تحريڪ پاڪستان ۾ موري شهر جو حصو
ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
سنڌ عهد قديم کان وٺي پنهنجي سڃاڻپ سنڌ، مهراڻ، اند ۽ السنڌ جي نالن مشهور
سان ڏيندي آهي. دنيا جي اٽڪل 180 ملڪن مان سنڌ نوي
ملڪن کان وڏي آهي، ۽ دنيا جي ڇهين ترقي يافته ملڪ
انگلينڊ (برطانيا) کان پڻ وڏي آهي.
سنڌ پاڪستان جو اهم ۽ بنيادي صوبو آهي، جنهن پاڪستان جي بناوت ۾ مک ڪردار
ادا ڪيو. حقيقت ۾ پاڪستان جي خالق سنڌ آهي، جنهن
قائداعظم کي جنم ڏنو، جتي پاڪستان جو پهريون تصور
۽ خاڪو بنايو ويو، جتي سنڌ صوبي جي اسيمبلي
پاڪستان جي حق ۾ قرار داد پاس ڪئي، جتي مسلم ليگ
جي پهرين وزارت قائم ٿي. سنڌ جي نقش قدم تي هلندي،
ٻين صوبن جي اسيمبلين سنڌ جو مثال ڏيئي مسلم ليگ
جي تنظيم لاءِ ڪم ڪيو.
سنڌ جي طبعي بناوت ۽ جاگرافيائي ڍانچي ۾ مورو، سنڌ جي دل آهي. سنڌ جو سينو
نوابشاهه ضلعو آهي. اهڙي طرح مورو نه صرف سنڌ جي
شهه رڳ جو مرڪز آهي، مگر نوابشاهه ضلعي جو پڻ
چمڪندڙ ستارو آهي. موري جي سڃاڻپ گچيري سان ٿيندي
هئي، ڇاڪاڻ ته روڊ ۽ ريلوي نظام کان اڳ دريائي
مواصلاتي نظام هو ۽ گچيرو دريائي پتڻ هو، جتي جو
واپار خراسان، ايران ۽ افغانستان سان ٿيندو هو.
گچيرو هڪ مرڪزي شهر هو، ته مورو هڪ ننڍڙو ڳوٺ واهڻ
مثل هو.
مورو، جنهن کي تاريخدانن منڪن مورو سڏيو آهي. موري ۽ نوشهروفيروز کي ڪلهوڙا
دور ۾ وجود ۾ آندو ويو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي
دور ۾ سندس خاص ماڻهو فريد ڀڳت هيءُ شهر آباد ڪيو.
ڪن جو چوڻ آهي ته هت ”ميان مـُـوري“ جو مڪان هو،
جيڪو بدلجي مورو ٿي ويو.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ نومبر 1، 1912ع ۾ جڏهن نوابشاهه کي ضلعو بنايو ويو
ته مورو، تعلقي نوابشاهه سان شامل ڪيو ويو. اهڙيءَ
طرح سنڌ جي سر سبز ضلعي نوابشاهه جي سرسبز موري
تعلقي ۾ اهڙا گوهر، عالم ۽ اديب پيدا ٿيا، جن تي
نوابشاهه ضلعي سان، گڏ سنڌ کي پڻ فخر آهي. سنڌ جي
شاندار گلدستي ۾ موري جو گل پڻ شامل رهيو، جنهن جي
واس ۽ خوشبوءِ نه صرف سنڌ ۾ محدود رهي، بلڪه پوري
هندستان ۾ پهتي.
سنڌ جي سماجي دور کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ميرن جي خاتمي کان پوءِ
انگريزي دور کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پهريون
دور، جنهن ۾ صرف مذهبي تحريڪون هليون، ٻيو دور،
جنهن ۾ ادبي تحريڪن جنم ورتو، ويهين صديءَ جي
اوائلي دور ۾ انگريزن جي آخري دور ۾ سياسي تحريڪون
شروع ٿيون. جنهن کي ٽيون دور چئي سگهجي ٿو. موري
جو ڪردار انهن ٽنهي سماجي دورن ۾ برابر نمايان
رهيو آهي. اچو ته انهن ٽن دورن جي تحريڪن تي نظر
وجهون.
(1) ديني تحريڪ:
هن تحريڪ ۾ مذهب جي پرچار ۽ ان جي بچاءَ ۽ بقا لاءِ قلم کان ڪم ورتو ويو.
وقت جي هر دور ۾ نظرياتي تبديليون، سياسي ۽ ادبي
فڪر، ارتقائي مرحلن ۽ منزلن مان گذرندا آيا آهن.
انهن مذهبي تحريڪن ۾ سنڌ جي ٻين علائقن سان گڏ
مورو برابر ٻانهن ٻيلي رهيو آهي. ديني خدمت ڏيندڙ
کي آخوند، مخدوم، پير ۽ قاضي جا لقب ڏنا ويندا
هئا. قضا جي ڪم ڪندڙ، عدالت ۾ انصاف ڏيندڙ ۽ فيصلو
ڪندڙ کي قاضي سڏيو ويندو هو. موري ۾ ديني تعليم جي
ســِـهرو سومرا ذات جي قاضي خاندان تي هو. موري جي
انهيءَ قاضي خاندان جو شجرو دودي سومري سان ملي ٿو
-- سندن ابن ڏاڏن جو ماڳ لاڙ هو، ڇاڪاڻ ته سومرن
جي حڪومت به لاڙ واري حـصي تي هئي. انگريزن جي دور
حڪومت ۾ موري جي قاضي خاندان جي فرد قاضي شاهه
محمد ٽئين جو ننڍو ڀاءُ 1856ع ۾ حيدرآباد جو قاضي
هو.
ميرن جي حڪومت ۾ قاضي خاندان جو وڏو ميان محمد بودو، قاضيءَ جي حيثيت سان
ملتان ويو، جتي هڪ سؤ ورهين تائين هيءُ خاندان
اُتي ئي رهيو ۽ ”ملتاني“ لقب اختيار ڪيو (1). جنهن
سر زمين جو هن پاڻي پيتو ۽ انُ کاڌو، هو ان جا نمڪ
حلال ٿي، اُتي جا ئي ٿي ويا. موري جي سومرن مان
اهڙا بزرگ ۽ عالم پيدا ٿيا، جن جي شهرت پوريءَ سنڌ
۾ آشڪار هئي. هن خاندان جي مخدوم محمد طاهر کان
وٺي مخدوم ميان عبدالرؤف تائين ديني مدرسي کي قائم
رکيو. انهن قاضي بزرگن جن تحريرون، تقريرون ۽
فتوائون پڪيون ۽ پختيون هيون، جن ۾ ڪا به وضاحت ۽
تبديليءَ جي ضرورت نه پوندي هئي. اڄ جيڪا ڪجهه
موري ۾ ديني علم جي روشني نظر اچي ٿي، ان ۾ بنيادي
پگهر قاضي خاندان جي بزرگن ۽ عالمن جو هاريل آهي.
سندن درس و تدريس دڙي واري مسجد ۾ ئي ٿيندو هو.
قاضي ميان دين محمد جو فرزند قاضي ميان محمد عثمان
پڻ موري ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪيو، ان بزرگ جا اڄ
به سوين شاگرد موجود آهن. موري جي بزرگن وٽ پري
پري کان ديني علم جا پياسي پنهنجي اُڃ اُجهائڻ
ايندا هئا. رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي ڏاڏي
رئيس خانبهادر امام بخش خان جتوئي پڻ موري جي
مدرسي مان عربي ۽ پارسي جي تعليم حاصل ڪئي. اهڙيءَ
طرح موري جي هنن بزرگن ۽ عالمن ديني علم جي وڏي
خدمت ڪئي.
