رکيل مورائي
سنڌي
ادب جي ڪلا جو سج اُلهي ويو
نامياري ليکڪا ڪلاپرڪاش ديهانت ڪري وئي، ائين سنڌي اخبارن لکيو آهي ۽ انهن
کي مليل ڄاڻ به خبرن سان گڏ آهي. ٻَڌي ليکي هڪ اهم
خبر اخبارن ڇپي ڇڏي آهي ۽ بس!
جن کي ڪلاپرڪاش جي فقط نالي جي ڄاڻ آهي ۽
اهو پتو اٿن ته هوءَ نامياري ليکڪا آهي، انهن لاءِ
اها خبر هڪ ديهانت ڪري ويندڙ اديب جي خبر آهي. پر
ڪلاپرڪاش جي ديهانت هڪ شخص/اديب جي ديهانت کان
وڌيڪ هڪ احساس جي ديهانت آهي. هڪ مامتا جي ديهانت
آهي، ساڳئي وقت سنڌي ادب ۾ تخليق ٿيندڙ ناول جي
اُڏام جو زخمي ٿيڻ به آهي ته گڏوگڏ مڊل ڪلاس تي
آڌاريل ويچار جو موت آهي.
ڪلاپرڪاش هند جي سنڌي ادب ۾ ناول جي ضمانت ڪري
کنئين وئي آهي. سنڌي ادب ۾ مجموعي طور تي جيترا
ناول ڪلاپرڪاش لکيا آهن اوترا ڪنهن به خاتون اديبا
نه لکيا آهن. هوءَ هڪ ئي وقت، اعليٰ ڪهاڻيڪار،
بيمثال ناول نگار، ڪوتاڪار، هڪ روح ۾ لهي ويندڙ
سفر نامي جي تخليقڪار ۽ سڀ کان وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ
کي ڪيترائي خوبصورت غزل ڏيندڙ شريڪانت صدف جي امڙ
۽ هڪ لاجواب شاعر، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نگار ڊاڪٽر موتي
پرڪاش جي ڌرم پتني به هئي ۽ انهن سڀني رشتن ۽ ناتن
جي دائري ۾ سنڌي ادب کي جيترو ڪلاپرڪاش ڏنو آهي،
شايد ئي ٻي ڪا سنڌي خاتون هجي. جنهن ايترو گهڻو
ڏنو هجي ۽ ايترو اهم ڏنو هُجي.
ڪلاپرڪاش جو خاندان ساهتي پرڳڻي جي هڪ سر
سبز وڏي ڳوٺ ۽ هاڻ هڪ ننڍي شهر خانواهڻ جو هُئو،
جيتوڻيڪ سندس جنم ڪراچيءَ ۾ ٿيو ۽ اهو ڏينهن ٻه
جنوري اوڻيهه سئو چوٽيهن جو هُئو.
ائين سندس عمر تيرهن سال هئي جو ورهاڱو ٿيو ۽
سنڌين جو وڏو حصو پنهنجي ڌرتيءَ کان ڌار ڪيو ويو.
پڪ سمجهڻ گهرجي ته سندس خاندان جو موت اُڻيهه سئو
ستيتاليهن ۾ ئي ٿي چڪو هئو، جڏهن اهو خاندان
پنهنجي صدين پراڻي تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ وطن ڇڏي
ڌرتيءَ ڌڪاڻو بڻيو هُئو.
ڪلاپرڪاش ممبئيءَ ۾ هڪ شاهاڻي شخصيت رکندڙ
ليکڪ/شخص موتي پرڪاش سان شادي ڪئي، جيڪو اڳتي هلي
ڊاڪٽر ٿيو. ڪلاپرڪاش ممبئي جهڙي ننڍي کنڊ جي وڏي
شهر ۾ زندگي گذاري. زندگيءَ جو ڪجهه حصو دبئيءَ،
ڪجهه حصو آڌيپور ۽ باقي سڀ حصو ممبئي ۾. شخصي طور
هوءَ تعليمدان هُئي، سڄي ڄمار ان سان لاڳاپيل رهي
۽ نهايت شاندار زندگي گذاريائين. کيس ٻن ٻارڙن جو
اولاد ٿيو. پهريون اولاد پٽ، شريڪانت صدف ۽ ٻيو
اولاد، ڌيءَ سنڌو!
