ساهه سڳي ۾ سور
بانو محبوب جوکيو
تنهن ڏينهن جڏهن ڀاڻس جي سڪ سندس من ۾ لڏا لاهي ويٺي هئي، تڏهن
هن ضدي جي دل ڀرجي آئي هئي- تڏهن ڏاڍي نماڻي انداز
۾ زال کي چيو هئائين- ”منوءَ ماءُ! ڀائو کي منهنجي
بيماري جو نياپو ڪري ڇڏ! هي اکيون مونسان بغاوت
پيون ڪن- ڏاڍيون آتيون ٿي پيون آهن- دل جون پاڙون
به ڄڻ کاڄنديون پيون وڃن، جن مان درد ۽ اڪيلائي جي
ڪيري پئي ڇڻي- سو جود ڪري ڀائو کي نياپو ڪر! آءٌ
الائي ڪهڙي لمحي هن بستري تي هوندي به نه هجان
ته....“
۽ جڏهن ڀاڻس کي خبر پئي هئي ته ڪيئن مينهن واچ ڪندو آيو هئس.
اچيس به ڇو نه- هڪ ئي ته دين دنيا ۾ ڀاءٌ هئس،
جنهن کي هن دنيا ۾ پنهنجو سمجهندو هو- نه ته جوڻس
جا مائٽ ته سڀ اوپرا هئس- ڪم ڪڍائو مقصد جا مائٽ-
منهن ۾ موسيٰ ۽ اندر جا ابليس- ويچاري ڪيڏو يتيمي
جو زهر پيتو هو- مٿا هِن وڏي ڀاءُ جو به هٿ نه
هئس- جيڪو اول ته چُرندو ئي ڪين هو- اگر چرندو به
هو ته زال جي چوڻ تي- پر سندس من ۾ ڀاءُ لاءِ محبت
گُديل هوندي هئي- ان جي ڄاڻ ته صرف سندس کي ئي
هئي، پر جڏهن سندس ننڍي ڀاءُ عليءَ جي ساهُرن ساڻس
علي جي غير موجودگي ۾ وڙهيا هئا ته هن زال جي چوڻ
تي اهو گهر ڇڏي ڏنو هو ۽ ڪافي عرصو نياڻيءَ جي در
تي رهيو- پر ڄڻ برهمڻن ۾ اڇوٿ ٿي رهيو هو- هر ڪنهن
کان ڪرڀ ڪرڻ وارا نياڻو ۽ نياڻي کيس ڪڏهن به هٿ
سان ماني ڪونه کڻي اچي ڏني هئس. ڇپري جي هيٺان، اڌ
اُس ۽ اڌ ڇانؤ ۾ ٽنگن کان معذور پيو رهندو هو-
ڀاءُ جي سڪ به ساڙيندي رهيس- پر گهر مان جو ضد ڪري
نڪتو سو همراهه ماڻهن کي لِکا ئي ڪين ڏيندو هو ته
ڪو هت ڪڪ آهي- جوڻس جي به ٽنگ تي ڪي تِرَ هئا- جو
جواني کان رلڻ، پنڻ جي شونقين. پاڻ اقا، مقا گهمي
ايندي هئي ۽ هو هڪ هنڌ پيو هوندو هو- نه ريڊيو نه
راڳ- جواني کان وٺي راڳ جو شونقين هوندو هو ڪافي
ته پاڻ به ڪلام لکندو ۽ انهن جون ڌنو ٺاهي ڳائيندو
هو ڪافي مزاحيه شاعري به ڪندو هو، جو ٻڌندي پيٽن ۾
سور هوندا هئا- کل ۾ ٻٽجي وڃبو هو- پر هاڻ ته ڪجهه
به نه رهيو هيس- ڀاءُ جي گهر هوندو هو ته اٽڪل ٻن
هفتن کان پوءِ چار سيل آڻي ڏيندو هئس جو ڏينهن رات
پيو ريڊيو ٻڌندو هو پر هاڻ ته سيلن لاءِ به پئسا
ڪين هئس- نه سگريٽ، ماچيس لاءِ- نياڻي کان گهرندو
ڪين هو- نه ئي نياڻس کي ڪو شرم ايندو هو- هو ايڏو
ته ضدي هوندو هو جو شروع کان وٺي ڪنهن جي ڪاڻ ئي
نه ڪڍندو هو-
ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا هيس جو نياڻس سڌي منهن کيس چيو هو. چاچا!
جمعا! تون آهين بيمار- ٻار آهن ننڍڙا- بيماريون به
ڏائڻيون آهن وچڙندڙ- غريب، امير ڏسن ڪين- اسان وٽ
ايتري پونجي آهي ڪونه جو توهان مان ڪا بيماري
اڏامي ٻار کي لڳي ته ڪٿان پورا پونداسين. سو توهان
ٻي جڳهه ۾ وڃي رهو- آءُ جيئن تيئن ڪري ان جاءِ جو
ڪرايو پيو ڏيندس“.
