بروهي صاحب گهڻن ئي قومي ۽ پرڏيهي ادارن جو صدر
يا ميمبر رهيو. هو 1964ع کان 1967ع تائين
پاڪستان بار ڪائونسل جو صدر هو. جنيوا ۾ قائم
ٿيل انٽرنيشنل ڪميشن آف جيورسٽس جو 1970ع ۾
ميمبر هو. اهڙيءَ طرح آمريڪن بار ائسوسيئيشن جي
ڪاميٽي طرفان ”عالمي قانونن جي ذريعي عالمي امن“
جي باري ۾ قائم ڪيل صلاحڪار ڪائونسل جو پڻ ميمبر
هو. قومي هجره ڪائونسل جي چيئرمين جي حيثيت ۾،
بروهي صاحب اسلام ۽ مسلم دنيا جي وڏي خدمت ڪئي.
هو 1979ع کان 1982ع تائين بين الاقوامي اسلامڪ
يونيورسٽي اسلام آباد جو ريڪٽر رهي چڪو هو. هجره
ڪائونسل جي سهاري هيٺ هڪ جامع اشاعتي پروگرام
ترتيب ڏنائين، جنهن جو هڪ شعبو ”هڪ سؤ وڏا
اسلامي ڪتاب “ آهي. هن سرڪاري طرح وسيع پيماني
تي سيرت ڪانفرنسون ڪوٺائڻ جو انتظام ڪيو.
پاڪستان جي اعليٰ عدالتن جي ايوانن ۾ ڪن مقدمن
جي سلسلي ۾ سندس قانوني قابليت جي بازگشت مدت
تائين ٻڌڻ ۾ ايندي. قتل جي الزام وارو معاملو ۽
ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪرڻ جي جواز ۾ ”نذريه
ضرورت“ وارو آئيني مسئلو، پوين ٽن ڪيسن ۾ بروهي
صاحب سرڪاري وڪيل طور پيش ٿيو هو.
بروهي صاحب جا ڪي ڪتاب به ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، جيڪي سندس
مضمونن ۽ ليڪچرن جا مجموعا آهن. جيئن ته ”ائن
ائڊوينچر ان سيلف ايڪسپريشن“ (ماضي الضمير جي
اظهار جي ڀرپور ڪوشش 1954ع) 2- ”فنڊامينٽل لاءِ
آف پاڪستان“ (پاڪستان جي آئين مجريه 1956ع تي
جامع ۽ مبسوط تبصرو 1985ع) 3-”اسلام ان ماڊرن
ورلڊ“ (جديد دنيا ۾ اسلام 1969ع) 4- ”ٽيسٽامينٽ
آف فيٿ“ (عقيدي جو منشور 1973ع) ۽ سندس پنجون
ڪتاب ”اسٽريٽيجي آف هيومن ائڪشن ان هسٽري“
(تاريخ ۾ انساني عمل جي تدبير) ڇپائيءَ جي مرحلن
۾ آهي. اهڙيءَ طرح سندس هڪ مداح، ”ائن ائڊوينچر
ان سيلف ايڪسپريشن“ جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو هو،
جيڪو اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي، بروهي صاحب
چوندو هو ته اردو ترجمي ۾ تمام ڏکيا ۽ ڊگها جملا
ڪتب آندا آهن ۽ ڪن هنڌن تي ترجمو اصل مقصد ۽
مدعا کي ظاهر نٿو ڪري.
خود فسلفي هجڻ جي ناتي سان بروهي صاحب علامہ
ڊاڪٽر اقبال جي شاعرانه فلسفي کي چڱيءَ طرح
سمجهندو هو، پر ان جي تقليد ڪڏهن به ڪو نه
ڪيائين. هو انهن عربي ۽ فارسي دانشورن کي پڙهي
چڪو هو ۽ انگريزي لٽريچر ۾ سندس مطالعي جي ڀيٽ ۾
ڊاڪٽر اقبال طفل مڪتب هو، انڪري اڪثر اقبال جي
فڪر تي تعميري تنقيد به ڪندو هو، جيئن علامہ
آءِ. آءِ. قاضي جو معمول هوندو هو.
