ٻه اکر
ٻڍل فقير جي ڪلام ۾ نفاست، نزاڪت، رواني ۽ رحم
موجود آهي، ويٺي ويٺي ان جي ڪلام کي ڳائي سگهجي ٿو
۽ جهونگاري سگهجي ٿو، اهوئي ڪارڻ آهي جو، شاهه ۽
سچل کان پوءِ وڌ ۾ وڌ سندس ڪلام ڳايو وڃي ٿو.
جهڙيءَ ريت سندس زندگيءَ ۾ سادگي هئي، تهڙيءَ ريت
سندس ڪلام ۾ به سادگي نمايان آهي ۽ گڏوگڏ فڪري طور
تي ٻڍل فقير پنهنجي همعصرن کان اڳڀرو آهي.
لڳ ڀڳ سال 1941ع ۾ سرڳواسي آنندرام طوطلداس ٻڍل
فقير جي ڪلام جو مختصر انتخاب ڪتابي صورت ۾ ترتيب
ڏيئي ڇپايو هو، سو به ڪيترن ئي سالن کان دستياب
ڪونهي. يار نياز سرڪي محبت ۽ محنت سان ٻڍل فقير جو
رسالو ترتيب ڏئي اسان پڙهندڙن تي احسان ڪيو آهي.
جاويد ساغر
ٿل- سنڌ
8 آگسٽ 2004ع
ٻڍل فقير
وَرِيو اُمت جو وارو، آيو نبي سونهارو،
سونهن سوڀارو.
_ در در خوشيون، خير جو ٿيڙا،
گهٽيءَ گهٽيءَ گلزارو.
_ ملڪ ساري ۾ ٿيو مشهوري،
نورَ جنهين جي جو نعرو.
_ صدقي صدقي ساهه سڄڻ تؤن،
سر گهوري نِيندس سارو.
_ روح ’ٻڍل‘ جي کي ٿي روشنائي،
ويو اندر جو ته اَنڌارو.
هيءُ روح ريجهائيندڙ ڪلام، جنهن ۾ سرور عالم، نبي
آخر زمان رسول رحمت ﷺ جي آمد جو ذڪر آهي ۽ اُن جي
نتيجي طور، در در خوشيون ۽ خير، نور جا نرمل نظارا
۽ نينهن جا نعرا ڏسڻ پسڻ ۾ آيا، ٻڍل فقير جو آهي،
جنهن کي عام طور ”ٻڍڙو فقير“ چوندا آهن. جن ماڻهن
کيس زندگيءَ ۾ ڏٺو، تن ڀلي ڀت ڄاتو ته هو ويراڳ ۽
تانگهه جي تپش ۾ پڪل، سگهو ۽ سونهارو درويش هو،
جنهن ازلي آلاپن جي ذريعي انسانن کي الست جو
وساريل ورق ياد ٿي ڏياريو.
شڪارپور ۽ سلطان ڪوٽ جي شاهاڻين شهرن جي وچ تي،
چوئي شاخ جي ساڄي ڪپ سان آباد بخشي اُنڙ جي ڳوٺ ۾،
سال 1865ع ۾ فقير عبدالواسع جي گهر، هڪ نينگر
ڄايو. سالن کان اولاد جي اوساٽ ته ختم ٿيس، پر
عبدالواسع کي اها ڄاڻ نه هئي ته سندس نينگر سڄي
ڄمار عشق الاهيءَ جا جام پيئڻ جي باوجود، اُڃيو ۽
اوساٽيل ئي رهندو. خود کان بي خبر، مستانن جيان
واٽن تي رهندڙ، جهنگ جاليندڙ، رنگ ڍنگ ۾ نرالو،
ڳالهه ٻولهه ۾ بانولو، ٻڍل پنهنجي اباڻي ڪرت ۾ لڳي
ويو. ڍورن جو ڌنار، ڪلهي تي يڪتارو رکي، ياد ڪرڻ
لڳو پنهنجو يار- چيائين:
سِگهڙو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون.
”فذڪُروني اذڪُر ڪُم“ جو عملي تفسير ترت سامهون
آيو بندو گهري ۽ بنده نواز نه ڏي- اِهوالله جي سنت
کان گهڻو بعيد آهي، وهمن وسوسن ۾ ڦاٿل مائٽن ڪنهن
آسيب جو واسو سمجهي، سُتين ڦڪين، جهاڙن ۽ تعويذن
سان، سندس تن جي تات ۽ من جي لات کي ماٺو ڪرڻ
چاهيو؛ پر اها درد جي دونهين، چت جي چڻنگ، عشق جي
اُلن ۾ تبديل ٿيندي رهي- سندس شروعاتي زندگي
مجذوبيءَ ۾ مستيءَ جي حالت ۾ گذري، ڪنهن مڻيا واري
مرد جي ضرورت هئي جيڪو قلب جي قوت کي محبت جي
ماهيي سان اڪسير بڻائي؛ دکي دلين جي درمان دور ڪري
۽ آتسِ عشق سان ڪدورت ۽ نفرت کي ساڙي، سِيتل سڪ
سان سڀني کي سيراب ڪري. اهو مڻيادار مرد، پير
سائين حزب الله شاهه راشدي پير پاڳارو هو. سندس
خاندان مان ميان علي سرور شاهه، هڪ لڱا ٻڍڙي فقير
جي ڳوٺ آيو. سندس دردي آلاپ ٻڌي، پنهنجي هڪ مريد،
فقير فريد کي حڪم ڏنائين ته درگاهه تي وٺي اچوس.
