساس، جيڪو گلي (نڙيءَ) جي پوئين پاسي يعني (اندرين پاسي) محسوس ٿيندو رهڻ.

(2) سخت سور ۽ اندر ۾ گرميءَ جو احساس ڏيندڙ تڪليف، جيڪا گهڻو ڪري ڪنن ۾ به محسوس ٿيندي آهي.

(3) کاڌي کائڻ وقت، ۽ پاڻي پيئڻ وقت، يعني ڳيت ڏيڻ ۽ اُڳرڻ مهل بي انتها تڪليف محسوس ٿيڻ. مثال طور: گرهه کي اُڳرڻ مهل تڪيلف محسوس ٿيڻ.

(4) آواز جو دٻجي وڃڻ.

گهڻي ڀاڱي جيڪڏهن گلي جي خارش هڪ وائرس سبب هوندي آهي، ته پوءِ ازخود ٽن کان ڏهن ڏينهن اندر خارش ختم ٿي ويندي آهي، ۽ نڙي بلڪل صاف سٿري محسوس ٿيندي آهي. پر جيڪڏهن توهان جي نڙيءَ منجهه بئڪٽيريل انفيڪشن ٿي پوي، ته پوءِ مٿي ڄاڻايل فرق واريون علامتون غور سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ پوءِ جيڪڏهن پڪ سمجهجي، ته انفيڪشن بئڪٽيريل آهي، ته پوءِ لازمي طور تي توهان کي اينٽي بائيوٽڪس (Antibiotics) وٺڻيون پونديون. ادرڪ ۽ ٿوم اهڙن زخمن کي ڇٽائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهي ٻيئي قدرتي طور تي ”ٽانڪ“ طور ۽ مزاحمت ڪندڙ ٻوٽا سمجهيا وڃن ٿا. جيڪڏهن توهان ادرڪ (تازي) کي چمچي وغيره تي رکي ٿورو زور ڏيئي ۽ عرق ڪڍي وٺو ۽ پوءِ ماکي (هم وزن) ملائي رات جو سمهڻ وقت کائي ڇڏيو، ته توهان کي انشاءَ الله تعاليٰ تمام جلدي آرام اچي ويندو. نڙيءَ جي خارش هجي يا وري خشڪ کنگهه ۽ ڪنن منجهه خارش محسوس ٿيندي هجي، توڙي جو گڏوگڏ نڪ منجهه خارش ۽ پاڻي ايندو هجي. بهرحال هر صورت ۾ انهن جو استعمال بي انتها فائديمند ٿئي ٿو، ڇو ته انهن جي استعمال سان نقصان ڪوبه ڪونه ٿيندو.

جيئن ئي نڙيءَ منجهه خارش شروع ٿئي، ته پاڻيءَ منجهه لوڻ ملائي، پوءِ نيم گرم ڪري، ”غراڙا“ (gargle) ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، بنان ڪنهن سوچ ۽ ويچار جي ۽ بنان ڪنهن دير جي. پهرين ئي ڏينهن کان وٺي ان جو استعمال شروع ڪرڻ سان، ڪافي حد تائين تڪليف تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو ۽ دوائن جي استمعال کان بچي سگهجي ٿو. نسخو هن ريت آهي: هڪ ”گلاس“ پاڻيءَ منجهه اڌ چمچو ”لوڻ“ ملائي نيم گرم ڪري استعمال ڪرڻو آهي.

سموڪنگ (Smooking) يعني سگريٽ، ٻيڙي وغيره بند ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن کان اٺ گلاس پاڻي ۽ ٻيون پاڻياٺيون شيون مثال طور: سوپ وغيره، جن ۾ نه صرف ڪڪڙ (مرغي)، بلڪ دالين وغيره جو سوپ به شامل ڪري سگهجي ٿو. چوڻ جو مطلب هيءُ آهي، ته پاڻياٺ واري يعني پٽڙي غذا وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان سوپ (Soup) هر قسم جي غذا جو حاصل ڪري سگهون ٿا، انڪري سوپ جو استعمال وڌائي ڇڏجي، ته جيئن جسم منجهه پاڻياٺ جي ڪمي نه ٿي پوي ۽ ان تي ڪنٽرول رکي سگهجي. اهڙا شربت جيڪي ڪيفين (Caffiene) تي مشتمل هجن، تن جو استعمال روڪي ڇڏجي ۽ سادا مگر گرم”سوپ“ استعمال ۾ رکي، پنهنجي ”صحت“ کي تمام سولائيءَ سان بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