(2)ادبي دور:
هن دور ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ واري ماحول ۾ سنڌ جي سماجي حالتن مطابق ادب جي وسيلي
واڌارو ٿيو. سنڌي ادب جي وسيلي مذهب ۽ سياست جي
پرچار شروع ٿي. سنڌ جي ادبي دنيا ۾ جڏهن ”سندري“
ناول ڇپجي ظاهر ٿيو ته پوريءَ سنڌ ۾ هلچل مچي
ويئي. هڪ هندو اديب طرفان اهڙو ڪتاب شايع ٿيو،
جنهن ۾ مغل بادشاهن تي شرمناڪ حملا ڪيا ويا هئا.
انهيءَ ڪتاب جي مقابلي ۾ ”سندري“ ناول لکيو ويو،
جنهن جو خالق، خليق ”مورائي“ هو. ميان عبدالخالق
خليق مورائي 5 - آگسٽ 1895ع ۾ پيدا ٿيو. هن صاحب
ادبي ميدان ۾ ڪيئي معرڪا سر ڪيا. سندس قلم ۾ ايتري
طاقت هوندي هئي جو سنڌ جو سڀ هندو اديب گڏجي به ان
جو مقابلو نه ڪري سگهندا هئا. خليق مورائي عربي ۽
فارسي جو عالم هو. هن ديني تعليم ”درالعلوم
عثمانيه“ جيمس آباد ضلعي ٿرپارڪر مان حاصل ڪئي.
خليق مورائي 1909ع ۾ لکڻ شروع ڪيو. پاڻ هڪ ماهوار
رسالو ”ترقي“ جاري ڪيو، جيڪو 1928ع تائين باقاعده
ڇپجندو رهيو. هن رسالي، سنڌ ۾ بهترين ادب مهيا
ڪيو. قاضي خليق مورائي ڪيئي ڪتاب ۽ ڪتابچه شايع
ڪيا. انهن مان هيٺيان مشهور ۽ معروف ڪتاب آهن.
(1) آخري رسول(آنحضرت صلعم بحيثيت انسان ڪامل).
(2) آخري مذهب حصه اول (اسلامي عقائد بمقابله ديگر مذهب).
(3) آخري مذهب حصه دوم (اسلامي عبادات بمقابله ديگر مذهب).
(4) آخري مذهب حصه سوم (اسلامي تعليم جو دنيا تي اثر).
(5) خلافت عثمانيه.
(6) اسلام ۽ علم.
(7) اسلام ۽ تصوف.
(8) اسلام ۽ قرباني.
(9) تاريخ تعمير ڪعبه.
(10) ويدن جي حقيقت.
(11) شڌيءَ جا سانگ.
(12) فاتح سنڌ (فتح سنڌ جو دلچسپ تاريخي ناول)
(13) ستيءَ جي ستيا (فتح سومناٿ جو دلچسپ تاريخي ناول)
(14) ڇترپتي(اورنگزيب عالمگير ۽ اڌيپور جي راڻيءَ جي عشق ۽ محبت جو پرلطف
عجيب و غريب داستان، ناول).
(15) درس آموز،(معاشرتي ناول).
(16) قرآن ۽ نئين روشني (مصر جي مشهور اسلامي فلاسافر علامه طنطاوي جي ڪتاب
”القرآن و العلوم المصريـه“ جو سنڌي ترجمو.)
(17) مسلمان ۽ سود.
(18) سندري ناول، (ان کان علاوه ڪجهه ٻيا ڪتاب ۽ بي شمار مضمون) (2).
(3) سياسي دور:
هندستان ۾ جيڪي به سياسي تحريڪون شروع ٿيون، تن جو سڌو سنئون اثر سنڌ تي
پيو. سنڌ ۾ هلايل هر سياسي جدوجهد ۾ مورائي ضرور
شامل رهيا. موري جو مان ۽ شان قاضي خاندان جي ڪري
ئي ٿيو. هندستان ۾ هلايل هلچل ۾ هر هڪ جلسي ۾، جيل
۾، موري جا مجاهد شامل رهيا.جن جيل جي ڪوٺڙي ۾ قيد
۽ بند جون صعوبتون برداشت ڪيون، تن ۾ قاضي
عبدالخالق خليق مورائي، مولوي محمد صادق مورائي،
قاضي محمد صديق مورائي ۽ قاضي فيض محمد مورائي
شامل آهن. انهن سڀني کي سياسي هلچل دوران انگريز
حڪومت جي طرفان سخت سزائون ۽ تڪليفون ڏنيون ويون.
انگريز حڪومت جي خلاف ۽ ترڪي حڪومت جي حمايت ۾ جڏهن خلافت تحريڪ جو آغاز ٿيو
ته ان تحريڪ ۾ سنڌ مان چند ليڊر جيڪي به شامل ٿيا،
تن ۾ موري مان قاضي خدابخش پڻ هو، جنهن علي
برادران ۽ موهن لال گانڌيءَ سان گڏ تقريرون ڪيون.
حڪومت جي خلاف جڏهن جدوجهد هلائڻ جو منصوبو رٿيو ويو ته ان ۾ اهو به طئي ٿيو
ته سنڌ ۾ مسلمانن کي سياسي طرح سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪا
اخبار جاري ڪجي. سنڌ جي ليڊرن جي گڏجاڻي سر
عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي، مختلف
تجويزون ڏنيون ويون، مگر موري جي سياسي شعور
رکندڙ ذهن خليق مورائي تجويز ڏني ته خلافت تحريڪ
جي حمايت لاءِ ترڪي جي خليفي سلطان وحيد الدين جي
نالي پٺيان اخبار جو نالو ”الوحيد“ رکيو وڃي. اها
تجويز قبول ڪئي ويئي. اخبار ”الوحيد“ جي نالي سان
جاري ٿي. انهيءَ اخبار جي وسيلي سنڌ ۾ سياسي
جدوجهد جو آغاز ٿيو. اخبار الوحيد سنڌ جي عوام جي
ترجمان ٿي. هن اخبار خلافت تحريڪ. سنڌ جي بمبيءَ
کان آزادي ۽ پاڪستان جي جدوجهد ۾ بنيادي ڪردار ادا
ڪيو.
خلافت تحريڪ جو آغاز سن 1919ع ۾ ٿيو. هن تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ مولانا محمد
علي جوهر، مولانا شوڪت علي ۽ گانڌي هئا.
قاضي خدابخش مورائي هندستان جي مسلمان شاگردن ۾، موري مان هڪ سنڌي شاگرد هو،
جيڪو عليڳڙهه ڪاليج يونين جو نائب صدر هو. جڏهن
مولانا محمد علي جوهر ۽ مهاتما گانڌي عليڳڙهه اچي
تقريرون ڪيون ته انهن تقرير ڪندڙن ۾ قاضي خدابخش
مورائي پڻ هو. قاضي صاحب جڏهن انگريزيءَ ۾ تقرير
شروع ڪئي ته عليڳڙهه جي شاگردن جوش ۾ اچي يورپي
لباس لاهي، ڦاڙي ۽ اتي تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏيو. قاضي
صاحب مولانا محمد علي جوهر سان گڏ پوري هندستان جو
دورو ڪيو ۽ تقريرون ڪيون. انهن باغيانه تقريرن جي
ڪري بغاوت جي ڏوهه ۾ جيل ۾ قيد ڪيو ويو(3).
سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي مکيه اڳواڻن مان موري جا قاضي صاحبان پڻ انهن اڳواڻن
جي صف اول ۾ شريڪ هئا.