جمعو ويچارو ڪڇيو ڪين- پر اندر ۾ ڪپجي ٻه اڌ ٿي پيو- هڪ دل
چاهيس ته ڀاءَ وٽ هلي وڃي- جت ڀاڻس، سندس ڀائيٽون
ارهي، سرهي، آنڌي، مانجهي، منهن کي پيا ڏسندا هئس-
جيڪو انگل سو پورو ڪنس- صاف سٿرو، تيل ڦليل ڪنس-
هت ته بکن تي ويلا ٿو ڪاٽي ڪير کنگهي ئي ڪين ٿو هن
کي- چِڪ جهڙي ميري رلهي ۽ ڪپڙا ٿي ويا اٿس ته ڪير
صابڻ جي چٽ به نه ٿو هڻي ڏيئس. پر وري جهيڙي واري
ڳالهه ياد ڪري- قسم پئي کنيائين دل ۾ ته ان گهر ۾
اصل نه ويندس- ڪڍي ته ڪاڻ نياڻي جي به ڪين هان پر
مجبور هئو- سو زال جي مدد سان اتان لڏو پٽرائي ان
ڪرائي واري جاءِ تي رهڻ لڳو- جاءِ ڇا هئي! گڏهن جو
واڙو هو- آسپاس جي ڀتين پويان گڏهه پيا آنڌي
مانجهي هينگندا هئا ۽ ڌپ لِڏ جي کنيو ويندي هئي-
سڀ ڪجهه پيو سهندو ۽ ڪڙهندو هو- هوڏانهن جڏهن ڀاڻس
کي خبر پئي ته هو ڪاوڙجي ويو آهي ته هن فيصلو ڪيو
ته کيس وٺي اچي پر ڀاءُ جي ضد کان واقف هئو ۽ هو
پنهنجي ڀائٽي جي گهر به ڪين ويندو هو، سو هن
پنهنجي ويجهي دوست کي هن ڏانهن موڪليو ته هو کيس
ڪجهه خرچ لاءِ پئسا به ڏئي ۽ ڪيئن به ڪري پرچائي،
معافيون وٺي، ساڻ وٺي اچيس- ويچارو پاڻ ڪونه ويو
جو کيس خبر هئي ته ضديرو آهي ۽ نه ايندو ته کيس ڏک
به ٿيندو- ٻئي پاسي جوڻس ۽ سهرنس جو دٻاءُ به
هوندو هو ته ”تنهنجو ڇا؟ تو جا خدمت ڪيس اها ڪافي
آهي. هو چڙي ويو آهي- سو اچي به پاڻ- نه اچي ته کڏ
۾ وڃي پئي، تون ڇو ٿو پڇ ۾ لڙڪينس“- پر هو ائين
ڪري نه سگهيو جو ڀاءُ به ته هڪ ئي هئس.
جمعي کي جو پيغام پهتو ته هڪ دل پئي چيس: ڀاءُ ڏي هليو وڃي، پر
سندس ڀاڄائي ۽ انهن جي مائٽن جي ڪيل جهيڙي کانپوءِ
اوڏانهن وڃڻ شڪست کان گهٽ ڪونه هو- ۽ هي شڪست ته
ڪنهن کان به قبول ڪرڻ جو عادي نه هو- سو ڪين آيو-
نيٺ اڪيلائي هڻي چيلهه چٻي ڪري وڌس- بيماري
”اڪيلائي“ کان سواءِ ٻي ڪا آهي ڪونه- ان اڪيلائي
جي بيماري کيس ڊاهي وڌو هو- هوڏانهن ڀاڻس مختلف
ماڻهن کي موڪلي معافيون، آزيون، نيزاريون، اچڻ
لاءِ التجائون- ڪين گهٽايو پر جمن به ضد جي سُتي
پي ويٺو هو سو ضد جو بت ڀڃي ڪير؟-
جڏهن صفا حالن ڪالن کان پئي ويو تڏهن ٻي ڌي ڏي نياپو ڪيائين جا
کائنس ڪافي شهر پري رهندي هئي- ۽ هن واقعي کان بي
خبر هئي- سا کيس پاڻ سان وٺي وئي جت سندس دوا سان
گڏ سٺو کاڌو پڻ مليو ۽ سار سنڀال به پئي ٿيس- سو
ڪجهه وقت لاءِ نوبنو ٿي پيو- دل ڄڻ جوان ٿي پيس-
پر چون ته جواني گهڻو وقت وفا ناهي ڪري سگهندي- سو
ڀاءُ جي سڪ ۽ سار کيس ايترو ته نهوڙيو جو سندس دل
جون تل، ترايون سڀ درد سان ٽمٽار ٿي ويون هيون پر
جڏهن ڏٺائين ته زندگي جا بچيل ڏينهڙا به سندس پچر
ڇڏڻ خاطر سندس هٿن مان ڇڏائجندا پيا وڃن، تڏهن
ڀاءُ ڏي نياپو ڪرايو هئائين- ۽ ڀاڻس اڪيلو ئي ساڻس
ملڻ لاءِ هليو آيو هئو- جنهن ويل قربتن سڪ ۽ محبتن
سان ٽمٽار ٻک ڀاڻس کيس وڌو، ان ويل اندر ئي اندر
جمن ڀُري پيو هو. جمن، جو من هن جون منهنجون هارڻ
لاءِ آتو هو- سندس اکيون روئڻ لاءِ بلڪل تيار
بيٺيون هيون پر دل تي ايترو ته قابو پائي ويو جو