حضرت پير پاڳاري ٻڍڙي سائين کي ڏسي، پريان ئي هڪل
ڪئي ته اِهو روهڙي وارو ’بيدل‘ فقير ته ناهي؟
بهرحال ويجهي اچڻ سان، ٻڍل رنڱجي ويو. پير پاڳاري
ميان حزب الله شاهه فرمايو ته ”ٿانو سٺو آهي، صرف
سنباڻ جي دير اٿس.“
وجود جي ورق ڌوئڻ يعني نفس جي تزڪيه لاءِ، ذڪر
الاهيءَ جي ضرورت آهي. دل هڪ ظرف آهي، جنهن جي مير
۽ ڪَٽ جي ڪَس کي صاف ڪرڻ لازمي آهي، انهيءَڪري
صوفياڻيءَ شاعريءَ ۾ دل يعني قلب جو بيان گهڻو اچي
ٿو. دل کي ٿانوَ سان تشبيهه، بيدل فقير به ڏني
آهي. هڪ طالب وٽس گهڻو وقت رهيو، پر کيس پلئه ڪجهه
نه پيو، سو بيدل سائين کان چٺي وٺي، مخدوم محمد
اسماعيلؒ پريالوءِ وٽ ويو. فقير لکيو هو ته سالڪ
وٽ ڪو ٿانوَ ئي ڪونهي، جنهن ۾ ڪجهه اوتي. مخدوم
صاحب چٺي پڙهي، طالب تي نظر ڪئي، کيس ٻڌايو ته
جيڪي ڪجهه سندس قسمت ۾ هو، سو کيس ملي چڪو آهي. ٻه
لفظ بيدل سائين لاءِ به لکي ڏنائينس. چي: جنهن کي
ڪجهه ڏبو آهي، اُن لاءِ ٿانو جو بندوبست به ڪبو
آهي.
سائين حزب الله شاهه به ٻڍڙي کي ٻلواڻ بنائي ڇڏيو.
هڪ ئي نظر ۾ نينهن جو نظارو ٿي ويو. سندس هنيون
حڪمت ۽ معرفت جو ماڻ بڻجي پيو ۽ دل دوئيءَ جي دلدل
کان وانجهي ٿي ويئي. ڪسبي علم جي ضرورت نه رهي ۽
عشق جا آلاپ، جالاري جَر جيان جاري ٿي ويا.
ٻڍڙو فقير بنيادي طور ڪافيءَ جو شاعر آهي. هن سنڌي
اساسي شاعريءَ جي روايت کي بحال ڪيو ۽ نيم ڪلاسيڪي
داستانن جهڙوڪ سسئي، مارئي ۽ سورٺ ۽ پنجابي قصي
هير رانجهي کي ڳايو. عارفانه موضوعن تي، سندس بيت
۽ ڏوهيڙا، شاهه ڀٽائي ۽ سچل سائين جي رنگ ۾ رنگيل
آهن.
سچل سائين جو هڪ مشهور ڪلام آهي:
ڇوڙ گمان گدائي دا، شملا چا ٻَڌ شاهي دا.
ٻُڍڙي فقير به انهيءَ زمين ۾ ڪافي چئي آهي.
دنيا ڇوڙ ته دلبر ويکين، آهين نُور الاهي دا
تو ۾ آهي ذات ظهورو، شملا چا ٻڌ شاهي دا
_وحدت دي وچ گم ٿيءُ ’غازي‘ مکڙا ويکين ماهيي دا
_هِت هُت عاشقن موجان ماڻين، پي پيالا بقائي دا
_عشق ’ٻڍل‘ اوکي باري، سَودا ڪري صفائي دا
اهڙي طرح سندس ٻين همعصرن جهڙوڪ مولوي عبدالغفور
’مفتون‘، همايوني ۽ فقير رکيل شاهه جي ڪلامن جون
ڪڙيون ٻڍي فقير جي رسالي ۾ سندس پنهنجي رٿا ۽ ليءِ
سان روشن اچن ٿيون- مثلاً
جن انسان ملڪ حوران ديو پريون
تجلي تاب تُنهنجي چوري ڪيون سي چَريون
ڪُٺيون قرب تنهنجي، ڪيون ذوق ذريون
موهي ملڪ سارو، تو مستان ڪيو...
... تنهنجي حُسن سَڄڻ حيران ڪيو.
جوڳي جي تمثيل سان، هُن ’حقيقت محمدي‘ جو اظهار
ڪندي چيو آهي:
جوڳي آدم ڪَنُون اڳي جو هيڙا
سج چنڊا تارا پوءِ پيدا ٿيڙا
آدم پوءِ بنايا ڙي-
هِت مسافر آيا ڙي!
معراج جي واقعي کي جانب جو جمال ۽ رب جو راز چيو
اٿس:
سيد تي راز ٿيو رب جو، ويو معراج تي جاني،
نَڪو سِج هو، نڪو چنڊ هو، نڪي ڪتيون نڪي تارا،
هُيو آدم کون به اڳهين، نبيءَ جو نور نوراني.
فقير صاحب جو رسالو ٻه دفعا ڇپيو آهي. ان ۾
ڏوهيڙا، بيت، سسئي جي ڏاکڙي جا ٽيهه ڏينهن ۽ 178
ڪافيون آهن، جيڪي سادي سلوڻي زبان ۽ ليءِ جي ڪري،
گهڻي تاثر ۽ درد وارو صوفياڻو ڪلام آهي. مختصر
ٻول، پنهنجي سادگيءَ سببان، فقير صاحب جي خلوص،
محبت ۽ ڀلائيءَ جي ڀنڊار جي گواهي ڏين ٿا. 19
ڪافين ۾ نبي سڳوري جي نعت آيل آهي، جيتوڻيڪ سندس
سمورو ڪلام گهڻو ڪري، آنحضرت ﷺ جن جي محبت سان
ڀريل آهي ۽ هنڌين ماڳين رسول ڪريم ﷺ جي ذات اقدس
ڏانهن قربائتا ۽ سڪ ڀريا اشارا ٿيل آهن. غزل ۽
ڪافي جي گهاڙيٽي ۾ نعت چوڻ ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه
ناهي، البت بعض اوقات نعت جو تقدس مجروح ٿئي ٿو،
ڇو ته نعت جو ’محبوب‘ پنهنجي شان ۽ صفتن ۾ گهڻو
اعليٰ ۽ ارفع آهي، غزل ۽ ڪافي جي محبت جي ڀيٽ ۾، ۽
ٻڍڙي فقير جو ڪلام انهيءَ عيب کان آجو ناهي.