قاضي ميان محمد صديق مورائي سنڌ جي برک ۽ ممتاز اڳواڻن ۾ شامل هو. سندس
تحريرن ۽ تقريرن جي ڪري بغاوت جي الزام ۾ کيس قيد
ڪيو ويو. سندس اسلامي جذبو ايڏو ته هو جو تقريرن ۾
هڪ باغي اڳواڻ نظر ايندو هو. قاضي محمد صديق کي
جڏهن نوابشاهه مان گرفتار ڪيو ويو، تڏهن جيل مان
عوام ڏانهن هن طرح پيغام هڪ شعر جي صورت ۾
موڪليائين.
رس اي نور نبي، اُٿ عربي-- پهچ پنهل پيارا
جايون پاڪ عربن جون، اُت دشمن ڪن بي ادبي -- اُٿ عربي
هن مصيبت جي محمدا، تنهنجي در اچي دانهن ڏبي-- اُٿ عربي
ڳالهه خلافت حق جي، ڪين چپن ۾ چئبي -- اُٿ عربي
ساهه، سسي، سر صدقو، ڪا گهٽ ڪا نه ڪبي -- اُٿ عربي
هي مصيبت اسلام تي، ماٺ مــُـٺي ڪا نه سهبي -- اُٿ عربي
”صديق“ کي سڪ سيدا! روح رڳن ۾ رهبي -- اُٿ عربي
16 - آڪٽوبر 1920ع ۾ مولوي قاضي محمد صديق کي ٻارنهن مهينا سخت سزا ڏني
ويئي. جڏهن ڪورٽ سزا جو اعلان ڪيو ۽ کيس اهو به
چيو ته جيڪڏهن هو ضامن ڏيئي ته کيس آزاد ڪيو
ويندو، مگر قاضي صاحب ضامن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان
ڏينهن نوابشاهه ۾ هڪ وڏو جلوس نڪتو. نوابشاهه جي
تاريخ ۾ اهو پهريون سياسي جلوس هو.
ضلعي نوابشاهه ۾ خلافت تحريڪ جي اڳواڻي موري جي قاضي صاحبن ڪئي. خلافت
ڪاميٽي ۾ جيڪي اڳواڻ هئا، تن ۾ سوامي گووندانند،
قاضي خدابخش، قاضي عبدالخالق خليق مورائي ۽ مولوي
قاضي محمد صديق وغيره، قاضي نبي بخش، موري تعلقي
خلافت ڪاميٽي جو اڳواڻ هو. هن صاحب الوحيد اخبار
لاءِ چندا گڏ ڪيا ۽ عوام ۾ تحريڪ کي منظم ڪيو.
موري جي جن عظيم اڳواڻن انگريز حڪومت جي عتاب هيٺ
اچي سزا کاڌي ۽ جيل جون صعوبتون ۽ تڪليفون برداشت
ڪيون. تن ۾ مولوي محمد صادق، جيڪو جيل جون سخت
سزائون برداشت نه ڪري سگهيو ۽ جلدي آزاد ٿي آيو.
ٻيو قاضي عبدالخالق خليق مورائي هو، جنهن کي هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ملي.
ٽيون قاضي محمد صديق مورائي هو، جنهن کي سخت پورهئي سان ڇهه مهينا جيل ڪاٽڻو
پيو ۽ 200 رپيا ڏنڊ به ادا ڪيو.
چوٿون قاضي فيض محمد مورائيءَ کي پڻ هڪ سال سخت پورهئي سان سزا ڏني ويئي.
سياسي ميدان تي مورو جو ٻيو اڳواڻ قاضي خدابخش هو،
جنهن جو ٿورڙو ذڪر عليڳڙهه ۾ شاگرد يونين جي نائب
صدر هجڻ سان ٿي چڪو آهي. قاضي خدابخش مورائي سن
1895ع ۾ موري ۾ جنم ورتو. سندس والد قاضي نبي بخش
موري جو عالم دين هو. قاضي خدابخش ڪراچيءَ جي سنڌ
مدرسـته الاسلام مان مئٽرڪ پاس ڪري سن 1919ع ۾
عليڳڙهه ڪاليج مان بي - اي ڪئي ۽ 1926ع ۾ ميرٺ مان
قانون جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. هن صاحب 1927ع
۾ ڪراچيءَ جي مشهور بئريسٽر مسٽر الفنسٽن سان گڏ
وڪالت شروع ڪئي. سندس سياسي دور عليڳڙهه ڪاليج
يونين جي نائب صدر جي حيثيت سان شروع ٿيو. عليڳڙهه
۾ هن صاحب ڊبيٽنگ سوسائٽي جو بنياد رکيو. هيءُ پاڻ
به بهترين مقرر هو ۽ کيس ڪيترائي ميڊل مليل هئا.
هن مولانا محمد علي جوهر سان گڏ پوري هندستان جو
گشت ڪري، تقريرون ڪيون. مهاتما گانڌي سندس ذهانت
کان متاثر ٿي، کيس آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽي
جو ميمبر نامزد ڪيو. خلافت تحريڪ دوران سنڌ خلافت
ڪاميٽي جو سيڪريٽري هو. الوحيد جي ايڊيٽر شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ کي جيل جي سزا ملي، تڏهن قاضي
خدابخش کي الوحيد اخبار جو ايڊيٽر بنايو ويو ۽
سگهو ئي کيس حڪومت جي خلاف باغيانه سرگرمين جي
تهمت هيٺ جيل موڪليو ويو. ان کان پوءِ اخبار
”ايڊووڪيٽ“ جو مدير ٿيو. سن 1932ع ۾ ڪراچي ميونسپل
ڪارپوريشن جو بنا مقابلي ميمبر چونڊجي ويو، پوءِ
کيس ڊپٽي ميئر لاءِ منتخب ڪيو ويو. سن 1935ع ۾
قاضي صاحب حاتم علوي کي شڪست ڏيئي، ڪراچيءَ جو
پهريون مسلمان ميئر چونڊيو ويو.
مسلمان ميئر جي حيثيت سان هن ڪراچيءَ ۾ وڏي خدمت ڪئي. ڪيترا شفاخانه، اسڪول
۽ گرلس اسڪول قائم ڪيائين. ٻوڏ جي ستايلن ۽ ڪوئيٽا
۾ زلزلي جي متاثر ٿيل ماڻهن جي امداد ڪرڻ جي سلسلي
۾ حڪومت کيس “قيصر هند“ جو خطاب عطا ڪيو (5).
سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ کان پوءِ ، جڏهن صوبائي خودمختياريءَ تحت نيون
سياسي جماعتون ٺهيون، تڏهن 15 - آگسٽ 1936ع ۾ سنڌ
مسلم جماعت جي سالياني گڏجاڻي جيڪا غلام حسين
هدايت الله جي صدارت هيٺ منعقد ٿي، تن ۾ هيٺيان
عهديدار چونڊيا ويا:
صدر: غلام حسين هدايت الله
نائب صدر: شيخ عبدالمجيد سنڌي
نائب صدر:خانصاحب نذر محمد خان
جنرل سيڪريٽري: قاضي خدابخش مورائي
جوائنٽ سيڪريٽري: مسٽر يار محمد
خزانچي: دين محمد عليگ.(6)
قاضي خدابخش جي ڪوشش سان سن 1942ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج قائم ٿيو. سندس ذهانت جي
ڪري، حڪومت سنڌ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل جا
فرائض انجام ڏنائين. 21 - فيبروري 1944ع ۾ سندس
وفات ٿي. سنڌ حڪومت جي طرفان ميوزم لڳ هڪ روڊ
”قاضي خدابخش روڊ“ جي نالي منسوب ڪيو ويو.