بروهي صاحب شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو شيدائي
هو. رسالي جو عميق مطالعو ڪيو هئائين، انڪري
سندس تقابلي اڀياس جي نتيجي ۾ شاهه صاحب جي فڪر
۽ فن کي عالمي افق جو تابنده ۽ رهنما مينار
چوندو هو. هن سلسلي ۾ سندس ڪا علحده تصنيف
ڪانهي، پر تنهن هوندي به ٻه چار مقالا ۽ مسز
ايلسا قاضي جي رسالي جي انگريز منظوم ترجمي جو
مبسوط عالمانه مقدمو، سندس لطيف شناسيءَ جو پڌرو
ثبوت آهي. سندس تقرير وانگر تحرير ۾ پڻ جادو جو
اثر آهي. لفظن جي چونڊ، جملن جي بيهڪ، منطقي
استدلال جي قوت، مضمون جي مدعا ۽ مطالب جو رواني
مان بيان ۽ سڀ کان وڌيڪ وسي موضوعاتي مطالعو،
پڙهندڙ کي علم جي اٿاهه ساگر ۾ سوگهو ڪيو ڇڏي
ٿو.
منهنجو ڳوٺ به ڳڙهي ياسين آهي. مان بروهي صاحب
جي باري ۾ غائبانه طور گهڻو ڪجهه ڄاڻندو هئس،
ميليني لئبرري ڳڙهي ياسين ۾ گهڻو ڪري هر روز
سندس والد صاحب سان ملاقات ٿيندي هئي، جتي مان
اخبارون پڙهڻ ويندو هوس ۽ شهر جي پڙهيل ۽ بيٺل
ماڻهن جي زباني سياسي سماچار به ٻڌندو هوس. اتي
ڪثر بروهي صاحب جي وڪالت ۾ فتوحات جو به ذڪر
نڪرندو هو. انهيءَ کان علاوه سندس ٽي ڀائر،
مرحوم علي محمد(جيجو)، مرحوم علي نواز ۽ ڊاڪٽر
علي حسن منهنجا هم مڪتب ۽ دلبر دوست هئا، پر
بروهي صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ڪراچي ۾،
اپريل 1947ع ۾، سندس ڀاءُ جناب علي احمد بروهي
جي ذريعي ٿي. مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪريءَ
جي سانگي ڪراچي آيو هوس. ان وقت بروهي صاحب
پلازا سئنيما جي ڀرسان، بندر روڊ تي گپتا مئنشن
۾ رهندو هو، جتان پوءِ عامل ڪالوني (جميشد
روڊ)منتقل ٿي ويو، ۽ آخر ڪار مسلم آباد ۾ پنهنجو
(موجوده) بنگلو ٺهرائي رهڻ لڳو.
گذريل چاليهن سالن کان منهنجو بروهي صاحب سان
نيازمندي جو تعلق رهيو. مون کيس جلال ۽ جمال جي
ٻنهي ڪيفيتن ۾ ڏٺو. شروعاتي ملاقاتن ۾ ئي هومون
تي مهربان ٿيو. مهرباني ڪري مون کي ڪجهه ڪتاب
ڏنائين ته جيئن انگريزي ڪتابن پڙهڻ جي عادت پويم
۽ صلاح ڏنائين ته ٿنڪرس (Thinkers) لئبرري جا ڪتاب پڙهان، جيڪي موضوع ۽ طرز بيان جي لحاظ کان
آسان ۽ بنيادي معلومات جا حامل آهن ۽ سستا پڻ
هئا. ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ ٻيو انگريزي ڪتاب
”ميڪنگ آف هيومينٽي “ (تشڪيل انسانيت) ڏنائين ۽
چيائين ته ان جو هڪ باب ” بيت الحڪمت“ پڙهڻ ۽ دل
سان هنڊائڻ جهڙو آهي. ان ۾ مسلمانن جي عروج ۽
ڪمال جي دؤر جي حيرت ۾ وجهندڙ واقعن ۽ يورپ تي
اسلام جي احسانن جو ذڪر آهي. اهڙيءَ طرح بروهي
صاحب مون ۾ پڙهڻ، سوچڻ ۽ لکڻ جو شوق پيدا ڪيو.