بهرحال، ٻڍل فقير جي رسالي ۾، نبي اڪرم ﷺ جي آمد
سببان بي پايان خوشي ۽ اٿاهه آس جو اظهار ملي ٿو ۽
وڇوڙي ۽ فرقت سببان فراق جا عاشقي آلاپ، پاڻ ڪريم
ﷺ جن کي ’ڪارڻي‘ بدران ’ضامن‘ چئي، ٻڍل فقير
پنهنجي دل اطمينان ۽ موچاري آخرت جي يقين جو هن
طرح بيان ڪيو آهي:
سيد آڻي پار پُهچايو
جيڏيون جانب ڀلي ڪري آيو.
آهي اسان نُون خوف نه ڪوئي
پڙهيو ڪلمو، ويو ڪُفر سَڀوئي
محمد ﷺ ضامن آهي سيد سوئي
سرتاج ٿي سمايو- سيد آڻي پار پُهچايو.
رڳان ’ٻڍل‘ جون تن جون تاران
الف ميم پڙهن اختياران
وچ سيني دي، ٿيا باغ بهاران
گلن جوڙ بنايو- جيڏون جانب ڀلي ڪري آيو.
ٻڍل فقير 26 سالن جي عمر ۾ شادي ڪئي. ٽي پٽ ۽ ٻه
نياڻيون ٿيس. آخري عمر ۾ سچي سالڪ جيان گوشه نشيني
۾ وقت گذاريائين. جيئن عمر وڌيس، تيئن قادر ڏانهن
وڌيڪ لڙيو، سرير ڍلو ٿيندو ويس ۽ اکين جي ظاهري
روشني به موڪلائي ويس- وچون پٽ مَست مُقيم، جيڪو
سندس راز محرم دوست به هو، تنهن جي ناگهاني وفات،
ويتر جند جهوري وڌس. سانت ۽ سڪون، تنهائي ۽ ذڪر
الاهي جي عالم ۾، 27 شعبان 1358هه مطابق 12 آڪٽوبر
1939ع ۾ خميس جي ڏينهن وفات ڪيائين. ’طالب الموليٰ
فقير صاحب تارڪ الدنيا‘ مان اهائي تاريخ نڪري ٿي.
ڪريم بخش
خالد
سنڌ جو تصوف ۽ ٻڍڙو فقير
سنڌ جي حق ۾ تصوف يا صوفي سلسلو باعث رحمت هو يا
باعث زحمت، ان جو فيصلو هن وقت ڪرڻ مشڪل آهي. ڪن
جو خيال آهي ته تصوف جي سيلاب ۾ وهي وڃڻ سبب،
سنڌين کي پنهنجي ديس جي سياسي آزادي ۽ اقتصادي
ترقيءَ جو ڪو اونو ڪونه رهيو. جنهن ۾ رهزن سنڌ تي
ڪاهيو، ڪامياب ٿيو. درگاهون ۽ آستانا آباد، مگر
سنڌ باقي هر معاملي ۾ بربادي ٿيندي ويئي. ان ۾ ڪو
شڪ ڪونه آهي ته تصوف جو ڪيف انسان کي دنيا کان ڇني
هڪ اهڙي رستي تي وجهي ٿو، جنهن جي انتها وڃيو عالم
بالا ۾ ٿئي. ان کانسواءِ، ان جي وسيلي انفراديت کي
تقويت پهچي ٿي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ ڪمزوري واقع
ٿئي ٿي. هر شخص پيو پنهنجي آخرت ۽ اڳئين جهان کي
موچاري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو. روحاني پِڪ جو پيالو
وڌيڪ پي ويٺو، ته مورڳو تارڪ الدنيا ٿي وڃي جهنگ
وسائيندو.
ڪلهين ڦاٽو ڪنجرو، ۽ پيرن اگهاڙو
منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾؟
جنهن ”ڀنڀور“ جا بهترين ماڻهو دنيا کان تارڪ ٿي
ويندا، ان ڀنڀور جو دنيوي ڪاروبار ڪير هلائيندو ۽
اهو خود ڪنهن جي حوالي ٿيندو؟ تصوف جي راهه تي قدم
رکڻ کان پوءِ دنيا ۽ آخرت جي معاملن ۾ پورو تناسب
قائم رکيو اچڻ، هر ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي. اهو
تناسب ۽ توازن فقط اهي چند بزرگ رکي سگهن ٿا، جن
جو مقام عام سطح کان بالا آهي ۽ اهڙا گهڻا ماڻهو
هر سمي ۾ پيدا ٿين ٿا؟
تنهنڪري، گهڻن مفڪرن جو اهو خيال آهي ته سنڌ جي
اجتماعي ۽ خاص طرح سان سياسي زندگيءَ کي غير
متوازن ۽ عوامي قسم جي تصوف وگهي گهڻو نقصان پئي
پهتو آهي.