موري سان لڳ گچيري جو احوال به اچڻ ضروري آهي، گچيري ۾ ميان تاج محمد ٻگهيو
انگريزي تعليم يافته وڪالت پاس هو. هن صاحب وڪالت
پاس ڪندي به وڪالت جي پيشي سان منسلڪ ڪو نه ٿيو،
البته سياسي جدوجهد ۾ سندس ذڪر ضرور اچي ٿو. خلافت
تحريڪ ۾ بغير ڪنهن عهدي جي ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم
ڪيائين ۽ پوءِ مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو.
گچيري ۾ مسلم ليگ جي برانچ هئي. انهيءَ برانچ جي
پاس ڪيل ٺهرائن مان، هڪ حوالي طور پيش ڪجي ٿو:
14 - ڊسمبر 1941ع ۾ گچيرو برانچ مسلم ليگ جي گڏجاڻي زير صدارت ميان تاج محمد
ٻگهئي جي منعقد ٿي. هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا:
ٺهراءَ ۾ چيو ويو، ”هيءَ گڏجاڻي، سنڌ پرڳڻي ۾ رشوت خوري، بدامني، سرڪاري
اجاين خرچن ۽ پبلڪ کي ڍلن ۾ پيڙڻ لاءِ وزارت جي
پاليسي ۽ ساڻس ڪانگريس واري ساٿ کي جوابدار ٺهرائي
ٿي. تازين ٻن مقررين تي گورنر صاحب جي اختيارات
هلائڻ ڪري، جيڪا مهملي جي رٿ اسيمبلي ۾ آندل آهي ۽
جيڪا سمجهاڻي وڏي وزير ڏني آهي، انهيءَ لاءِ هي
گڏجاڻي گورنر کي حق ۽ انصاف تي سمجهي ٿي ۽ گورنر
صاحب کي استدعا ڪري ٿي ته آئينده ملڪ جي ڀلي لاءِ
اهڙا اختيارات عمل ۾ آڻيندو رهي، نه ته وزارت ۽
ڪانگريس جي ڪري، انهن جي پاليسي جي ڪري ملڪ ۾ وڏي
تباهي ايندي. هي گڏجاڻي استدعا ٿي ڪري ته نيون
چونڊون ڪرايون وڃن. هي گڏجاڻيءَ الوحيد اخبار کي
خراج تحسين پيش ڪري ٿي، جيڪا مسلم عوام جي صحيح
ترجماني ڪري ٿي(7)“.
گچيري مسلم ليگ برانچ جا هيٺيان عهديدار هئا:
صدر: محمد يوسف ٻگهيو
نائب صدر: غلام رسول ٻگهيو
جنرل سيڪريٽري: امان الله خان ٻگهيو
جوائنٽ سيڪريٽري: الهرکيو سهتو
خزانچي: شير محمد ٻگهيو(9).
مٿين عهديدارن مسلم ليگ جا ڪارڪن ٿي ورڪ ڪئي ۽ پاڪستان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو
ورتو.
اهڙي طرح پاڪستان تحريڪ ۾ مٿين ڪارڪنن سان گڏ قاضي فيض محمد نمايان آهي. هن
صاحب جنون جي حد تائين پاڪستان بنائڻ لاءِ سر ٽوڙ
ڪوشش ڪئي. هر گڏجاڻي، ڪچهري ۽ محفل ۾ صرف ۽ صرف
پاڪستان جو نالو زبان تي رهندو هو. عوام کيس چاچا
پاڪستاني جي نالي سان سڏيندو هو. قائداعظم ۽ لياقت
علي خان سدائين کيس ”چاچا پاڪستاني“ جي نالي سان
احترام سان نالو وٺندا هئا.
موري جي اولهه پاسي ڳوٺ ملڪ ۾ کيڙا خاندان مان رئيس افضل خان کيڙو تحريڪ
پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن هو، جنهن 1940ع جي مسلم
ليگ جي لاهور واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. رئيس افضل
خان کيڙو الوحيد اخبار جي مالي مددگارن مان پڻ هڪ
هو. جڏهن به الوحيد کي مالي مشڪلات درپيش ايندي
هئي ته هن صاحب جي ڪشاده دل مالي امداد مهيا پئي
ڪئي. سندس ڪوششن سان ڳوٺ مـَـلڪ ۾ مسلم ليگ جي
برانچ ڪم ڪندي هئي، جنهن جا عهديدار هيٺيان صاحب
هئا.
صدر: محمد بخش کيڙو
نائب صدر: مولوي محمد ڪامل
سيڪريٽري: محمد يوسف مــَـلڪ
خزانچي: احمد خان راڄپر هو(10).
هنن ڪارڪنن مسلم ليگ جي مدد ڪئي ۽ پاڪستان تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن هئا.
موري لڳ ڳوٺ نيو جتوئي جي رهواسي رئيس امام بخش خان جتوئي، موري جي قاضي
خاندان جي عالم قاضي ميان عبدالرؤف وٽان عربي ۽
فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. هن صاحب شاعريءَ ۾ ”صابر
فقير“ جي نالي سان تخلص ڪم آندو ۽ سياسي ميدان ۾
ضلعي نوابشاهه مان صف اول جو سياستدان هو. هي صاحب
25 - جولاءِ 1885ع ڳوٺ مــَـلڪ ۾ پيدا ٿيو. 1912ع
۾ انگريز سرڪار کيس خانصاحب جو لقب ڏنو ۽ 1936ع ۾
کيس خانبهادر جو لقب عطا ڪيو ويو. 14- اپريل
1937ع ۾ نوابشاهه لوڪلبورڊ جو صدر چونڊيو ويو. سن
1914ع کان 1938ع تائين اسپيشل مئجسٽريٽ ٿي رهيو.
سن 1921ع کان 1932ع تائين بمبئي اسيمبلي جو ميمبر
رهيو ۽ 1933ع کان 1936ع تائين ضلعي نوابشاهه اسڪول
بورڊ جو چيئرمين رهيو.
قائداعظم سان سندس ذاتي تعلقات هئا. قائداعظم جڏهن نوابشاهه جي دوري تي آيو
ته هن صاحب ضلعي نوابشاهه مسلم ليگ جي صدر جي
حيثيت سان آڌر ڀاءُ ڪيو. سنڌ مسلم ليگ ورڪنگ
ڪاميٽيءَ تي ضلعي نوابشاهه مان رئيس امام بخش خان
جتوئي ۽ قاضي فيض محمد هئا. ٻنهي جو تعلق موري سان
هو. هيءُ هڪ بهادر شخص هو. سنڌ ۾ ضلعي نوابشاهه جو
پهريون لوڪلبورڊ ادارو هو، جنهن ٺهراءُ بحال ڪري
لوڪلبورڊ جي بلڊنگ مٿان مسلم ليگ جو جهنڊو بلند
ڪيو. نوابشاهه لوڪلبورڊ جي پاس ڪيل ٺهراءَ کان
متاثر ٿي سنڌ جي ٻين لوڪلبورڊن پئي اهڙا ٺهراءَ
پاس ڪيا.
پاڪستان تحريڪ ۾ پوري ضلعي نواب شاهه کي جتوئي خاندان مقبول بنايو، سندن
ڪوششن سان ضلعي ۾ برانچون ٿيون. موري ۾ مسلم ليگ
برانچ جا هيٺيان عهديدار ۽ پاڪستان تحريڪ جا ڪارڪن
هئا.