هُن پنهنجي ڄمار جو اهم ترين ڪتاب ” ممتا
جون لهرون“ نثري نظمن جو لکيو، جنهن ۾ هن جي مامتا
ڏسي سگهجي ٿي. چوڏهن ڪتاب سنڌي ادب کي ڏيندڙ
ڪلاپرڪاش، اٺ ناول لکيا، چار ڪهاڻين جا ڪتاب، هڪ
نثري نظمن جو ۽ هڪ بيمثال سفر نامو ” جي هينئڙي
منجهه هُرن.“
ڪلاپرڪاش جو روح ۾ پيهي ويندڙ، پڙهڻ وقت
ڪيترائي ڀيرا اکيون آليون ڪرائيندڙ سفرنامو سنڌ جو
آهي، جڏهن هوءَ (1986ع ۾) پنهنجي گهوٽ ليکڪ ڊاڪٽر
موتي پرڪاش ۽ نامياري ليکڪ موهن گيهاڻيءَ سان سنڌ
گڏ گهمڻ آئي هئي.
سنڌ گهمڻ ڇا هُئي، کين ڪراچيءَ کان سواءِ
سنڌ جي ڪنهن به شهر جي ويزا مليل نه هئي، جنهن ڪري
هوءَ پنهنجو اباڻو گهر ۽ ڳوٺ خانواهڻ وري ڪڏهن به
ڏسي نه سگهي هُئي.
ها! هن خانواهڻ کي ياد ڪري، پنهنجي جڳ
مشهور ڪهاڻي ”خانواهڻ“ ۽ هڪ ناول ”پکن جي پريت“
ضرور لکيو هُئو، ٻيءَ طرح سندس لکڻين ۾ سندس دور،
خاص طور سندس آس پاس ۽ آر پار آسانيءَ سان ڏسي
سگهجي ٿو. پر هُن سنڌ ڇڏي پنهنجي عمر جي چوراسي
سالن ۾ جيڪا پيڙا ڀوڳي ان جو ڪجهه اظهار سندس
لکيل سفرنامي مان ظاهر ٿي پيو آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙا
ٿورا سفرناما هوندا جيڪي ائين روح کي ڇُهي وڃن
جيئن ڪلا پرڪاش جو سفرنامو.
ڪلاپرڪاش کي سندس من ڇيد تي لکيل ناول ” آرسيءَ
آڏو“ تي مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جو وڏو ادبي ايوارڊ
ڏنو ويو. هونئن مختلف ادارن جا ڪيترائي اعليٰ
انعام ماڻيندڙ، ڪلا پرڪاش زندگيءَ جا اُهي ڏينهن،
جن کي آخري ڏينهن به چئي سگهجي ٿو، نهايت ڏکيا
گذاريا، جيڪي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي وفات کان پوءِ
جا هُئا. جنهن جو سبب سندن ٻه ٻار به هُئا، جيڪي
هنن دادلا ڪري نپايا هُئا، جن جي آس ۾ هُن پنهنجو
بيمثال ڪتاب ”ممتا جون لهرون“ لکيو هُئو ۽ ان جو
ٻيو ڇاپو واڌاري سان تڏهن آيو جڏهن سندس جهوليءَ ۾
ٻه پوٽيون سندس لوليءَ جو لطف ماڻي رهيون هيون.
ادب ۾ ڪلاپرڪاش جو پد ماپڻ ته ڏکيو آهي،
اهو وقت ئي ماپيندو، پر هوءَ هند جي عورت اديبائن
جي ان ٽه مورتيءَ جو حصو هُئي، جنهن ٽه مورتيءَ
جون ٻه مُورتون دادي پوپٽي هيراننداڻي ۽ دادي
سندري اُتم چنداڻي هيون، اها ٽه مورتي پنج آگسٽ ٻه
هزار ارڙهن عيسويءَ تي پڄاڻيءَ تي رسي. ائين هند ۾
سِرجندڙ سنڌي تخليقي ادب جو سِجُ ٽهپريءَ ڏانهن
مُڙي ويو، جنهن جي اُلهڻ ۾ هاڻ گهڻي دير نه رهي
آهي.