اهو سندس عظيم احسان هو.
جڏهن مان پنهنجن مضمونن کي يڪجا ڪري ڪتاب پڌرا
ڪرڻ شروع ڪيا ته ”سنڌي صحافت“ (1955ع) ۾ ”نظارو
نيهن جو“ (1982)ع، سچل سائين (1983) جا ديباچا
لکي منهنجي همت افزائي ڪندو رهيو. مون سيرت
النبي بابت پنهنجي ڪتاب ”عبد جي انتها“ جو مسودو
کيس ڏيکاريو. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان تي مقدمي لکڻ جو
وعدو ڪيائين. گفتگو دوران مون کانئس پڇيو ته
اوهان رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تاريخي
ڪردار (هسٽاريڪل رول آف دي هولي پرافيٽ) بابت
چيو هو، سو ان ڪتاب جو ڇا ٿيو؟ هو ڪجهه وقت
خاموش رهيو، پوءِ نمناڪ اکين سان مون ڏانهن
ڏسندي، ڌيمي آواز ۾ چيائين ته ”سيرت جي باري ۾
اڃا شروعات ئي ڪا نه ڪئي اٿم.“ مون کي محسوس پئي
ٿيو ته اهو ڪو وڏو ڪم رٿيو اٿس، جنهن لاءِ
يڪسوئي ۽ فرصت درڪار هئي ۽ هو ان جو شدت سان
انتظار ڪري رهيو هو، پر يڪدم منهنجي ڪتاب جي
مسودي ڏانهن اشارو ڪندي چيائين ته پنهنجي ڪتاب ۾
هڪ باب جو اضافو ڪر. پوءِ سندس سينو ڄڻڪ کُلي
پيو ۽ نهايت چٽائيءَ سان موضوع بابت تفصيلي طور
نڪتا ٻڌائيندو رهيو، جيڪي مون ڪوشش ڪري لکي
ورتا. اهڙيءَ طرح منهنجي ڪتاب جي اشاعت ۾ تاخير
ته ٿي، مگر انهيءَ باب جي شامل ٿيڻ سببان ڪتاب
جي اهميت ۽ افاديت ۾ اضافو ٿيو.
بروهي صاحب جو جسد خاڪي، لنڊن مان اربع ڏينهن
بتاريخ 16- سيپٽمبر 1987ع تي اسلام آباد پهتو،
جتان ڪراچي آندو ويو، جنازي نماز ڪشمير روڊ تي
گهر جي ويجهو ميدان ۾ پڙهائي وئي، شام جو کيس
فوجي قبرستان ۾ سپُرد خاڪ ڪيو ويو. شال سندس قبر
تي الاهي رحمتون وسنديون رهن.
- ڪريم بخش خالد
* * *
فضل احمد بچاڻي
سنڌ جو نامور اديب محترم فضل احمد بچاڻي ڪافي
وقت عليل رهڻ کان پوءِ تقريباً 52 سالن جي عمر ۾
23- آگسٽ 1987ع تي هن فاني دنيا جي رهندڙن سڀني
دوستن ۽ عزيزن سان هميشه لاءِ سڀ ناتا لاهي وڃي
پنهنجي خالق حقيقي سان مليو.
فضل احمد بچاڻي مرحوم ٽنڊي الهيار جي مشهور
سماجي شخصيت خانصاحب محمد ڇٽل جو فرزند هو. کيس
ننڍي هوندي کان ئي ادب ۽ صحافت سان دلچسپي هوندي
هئي، جنهنڪري گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ اهڙن
ادارن مثلاً ريڊيو پاڪستان، اخبار ۽ انفرميشن
کاتي کان وابسته رهيو، جتي سندس علمي ۽ ادبي ذوق
جي تسڪين ٿيندي رهي؛ مگر سندس طبيعت نوڪري جون
پابنديون قبول ڪري نه سگهي، جنهنڪري اهي نوڪريون
ڇڏي ڏنائين. ڪجهه وقت لاءِ حبيب بئنڪ ۾ آفيسر ٿي
رهڻ کان پوءِ اها نوڪري به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ
کان پوءِ روزي حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ
خاطر، حيدرآباد ۾ پيٽرول پمپ ۽ ٽنڊو الهيار ۾
ريڊيو پارٽس جو دڪان کوليائين، مگر وري اتي به
ساڳي ڳالهه اڳيان آئي، يعني دوڪان تي پابندي
سان ويهڻ ۽ گراهڪن سان شين جي باري ۾ غلط بياني
کان ڪم وٺي اگهه پار جا معاملا طئي ڪرڻ سندس ذوق
۽ وس جي ڳالهه نه هئي، جنهنڪري جلد اهو دوڪان
پنهنجي هڪ عزيز جي حوالي ڪري پاڻ هميشه لاءِ
گوشه نشيني اختيار ڪري فقط مطالعي ۽ سنڌي ادب ۾
واڌاري خاطر لکڻ لاءِ پاڻ کي محدود ڪري
ڇڏيائين.