هڪ ڳوڙهو نالي ماتر به ڪين ڳاڙيائين- سڄو ڏينهن
بنا هيرن، هُدرن ڏک ڏوراپن جي، هڪٻئي سان ماضيءَ
جون، حال جون، مزيدار ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا ۽
موڪلاڻي ويل ڀاڻس جمن کي سگريٽن ۽ چانهه جي بهاني
کيس ڪافي پئسا ڏئي ويو هو- ۽ وري ٻئي ڏينهن اچڻ جو
چئي ويو هئس. جمن ان ڏينهن ڏاڍو اٻاڻڪو هوندي به
ڏاڍو خوش هو- ڀاءُ جي ڏنل پئسن کي ڪيئن کڻي ڇاتيءَ
پئي لاتائين_ هڪ هڪ کي سڏي پئسا ايئن ڏيکاري رهيو
هو ۽ خوش ٿي رهيو، جيئن عيد تي مليل خرچين کي ٻار
وٺي خوش ٿيندا آهن_ ان ڏينهن هوٺُلهه جهڙو ماڻهو
سچ پنهنجي حرڪتن سبب ٻار لڳي رهيو هو_ ان ڏينهن هو
ڍؤ تي کليو هو_ چرچا ڪرڻ لڳو هو_ ۽ ماضي جي سڀني
ساٿين کي ياد ڪيو هئائين ۽ زال کي چيو
هئائين.”منوءَ ماءُ! ياد اٿئي هوءَ ڳالهه جڏهن مون
کي وهنجارڻ لاءِ غلسخاني تائين ڇڏي ائي هئيئن،
ٻاهر پڌر ۾ سمل سان ڪچهري ۾ لڳي وئي هئين_ منوءَ
ماءُ! گهمڻ ۽ ڪچهرين ڪرڻ جي ڪوڏي به ڪا ازلئون
هئين ٻيو! سو لڳي وئي هئين سمل جو ميڄالو چٽڻ _
آءُ بيٺو هجان انتظار ۾ ته اچي وٺي وڃيم_ بيهي
ڄڙهه ئي نڪري وئي هئي_ هڪ انتظار ٻيو منهنجون ٻئي
معذور ٽنگون_ بس حال کان بي حال پئي ٿيس_ پر تو
قربائتي ڪڪڙ، ويندڙ سمل کي قوري پئي ويهاريو ۽
ڪچهريون پئي ڪرينس _ مائي جيئن اٿڻ جي ڪري تيئن
تنهنجو پڇ ۾ لٽڪڻ ته ”ائي ادي! ويهه! گهڻن ڏينهن
کان پوءِ آئي آهين_ سان به ائين مهل ۾ پيئي وڃين
ڏاڍي ڪا پڪي آهين“ هڪ دل پئي چيو ته نڪري پوان پر
مائي جو خيال پئي آيو تنهڪري سوچيم ته در کي
کڙڪايانڍ_ پر ڄاڻ هئم ته ڪچهري ويل ته هوند تون
عزرائيل جي به ٻڌين ۽ نه کنگهين- ۽ ان کي به هوند
اوسيئڙي ۾ ويهاري ڪڪ ڪرين- سو آءُ ڪهڙي باغ جي
موري- تون ته ٻڌڻ کان ڏين هان آنڱوٺو- سو چپ رهيس-
جيئن تيئن ڪري مائي اڃان در ٽپڻ جي مَسَ ڪئي ۽ آءُ
ڪاوڙ ۾ وهنجڻ وارو کونچو کڻي توکي وهائي ڪڍيو هو
ته ”اگر مائي وڃي پئي ته توکي زوري ويهارڻ جي ڪهڙي
گَتي پئي هئي“. رکي رکي جمن ساهه کڻندي چيو:
”منوءَ ماءُ ڌڪ ته ٻيلي! گهڻو نه لڳو هيئه!؟ لڳو
هجئي، ته معاف ڪجان! جو تڏهن جواني هئي، ۽ جواني
معنيٰ انڌو گهوڙو“.
”منوءَ پيءُ! هئين تون به سدائين انڌي گهوڙي تي سوار، جواني
ويچاريءَ جو ته نالو چڙهيل آهي- ان وقت ۾ اڇن وارن
جو پورو ڇڄ هيئه مٿي ۾ چي جواني هئي- مڙئي! سنڱ
وڍائي گابي پيو ٿين- اڃا به مولوءَ واري چرچي جون
ڪر ڪر ته مڃائين ته ڪجهه مڙيو ئي نالي ماتر جواني
هيئه! جڏهن هڪ ڏينهن مولوءَ توسان چرچو ڪرڻ خاطر
ٽوپيءَ وارو اڇو برقعو پائي تنهنجي غير موجودگيءَ
۾ دڪان تي آيو هو- ۽ پيغام ڏنو هئائين ته ”جمعو
اچي ته ڏسجوس ته سندس زال آئي هئي ۽ تنهنجو پڇي
پئي- مان وڃان ٿي هوٽل تي چانهه پيئڻ ۽ پوءِ
اسٽيشن ڏانهن به وڃڻو آهي-“ ۽ تون پيغام ملڻ کان
پوءِ ڳاڙهيون اکيون ڪري، مينهن، واچ ڪندو آيو
هئين- خوب تپيو هئين خوب ٻُلا (دڙڪا) ڏنا هيئه- ۽
جڏهن چرچي جي ڄاڻ پيئي تڏهن ڪو ٺريو هئين ۽ مولوءَ
کي ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالهايو هيئه“.