سنڌي ادب جو اهو سج هند ۾ نئين آب تاب سان سڀاڻي
اڀرندو، اهڙو امڪان هاڻ ممڪن نه رهيو آهي، ڇاڪاڻ
ته هند جي سنڌين جي نئين نسل جي ادب سان ڪنهن به
قسم جي لاڳاپيداري نه آهي، هند ويل سنڌين جو
تاريخي الميو اهو آهي.
ڪلاپرڪاش سنڌي ناول کي جيڪا شاهوڪاري ڏني
آهي، اها اڪيلو مثال آهي ۽ ان سموري عمل تي هن وٽ
ڪنهن به قسم جي وڏائي/انا/ايگو نه آيو. جنهن جو هڪ
عملي مثال منهنجي شخصي تجربي ۾ هن طرح آهي.
سندس شايد آخري ناول ”اوکا پنڌ پيار جا“
جڏهن ڇپجي رهيو هئو ته سندس ۽ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو
حڪم هئو ته ان جو مهاڳ مان لکان، ڇاڪاڻ ته اهو
ناول سنڌ ۾ به ڇپجڻو هئو، ۽ مون ان مهاڳ ۾ کيس
”سنڌي ناول جي خاتون اول“ ڪوٺيو هئو. جڏهن اهو
ناول کيس وٽ پهتو ته هن ان مهاڳ بابت هڪ تفصيلي خط
مون ڏانهن لکيو جنهن جا شروعاتي لفظ هئا!
”پيارا رکيل مورائي!
” اوکا پنڌ پيار جا“ جي مهاڳ ۾ تو لکيو
آهي ” سنڌي ناول جي خاتون اول“
پٽ! تو مهاڳ ته اهڙو لکيو آهي جو اُهو
پنهنجو پاڻ ۾ هڪ سهڻو ساهتڪ مضمون آهي، پر سچ پڇين
ته مان ايمانداريءَ سان محسوس ڪيان ٿي ته، سنڌي
ناول جي ”خاتون اول“ جو خطاب مون کي نه، پر شريمتي
سندري اتمچنداڻيءَ کي ملڻ گهرجي، ڇو ته ورهاڱي بعد
سنڌي ناول لکڻ جي شروعات هن ڪئي ۽ سندس ٻئي ناول
”پريت پراڻي ريت نرالي“ ۽ ” ڪرندڙ ديوارون“ سنڌي
ناول نويسيءَ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا. ڪلا موتي.
2010-09-09.“
چوڻ جو مقصد ته هڪ ايماندار ۽ سچو ليکڪ
ائين هجڻ گهرجي.
هڪ ڳالهه جيڪا مان هت ورجائڻ چاهيان ٿو، اها هيءَ
ته، ڪلاپرڪاش سنڌيءَ جي اهڙي ليکڪا آهي جنهن جي
سموري ادب ۾ نفي/نگيٽو ڪردار آهن ئي ڪونه. ڇاڪاڻ
ته هوءَ عورت جي حوالي سان بنهه مختلف عورت هئي،
ڪنهن لاءِ شڪايت، ڪنهن جي عيب جوئي، ڪنهن لاءِ غلط
لفظ ڪڍڻ، سندس مزاج ۾ ئي نه هُئو.
ساڻس ۽ سندس گهوٽ دادا موتي پرڪاش سان
منهنجي شناسائي ۽ خط و ڪتاب گذريل صديءَ جي نائين
ڏهاڪي کان هئي، پر هن ڪڏهن به ڪنهن اديب/شخص بابت
ڪو غلط اظهار نه ڪيو. ساڻس ڪيتريون ئي ڪچهريون
ٿيون، انهن ۾ به مان ڪڏهن ته سنبران ته هن ڪنهن
هند توڻي سنڌ جي اديب بابت ڪو نفي رايو ڏنو هُجي.
سچ پچ مان هن جي سڪيلڌي پٽ شريڪانت جو دوست ۽
همعمر آهيان، ان ناتي هوءَ مون کي سدائين پُٽ واري
جڳهه تي رکندي هُئي. ممبئيءَ ۾ مون کي دادي سندري
اُتمچنداڻيءَ جي گهر، دادا گوبند پنجابيءَ جي گهر،
دادي پارو چاولا جي گهر هوءَ ئي وٺي هلي، ائين
منهنجو ممبئيءَ ۾ گذريل وقت سجايو ٿيو.