پر ان جي اها معنيٰ نه آهي ته اهو نقصان فائدي کان
قطعاً خالي پئي رهيو آهي. مثلاً تصوف جي طفيل، سنڌ
اندر، اوائلي زماني ۾، هندن ۽ مسلمانن جي زندگي ۾
ڪنهن حد تائين يڪرنگي پيدا ٿي وئي هئي. مسلمان
بزرگن جا هندو مريد ٿيا، ۽ ڪيترن هندو سنتن جا
معتقد مسلمان هوندا هئا. ان سلسلي اهڙي حد تائين
ترقي ڪئي جو بيشمار هندو گهرن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت
ٿيندي رهي ۽ ڪيترن مسلمانن شوق سان گيتا جو اڀياس
ڪيو. پوئين زماني ۾، جيڪڏهن سياسي حالتون غلط پلٽو
نه کائين ها، ۽ هندن ۾ ملڪ گيريءَ جي هَوس پيدا نه
ٿئي ها، ته شايد صوفي بزرگن جي ان پوکيل ٻج مان
سنڌي قوميت جو ڪو شاندار وڻ نمودار ٿئي ها. اهو ته
مون پاڻ به ڏٺو ته راڄوڻي فيصلن ۾ هندو قرآن مجيد
جي قسم کڻڻ کان پوءِ هرگز ڪوڙ نه ڳالهائيندا هئا ۽
نه وري مسلمان ئي ڪوڙ تي ”گيتا“ کي مٿي ڏيڻ لاءِ
تيار ٿيندا هئا.
ان طرح جي خيال مان ٻيو اهو فائدو حاصل ٿيو ته،
سنڌ جي لٽريچر کي گهڻي هٿي ملي ويئي. جنهن به بزرگ
تي اها روحاني ڪيفيت طاري ٿي، سندس دماغ ۽ زبان
هڪدم کُلي پيا. درد ڀريا ڏوهيڙا چوندو، سوز ڀريل
ڪافيون ٺاهيندو، ۽ جيڪڏهن اظهار جي انهن طريقن مان
به تسڪين حاصل نه ٿيس ته يڪتارو هٿ ۾ کڻي ميدان ۾
نڪري پوندو- پاڻ به بيتاب رهندو، دنيا کي به بيتاب
ڪندو ويندو. گهڻن درويشن ته اڪتفا فقط ان يڪتاري
تي به نه ڪئي، پيرن ۾ ڇيريون ۽ هٿن ۾ گهنگهرو
ٻڌائون- جنهن محفل ۾ داخل ٿيا، محشر مچائي
ڇڏيائون!
سچل سرمست، مصري شاهه، خير محمد فقير هيسباڻي ۽
ٻيا بزرگ اسان جي سانڀر کان اڳ ٿي گذري هئا.
منهنجي ڏينهن ۾ اڃا ٻه درويش زندهه ۽ خاص طرح
مشهور هوندا هئا: محمد فقير کٽياڻ حيدرآباد پاسي،
۽ ٻڍڙو فقير شڪارپور طرف.
ٻڍڙو فقير، جنهن کي ”ٻڍل سائين“ به چوندا هئا،
شڪارپور کان پنجن ميلن جي فاصلي تي، بخشي انڙ جي
ڳوٺ ۾ رهندو هو. وڏي عمر کي رسي، 12 آڪٽوبر، 1939ع
۾ وفات ڪيائين. سندس والد جو نالو ميان عبدالواسع
صاحب هو.
ٻڍڙي فقير کي ننڍڙي کان ئي ”لَنوَ“ ۾ ڪا ”لغار“
لڳل هئي. ڍورن چاريندي، پَسڻ ٿي ويو هوس. هڪ
ڏينهن، ذوق جي انتهائي غلبي ۾، سندس واتان هيءَ
ڪافي نڪتي (جا سندس پهرين ڪافي چوڻ ۾ اچي ٿي):
سگهو موٽج يار، توکي ويٺا ساريون!
پويون بند هوس:
عشق ”ٻڍل“ کي هو ٻنڌڻن لاڪُون،
منهڙو ڍڪين ٿو ڇو محب اسان کؤن،
روح رَتو آ تن هي توهان کؤن،
دم نه ٿجانءِ تون ڌار، توڏي ٿا نهاريون!
چون ٿا ته ڪافي چوندي، غش کائي ڪِري پيو. گهر-
ڀاتين سمجهيو ته ڪنهن جن ڀوت جو پاڇو پيو اٿس.
دعائون ۽ ساٺ سوڻ شروع ڪيائون، پر بزرگ اڳ ۾ ئي ان
مقام معليٰ تي پهچي چڪو هو، جت انهن شين جو ڪو
چارو ڪونه ٿي چليو. پاڻ نتيجو هيءُ نڪتو جو رهيل
کهيل حجاب جو پردو ڦاڙي، پيرن ۾ ڇيريون ٻڌي، هٿ ۾
يڪتارو کڻي، نچڻ ۽ڳائڻ نڪري پيو. خويشن عزيزن
سمجهيو ته ”ڪل ٿڙي ويئي اٿس“ ۽ چريو ٿي پيو آهي.
تنهنڪري ٻين علاجن سان گڏ، جسم تي ڏنڀ به
ڏياريائونس. مگر فرق ڪو ڪونه پيو. پڇاڙيءَ تائين
پنهنجي حال ۽ درويشي خيال تي قائم ۽ مستحڪم رهيو.
منهنجيءَ سانڀر ۾، سندس ڪلام ننڍي وڏي جي وات تي
هوندو هو. ڪوبه ڳائيندڙ اهڙو ڪونه هوندو، جو
شروعات ٻڍڙي فقير جي ڪلام سان نه ڪندو. ڪلام جي
نموني طور، ٽي ڪافيون ڏجن ٿيون.
ڪافي 1
(طرز بيدل: سک رمز وجود وڃاوڻ دي، ناهي حاجت پڙهڻ
پڙهاوڻ دي.)
سک رمز جيتي مرجاوڻ دي،
ناهي حاجت هنر هلاوڻ دي.
شاهه منصور سر سُولي ٻولي، رمز انهيءَ سان اها
ڳالهه چولي،
لنو لنو دي وچ ڏتڙي لولي، اناالحق آلاوڻ دي.