صدر:قاضي محمد يوسف
نائب صدر: عبدالله خان سومرو
جنرل سيڪريٽري: مولوي علي گوهر قريشي
خزانچي: حاجي محمد صالح ميمڻ(12)
ٻي عالمگير جنگ جو زمانو هو. سرڪار، هندستان جي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ پارٽي کي
چيو ته: جنگ جي زماني ۾ سرڪار جي مدد ڪريو ۽ پوءِ
هندستان کي آزاد ڪيو ويندو. مگر ڪانگريس پنهنجي
تحريڪ کي جاري رکيو. سن 1943ع تي مورو۾ ٽوپڻداس
مختيارڪار هو ۽ سندس آفيس ٻاهران ميٽرڪ پاس عريضي
نويس مسٽر آئلداس ڪانگريسي ڪارڪن هو. هن صاحب جي
شادي ڪئي هڪ هفتو مس گذريو، ته ڪانگريس جي هلچل ۾
کيس جيل اُماڻيو ويو. سندس ڪنوار جنهن جي هٿن تي
ميندي لڳل هئي، تنهن عورتن جي جلوس جي قيادت ڪري
هيءُ ترانو ڳايو ته:
”هلو جوانو جيل ڏي، ڌوڪيو جوان جيل ڏي .“
موري ۾ هي پهريون عورتن سان شامل سياسي جلوس هو. انهيءَ دور ۾ مسلم ليگ
پنهنجي هلچل کي ٿورو سست ڪيو ۽ مسلمان وار فنڊ،
جنگي امداد لاءِ ورائٽي پروگرام بنايا، موري مان
محمد هاشم ملنگ، جيڪو ان وقت شاگرد هو، تنهن ڊرامن
۾ اهم ڪردار ادا ڪيا. سن 1946ع ۾ نيون چونڊون شروع
ٿيون. مسلم ليگ پارٽيءَ جا اميدوار سياسي ميدان تي
نروار ٿيا. ضلعي مسلم ليگ جي واڳ رئيس غلام رسول
خان جتوئي جي هٿ ۾ هئي، انگريزي اسڪولن، ڪاليجن ۽
مدرسن جا شاگرد مسلم ليگ جي ورڪ ۾ ٻاهر نڪتا. سنڌ
۾ جتي ٻين شاگردن جٿا ٺاهي مسلم ليگ جي ورڪ ڪئي،
اُتي موري مان جان محمد عطار ۽ محمد هاشم ملنگ به
جٿي جي اڳواڻي ڪئي. 10 -15 شاگردن جا جٿا ٺاهيا
ويا، جيڪي قرآن شريف جون آيتون پڙهي، اسلام خاطر
پاڪستان جي جدوجهد لاءِ تقريرون ڪيون. محمد هاشم
ملنگ ترنم ۾ هر جلسي ۽ ورڪ دوران پاڪستان متعلق
ٺاهيل شعر ڳائي ٻڌائي، حاضرين کي متاثر ڪندو هو.
مٿين ماڻهن بغير لوڀ ۽ لالچ، سياسي فائدا حاصل ڪرڻ بجاءِ خلوص دل سان من،
تن، ڌن جون قربانيون ڪري پاڪستان حاصل ڪيو. موري
جي عوام کي خاص طور ۽ سنڌ جي عوام کي عام طور سندن
ڪردار تي بجا طور فخر آهي.
ماخذ
1. روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 1- مئي 1984ع
2. رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، 32-1931ع، ص 77
3. روزانه جسارت ڪراچي (اردو)، 6 - اپريل 1984ع
4. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سنڌ جي سياسي جدوجهد، سنگم پبليڪيشن حيدرآباد،
1983ع، ص 231
5. روزانه الوحيد ڪراچي، 19 - آگسٽ 1936ع
6. روزانه الوحيد ڪراچي، 28 - ڊسمبر 1941ع
7. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، قاضي محمد قاسم
نئين سنڌي لئبرري مورو، 1984ع ص 407
8. روزانه الوحيد ڪراچي، 6 - جولاءِ 1941ع
9. محمد حسن چنه، خانبهادر امام بخش صابر جي شاعري، ايم. اي لاءِ مقالو، سنڌ
يونيورسٽي، 1965ع، ص 19
10. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو، قاضي محمد قاسم
نئين سنڌي لئبرري مورو، 1984ع، ص 400 .
لاڙڪاڻي ۾ خلافت تحريڪ
غلام مصطفيٰ مشتاق
پس منظر:
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ترڪن، انگريزن خلاف ويڙهه ڪئي ته مسلمانن کي هڪ
نئين آزمائش سان منهن ڏيڻو پيو. ترڪيءَ جي سلطان
کي عالمِ اسلام جي خليفي جي حيثيت به حاصل هئي، ان
ڪري جنگ ۾ ترڪيءَ جي مفاد سان گڏوگڏ خلافت جي
سلامتيءَ جو سوال به هو. جنگ هلندي هندستان جي
مسلمانن برطانوي حڪومت جو ساٿ ڏنو، پر انهن جي
خواهش هئي ته برطانوي حڪومت خليفي جي منصب جو
احترام ڪري، تنهن ڪري برطانوي وزيراعظم لائيڊ جارج
جنوري 1918ع ۾ واضح طور اعلان ڪيو ته ترڪيءَ کي
سندس گاديءَ واري هنڌ يا ترڪ اڪثريت وارن علائقن
کان محروم نه ڪيو ويندو. ان کان علاوه مسلمانن جي
پاڪ جاين کي به نقصان نه رسايو ويندو. پهرين
مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ برطانوي
حڪومت پنهنجن واعدن کان ڦري وئي ۽ ترڪيءَ جي خلافت
سان نهايت مڪروهه سلوڪ ڪيو. ان ڳالهه تي هندستاني
مسلمانن کي سخت رنج پهتو.
انهن حالتن ۾ هتان جي مسلمانن، مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي جي
اڳواڻيءَ ۾ سن 1919ع ۾ بمبئي ۾ ڪل هند خلافت ڪميٽي
قائم ڪئي ته جيئن خلافت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري
سگهجي. ان ڪاميٽيءَ جون شاخون پوري ملڪ وانگر سنڌ
جي به شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ قائم ڪيون ويون ۽
برطانوي حڪومت خلاف هر جاءِ مظاهرا ڪيا ويا. سن
1920ع ۾ خلافت ڪاميٽيءَ پاران هڪ وفد مولانا محمد
علي جوهر جي اڳواڻيءَ ۾ لنڊن موڪليو ويو ته جيئن
برطانوي حڪومت کي مسلمانن جي جذبات کان آگاهه ڪري
سگهجي، پر ان وفد کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل
نه ٿي، ڇاڪاڻ ته برطانيه ۾ ڪو به ماڻهو ترڪن جي
حمايت ۾ هڪ به لفظ ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه ٿيو. ان وچ
۾، جڏهن وفد اڃا يورپ ۾ ئي هو ته ”سورس واري
صلحنامي“(Treaty
of sevres) تحت اتحادي طاقت ترڪيءَ تي انتهائي غير واجب شرط مڙهي ڇڏيا ۽
ترڪيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو. اهڙي ظالمانه سلوڪ
خلاف هندستاني مسلمانن سخت احتجاج ڪيو ۽ خلافت جي
مڪمل بحاليءَ لاءِ پوري ملڪ ۾ مهم شروع ٿي وئي.