ادب جي حوالي ۾ هوءَ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي
وني هجڻ ناتي ترقي پسند ڌارا جي ليکڪا سمجهي ويندي
هئي، جيتوڻيڪ سچ اهو آهي ته سندس ڪهاڻين توڻي
ناولن ۾ سماج توڻي شخص جي جاچنا ته آهي، پر اها
ڪنهن نظرئي/ڌارا هيٺ اظهاريل هجي ائين بلڪل نه
آهي. ائين به محسوس ٿيندو آهي ته مٿين ٽه مورتيءَ
۾ ڪلاپرڪاش اها ليکڪا هئي، جيڪا دماغ سان گهٽ، دل
سان وڌيڪ پنهنجي لکڻين ۾ موجود آهي. خاص ڪري سندس
”ممتا جون لهرون“ ڪتاب ته سندس ” دل“ آهي. جنهن ۾
سندس احساس سمنڊ جيان ڇوليون هڻي رهيا آهن.
ڪلاپرڪاش جي ناولن جا ڪردار ۽ ڪهاڻين جا
ڪردار مڊل ڪلاس سان واسطو رکن ٿا ۽ اُهي سڀ اسان
سڀني کي ڏٺل وائٺل ته لڳندا ئي، پر انهن جي نفسيات
به سامهون اچي ويندي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ رهندي به سنڌي
هندن ۾ مذهبي توڻي خانداني ۽ علائقائي متڀيد رهندو
آيو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ به سنڌي هندن ۾ رهندو
آيو. ڪلاپرڪاش جي ناول ”پيار“ جي مرڪزي عورت ڪردار
مان ان جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، جڏهن هوءَ پنهنجي
هڪ ساهيڙيءَ کي مائٽن ڏي آيل سندس رشتي بابت چوي
ٿي ته ”مان انهيءَ الهاس نگريءَ سان ڇو شادي
ڪنديس!“
هت هند ۾ سنڌين جي وڏي ۾ وڏي وسندي،
الهاس نگر ڏانهن اشارو آهي، جيڪو ممبئيءَ جي ڀرسان
آهي. اهو ساڳيو استعاروڪراچيءَ ۾ رهندڙن لاءِ
”لاکو کيتي“ چوڻ جي معنيٰ ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پر اهو
چوندڙن پاران انسان جي معاشي خوشحاليءَ واري
سڀاءَ کي ظاهر ڪري ٿو.
ائين ڪلاپرڪاش جا ڪيترائي ڪردار پنهنجي
سموري سڀاءَ سان سندس ڪهاڻين توڻي ناولن ۾ ظاهر
ٿين ٿا.
ڪيئن به ڪلا پرڪاش جو وڇوڙو سنڌي ادب لاءِ
۽ خاص ڪري سنڌي ناول لاءِ نهايت ڏکوئيندڙ آهي. پڪ
سان سنڌي ادب ۾ هوءَ سدائين ياد رکي ويندي. هند
توڻي سنڌ جي اديبن لاءِ سندس وڇوڙو هڪ جهڙو ڏک کڻي
آيو آهي. جيتوڻيڪ سڀني کي اهو ڏک ڀوڳڻو الڳ الڳ
آهي. شريڪانت صدف ۽ ڀيڻ سنڌوءَ سان پرچاڻي.