فضل احمد بچاڻي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ سندس طبع زاد ۽ ترجما
شامل آهن. مرحوم ڪافي وقت اڳ انگريزي جي مشهور
ناول شيءَ (SHE) جو سنڌي ترجمو عاشيءَ جي
نالي سان ڪيو، جنهن کي سنڌي اديبن ۽ دانشورن
طرفان ساراهيو ۽ پسند ڪيو ويو.عاشيءَ جي شايع
ٿيڻ کان پوءِ سندس شمار سنڌ جي نامور اديبن ۾
ٿيڻ لڳو.مرحوم ان کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب
لکيا، جن ۾ ”روح جي ڳولا“، ”سپون“ ”آسڪر وائلڊ
جا خط“ ۽ ٻيا به ڪيترا ڪتاب شامل آهن، جن کي پڻ
عوام ۽ خواص ۾ گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. انهن ڪتابن
کان سواءِ مرحوم سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ گهڻا
مضمون لکيا، جيڪي پڙهندڙن طرفان بيحد پسند ڪيا
ويا.
بچاڻي مرحوم نثر سان گڏو گڏ نظم ۾ به طبع آزمائي
ڪئي ۽ پنهنجا طبع زاد شعر ۽ نظم لکيا. انهن کان
سواءِ شيڪسپير جي نظمن جو سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو،
جيڪي تازو ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپجي چڪا آهن. مرحوم
کي سندس ترجمو ڪيل ڪتابن جي ڪري تمام گهڻي شهرت
حاصل ٿي، انهيءَ کان سواءِ سندس طبع زاد ڪتابن
کي به گهڻو پسند ڪيو ويو.
سندس آخري ڪتاب ”اڳي ائين هياس“، جيڪو ٻن حصن ۾ شايع ٿيو آهي،
جو سندس ننڍپڻ جي يادن تي مشتمل آهي، جنهن ۾
پنهنجي ننڍپڻ جون يادون، انهيءَ وقت جو ماحول،
اهم ۽ دلچسپ واقعا، اهم شخصيتن سان ملاقاتون،
انهيءَ دور جون اقتصادي، مذهبي ۽ سماجي حالتون،
هندو مسلمان جو پاڻ ۾ ميل جول، ڪاروبار، گهريلو
ٽوٽڪا، سنڌ جون تعليمي حالتون ۽ ٻيا به ڪيترا
دلچسپ ۽ اهم واقعا تمام دلچسپ انداز ۾ تحرير ڪيا
آهن، جيڪي پڙهندڙن لاءِ دلچسپي سان گڏوگڏ
معلومات ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا. انهيءَ ڪتاب ”اڳي
ائين هياس“ (ٻه حصا) کي پڻ دانشورن، اديبن ۽ عام
پڙهندڙن تمام گهڻو ساراهيو ۽ پسند ڪيو. انهيءَ
کان سواءِ مرحوم جا ٻيا به ڪيترا ڪتاب اڻ ڇپيل
صورت ۾ موجود آهن، جن کي شايع ڪري سنڌي ادب ۾
واڌارو ڪري سگهجي ٿو.
فضل احمد مرحوم کي لکڻ سان گڏو گڏ مطالعي جو پڻ
گهڻو شوق هوندو هو، جنهنڪري سندس ڄاڻ ۽ معلومات
تمام وسيع هوندي هئي.