علي برادران جي پرجوش اڳواڻيءَ هڪ طوفان کڙو ڪري
ڇڏيو. برطانوي حڪومت خلاف قراردادون منظور ڪيون
ويون. پنج سؤ عالمن هڪ گڏيل فتويٰ ۾ هندستان کي
دارالحرب قرار ڏنو ۽ انگريزي حڪومت جي نوڪريءَ کي
ڪفر قرار ڏنو. ان تحريڪ ۾ مسلمان ۽ هندو رهنما
انگريزن خلاف متحد ٿي پيا.
سن 1914ع ۾ برطانوي حڪومت انقلاب پسندن جي سرگرمين کي ڪچلڻ لاءِ رول ائڪٽ
منظور ڪيو. اهو هڪ ظالماڻو قانون هو، جنهن جي خلاف
ملڪ ۾ زبردست احتجاج ٿيو. انهن حالتن ۾ گانڌيءَ
پنهنجي عدم تعاون جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ تحريڪ خلافت
جي حمايت جو اعلان ڪيو. اهڙيءَ طرح سن 1921ع ۾
خلافت ۽ عدم تعاون يا ترڪ موالات جون تحريڪون گڏجي
ڪم ڪرڻ لڳيون. سنڌ ۾ انهن تحريڪن جا روح روان رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي، مرحوم جان محمد جوڻيجو، پير تراب
علي شاهه راشدي، سيٺ حاجي عبدالله هارون، مولانا
سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبدالڪريم درس،
علامه اسدالله ٽکڙائي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ
عبدالرحيم، مولوي عبدالله لغاري، مولانا عبيدالله
سنڌي، پير رشدالله شاهه جهنڊي وارو ۽ جي - ايم سيد
وغيره هئا.
هجرت تحريڪ ۽ سنڌ:
قطع تعلقات جي تحريڪ زور شور سان جاري هئي ته سن 1920ع ۾ مولانا ابوالڪلام
آزاد ۽ ان جي اثر هيٺ ٻين مولوي صاحبان اها فتويٰ
جاري ڪئي ته هندستان دارالحرب آهي ۽ جيئن ته
مسلمان انگريزن سان جهاد ڪرڻ جي طاقت نه ٿا رکن،
ان ڪري کين هجرت ڪري دارالسلام يعني ويجهي پاڙيسري
ملڪ افغانستان ۾ وڃي رهڻ گهرجي. مسلمانن کي اها
ڳالهه به ٻڌائي وئي ته افغانستان جو بادشاهه کين
خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار آهي ۽ کين اتي زرخيز
زمينون ملنديون..
خلافت ڪاميٽيءَ جولاءِ 1921ع ۾ ناگپور ۾ ٿيل پنهنجي اجلاس ۾ هجرت تحريڪ جي
پرزور حمايت ڪئي. ان فيصلي تي عمل ڪندي، مختلف
صوبن ۽ خاص طور تي صوبي سنڌ ۽ صوبي سرحد جا هزارين
مسلمان پنهنجون جائيدادون، هندن کي نالي ماتر قيمت
تي وڪڻي، پنهنجون نوڪريون ڇڏي ۽ پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي
ڦٽا ڪري، هجرت جي تياريءَ ۾ لڳي ويا.
سنڌ ۾ مرحوم جان محمد جوڻيجي، ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ جولاءِ 1920ع ۾
پنهنجي خرچ تي هڪ ريل ڀاڙي ڪري، ساڍن ستن سون
مسلمانن جو قافلو وٺي پشاور روانو ٿيو، جتان وري
افغانستان ڏانهن هجرت ڪيائون. سڄي هندستان منجهان
سنڌ ئي واحد صوبو هو، جتان پهريون قافلو هجرت ڪري
افغانستان ويو ۽ خلافت جي حفاظت لاءِ اڳرائي ڪئي.
ان سان گڏ هندستان جي باقي حصن مان به هزارين
مسلمان پيدل يا سواريءَ تي خيبر لڪ لنگهي
افغانستان پهچي ويا ته جيئن اتي هميشـه لاءِ رهي
پون. ان وقت افغانستان تمام غريب ملڪ هو، تنهنڪري
افغان قوم ايترن مهاجرن جي رهائش وغيره جي خرچ جو
ست نه ساري سگهي ۽ کين اهو به ڊپ هو ته متان انهن
مهاجرن سان انگريز سرڪار پنهنجا جاسوس شامل ڪري
ڇڏيا هجن، ان ڪري هنن بنا سڏيل مهمانن کي پنهنجي
حد ۾ داخل ٿيڻ ۽ اتي هميشـه لاءِ رهڻ جي اجازت ڏيڻ
کان انڪار ڪيو. هاڻي ته اهي سمورا مهاجر نه
هيڏانهن جا رهيا نه هوڏانهن جا. ڪيترائي ٻار ۽
پوڙها بک ۽ سفر جي تڪليفن جي ڪري گذاري ويا. ڪجهه
تڪليفون سهندا ٻين ملڪن ۾ وڃي پهتا، اهي به ان
حالت ۾ جو ڪوڏي ڪوڏيءَ جو محتاج هئا. اهڙي طرح
رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو مرحوم به مختلف
هنڌن تي پهچندو ۽ جلسا ڪندو رهيو. آخر اجمير ۾
بيماري وڌي وڃڻ سبب 16- اپريل 1921ع تي بي وطنيءَ
جي حالت ۾ فوت ٿيو ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو(1).
مسلمانن جي بدقسمتي اها هئي ته سن 1924ع ۾ ترڪن
پاڻ خلافت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ جمهوريت قائم ڪئي.
اهڙي طرح هندستاني مسلمانن جون ترڪ خلافت لاءِ ڏنل
قربانيون ضايع ويون ۽ هيءَ تحريڪ ختم ٿي ويئي. ان
تحريڪ سان اهو فائدو سو ضرور ٿيو ته هندستاني
مسلمانن ۾ سياسي بيداري پيدا ٿي ۽ اڳتي هلي انهن
پنهنجين قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ وڌ ۾ وڌ حصو
ورتو.
خلافت تحريڪ ۽ لاڙڪاڻو ضلعو
ملڪ جي سمورن صوبن وانگر سنڌ به هن تحريڪ ۾ پنهنجو ڪردار وڌ ۾ وڌ ادا ڪيو.
سنڌ صوبي ۾ وري لاڙڪاڻي ضلعي به پنهنجو پاڻ
ملهايو. لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ تحريڪ خلافت
ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون ۽ انهن جا باقاعدي اجلاس
ٿيڻ لڳا. تاريخ 6 - 7 ۽ 8 فيبروري سن 1920ع تي
خلافت ڪانفرنس وڏي پيماني تي ڪوٺائي وئي، جنهن جي
صدارت پير رشدالله شاهه جهنڊي واري ڪئي. استقباليه
ڪاميٽيءَ جي چيئرمين سيد تراب علي شاهه راشدي
استقباليه تقرير ڪئي. ٻين اڳواڻن جي تقريرن
کانپوءِ آخر ۾ صاحبِ صدر صدارتي خطبو ڏنو. هن
ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن
شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ سن کان محترم جي. ايم. سيد
به شرڪت ڪئي ۽ ايترو ته متاثر ٿيو جو باوجود سخت
مخالفتن ۽ انگريزي ڇاڙتن جي دٻاءَ جي، سن ۾ وڃي
خلافت ڪاميٽي قائم ڪيائين ۽ اتي به وڏي پيماني تي
ڪانفرنس ڪوٺايائين. لاڙڪاڻه ڪانفرنس متعلق هفتيوار
”الحق“ سکر پنهنجي 14 فيبروري 1920ع واري شماري ۾
لکيو ته:
”لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس سنڌ جي سڀني ڪانفرنسن کان وڏي ڪانفرنس ٿي گذري.