اهو ڪيئن چئي سگهبو ته ڪلاپرڪاش جي رک سنڌوءَ ۾
پرواهه ٿي سگهندي يا نه؟ اهو سنڌوءَ ۽ ڪلا جو
مسئلو آهي، پر پڪ سان اهو ته چئي سگهبو ته
ڪلاپرڪاش کي جنم ته سنڌوءَ نديءَ جي پاڻيءَ ڏنو
هئو. تڏهن ئي ته نارايڻ شيام چيو هئو:
گنگا، جمنا امرت امرت،
ليڪن ٿڃ ته سنڌو آهي.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
باباءِ
سنڌ- حيدر بخش جتوئي
حيدر بخش جتوئي باباءِ سنڌ جو لقب ماڻيندڙ ڪامريڊ
حيدربخش جتوئي الهداد خان جتوئيءَ جي گهر 10
آڪٽوبر 1901ع ۾ جنم ورتو سندس مشهوري هاري اڳواڻ،
انقلابي شاعر ۽ صحافيءَ جي حيثيت سان آهي. انگريز
دور ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جو هيءُ گريجوئيٽ
روينيو کاتي ۾ هيڊ منشي پوءِ مختيار ڪار ۽ آخر ۾
ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو، پر انهيءَ دوران کيس اهو احساس
شدت سان ٿيو ته سنڌ جو هاري مظلوم ۽ زميندار ظالم
آهي ۽ حڪومت جو ساٿ مٿئين طبقي سان آهي انهيءَ
ڪري کيس آفيسريءَ واري حياتي ڀانءِ نه پيئي، سنڌ
جي هارين نارين جي پيڙهيل حياتيءَ سندس سک چين
ڦٽائي ڇڏيو، ۽ هُن پڪو ارادو ڪيو ته جيستائين هن
خطي جي هارين ۾ هُو سجاڳي پيدا نه ڪندو تيستائين
سک سان نه ويهندو، اهوئي سبب هو جو هُن پنهنجي
هيڏي وڏي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ سخت جدوجهد ڪري
هاري پارٽي ٺاهي ۽ سندن حقن جي حاصلات لاءِ ڪوششون
شروع ڪيون. 1947ع ۾ رتيديري واري هاري ڪانفرنس ۾
کيس هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو هن عهدي تي
هُو مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو.
حيدربخش جتوئي هارين جي بچاءَ لاءِ قانون جو مسودو
”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“، تيار ڪري سنڌ سرڪار جي حوالي
ڪيو ۽ پوءِ سنڌ ۾ هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ لڳي
ويو. ”هاري حقدار“ نالي هفتيوار اخبار ڪڍيائين
جيڪا سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي آفيس گاڏي کاتي حيدر
چوڪ مان نڪرندي هئي، (گاڏي کاتي واري چوڪ کي اڄ به
حيدرچوڪ سڏيو وڃي ٿو).
سنڌ جو هيءُ پڙهيل لکيل عوامي ليڊر ماجسٽريٽ ٿي
رهيو سندس گهر ۾ ادبي ڪتابن سان گڏ قانون جي ڪتابن
جو وڏو انگ موجود هو ۽ کيس قانون تي وڏو عبور حاصل
هو. هُن پنهنجي ڪيس جي وڪالت پڻ پاڻ ڪئي، سندس
مٿان مشهور ڪيس ”جيئي سنڌ ۽ جيئي هند“، وارو به هو
جنهن مان کيس باعزت آزاد ڪيو ويو، هُو ڪيترائي
دفعا جيل ويو ۽ جيل واري عرصي دوران پڻ سندس گهر ۽
اوطاق هاري پارٽيءَ وارن لاءِ کليل هوندا هئا جنهن
۾ ڪامريڊ غلام حسين سومرو، ڪامريڊ احمد لغاري ۽
ٻيا ڪم ڪارين کي ڏسندا هئا. ڪامريڊ حيدربخش
جتوئيءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪتاب، ”منهن
تنين مشعل“ ۾ لکيو آهي ته،
”ون يونٽ جا سانباها ٿيا ته ان جي خلاف تحريڪ به
تيز ٿي ويئي، پهرين ”سنڌ عوامي محاذ“ ٺهيو، ڪامريڊ
حيدربخش جتوئي پنهنجي هاري پارٽي سوڌو ان ۾ شامل
ٿيو. کهڙي سرڪار جي آمريت جو مثالي بهادريءَ سان
مقابلو ڪيائين، اسان به شاگرد ڪارڪنن جي حيثيت ۾
ان تحريڪ ۾ گهڙي پياسين ۽ ان ريت ڪامريڊ کي ٿورو
ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو. ڪامريڊ ڳالهائيندو هو ته
کرو، ڪو به رک رکاءُ، ڪا به ٺاهه ٺوهه يا تصنع، ڪا
به مصلحت آميزي نه، جيڪو دل ۾ اهو زبان تي ڪامريڊ
جو منهن سندس روح جو آئينو هو، اهڙو معصوم چهرو
مون رڳو علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ ۽ شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جو ڏٺو جنهن جي چهري جي هر ريکا ۾ خلوص هو.