علم عقل نون عشق نه مندا، جان جان هستي حال نه
ڀندا،
ڇوڙ تڪيا اِنهيءَ خاڪي تن دا، نيت نه رک ول آوڻ
دي.
ڇوڙ دعوا هڪ درد ڪون گهن تون، بد هوائي دا بوتا ڀن
تون،
مرشد واري مام چا گهن تون، ڪر نه ڪسب ڪماوڻ دي.
پڙهه پڙهه علم ڪيا فاضل هووين، مرڻ ڪنول اڳي مول
نه مووين،
جهڙا هووين تهڙا هووين، پڙهه آيت آپ وڃاوڻ دي.
”ٻڍل“ نفي اثبات ڪر ڄاڻين، وچ اپڻا دي آپ نه آڻين،
ساري ذات صفات سڃاڻين، احدؤن عبد ڇپاوڻ دي.
ڪافي 2
(طرز فريد: بن دلبر شڪل جهان آيا.)
وه دلبر ڪر سينگار آيا، هر صورت دي وچ يار آيا!
ڪاٿي ميخاني تي مخمور ڏٺم، ڪاٿي شريعت ذوق ظهور
ڏٺم.
ڪاٿي سوري تي منصور ڏٺم، چئي اناالحق اظهار آيا.
ڪاٿي تخت مٿي تيار ڏٺم، ڪاٿي چِٽو چوڪيدار ڏٺم،
ڪاٿي ڪارائو تي ڪمدار ڏٺم، ڪاٿي ناچو ٿي نروار
آيا.
ڪاٿي عيسيٰ روح الله ڏٺم، ڪاٿي ابراهيم خليل الله
ڏٺم،
ڪاٿي موسيٰ ڪليم الله ڏٺم، ڪاٿي احد، علي اظهار
آيا.
ڪاٿي صحيح ”ٻڍا“ سلطان ڏٺم، ڪاٿي پڙهندا ياد قرآن
ڏٺم،
ڪاٿي ڳل جڻيا صنعان ڏٺم، ڪاٿي يوسف مصر بازار آيا.
(3)
تن مارن جا، ميان عمر، سور وڃن ٿا ساڙيون،
پَسان پيڪن جون پٽ تي، ويڙهيچن جون واڙيون.
آءُ ڪانگا ڪا تن جي، لَنؤ هاڻي لات وري
سانگيئڙن جي سڪ ۾، رئندي ڳچ پيا ڳري
دم دم ڪريان ٿي دانهون، ڳوڙها ڳلن تي ڳاڙيون.
رنجايل جي روح ۾، پلپل پور پون
سانگيئڙن کي ساريو، نت نت نيڻ وهن
بيوس ٿي هان بند ۾، روز ڪريان ٿي راڙيون.
تن مارن سان عمر، منهنجا نيڻ لڳا
ساهه سيبائي ڪينڪي، تنهنجا ويس وڳا
لاکيڻي اٿم لوئي، پَٽُ ڦِٽي ڪريان ڦاڙيون.
”ٻڍڙو“ آکي، ٻن پيا، تن ريءَ گهر گهٽيون
جهانگيئڙن سان جهنگ ۾، وڃي پيان خوب کٽيون
ڏوٿيئڙن جي ڏک ۾، مور وڻن نه ماڙيون.
پير علي محمد راشدي
ڪوڏ ۽ ٻيڻيءَ جو قصو
سائين ٻڍل فقير کي شروعات واري زماني ۾ هڪ ڪوٽ جي
ٻيڻي هوندي هئي. جتان هي سارو سلسلو ڪيائين ۽ راڄ
ڪانڍيائين ٻيڻيءَ کي ڌاڳو وجهي ڦيرائي ڪڏائيندا
هئا. انهيءَ تي ڏاڍي خوشي حاصل ٿيندي هين ۽ ايتري
قدر ٻيڻيءَ سان پيار هوندو هين، جو هميشہ پنهنجي
سر سان ساڻ هوندي هين. هڪ ڏينهن کوهه تي مال
پياريندي ڪانچ جي ور مان اُها ٻيڻي هيٺ زمين تي
ڪِري پين ۽ گهڻي تلاش ڪيائون، ليڪن ٻيڻي ڪانه
لڌائون. ٻيڻيءَ جو ايترو خيال هوندو هين، جو پاڻ
فرمائيندا هئا ته اها ٻيڻي منهنجي ڌيءَ آهي. ۽ علي
مراد گولو به گڏ مال چاريندو هو. ان کي چيائون ته
ٻيڻي منهنجي ڌيءَ وڃائجي پيئي آهي. هاڻي اچي ته
شادي ڪرائي مڙس ڪلهي چاڙيندومانس، اتفاق سان
انهيءَ وقت ڳوٺ جون زالون پاڻي لاءِ کوهه تي ويون.[1]
انهن عورتن اها ٻيڻي لهي گهر وڃي رکي ۽ انهن زالن
جي ٻارن فقير صاحب کي ٻڌايو ته اوهان جي ٻيڻي زالن
لڌي آهي، جڏهن فقير صاحب جن گهر آيا ته انهن زالن
کان ٻيڻي ملين، پوءِ اها ٻيڻي کڻي مقبري واري جاءِ
تي آندائون ۽ علي مراد گولي کي چيائون ته ٻيڻي لڌي
آهي، سو تون مٽيءَ مان ڪوڏ لهي اچ ته ٻيڻيءَ کي
شادي ڪرايون، جو هوءَ لڪي ٿي وڃي. علي مراد يڪدم
ڪوڏ لهي آيو ۽ اچي فقير صاحب کي ڏنائين. فقير صاحب
علي مراد کي ٽڪو کڻي ڏنو ته مٺائي وٺي اچ اها به
ورهائينداسون، پوءِ اها مٺائي ساري ڳوٺ ۾
ورهايائون ته به ڪانه کٽي ۽ اوتري پيئي هئي ۽ علي
مراد کي چيائون ته ٻيڻيءَ سان ڪجهه ڳالهايون ته
راضي آهي يا نه. جيئن ته ٻه شاهد ۽ هڪ وڪيل ٿي
شاديءَ وقت پڇڻ ويندا آهن، تيئن ٻيڻيءَ کان
پڇيائون ته تون شاديءَ ۾ راضي آهين يا نه؟ جنهن تي
فقير صاحب جن ٻيڻيءَ ۽ ڪوڏ جي شادي بابت بيت چيا ۽
گهڻا بيت چيا اٿس، جي هيٺ ڏنل آهن. اها ڳالهه ڪنهن
کي به ڪونه لکي ڏيندا هئا ۽ چوندا هئا ته هيءَ
ڳالهه ٻاراڻي آهي، راند لکي ڇا ڪندؤ. پر پوءِ لکڻ
جي اجازت ڏنائون جيڪي ياد آهي سا لکجي ٿي جا
پڙهندڙن واسطي وندر آهي.