ڪجهه وقت اڳ پاڻ ٽنڊوالهيار ۾ هتي جي اديبن ۽
شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري هڪ ادبي انجمن
ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر ڪن مجبورين ۽ هتي جي
اديبن جي تعاون نه هئڻ ڪري اها ٺهي نه سگهي.
جنهن کان پوءِ مرحوم روزانه شام جو راقم الحروف
جي دوڪان تي ايندو هو، جتي روزانه ادبي ۽ نيم
ادبي ڪچهريون ۽ علمي بحث ٿيندا هئا، جنهن ۾ سنڌ
نامور اديب سائين ولي محمد طاهرزادو صاحب، ماستر
سائين بخش بوزدار، محمد دائود بوزدار، راقم
الحروف ۽ ٻيا ادبي ذوق رکندڙ دوست شامل ٿيندا
هئا.
اڄ فضل احمد بچاڻي مرحوم هن دنيا ۾ موجود نه
آهي، پر سندس لکڻيون، ڪتاب ۽ سندس ڳالهيون
دوستن، عزيزن ۽ پڙهندڙن جي دلين ۾ موجود آهن ۽
رهنديون. مرحوم پنهنجي پويان هڪ بيوه، ٽي
نياڻيون ۽ ٽي پٽ غمگين ڇڏيا آهن، بارگاهه الاهي
۾ دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ کيس جنت الفردوس عطا
ڪري ۽ پونيرن کي صبر جي توفيق ڏي.
- شوڪت حسين ميمڻ
سليم ”ڳاڙهوي“
سنڌي زبان جي ممتاز، قادر الڪلام ۽ ڪهنه مشق شاعر
جناب”سليم“ ڳاڙهوي جي وفات جي دکدائڪ خبر سنڌي
علمي حلقن ۾ نهايت ارمان سان ٻڌي ويئي. هن صاحب 4-
سيپٽمبر 1987/ 10- محرم 1408هه تي حرڪت قلب بند
ٿيڻ سبب جناح هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي، جتي
علاج لاءِ ويل هو.
محترم سليم ڳاڙهوي جو جنم 15- مارچ 1925ع تي ڳوٺ
ڳاڙهي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. شاعريءَ جو شوق
اسڪولي زندگيءَ کان شروع ٿيو. ننڍپڻ ۾ سندس هم
ڪلاسي سندس شعر گوئي کان حيرت ۾ پئجي ويندا هئا.
باقاعده موزون شاعريءَ جو دؤر 1947ع کان شروع ٿيو.
هن ڏس ۾ مشهور معروف سنڌي ادبي رسالي ”اديب سنڌ“
سندس ڪافي رهنمائي ڪئي. ان رسالي ۾ استاد شاعرن
جا ڪلام پڙهي هنئين سان هنڊائيندو هو. ۽ اڳتي هلي
سنڌي زبان جي هڪ برک ۽ مڃيل شاعر جو مقام حاصل
ڪيائين. سليم صاحب شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع
آزمائي ڪئي آهي ۽ سڀني سان هڪ جيترو انصاف ڪيو
اٿس. سندس ٻاجهارو شعر”مهراڻ“ ۽ سنڌ جي سڀني رسالن
۾ شايع ٿيندو رهيو آهي.
سليم صاحب جي شاعرانه فن تي تبصرو ڪندي، جناب
مولانا غلام محمد گرامي لکن ٿا: ”محترمه سليم
ڳاڙهوي پنهنجي دلنشين ۽ شيرين فن جي حيثيت سان
ادبي دنيا ۾ وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آهي. سندس
شاعري، پختگيءَ ۽ عمدگيءَ جو هڪ سهڻو مثال آهي. هڪ
قادر الڪلام شاعر ۽ استاد سخن جي حيثيت سان سندس
ڪلام، سنڌي زبان جي سڀني موقر رسالن ۾ شايع ٿيندو
آيو آهي...“
محترمه سليم ڳاڙهوي ذاتي طرح گوشه نشين بزرگ هو.