پاڻ سڌو ڳالهائيندو هو. بنا ڪنهن لڪ لڪاءُ، ٺاهه
ٺوهه، رک رکاءُ يا ڊپ ڊاءُ جي چوندو هو ”ڪامريڊ،
ڳالهه ڪجي سنئين سڌي“ اڳيان لکي ٿو ته، ”هن دور ۾
مون علامه آءِ.آءِ.قاضيءَ توڙي ڪامريڊ حيدربخش
جتوئيءَ ٻنهي کي ڏٺو ۽ ٻڌو. علامه صاحب سان ايتري
ويجهڙائپ نه ٿي، پر تڏهن به مان سمجهان ٿو ته
علامه صاحب هن دور ۾ شاهه لطيف جو ڪردار پئي ادا
ڪيو ته حيدربخش جتوئيءَ سچل سرمست جو. هڪ اشارن ۽
ڪناين ۾ حقيقت ڏي اشارو پئي ڪيو ته ٻئي سڌو سنئون
علي الاعلان دُهل وڄائي حق ڏي پئي سڏيو.“ (ص-22)
ڪامريڊ حيدربخش هڪ دلير ۽ سمجهدار ڄاڻو اڳواڻ هو
پاڻ ٽي ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پڻ بيٺو، پر
عوام ۾ سياسي شعور جي ڪميءَ سبب ڪامياب نه ٿيو ته
به هن جي حياتي سنڌ جي پورهيت طبقي لاءِ وقف هئي
کيس چڱيءَ پر خبر هئي ته هن جي سانگيئڙن وٽ قانون
جي سمجهه ڪانهي کين پنهنجي حقن جي آگهي ڪانهي.
تيستائين سنڌ ڪڏهن به ڪين سنورندي جيستائين عوامي
اٿل جو انقلاب نه ايندو ۽ اهو انقلاب هُن آندو ۽
هارين نارين کي اڌ بٽئيءَ جا حق وٺي ڏنائين ۽ انهن
جي بي جابي دخلين خلاف قانون پاس ڪرايائين.
سنڌي ادب ۾ جتوئي صاحب جي حيثيت شاعر جي حوالي سان
آهي، پر هن ڪي ڪتابن نثر ۾ پڻ لکيا آهن ۽ گهڻا
ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ آهن انهن جو ڳاڻيٽو چوڏهن
آهي. سنڌي ڪتابن ۾ سندس پهريون شاعريءَ جو ڪتاب،
”تحفئه سنڌ“ آهي، جو 1930ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب تي
انگريز حڪومت کيس جيل جي سزا ڏني. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر
علامه اقبال جي شڪوه جي نموني تي شعر لکيل آهن. هن
ڪتاب تي مولوين طرفان وڏا اعتراض ٿيا ۽ کيس مشهوري
ملي ۽ وڌيڪ شاعريءَ جو شوق جاڳيو، شاعريءَ ۾
پنهنجو تخلص ”حيدر“ رکيائين. ”تحفهءِ سنڌ“ ۾ آيل
نظم مان هڪ بند هن ريت آهي،
توفلڪ ٺاهيو ۽ دنيا جو نگهبان ڪيو،
بي عدد رنگن ۽ روپن سان پريشان ڪيو،
حسن خوبيءَ سان هزارن کي تو مستان ڪيو،
حيرت انگيز جهان ٺاهي تو حيران ڪيو.
ڪامريڊ حيدر شاعريءَ ۾ نظم ۽ غزل وڌيڪ چيا جن مٿي
کيس وڏي دسترس هئي، سندس ڪلام ۾ عشق ۽ رومانس جي
ذڪر کان وڌيڪ پورهيت طبقي ۽ هارين نارين جو ذڪر
آهي، ”درياهه شاهه“ هن جو شاهڪار نظم آهي هيءُ
طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ اهميت جوڳو آهي، جنهن جو
هڪ بند هن ريت آهي.