ٻيڻيءَ ۽ فقير صاحب جا سوال جواب:
سوال: مان چيو ڙي توکي گهاڙو ڪنهن گهڙيو
ٺاٺاري ٺاهي وجهي سڳو سل ۾ ڪيو
منهنجو ڇاهي مرجان سوگهي هجين سڳي ۾.
جواب: سوگهي آهيان سڳي ۾ پر مان وڃان ٿي مري
حڪم به تو هاديءَ ڏنو ويٺي آهيان جاءِ جڙي
سڳي مان ڇڙي، حاج ڪندي سانءِ هيڪلي.
سوال: حج ڪندينءَ تون هيڪلي، آهين ڪميني تُون ڪير
کنيون توکي خواهش ته سڀ گهمايانءِ سير
وٺانءِ ويهي وير- نينگر کان نويڪلا.
جواب: ٻيهر تون ٻڌندين ٻيرڙي سان مون ڪهڙو زيان
ڪيو
سڳو تنهن جي هٿ مان کڏي پٽ پيو
وري تو جو ياد ڪيو، مان سگهي آيس سيگهه ۾
سوال: کلي رن کوٻلي ٿي جوٺي مارين جک
سڳي مان سرڪي پاڻ ٻوڙا وڌا هيئه ٻک
پر ٻيون ٻيڙيون لک، مان به تر نه ڇڏيندس توکي
جواب: کلي پيئي هئين کوهه تي، جتي ٽهڪن پيئون
ٽآريون
ڇٽيس تُنهن جي ڇٻين کان جو روز ڏئين گاريون
ڀتر سان ماريون، جو ڳالهه منيائين پنهنجي
سوال: جهڙي کوٻلي هئينءَ کوهه تي، توکي ظاهر ڪيو
زالن
قصو تو ڪوڙيءَ جو اچي ٻڌايو ٻارن
ويئي آهين حالن، لچي ٿي لڪڻ جي ڪرين
جواب: گهوٽ لڌو ٿي گهر ۾، ڪڍ سمجهي سخن صحي
اڃا ننڍڙي آهيان، نه اٿم پرڻي جي وهي
تون ويٺين گهوٽ لهي متان ڪٽي لنگهانءِ ڪوڏ کي
سوال: ڪٽي ڇا لنگهائيندينءَ ڪوڏ کي اهو نيٺ توکي
پرڻندو
راڄ مهاڄڻ پاڻ ۾، ڄڃ ڪري ايندو
توکي وٺي نيندو، لانئون لهي لاڏڪي
جواب: اسان به گهڻيون اڇلان ڏيون پر تو به ڪونه
ڇڏيو
هاڻي ڏسان ته هنڌ ڪهڙي گهوٽ ڏيو
سمورو راڄ سڏيو، ته جهمريون کيڏن جود ۾
پڄاڻي: ساراهيان سچو ڌڻي جو جوڙي ڪم جهان
ٻڍل ٻيڻيءَ کي چيو ظاهر ساڻ زبان
پهريون کتا تنبو پٽ ۾ ڪي طولان
هڪ مرد ڪعبت الله کان آيو ملڪ سڄو ملتان
ڳالهه ڪريان ڪيهي ڳجهه جي آيو اڌ جهان
تون صاحب سبحان، جو ڪاج رسائج ڪوڏ جو
لهرن لهر ڏيئي واه ورتائون واٽ
ڊکڻن ڊهو ڪيو لعلين رکي لاٽ
جهٽ پٽ ڏيئي جهاٽ، اچي ويا سڀ اتهين
انڙ جوڻيجا پاڻ ۾ ڪيائون رٿ تياري
بيد شهر آيو ۽ شڪارپور ساري
وزيرآباد واڪو ڪيو، هوڏانهن ڪنڍي هوشياري
چڪ ڀرڪڻ چمن لکي ٿي لهواري
سکر بکر روهڙي آئي خلق رياست واري[2]
صاحب ستاري، ڪيڏي ڪئي آهي ڪوڏ سان
شرنايون ڪرنايون پاڻ ۾ ٿيا نغارا نرواري
ٻوليون ڪن ٻڍل چوي بيسريون باري
گيگم گل جي ٿيا شيٽان ۽ ڏورا ڦلڪاري
زريءَ سان ظاهر ٿيون لونگيون اسراري
واڻين به وس ڪيا، کائي ترڪاري
بيشڪ ٿي بهاري، ڪڏ سان ڏس قرب ڪيڏو ٿيو
ده ده دهلن ڪئي وڃي دلي ڀريائون
ڏانوڻ ڏئي گهوٽ کي گهر ڪکين آندائون
خوشيءَ جا سهرا چئي- ٽهڪي ٽاري وڍيائون
گهوٽ کي ڪنوار سان ڦل به چونڊايائون
پوءِ ائين چيائون، پڙهو ڪلمو محمد پاڪ تي.