سڄي زندگي نهٺائي، ڪم گوئي ۽ پرهيز گاري سان بسر
ڪيائين. سندس خاندان، شرافت ۽ پاڪيزگي سببان فقيرن
جو گهراڻو سڏبو آهي. مرحوم هڪ سڄاڻ باغبان هو. ڳوٺ
۾ هڪ رونقدار باغ جي سنڀال ۽ مطالع ۽ شعرو شاعري
سندس مشغلا رهيا، صوم و صلوات جو پابند ۽ نهايت
متقي انسان هو.
ڳاڙهي ۾ ”بزمِ سليم“ نالي سندس دوستن ۽ شاگردن هڪ
علمي محفل قائم ڪئي، جنهن وسيلي ڪيترن ئي نوآموز
شاعرن جي فني تربيت ڪيائين ۽ علمي مجلسن جي آبياري
ڪيائين. سندس هڪ شاگرد، محترم حليم سنڌي، سندس
وفات تي جيڪي تاثرات منظوم ڪيا آهن، سي پيش ڪجن
ٿا.
- اسدالله ”اسد“ سومرو
ستاد ”سليم“ ڳاڙهوي مرحوم
از قلم: ”حليم“ سنڌي
سنڌ جي سونهن ۽ سينگار هو استاد سليم،
پرت جو پار ۽ پرچار هو استاد سليم،
نيڪ، لائق ۽ لڄادار هو استاد سليم،
مُرڪڻو، مور، مِلنسار هو استاد سليم.
آدميت جو علمدار هو استاد سليم،
هر طرح پيار ئي بس پيار هو استاد سليم.
فهم ۽ فيض جو درياءُ، سخا جو ساگر،
علم جي نور جو مينار هو استاد سليم.
دينداري ۽ ديانت جي چمن جو هڪ گل،
ناميارو هو ۽ نروار هو استاد سليم.
هن جي من ۾ هو سدا عشقِ خدا، عشقِ رسول،
آلِ اطهر جو به حبدار هو استاد سليم.
هو صحابا جي به عظمت جو مدامي مداح،
۽ ولين جو به حبدار هو استاد سليم.
ڪوڙ کان دور، سچائي ۽ صداقت جي قريب،
حق، حقيقت جو پرستار هو استاد سليم.
پنهنجي يارن جو ته هر وقت رهيو يار، مگر،
پنهنجي غيرن جو به غمٽار هو استاد سليم.
ڪنهن به قيمت تي وڪيو جنهن نه ڪڏهن پنهنجو ضمير،
ڪوبه شڪ ناهه ته خوددار هو استاد سليم.
ننڊ مان قوم کي بيدار بنائڻ خاطر،
سرت ۽ سوچ جو آثار هو استاد سليم.
سال پنجاه ادب جي ڪئي خدمت جنهن شخص،
شاعريءَ جو سو علمدار هو استاد سليم.
سنڌ کي بخشي ويو فڪر ۽ فن جا موتي،
واهه جو وِيرُ ۽ وينجهار هو استاد سليم.
”ڳوٺ ڳاڙهي“ جو ڀلا ڇو نه وهائي ڳوڙها،
”شهر موري“ جو به منٺار هو استاد سليم.
ڇو نه غمگين رهن سنڌ جا شاعر ۽ اديب،
شاعرن جو به ته سالار هو استاد سليم.
ٿي وئي ”بزمِ سليم“ اڄ تهه و بالا افسوس،
مور محفل جو ۽ منٺار هو استاد سليم.
ڪيئن ته وڇڙي ويو مون کان هي وڙيتو ووءِ، ووءِ،
منهنجو هر حال ۾ غمخوار هو استاد سليم.
قرب ان جي جون ڪچهريون نه وسارڻ جهڙيون،
قرب ۽ ڀال جو ڀنڊار هو استاد سليم.
موتَ کي موتُ اچي، ڪِيسَ ڪري ٿو ڪيڏا،
ديس جو دوست ۽ دلدار هو استاد سليم.
سنڌ ساريءَ ۾ سندس خال جو ڀرجڻ مشڪل،
اهڙو شاعر ۽ سخن بار هو استاد سليم.
رحمتون روح انهيءَ جي تي رهن شال ”حليم“،
مرد مومن ۽ مڻيادار هو استاد سليم.
|