”ها ....!! ڏاڍو ڪو لاهه هيو- ماڻهس الائي ڪيئن کيس ڄڻيو هئو-
ڏاڍو ڪو مسخرو ۽ مذاقي هو- ٻيو ڀاڻس ته صفا چريو-
خبر ٿئي؟ ويو هو پنجاب ڪمائڻ ۽ پئسا گڏ ڪرڻ-
ويچاري کان اتي ايڏو ته ٻنين، گهرن جو ڪم، ڍوئڻ
اهي ڳوڻيون ۽ ڀاڄيون، بس بيخ ڪڍي ڇڏينس- ايڏو ڪم
ورتنس! جڏهن موٽيو ته ڪم جي عيوض پوري ڀري ٻڌي آيو
هو نوٽن جي، ڪم به ڏهه سال ڪيائين سو به رات
ڏينهن- آيو ته خوشي ۾ نه پئي ماپيو- هئه! منوءَ
ماءُ! خبر ٿئي گهر اچي کيسا جاچيائين ته پئسا ئي
غائب هئا. هڪ ويچاري جو رت محنت سڪايو، ٻيو ڪوڙن
پئسن- پنج ڏينهن کٽ تي ڪريو وري نه اٿيو- پر مولو
ته لاهه هو- هڪ ڏينهن هليو شادي تي – اتي گهوٽيتن
ڪو نڪاح لاءِ سڪل ڇونهارا ڪي ورتن- بس جيڪو سرس
سڪل ڇونهارو پئي هٿ لڳس- سو ٺڪاءُ ڪرائي گهوٽ جي
ٽڪڻ تي ڪو منهن تي- ويچارو گهوٽ دوڏا ڦرڪائي سڀن
ڏي پئي ڏٺو_ نيٺ ڪَل پيس پر شرم کان ڪجهه ڪڇيو ئي
ڪين- ڪنهن ڪنهن ويل گهوٽ جي ڀرسان لنگهندي چوندو
پئي ويو ته:
”گهوٽ چڙهيو گهوڙي، ناس پتو ٻوڙي“
شل نه روزن جو مهينو اچي، اهڙي ٻيگهي مچندس جو وڃي ٿيا خير! سڄو
ڏينهن هوڙي پئي هلندس کائي پي سُچر لڳو پيو هوندو
هو شام ٿيندي ئي منهن ڀيلو ڪري ايندو مسجد ۾،
”روزائتو“ پاڻ کي ڄاڻائي لڳي ويندو ان ماني کي
جيڪا روزن جي ڏينهن گهرن مان مُلن لاءِ موڪلي
ويندي هئي. وڻ وڻ جي ڪاٺي جي ڀاڄي به مختلف- بس
پوءِ اچي ٻڌائيندو ”اڄ فلاڻ کاڌم، فلاڻ کاڌم-“
۽ هوءَ ڳالهه ياد اٿئي مَنوءَ ماءُ! ته ڪجهه ڏينهن شهر ۾ هراس
پکڙجي پيو هو ته مَمَ پئدا ٿي آهي ملڪ ۾- سو رات
جو تهه سياري جي اڌ رات جو ماڻهن جا مَمَ در ٿي
کڙڪائي_ ۽ عجيب آواز ٿي ڪڍي_ ماڻهن ته سوير ئي
گهرن ۾ بند ٿي ويندا هئا_ ڪجهه ماڻهو همت ڪري ان
مَمَ کي ڏٺو ۽ ٻڌايو ته هنن باقاعده هڪ عجيب قسم
جي لباس ۾، عجيب مخلوق ڏٺي آهي. بس ابا! سڀني کڻي
خدا کي ياد ڪيو- خيراتون ڪيائون- نيٺ ٽن چئن مهينن
جي تلاش کانپوءِ مَمَ ظاهر ٿي هئي ۽ اهو ولو ئي
هئو- ماڻهن به باهه ۾ ٿاڻي ۾ وجهرائينس_ نيٺ نڪري
آيو پر ساڳيو زخم- ساڳيا سور جيان پنهنجي ڪرت نه
ڇڏيائين- محرم ايندو هو ته ويندا هئا مجلسن تي پر
جيسين ذاڪر مجلس پڙهن تيسين مونن ۾ منهن وجهي ننڊ
پيا هوندا هئا- ۽ جيئن نياز ورهائبو هئو ته نياز
تي ٽٽندا هئا- ۽ جڏهن مونن ۾ منهن وجهي ننڊ ڪندا
هئا، تڏهن دوستن کي چوندا هئا ته ”نيازِحسين
پاٽوڙن ۾ پئي ته اٿارجو“ هر پڙ تي جيئن ئي نياز
ورهائڻ لاءِ ماڻهو ٿالهه جهلي ڀڳڙن، ريويڙين جو
بيٺا هوندا هئا- هو ۽ هن جا دوست ٺلهه جيڏا، ۽ ٻار
چؤطرف ڦري بيهندا هئا نياز وٺڻ لاءِ تڏهن هو جهپ
ئي هڪ هڻندو هو- دوست اڳواٽ رومال يا جهول جهلي
بيٺا هوندا هئا- جيئن ئي ٿالهه اونڌو ٿيندو هو-
جيڪو پيو سو پيو رومالن ۾ ٻيو ٻار پيا جهپيندا ۽
ميڙيندا هئا- ولوءَ جو پيءُ ته اصل اهڙو مومن
هوندو هو جو جيئن ئي ذاڪر اسٽيج تي چڙهي اڃان مجلس
پڙهڻ لاءِ شروعات ئي مَسَ ڪندو هو جو امالڪ روئڻ
جو آواز ايندو هو جان کڻي نظر ڪبي هئي ته ولوءَ جو
پيءُ پيو روئي. منوءَ ماءُ! اهي به ٻيلي ڪي ڏينهن
هئا جيڪي ڄڻ خوشبوءِ ٿي اڏامي ويا“.
”اڄ ڇو توکي انهن جي پچار لڳي آهي- آرام ڪر ته ڪو سگهو چاق
ٿين-“ منوءَ ماءُ کيس مٺي انداز ۾ نهاريندي چيو-
رکي رکي وري ڪجهه سوچيندي چيائين ”منوءَ ماءُ!