ٻڍل فقير جون مختصر ڪرامتون
روايت ۾ اچي ٿو ته ”الڪرامة اولياءَ حقا“ اولياءَ
کان ڪرامت جو صادر ٿيڻ صحيح ۽ برابر آهي. ڪرامتن
جا به ڪيترائي قسم آهن، جيڪي وقت جي بزرگن ۽ اهل
الله کان ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ٿينديون آهن. هونءَ به
ڪنهن غير معمولي عملن کي به ڪرامت جو نالو ته ڏئي
سگهجي ٿو.
ٻڍل فقير ڏانهن ڪيتريون ئي روايتون منسوب آهن،
جيڪي عام پڙهندڙن لاءِ هت مختصر ڏجن ٿيون.
ٻڍل فقير جڏهن ڄائو هو، تڏهن ناڙو وڍڻ لاءِ دائي
کي ڪاتي ڏسي هُئي.
مال چارڻ وقت يَل / ڇيڪ ڇڏي ڏيندو هو ۽ جنهن وڻ
هيٺان سمهي ته ڇانءَ هڪ جاءِ تي بيهي ويندي هئي.
ٻڍل سائين مال سان گڏ ڦر به شامل ڪري جهنگ ڏي
ويندو هو، ڦر به ڍوَ تي کير پيئن ته گهر وارن کي
به کير جام ملي ويندو هو.
پکي وانگر پرواز ڪندو هو.
هڪ عورت مسلسل ست حج ڪَندي ٻڍل فقير کي به حج ادا
ڪندي ڏٺو، جڏهن موٽي اچي حج جو احوال اوريائين ته
وراڻي ڏنائين ته، آءٌ هت هوس حج تي اُسهيو به نه
آهيان.
مرحوم فقير علي بخش سرڪي (ساڪن ڳڙهي حسن تعلقه ٺل)
کان روايت آهي ته آءٌ ٻڍل فقير جي حاضريءَ ۾ گهڙو
وڄائيندو هوس. هڪ دفعي ڪنهن نامعلوم ماڻهوءَ ٻڍل
فقير کي پيرين پئي هٿ ڏنو ته، ٻڍل فقير ان وقت ٽيڪ
ڏيئي ستا پيا هئا، نامعلوم ماڻهوءَ جا هٿ جيئن
پيرن تي پيا ٻڍل فقير رڙ ڪري اٿي ويهي رهيو.
چيائين ته ابا ماري ڇڏيئه! اَبا ماري ڇڏيئه! پوءِ
معلوم ٿيو ته هٿ ڏيڻ وارو ذات جو سيد هو.
(اردو ڪافي)
ٻولي گر دي ٻولي- هردي اندر هو هو.
چنگ اُپنگ مرڌنگي مرلي- بگل بگوني باجي
تن من اندر تيز تراني- وره وجودي واجي
گولي گم ٿي گولي، صرف سڪندر هو هو
جنهن وقت ساز سرود سنيا، آيا اکيان اندر
ڪن وچ ڪنڍل مک وچ مرلي، موهن مچندا مندر
هولي هردم هولي مڙهيان مندر هو هو
ريءَ تندا دي تيز تمامي، لهجه لهجه لاڳي
عشق جلالي جزبا ڪرڪي- جان جگر وچ جاڳي
ڇولي عشق دي ڇولي، قلب قلندر هو هو
سمجهه ٻڍل ڳالهه ڳجهي، ڪر سير سري دا سارا
عرش ڪرسي تي نغارا تيڏا ماريا نينهن نغارا
لولي الا الله دي لولي- لونءَ لونءَ اندر هو هو.
رسالوؒ
ٻڍل فقير
ضروري وضاحتون
ڇ-ن=
ڇپيل نسخو، سرڳواسي طوطلداس جو ترتيب ڏنل
ڇاپو پهريون، 1941ع
د-ق-ن= درگاهه وارو قلمي نسخو
فوٽ نوٽ تي ڏکين لفظن جي معنيٰ اڪثر اصطلاحن ۽
مصدر جي روپ ۾ ڏني ويئي آهي.
حمد
اول نام الله جو، آهي ڪل کؤن قرارو
خاصو دوست خداءِ جو، آهي مرسل موچارو
چئن يارن جو چت ۾، لنؤ لنؤ ۾ لارو[3]
حسن مير حسين تان، سر گهوريان سارو
لهي مونجهارو، دان
[4] ڏئين دستگير تون
تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو
سيد آءُ سگهو، ڇڏ ماڻو مسڪين سان، مرسل مل سگهو
پيش لڳي هان پر
[5] جي، سينو نٿي
ساهيان
قالو بليٰ
[6] جي قول جو، ڳڻ
[7] ويٺي ڳايان
اصل کان آهيان، ٻڌل ٻاروچل سان
تون آءٌ سگهو، شل راضي رب ٿيندو!