15 هزار ماڻهن جو ميڙ سنڌ جي ڪنهن به ڪانفرنس ۾ اڳ
ڪو نه ٿيو هو. جيترا ماڻهو اندر هئا، اوترائي
ماڻهو ٻاهر بيٺل هئا. لاڙڪاڻي ڪانفرنس جي منتظمين
ماڻهن جي آرام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو هو، مگر ماڻهن
جي بي انداز هجوم سڄو انتظام درهم برهم ڪري ڇڏيو.
ڪانفرنس ۾ علماءِ سڳورن جو تعداد به بي انداز هو.
پير صاحبان ته خاص طور تي هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيل
هئا. نه صرف چيئرمين هڪ پير هو بلڪ ڪانفرنس جو صدر
به پير هو. زميندار طبقي جا به بي انداز افراد
شريڪ ٿيا هئا. انگريزي دانن جو تعداد به چڱو هو.
مطلب ته لاڙڪاڻي واري ڪانفرنس سڀني ڳالهين ۾ سرس
هئي. مولانا عبدالباري، مولانا شوڪت علي،
ابوالڪلام آزاد ۽ غلام محمد ڀرڳڙي اسٽيج تي هئا.
ڪانفرنس ۾ چندي جي اپيل به ڪئي ويئي. سکر جي
مسلمانن پاران تاج محمد
سب ايڊيٽر ”الحق“ پنج سو رپين جي ڳوٿري پيش ڪئي.
حيدرآباد وارن به هڪ هزار روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو:
هن ڪانفرنس ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ به شرڪت
ڪئي هئي“(2).
لاڙڪاڻي جي هن ئي ڪانفرنس ۾ تحريڪ خلافت کي اڳتي هلائڻ لاءِ سنڌ خلافت
ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر سيٺ حاجي عبدالله
هارون ۽ سيڪريٽري محمد خان سونڊا چونڊيا ويا.
خلافت تحريڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ سڄي سنڌ ۾ خلافت
ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون. مرڪزي، صوبائي ۽ ضلعي
ڪاميٽين کان علاوه ننڍن ننڍن شهرن ۾ به ڪاميٽيون
ٺاهيون ويون. لاڙڪاڻي ضلعي ڪاميٽيءَ جا ميمبر هن
ريت چونڊيا ويا.
1- پير تراب علي شاهه راشدي، 2- پير علي انور شاهه راشدي، 3- وڏيرو رضا محمد
خان، 4- مسٽرريجهومل، 5- ميان جيوڻ شاهه، 6- مخدوم
سراج الدين، 7- حڪيم عبدالجليل، 8- پير الاهي بخش،
9- پير محمد منير شاهه، 10- پير مٺل شاهه، 11-
ميان محمد صادق، 12- علي احمد خان، 13- حافظ
عبدالله.
لاڙڪاڻو:
صدر: پير علي انور شاهه راشدي، سينئر نائب صدر: سيٺ خداداد خان.
نائب صدر: سيٺ عبدالرزاق، سيڪريٽري: رحيم بخش، جوائنٽ سيڪريٽري: ٽهلرام،
خزانچي: سيٺ احمد دين.
شهدادڪوٽ:
صدر: سرائي خدابخش کهاوڙ، نائب صدر: حاجي غلام محمد خان ضياط، سيڪريٽري:
محمد عظيم خان کهاوڙ، خزانچي: شيخ خان محمد.
ڏوڪري:
صدر: حڪيم عبدالجليل، سيڪريٽري: مولوي محمد ادريس، جوائنٽ سيڪريٽري: غلام
قادر(3).
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نه صرف ڪاميٽيون ٺاهيون ويون يا جلسا جلوس ڪڍيا ويا پر
خلافت تحريڪ لاءِ هتان جي ماڻهن انگريز حڪومت سان
ٽڪر به کاڌو ۽ ڪيترائي اڳواڻ ۽ عام ڪارڪن جيل به
ويا ۽ ڪافي سزائون به کاڌائون. هتان جي جن ماڻهن
جيل جون تڪليفون سٺيون، انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري
آهي:
1- محمد رمضان شيخ(2 مهينا، پوڻا چار مهينا ۽ 12 مهينا). 2- پير مٺل شاهه
ٺلاهه(1- سال)، 3 -محمد رمضان درزي (ٻه دفعا، هڪ
هڪ سال)، 4- فقير غلام نبي (هڪ سال)، 5- مولوي
مولاداد(هڪ سال)، 6 -محمد يعقوب (هڪ سال)، 7- امل
سنگهه رتوديرو(هڪ سال)، 8- محمد صادق ڏوڪري (هڪ
سال)، 9- مولوي غلام فريد (هڪ سال)، 10- حڪيم شاهه
گاجي کهاوڙ(هڪ سال)، 11- محمد بچل جمالي (ڇهه
مهينا)، 12- مولوي عبدالڪريم(هڪ سال)، 13- ڀڳوان
داس(21- ڏينهن ۽ ٻيو دفعو ٻارنهن مهينا)، 14-
مهراج دوارڪا پرشاد(هڪ سال).
مٿين سزايافته ڪارڪنن مان هيٺين کي خلافت ڪاميٽيءَ طرفان مليل امداد جو ذڪر
به ڪجي ٿو:
1- ميان محمد رمضان شيخ |
سزا ٻه مهينا |
15 رپيا ماهوار |
2- ميان محمد رمضان شيخ |
سزا پوڻا چار مهينا |
15 رپيا ماهوار |
3- ميان محمد رمضان شيخ |
سزا ٻارنهن مهينا |
15 رپيا ماهوار |
4- محمد صادق ڏوڪري |
سزا ٻارنهن مهينا |
30 رپيا ماهوار |
5- محمد رمضان درزي |
سزا ٻارنهن مهينا |
15 رپيا ماهوار |
6- محمد رمضان درزي |
سزا ٻارنهن مهينا |
15 رپيا ماهوار |
7- مولوي غلام فريد |
سزا هڪ سال |
20 رپيا ماهوار |
8- حڪيم شاهه گاجي کهاوڙ |
سزا هڪ سال |
50 رپيا ماهوار |
9- مولوي مولاداد |
سزا هڪ سال |
15 رپيا ماهوار |
10- محمد يعقوب |
سزا هڪ سال |
15 رپيا ماهوار(4) |
لاڙڪاڻي خلافت تحريڪ جون اهي سرگرميون جاري رهيون ۽ مختلف اڳواڻن ۽ ڪارڪنن
هن ۾ حصو ورتو، جن جون ڪوششون وسارڻ جوڳيون نه
آهن، پر هر جمهوري قافلي جا ڪجهه اڳواڻ ضرور هوندا
آهن، جيڪي تاريخ ۾ پنهنجو اڻ مٽ نقش هميشـه لاءِ
ڇڏي ويندا آهن. لاڙڪاڻي ۾ خلافت تحريڪ جا روحِ
روان ۽ علمبردار رئيس المهاجرين رئيس جان محمد
جوڻيجو ۽ پير سيد تراب علي شاهه راشدي نه صرف
لاڙڪاڻي خلافت تحريڪ، پر حقيقت ۾ ڪل هند خلافت
تحريڪ انهن ٻنهي مجاهدن جي ذڪر کانسواءِ ٻــُــسي
۽ اڻپوري لڳندي، ان ڪري مختصر طور انهن بزرگن جو
ذڪر ڪجي ٿو، جيڪو پڻ خلافت تحريڪ جي ذڪر جو حصو
آهن.