”صحت“ کي برقرار رکڻ لاءِ نه صرف ”غذا“ ۽ ”غذائي اهميت“ جي ڄاڻ ۽ سمجهه رکڻ ضروري آهي، پر گڏوگڏ اصلي ڳالهه آهي ”صفائيءَ“ جو خيال رکڻ. اسان جي نبي سڳوري حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي، ته ”صفائي“ نصف ايمان آهي. سو ”صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ”صفائي“ جو اهتمام ”گهر“ کان شروع ٿئي ٿو. توهان جو ”گهر“ صاف سٿرو هوندو، ته توهان ٻين لاءِ به نمونو بڻجي سامهون ايندؤ. جيئن چوڻي آهي، ته ”جيءُ خوش، ته جهان خوش.“ صحت آهي ته سڀ ڪجهه آهي.

 

*

 

شگفته شاهه

وائي

رڳو انا جي تسڪين خاطر،

ارمانن جو خون ٿي ويو

هي ڇا ٿي ويو؟!

محبتن جي شهر ۾ اڄ،

دونهون نفرتن جو ڀرجي ويو

هي ڇا ٿي ويو؟!

هُو شخص جو اجنبي هو،

دل ۾ منهنجي پيهي ويو

هي ڇا ٿي ويو؟!

منهنجي ملڻ ۽ وڇڙڻ کان پوءِ،

هو شخص شاعر بڻجي ويو

هي ڇا ٿي ويو؟!

اميد ته هئي درگذر جي مگر،

الزام هڪ ٻيو به لڳي ويو

هي ڇا ٿي ويو؟!

انتظار ڪندي ڪندي نيٺ،

دروازو دل جو بند ٿي ويو

هي ڇا ٿي ويو؟!

هو جيڪو دشمن جان هو،

اڳواڻ سوئي منهنجو ٿي ويو

هي ڇا ٿي ويو؟!

 

ستار رند

رستا قبر ٿي ويا آهن

منهنجا پرين

تنهنجي وڇوڙي

مون کي بي ستو

ڪري ڇڏيو آهي

مان پنهنجي ئي ديس ۾

اجنبي ٿي ويو آهيان

اجائي زندگي گذارڻ جي

ڪوشش ۾ هر لمحي

منهنجي نيڻن ۾ تنهنجي ياد

موت پئي پوکي

۽ رستا قبر ٿي ويا آهن

 

خوبصورت نرس

نرس

جنهن مون کي

پنهنجو نانءُ نه ٻڌايو آهي

(پر نالا مون کي

ياد نه رهندا آهن)

منهنجو ڏاڍو خيال رکندي آهي

ڏاڍي ڌيرج ۽ پيار سان

ڳالهائيندي آهي

ڪڏهن ڪڏهن منهنجي وارن ۾

ائين آڱريون ڦيري ٿي

ڄڻ منهنجي

ماءُ آهي

 

حميرا نور

زماني جي روَش

تون منهنجي

بدن جو وارث آهين

مان تنهنجي

بدن جي وارث هوندي به وارث ناهيان

تون منهنجو رازدار آهين

۽ مان تنهنجي

رازدار هوندي به رازدار ناهيان

تون ناراض ٿي

مون کي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏين ٿو

۽ مان

نه ناراض ٿي سگهان ٿي

نه توکي ڌمڪي ڏئي سگهان ٿي

پيارا!

زماني جي روَش پاڻ ٻنهي لاءِ هڪ جهڙي ناهي

تنهنجي لاءِ ته

زماني جو هر دروازو

هر وقت هر هنڌ

کليل آهي ۽ کليل رهندو

۽ منهنجي لاءِ

بدقسمتيءَ سان

کليل در به بند ٿي ويندا

هوا گهلڻ ڇڏي ڏيندي

خوشبو اچڻ ڇڏي ڏيندي

دنيا ملڻ ڇڏي ڏيندي

 

جائز ڳالهه

منهنجا

سڀئي گيت

ان عورت جي نانءِ آهن

جيڪا جائز ڳالهه ڪندي

مرد کان

موچڙا کائي ويهي رهي ٿي.

 

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com