هوءَ زينا ڪيئن! جڏهن اسان جي گهر آئي هئي- مون کي
ليٽيل ڏسي اتي ئي بيهي وئي_ برقعي جي پڙي به هيٺ
هجيس پر اندر نه پئي آئي ته ان مرد کي ٻئي ڪمري ۾
اماڻ_ تو گهڻو چيس ته ”معذور آهي هلي ڪو نه ٿو
سگهي_ ويچاري جي نظر به گهٽ آهي“ پر هوءَ ڊٺ ماري
بيٺي هجي، اچي ئي نه_ ان ويل ريڊئي تي قمر سومرو
ڪلام ڳائي رهيو هو: ”هلي آءُ! پير ڀري هلي آءُ!“
تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي ڪاوڙ ڪين پئي لڳس- باقي
مون تي پئي ٽٽي- نيٺ ايلاز منٿن سان وٺي آئينس سو
به برقعو مٿي نه ڪيائين منهن تان جا روز اچي توهان
کي چريو ڪندي هئي ته تعويذ ٿي لکان- بس هڪ ٽِپُ
آهن“ ۽ توهان اٻوجهڙيون پئسا پيون ڦرائينديون هئو-
جڏهن مٽجندي هئي ته ڪيئن سڀن جا پول پڌرا ڪندي
هئي_ اڇا_ ڪارا سڀني جا کڻي ظاهر ڪندي هئي ته
فلاڻي پئي فلاڻي لاءِ تعويذ لکرائي ۽ فلاڻي، فلاڻي
لاءِ-“
”هئي به رن ڪا رهزن- هئي به ته هڪ اک کان ڪاڻي- تون سچ چوندو
هئين منوءَ پيءُ ته ڪاڻا ماڻهو شيطان هوندا آهن-
تنهن ڏينهن ڪيئن رعب رکڻ خاطر ڪيئن چوندي هئي ته
”اڄ رات اکين سان مون نوراني چهري واري بزرگ کي
ڏٺو آهي“- ۽ ڪڏهن چوندي هئي ته ”فلاڻي وليءَ کي
ڏٺو اٿم“- ڪوڙي ڪنهن جاءِ جي- ان ڏينهن به تو واهه
جي ٻڌايس ته: ”پيغمبر ۽ پير به ڪين ٿا گهٽائين،
ڏاڍا ڪي بي پرواهه آهن. هن هڪ اک واريءَ کي به ڏسڻ
۾ اچن ٿا- باقي اسان ٻن اکين وارن کي نظر نه ٿا
اچن“-
جمن ٿورو مرڪي ٿو ۽ مرڪندي چئي ٿو: ”هن به ڪهڙيون نه ست سريون
ٻڌايون هئائين ته: ”هو ساڃهه وارا آهن- انهن
گنهگار اکين کي منهنجو آڱوٺو ڏيکارين جن سڄي عمر
گناهه ڪيو- تن جو مولا نور چٽ ڪندو آهي- تنهنجون
کڻي ٽنگون چٽ ڪيون اٿئين پر عقل جا انڌا ڪٿي ٿا
سمجهن پوءِ جيڪا راڻي ڀنگياڻيءَ ڪيس هن ته ورندو
سندس پول کڻي پڌرا ڪيا-“
”راڻي ڀنگياڻي!؟.... اها وري ڪهڙي پيو چوين؟“ جوڻس جيڪا پنهنجي
ڪجهه ياداشت کان هٿ ڌوئي ويٺي هئي شايد- سا ذهن تي
زور ڏيندي به پڇڻ لڳس.
”هوءَ نه هوندي هئي! سنهي ۽ اڇي رنگ جي- جنهن جو مڙس ڍؤ تي ڪارو
۽ ٻٻ جهڙي آفت لڳندو هو- سدائين مٿي تي گند جو دٻو
هوندو هئس- واندڪائي ملندي هئس ته گند جو دٻو
وڄائيندو به هو ته ڳائيندو به هو_ الائي ته ڇا هو
هن جي آواز ۾“ جمن ڪجهه دير راڻي ڀنگياڻي جي مڙس
جي آواز ڪنن ۾ گوجندو ڄڻ محسوس ڪيو ۽ سندس اکيون
ڪجهه لمحي لاءِ ٻوٽجي ويون.
”ها....! ها....! ياد آئي منوءَ پيءُ! اها ٿو چئين ني؟ جا توکي
ليٽيل پئي ته پنهنجي جتي ڳنڍيندي ڏسي وئي هئي- ۽
ٻئي ڏينهن گند کڻڻ واري ٽين جي وڏي دٻي ۾ ڍير جوتا
کڻي آئي هئي ڳنڍڻ لاءِ جيڪي ابن، ڏاڏن اوڙي، پاڙي
جا ڄڻ جوتا گهلي آئي هئي- ڇوري هئي ڏاڍي واترادي
هن کي ڇيڙڻ ڄڻ اَڪَ سان کنهڻ هئو- چوندا ناهن ته
”ديواني کي ڇيڙبو ئي چئن گارين لاءِ آهي“ هوءَ به
ٿوري ڳالهه تي گارين جا ديوان کولي رکندي هئي-
توکي ڪونه کنبهڙين کان پئي پٽيائين ته: ”چاچا! هل!
هلي ٻاهر ڏس ڪيڏو گند پيو آهي- اصل ڍير لڳا پيا
آهن، اُهي مان صفا هلڪڙي جان ڪيئن کڻندس؟ تنهنجو
جند ڇڏائڻ هن جي ڇڪ ڇڪان ته ”هلي اکين سان ڏس- اگر
مون تي اعتبار نه هجئي-“ ان ويل ڪو کيس احساس ئي
ڪين هو ته تون معذور آهين-“
جمن زال جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ هڪ ٿڌو ۽ اڀو ساهه کڻندي چيائين
”بس! منوءَ ماءُ!....
.... ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾-
ڪيڏو رعب هو- جو ماڻهو صرف منهن ڏسي نوڙت منجهان جهڪي پوندا
هئا_ جلال جي ڄاڻ اٿئي؟ جڏهن وهانءَ تي ويو
هئس-انهن ديڳڙو ڀت جو گهر لاءِ ڏنو هئن- سو به ٻر،
ٻرندو- ڪوسو جهڙو باهه- جلال کي چيم ته ”کڻ مٿي
تي!-“ جهٽ ۾ کڻي ديڳڙو مٿي تي رکيائين- رڙ به ڪين
ڪيائين ”سائين مٿي تي سينهو به ڪونهي، مٿو سڙندو_“
مون به اوڏانهن ڪو خيال نه ڪيو مون سوچيو مٿي تي
سينهو رکي پوءِ ديڳڙو رکيو هوندائين- نه ڄاڻ ته
گهر اچي ديڳڙو لاٿم ته حيرت لڳي جو جت ديڳڙو رکيل
هئو- اهو حصو وارن جو چٽو جو چٽو سڙي ويو هئس پر
ڪڇيو ڪين-
”هئه! ڪڏهن ائين هياس، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا،
هاڻ ائين ٿياس، جو جت نه نين پاڻ سين.“
جوڻس کيس ٿڌو ساهه کڻندي ڏسي چيو: ”منوءَ پيءُ! مون سان سَلِ ته
سهين! ڪٿ ڳوٺ جي سار ته نه ستايو اٿئي جو سڀن کي
پيو ياد ڪرين؟“
”لڳي آهي هي سارَ ته ڇاهي؟ ڪو ڏوهه ته ڪونه ڪيو اٿم-“ هن ڪجهه
تيز انداز ۾ چيو ۽ پوءِ پاڻ ئي نرم ٿيندي چيائين
”پر ان ڳوٺ جا به عجيب رواج آهن- جيڪو ان ڳوٺ
ڏانهن وڃڻ لاءِ آتا هوندا آهن- انهن لاءِ ان ڳوٺ
ڏي ويندڙ موت جي گاڏي رڪجندي ئي ناهي- ۽ جيڪو نه
وڃڻ لاءِ پيو واجهه وجهندو ان کي ٽنگوٽالي ڪري به
زوري ان گاڏي ۾ وجهن- آءٌ به جلد ان گاڏي ۾ وڃڻو
آهيان پوءِ شرافت سان، يا ٽنگوٽالي ٿي- پر وڃڻو
ضرور آهي-“ ائين چئي هن پاڻ کي هنڌ تي ڊگهو ڪيو-
”ڇڏ موت ٻوت کي- ڳاٽو ڪو ڀڄيس موت جو- ان مئي کي ياد ئي نه ڪر-
خدا ڪندو! تنهنجي ڇانؤ اڃان سِرَ تي رهندي- شل!
تنهنجي ئي هٿن ۾ قبر ڪک پوان- پوري عمر تنهنجو ساٿ
ڏنو آهي_ تون ڪيئن بيوفائي ڪري هليو وڃڻ جو سوچين
پيو_“ جوڻس جي پوڙهين اکين ۾ ٻه جوان گرم لڙڪ تري
آيا_
”هئه!.... ڪهڙو ته مان ڏنگو هوندو هئس-“ جمن ڳالهه مٽائيندي
چيو: ”ادي بچيءَ سان ته پئي رينگو هلندو هئو- الله
جنت نصيب ڪريس هئي اهڙي جو ڏينهن خالي نه هوندو هو
جو نه وهنجندي هئي- جاري ۾ ڪربلا واري وٽي ۾ سرمي
جي شيشي ۽ سرائي ٿڌي پاڻي ۾ پئي ڀڄندي هئي_ صبح جو
روز هڻي تيل ڦليل ڪري ويهندي هئي_ پوڙهي ٿي وئي
هئي ته به صفائي کي هٿؤن نه ڇڏيائين- هنڌ تي ڪو
ميرو ٻار، ميرن پيرن سان چڙهيس ته اصل تپي باهه ٿي
ويندي هئي- مڙس پيو ڊڄندو هئس_ دير سان ايندو هو
ته در نه کوليندي هئس پر ادي جو به منوءَ ماءُ!
ڏوهه ڪين هيئه- جت مائي ڏسندو هو- وات پٽجي ويندو
هئس- ايندي هئي ڪا مائي ته پلٿ ماري ويهندو هو-
هوندي هئي ڪا اهڙي تهري مائي ته ڳالهه ڳالهه تي
تاڙي جي انداز ۾ ڌڪ وهائي ڪڍندو هئس- اديءَ به
اهڙن ئي ڪمن تي ڪاوڙجندي هئس- پر هيو مومن! دڪان
کوليو هئائين ته دشمن، دوست، اوڙي پاڙي جي ٻارن کي
مفت ۾ شيون ڏيندو هئو ۽ ادي چڙندي هئيس ته باقي
ڪمائڻ جو ضرور ڪهڙو اٿئي. بس اهڙا ئي ڪم هوندا
هئس- باقي ڀائو کي پاليائين واهه! ڀيڻويو ئي ڪري_
مان ڀاءُ ئي ڪو سهارو نه ڏئي سگهيومانس- ايئن چئي
هو ڪجهه دير ماٺ ٿي ويو ۽ وري چيائين ”مينهن وسندو
هو ته بس مزا هوندا هئا اديءَ جا جيئن کنوڻ کلندي
هئي- تيئن قرآن ڪڇ ۾ ڪري ٻاڏائيندي هئي- شل نه ٻار
چون ته:
”ڀيڄ مولا! ڀيڄ ڀٽائي، ڪر ملڪ مٺائي_“
پوءِ ته گارين جا ڌوڙيا هوندا هئا ٻارن تي- مان ڪيئن سدائين پيو
گويا فنڪار ٻڌندو هئس ۽ هوءَ مڇرجندي هئي ۽ ڳالهه
ايستائين هڪ ڏينهن پهتي جو هڪٻئي کي هيرا هُدرا
ڏناسين ته تون مر ته مان تنهنجو ڪانڌپو کاوان-
هوءَ چئي ته تون مر، ته مان کاوان. نيٺ! ها! اسان
کي بدنصيب کي ئي ڪانڌپو نصيب ٿيو-“ جمن جي زال جا
مٿي کي هٿ ڏئي سامهون ويٺي هئس سان هٿ کي لوڏيندي
چيو: ”اديءَ مرحيات جا فرشتا پيا ٻڌن پر هئي ڪجهه
تيز- بس اها عادت مڙيو ئي مزي جي ڪا نه هيس-“
جمن به شهادت واري چيچ کي لوڏيندي چيو: ”شاباس! منوءَ ماءُ ڪرين