رئيس جان محمد خان جوڻيجو 1304 هجري مطابق 1886ع ۾ لاڙڪاڻي تعلقي جي هڪ ڳوٺ
ڌامراها ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي ذهين هو،
جنهنڪري شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سندس والد
حاجي عبدالڪريم صاحب کيس پهريائين ڪراچيءَ جي سنڌ
مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتان هن مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ان
کانپوءِ بئريسٽري جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ لنڊن
موڪليائينس. ٻن سالن ۾ بئريسٽري پاس ڪرڻ کانپوءِ
وڌيڪ پرئڪٽس لاءِ اتي ئي رهي پيو ۽ 1915ع ۾ واپس
ملڪ موٽي آيو. پهريائين ڪراچيءَ ۾ پوءِ ستت ئي
لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين.
خلافت تحريڪ ۾ هن نوجوان بئريسٽر جو اهم ڪردار رهيو آهي. هي نه صرف مختلف
خلافت تحريڪن ۾ شامل رهيو، پر عملي ڪم به ڪيائين.
نومبر 1919ع ۾ دهليءَ ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ۾
مولانا تاج محمود امروٽيءَ، پير تراب علي شاهه،
سيٺ عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالعزيز سان گڏ شريڪ
ٿيو. خلافت ڪانفرنس جي فيصلي مطابق 17- آڪٽوبر
1919ع تي ترڪيءَ جي سلامتي ۽ حفاظت لاءِ دعائن جي
سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي بنگلي آڏو وڏو جلوس
ڪوٺايائين، جنهن ۾ سنڌ ۾ ٿيل نوڪر شاهيءَ جي ظلمن
تان پردو کنيائين. 12 کان 16 نومبر تي ٿيندڙ ”جشن
صلح“ جي بائيڪاٽ جي سلسلي ۾ پنهنجي ضلعي ۾ سائين
تراب علي شاهه ۽ سيد انور علي شاهه جي تعاون سان
هڪ جلوس جو اهتمام ڪيائين. هزارين اشتهار ورهايا
ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سمورو ڪاروبار لڳاتار پنج
ڏينهن بند رهيو. 6 - جنوري 1920ع تي حيدرآباد ۾
ٿيندڙ خلافت ڪانفرنس ۾ هڪ جذباتي تقرير ڪيائين.
جنهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ نوڪر شاهيءَ جي ظلمن تان
پردو کنيائين. 6. 7 ۽ 8 فيبروري 1920ع تي ٿيل
لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس ۾ مرحوم جان محمد جو جيڪو
ڪردار رهيو، اهو اظهر من الشمس آهي. ان ڪانفرنس
ماڻهن ۾ جوش ۽ جذبي جي هڪ نئين لهر پيدا ڪئي.
جيڪب آباد ۾ 2 ۽ 3 مئي 1920ع تي، مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت ۾
ٿيندڙ صوبائي خلافت جي اهم ڪانفرنس ۾ جان محمد
جوڻيجي صاحب قطع تعلقات ۽ هجرت جي اهميت تي زور
ڏيندي اعلان ڪيو ته:“مان اڄ کان انگريزن سان
پنهنجا هر قسم جا تعلقات ختم ٿو ڪريان. مان اڄ کان
پنهنجي سرداري (واضح رهي ته جان محمد جوڻيجو هڪ
سردار به هو)، ٻئي نمبر تي پنهنجي ڪرسيءَ جو
اعزاز، پنهنجي ميونسپل ڪمشنري، لوڪلبورڊ جي ميمبري
۽ بئريسٽريءَ جي ڊگري انگريزن کي واپس ڏيان ٿو -
نه رڳو اهو پر اڄ کان مان پنهنجي زرعي زمين جي ڍل
۽ آبيانو به انگريز سرڪار کي ڏيڻ کان نابري ٿو
واريان“. جان محمد جوڻيجو مرحوم جي انهيءَ پرجوش ۽
مجاهدانه تقرير جو ايڏو ته اثر ٿيو، جو جلسي ۾
هزارين ماڻهن انگريز سان قطع تعلقات ڪرڻ ۽ هجرت
لاءِ پنهنجا نالا لکرايا. نتيجي طور ڪانفرنس ۾
باقاعدي هجرت ڪاميٽي قائم ڪئي ويئي، جنهن جو صدر
پير تراب علي شاهه راشدي ۽ جنرل سيڪريٽري جان محمد
جوڻيجو کي مقرر ڪيو ويو(5).
خلافت تحريڪ جو ٻيو سرگرم ڪارڪن ۽ لاڙڪاڻي ۾ مرحوم جان محمد جوڻيجي جو مک
ساٿي پير تراب علي شاهه ولد سيد عبدالله شاهه
راشدي 5- ذوالقعد 1274 هه بمطابق 2- نومبر 1857ع
تي لاڙڪاڻي ضلعي جي قنبر شهر جي ڳوٺ علي خان ۾
تولد ٿيو. پاڻ خلق جي خدمت ڪندڙ، دين اسلام جي
سربلنديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ، اسلام جي اصولن جو
پابند، انگريزن جو مخالف ۽ ماڻهن سان محبت ڪندڙ
انسان هو. پاڻ اميرن کان وڌيڪ غريبن جي ويجهو
رهندڙ هو. انگريز دشمنيءَ ڪري کيس حد کان وڌيڪ
تڪليفون ڏنيون ويون، پر ڪڏهن به ڪنهن انگريز يا
سندس ڇاڙتي جي در تي وڃڻ پسند نه ڪيائين. خلافت
تحريڪ ۽ هجرت جي سلسلي ۾ سندس ڪيل ڪجهه ڪوششن جو
ذڪر مرحوم جان محمد جوڻيجي جي احوال ۾ ڪيو ويو
آهي. هجرت تحريڪ جي ناڪاميءَ ۽ انگريزن جي پٺو
عالمن طرفان، خلافت تحريڪ جي مخالفت سبب پاڻ
پڇاڙيءَ ۾ دل شڪستو ٿي پيو ۽ وري جو 1924ع ۾ ترڪن
پاڻ ئي خلافت کي ختم ڪري ڇڏيو، تنهن کيس سياسي
هلچل کان بيزار ۽ ڪناره ڪش ڪري ڇڏيو. هن سنڌ کي
بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ ۾ به وڏي ڪوشش ڪئي، جنهن جي
نتيجي ۾ 1936ع ۾ سنڌ کي الڳ صوبي جو درجو ڏنو ويو.
سندس ادبي خدمتن ۾ سندس ڪجهه مضامين ۽ ”الراشد“
رسالو ثبوت طور پيش ڪري سگهجن ٿا. خلافت تحريڪ جو
هيءُ هيرو 17 - مارچ 1938ع تي اسان کان موڪلائي
وڃي حقيقي رب سان مليو.
حوالا
1- ”پرين جي پچار“- محمد موسيٰ ڀٽو -باب الاسلام پبليڪيشنز، حيدرآباد.
2- ”سنڌ جي سياسي جدوجهد“ - ڊاڪٽر محمد لائق زرداري - سنگم پبليڪيشن،
حيدرآباد.
3- ”سنڌ ۾ خلافت تحريڪ“- محمد موسيٰ ڀٽو - سه ماهي ”سنڌ“ - سنڌ اسٽڊي سينٽر،
حيدرآباد.
4-”پرين جي پچار“ (مضمون) - محمد موسيٰ ڀٽو - باب الاسلام پبليڪيشنز،
حيدرآباد.
5- ”مطالعه پاڪستان“ - غلام مصطفيٰ مشتاق - ماڊرن بوڪ اسٽور، لاڙڪاڻو. |