جادو هنيون جان ۾، جانب تو جوڙي
ورتو آهي واسينگن جان، تنهنجي ور وڪوڙي
نينهن ٿو نهوڙي، محبت ماري آهيان
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
موٽ ملئون پاڻ ۾، خوش ڪيون خيال
توسان ناتو نينهن جو، لڙه
[8] لڳي ٿيس لعل
سائين لڳه سوال، اگهي در الله جي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
تاڪون سڪ سرير ۾، جاڪون ڄايس ڄم
سوڍا تنهنجي سڪ ۾، ڪار نه وڻي ڪم
دير نه گهرجي دم، مل ته ماندائي لهي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
تنهنجي سڪ سير ۾، کوڙيا نغارا نيشان
هٿ کڻي هڪلان ڪريان، مان زاري ساڻ زبان
الله لڳه امان، سيد کڻجو ساٿ سان
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
نينهن تنهنجي ناچوءَ جان، شوق ٻڌي ٿم ڇير
وڄي ٿي روز وجود ۾، بره تنهنجي جي ڀير
[9]
دلبر وجهه نه دير، متان مان مري وڃان
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
اٺئي پهر عجيب جو اٿم اوسارو
[10]
سر سڄو صدقو ڪريان، مان سيد تون سارو
اڀريو آه تارو، عربي اوٽ امت جو
تون آءٌ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
دردونديءَ جي دل کي، يار دلاسو ڏيندو
محب مداين جو، ڍڪ اچي ڍڪيندو
نال وٺي نيندو، آهي ننگ نبيءَ تي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
دل تولءِ دلبر! منهنجو ساهه گهڻو ساري
ناقص
[11] نماڻيءَ کي ويهه
نه وساري
من وڌءِ ماري، منڊ هڻين محبت جو
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
ڪنهن کي سليان سور جون، ڳجهون هي ڳالهيون
روئان ٿي رت گاڏئون، سائين توکي سنڀاليون
گڏ پرين جاليون، جهٽ نه جدائي ٿئي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
سڄڻ گڏئين سامهون، عين اکيون چائي
ديدان ديدن سان گڏيون، تنهنجي گهور وڌو گهائي
وڌءِ ڦاسائي، دل منهنجي دام ۾
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
جيڏيون اٿم جيءَ ۾ گهور پرينءَ جو گهاءُ
سو دل سڪائتيءَ جو، سگهو لهج سماءُ
تولئه سڪي ساهه، ڏيم دلاسو دل کي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
جيڏيون جانب يار جي، اٿم جيءَ اندر جهوري
ڏيئي ويو ڏاج ڏکن جو، مون کي ڏُک ٻڌي ڏوري
لنؤ لنؤ ۾ لوري
[12]، تنهنجي اٿم توڙ
کؤن
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
جيڏيون جانب يار ريءَ، ڪم نه وڻي ڪار
سرڪ ڏيئي سورن جي، جيءَ وجهي ويو جار
[13]
گڏ ٿي ڏينهن گذار، کڻ تون بار کهيل جا
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
جيڏيون جانب يار آه، منهنجي جيءَ جو جياپو
ڪونهي ڪوهيارل سان، منهنجو سڱ نه سياپو
[14]
توسان ميلاپو، خاوند ڪندو خير سان
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
چڻڪي روز چڙيءَ جان، تن ۾ تنهنجي تار
سوڍا تنهنجي سڪ ۾، نيڻين وهايم نار
دلبر ٿيءُ نه ڌار، ڳل لڳي ڳالهيون ڪريو
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
18. روز گهڻي اٿم روح ۾، طلب توهان جي تات
[15]
ڏينهن سارو ڏک ۾، سڪان ساري رات
پره ڦٽي پرڀات، اچ ته اُميدان پڄن
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
19. روز گهڻي ٿم روح ۾، تنهنجي وحدت
[16] سان وائي
مون سان هج منهنجا پرين سهڻا سدائي
ٻن
[17] پئي جدائي، ور
ته وڇوڙو لهي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
20. ميخان سي محبت جون، اندر جيءَ جڙيون
ڪڏهن اُکلن ڪينڪي، جيڪي ڪاريگر ڪڙيون
من ۾ روز مڙهيون[18]،
جيڪي هٿ سان هوت هڻي ويو
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
21. جانب جاڳائي وئين، پائي جيءَ اندر جهاتي
مارڻ آئين مئيءَ کي، کڻي ڪهڻ جي ڪاتي
دل تو سان ڦاٿي، ڪسڻ مانَ قبول ڪيو
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
22. اچ تون نانءُ الله جي سوڍل ڪين سڪاءِ
دل ۾ درد فراق جا، من ۾ مچ مچاءِ
بره تنهنجي جي باه، جيءَ اندر جهڙڪا ڏئي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
23. اچ تون آسرونديءَ
[19] ڏي، ٻه ٽي پير
ڀري
دام ۾ دام
[20] وجهي، وئين ملڻ
ريءَ مري
گهوريان گهور ڪري، سر تو تؤن صدقي ڪريان
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
24. ائين آ سڪ سرير ۾، جيئن برسي سانوڻ مينهن
وئين وجهي پيچ[21]
پريت جا، تنهنجي ناز نهوڙيس نينهن
ڏکن سندا ڏينهن، گڏ ٿي يار گذاريون
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
25. سوڍا تنهنجي سِڪ ۾، لنگهيا مهينا ماه
ڪنهن کي سڻايان سور جي، دلبر توريءَ دانهن
ٻانهي سندي ٻانهن، پير ورتيون وڃ پاڻ سان
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
26. گوليءَ
[22] گنهگار کي، سچا
لنگهائج سير
ڪاهي ڏينهن قبر جي، واهر
[23] ڪجانءِ وير
علي سرور پير، ماڙ ڪجانءِ مسڪين جي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
27. محب مٺا مانديءَ جي، اچي ڪجانءِ شفاعت شاهه
نينهن تنهنجي نبتر
[24] ڪيو، مان روز
تڪيان ٿي راه
ٻي ڪا ڪانهي واه، هيءَ ڪٺل ڪاڏي وڃي؟
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
28. اصل آه ٻڍل کي، لنؤ تنهنجو لاڙو
سام پرتو سيدا، سگ
[25] هي ويچارو
پير گهر جو پيارو، ڪامل ڏينهن قيام
[26] جي
تون آءُ سگهو، شال راضي رب ٿيندو!
سيد آءُ سگهو، ڇڏ ماڻو مسڪين سان
مرسل مل سگهو، شل راضي رب ٿيندو!
|