تونِ به بڇ ڪاريءَ واري ڪار ٿي ٻيو! تنهنجون وري
ڪهڙيون ڀلوڙ عادتون هيون- مرد وڃن ٻاهر گهمڻ-
مايون ويهن گهر- پر تون ان جي ابتڙ مان معذور گهر
۾ ويٺو تنهنجو اوسيئڙو ڪيان ۽ تون اڪامقا گهمڻ ۾
پوري- گهر ۾ هونديءَ ته سڄو ڏينهن چانهه جي ڪٽلي
چلهه تي چڙهيل ڄڻ ازل جي ٽيپ ڪاٽيندي هجي- هڪ تُتو
پاڻي جنهن ۾ ڇينڊ يا ڳاڙ مَسَ کير جي نالي ماتر
پيل هوندو هو، جنهن ۾ ڍنڍ پاڻي جي ۽ ڳُڙ يا ديسي
کنڊ ۽ پڙين واري پتي پيل- ايئن پئي ڪڙهندي هئي، ڄڻ
دشمن جي ڪا دل هجي- ياد اٿئي؟ منوءَ ماءُ! چانهه
چکڻ جي بهاني ست، اٺ ساسرون چانهه جون پي ويندي
هئين- شل! نه ڪو چانهه ويل گهر ۾ مِڙي، کير جي ڳاڙ
۽ سير پاڻي جو اڳواٽ چڙهيل هوندو هو- ڏسندي هئين
ڪو آيو آهي ته پيالو پاڻيءَ جو اضافي وجهندي هئين
ته فلاڻو به آيو آهي اهو به پئندو ۽ اهڙي ريت اڌ
پاءُ کير ۾ پيا پاڻي جا پيالا پوندا هئا-“
”هئه! سِنڱ وڍائي گابي پيو ٿين- تڏڪي اها چانهه پئندو ته هئين.
تون به چوٽ جو موالي هئين چانهه نه ملندي هئي ته
سليماني چانهه پئندو هئين- جمن جي زال پنهنجن
ڪمزور هٿن کي لوڏيندي چيو جنهن ۾ ڪجهه چڙ جو انداز
به جهلڪي رهيو هو.
”وڏي ڪا زورآور آهين! ڪوسي ته ڪيئن پئي ٿين- ٻيلي! هاڻ مڃيم سچ
ڏاڍو ڪڙو آهي- باقي منوءَ ماءُ اڄ پيو سليان-
ٻيلي! تنهنجي چانهه کان ته ائين ئي ڀلا هئاسين پر
مڙئي جُڙيءَ کي جس-“ ائين چئي ڪجهه مرڪي زال ڏانهن
نهاريائين، جيڪا سندس نهار جي موٽ ۾ مجبورن مُرڪي-
”..... ڀلا ياد اٿيئي! فوٽي زنوار جي هوٽل جتان تون چانهه
گهرائڻ لاءِ نياپو ڪندين هيئن صفا هوبهو تنهنجي
چانهه جهڙا مهانڊا هوندا هئس- فوٽي زنوار جا به ته
سندس چانهه جا به- سدائين سيارو، اونهارو ڪوٽ پاتل
هوندو هئس- جيڪو ميرو چِڪ لڳو پيو هوندو هو- هڪ
ڏينهن چيومانس: ”هي چانهه آهي زنوار! ڪي تنهنجي
ڪوٽ جو ڌوتل پاڻي؟“ تڏهن ٿورو گرم ٿيندي چيائين
”يار! مان ڇا ڪيان؟ مينهون کير ئي ڇڊو ٿيون ڏين-
خبر ناهي رنن مينهن کي ڪٿان جو واءُ لڳو آهي، جو
اهي به ملاوٽ تي هريون آهن-“
جمن جي زال کان ڪراڙو ٽهڪ نڪري ويو ۽ چيائين ”وڏو ڪو لاهه
هيو.....“
جمن ڳالهه کي وڌائيندي چيو: هڪ ڏينهن تو ڏانهن نياپو آيو چانهه
جو، ان ڏينهن پئسا هئا ڪونه، ڪاوڙ مان ٻارن کي چيم
ته: ”ناليءَ (ڪسي) مان ڪٽلي ڀري کڻي وڃوس، هن کي
خبر ئي ڪا نه پوندي ته ڪو ناليءَ جو پاڻي آهي يا
زنوار جي چانهه“ هو به ڪو ان ويل نازل ٿيڻو هو. بس
ڳالهه ٻڌي همراهه چڙي پيو پر ان ڏينهن کانپوءِ
چانهه منوءَ ماءُ! چڱڙي، منهن مهانڊي واري ڏيندو
هو-“ جمن جي زال گول شيشن واري عينڪ کي لاهي صاف
ڪري وري پائيندي چيو: ”منوءَ پيءُ! اڄ ڇو کڻي
پراڻا آثار کوٽيا اٿئي. ڇڏ اِهي پچارون، مئن جون
ڳالهيون ئي ماري ڇڏ_ تون بس آرام ڪر ۽ اهو ئي ڪافي
آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ ڏس مڙِي آيو آهين- اڃا به توکي
سٽرو، وٽرو ڏسڻ ٿي چاهيان! ڇا ٻڌئي؟-“
جمن مرڪي ڏانهس نهاري ٿو ۽ سندس پوڙهي هٿ کي جهلي ٿو ۽ سوچي ٿو
موت ڪيڏو نه عجيب آهي_ صفا ان ظالم وڏيري جيان
جيڪو هن پوري دنيا ۾ وڏيرڪي ٿو هلائي- کيس ڪو به
جهلڻ وارو ناهي. ڪنهن ويل ڪنهن گهڙي، زندگيءَ جي
حسين نينگريءَ کي ٻانهن ۾ وڪوڙي ٿو ڇڏي، جنهن جي
ظلم خلاف ڪو به ٿاڻو رپورٽ درج نه ٿو ڪري، ۽ اداس
اکين سان پنهنجي زندگي جي ساٿياڻيءَ ڏانهن ڏسي ٿو،
جنهن جي چهري تي انيڪ گهنج پکڙجي ويا هئا ۽ سوچي
ٿو ته هن ساڻس ڪيئن هن معذوري جي حال ۾ به گذاريو
آهي، هو کيس ڪجهه به ڏئي نه سگهيو آهي- ۽ هاڻ
ورندو کيس اڪيلو ڇڏي وڃڻ جا سانباهه پيو ڪري. جمن
پنهنجي چپن تائين زال جو ڪراڙو هٿ آندو ته سندس
اکيون آليون ٿيون پر آڻ نه مڃڻ واري انداز ۾ مرڪي
چيائين: ”منوءَ ماءُ! تون به صفا ڪا خزان ٿي وئي
آهين- ڏس ته تنهنجون ڪراڙيون ۽ سانوريون چيچون صفا
ڄڻ ڇونهارا پيا لڳن.
۽ موٽ ۾ هوءَ مرڪي ٿي نهاريس-
اهو ڏينهن ڄڻ جمن جو آخري هو، رات جڏهن سرڪي آئي هئي ته هڪ ڀيرو
وري هو ماضي ڏانهن هليو ويو هو- سڀ جڏهن ننڊ ۾
هئا- تڏهن هن امالڪ دل جي ڀر ۾ لڳل کيسي مان ڀاءُ
جا ڏنل پئسا ڪڍي کين ائين چمندو رهيو ڄڻ کيس
پنهنجي ڀاءُ جو چهرو چمڻ لاءِ مليو هجي- کيس ياد
ٿو اچي ڀاءُ جو عڪس، جو سندس کٽ جي سامهون رکيل
پينگهي ۾ لڏندو هو- سدائين چپ، سدائين سوچ ۾ ٻڏل ۽
سدائين غم کائو- هڪ پاسي ساهرن جي ڇن، پٽ ٻئي پاسي
ڀاءُ، ڀيڻ جو وجود، سندس ساهرا ۽ زال ته اهو سهندا
ئي ڪين هئا ته اهي گهر ۾ رهن- باقي پاڻ کائڻ پيئڻ
جا ڪوڏيا- جا شيءِ ايندي هئي ٻه حصا ٿيندا هئا
شيءِ جا! هڪ حصو ڀاڻس جي غريب ۽ بکين ساهرن ڏي
ويندو هو ۽ ٻيو حصو گهر جي ڀاتين ۾” تنهن تي جمن
جي ڀيڻ جو تڪرار ته منهنجي ڀاءُ جي ڪمائي تي ڀاڻس
جي ساهرن جو حق ڇو؟ جنهن تي ڀاڄائي، نڻان جا
جهيڙا. جمن جي ڀيڻ لاءِ خراب الفاظ ڀاڻس جا ساهرا
ڪم آڻيندا هئا سڄو ڏينهن جهيڙو ڀنڻ، ڪروڌ، نيٺ جمن
جي ڀاڄائي ۽ ان جا مڪار ساهرا، پنهنجن ڪامياب
سازشن سان جمن جي بيواهه ڀيڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو. هڪ
گهر ۾ ٻه ديڳڙا چڙهندا هئا- ۽ جمن جو ڀاءُ اهو نه
چاهيندي به چپ رهيو پر ڀيڻ کي پئسا ڏيندو رهيو پر
سندس ساهرن جو پوءِ به من نه ٺريو- ۽ نيٺ جمن سان
جهيڙو ڪري کيس به ان گهر مان لوڌي ڪڍيو. هاڻ جمن
به گهر ڇڏي هلي آيو هو. ڀيڻس به ڪافي مهينا اڳ
گذاري چڪي هئي ۽ هاڻ هن جو ڀاءُ ۽ سندس بکيا ۽
مطلب پرست مڪار ساهرا هئا، جن جي وچ ۾ جمن جو ڀاءُ
ائين چپ چاپ پيسجندو رهيو جيئن جنڊ ۾ ان جا ڪڻا.
ڏينهون ڏينهن اندر کاڄندو پئي ويس. مٿان ڀاءُ جي
جدائي ته کيس جهوري وڌو هو ۽ ڀاءُ کي ڪجهه پئسا
ڏئي ويو هو ته جيئن هو پنهنجي نياڻي جي ڪاڻِ نه
ڪڍي، پر افسوس! جو جمن موت جي ڪاڻ ڪڍي ويٺو ۽ ٻئي
صبح تي سندس ڪفن تيار ٿيڻ لڳو هو. يتيمي جي ڊگهي
ساري سفر کانپوءِ جڏهن جمن جي ڀاءُ پنهنجي آخري
سچي سهاري کي به ويندو ڏٺو، تڏهن ڏاڍو ڊهي پيو هو.
جمن جي مئل دل مٿان اڃان به ڀاڻس جا ڏنل پئسا پيا هئا جن تي
ڀاڻس جا لڙڪ ايئن پکڙيل هئا، جيئن سندس ننڍڙي يتيم
ڀاءُ جي من ۾ اڪيلائي، اداسي ۽ درد جا پاڇا پکڙيل
هئا.
|