جو ميلو سمايل فنا اندر آهه،
ڀلي آئين جي آئين درياهه شاهه،
اي سنڌو سدائين تون ڪر سنڌ سائي،
تون همنام سان رهه وفا سان هميشه.
سندس ٻنهي نظمن ۾ رواني آهي ۽ مضمونن جي حوالي سان
ته نواڻ آهي ئي، پر شاعريءَ جي فن مطابق به آهن.
انهن نظمن کي اهلِ ادب ۽ اهلِ علم گهڻو پسند ڪيو.
حيدربخش جتوئيءَ چوسِٽا ۽ قطعا پڻ لکيا سندس شاعري
عوامي شاعري آهي، جيڪا مقصدي طور عوام جي من کي
متاثر ڪرڻ لاءِ لکيل ٿي ڏسجي، پر ننڍو وڏو پڙهيل
اڻ پڙهيل به هن جي دل سان ڪيل هن سڏ تي ساڻس گڏ ٿي
ويو ۽ هن جو چيل شعر مقبول ۽ معروف ٿيو. هُو دل جي
سچائيءَ جو قائل آهي تڏهن هن چؤسِٽي ۾ چوي ٿو ته،
الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،
مسجد ۾ ٽڪاڻي ۾ نه ديول ۾ ڏٺم،
هت بحث ۽ منطق جو نه ڪجهه آهي زور،
مولا کي ڏٺم جي ته سچيءَ دل ۾ ڏٺم.
هن جي انقلابي شاعريءَ جا مجموعا جيڪي ڇپيا انهي ۾
”آزادي ۽ قوم“ 1942ع، ”هاري انقلاب“ 1942ع، ”سنڌ
پياري“، ”هاري گيت“ ۽ ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ“ شعري
ڪليات، جنهن ۾ اڳين ڇپيل شعري ڪتابن ۽ ڪتابڙن کان
سواءِ اڻ ڇپيل شاعري پڻ سهيڙي ويئي آهي. سندس نثر
۾ لکيل ڪتابن ۾ ”هاري ڪهاڻيون“ 1950ع ”ڪمدار جا
ڪارناما“ 1953ع آهن.
ان کان سواءِ ڪامريڊ حيدر جا ڪيترائي مضمون آهن
جيڪي هن سياسي موضوعن ۽ سنڌ جي حالتن جي باري ۾
لکيا آهن ۽ سندس تقريرون بيشڪ اڻ پڙهيل هارين جي
مجموعن ۾ هونديون هيون جيڪي انهن جي ذهني سطح کان
مٿي هونديون هيون، پر هو کين سمجهائڻ لاءِ مسئلن
جا حل ۽ مثال ڏيندو رهندو هو کيس جيڪڏهن ڪير چوندو
هو ته ”سائين اهي ڳالهيون هنن اڻ پڙهيلن جي ذهن
کان مٿي آهن“ تڏهن ڪامريڊ جو هڪ ئي جواب هوندو هو
ته“ انهن کي اهي ڳالهيون سمجهائڻيون آهن جي اهي نه
سمجهندا ته انقلاب ڪيئن ايندو؟“
حيدربخش جتوئيءَ جي لکيل پمفليٽن سنڌ ۾ انقلاب جي
باهه ٻاري ڇڏي هن پنهنجي قوم جي غريبن، اٻوجهن ۽
سادن ماڻهن لاءِ پاڻ کي پتوڙي ڇڏيو. هاري حقدار
اخبار ۾ سندس ليک هر هفتي هوندا هئا جيڪا هُو
پاڻ ڪڍندو هو،
ان اخبار جو ايڊيٽر پڻ هو. ڪتاب پڙهڻ جو کيس گهڻو
شوق هوندو هو جنهن جو ثبوت هن جي لائبريري هئي،
پر کيس گهڻو لکڻ ياشاعريءَ ڪرڻ جو وقت نه ملي
سگهيو، سندس حياتي تمام مشغول هئي. ڪامورڪي دور ۾
يا توڻي هاري ڪميٽيءَ جي قيام کان پوءِ جي انقلابي
دور ۾ هُو
تمام مشغول رهندو هو. ادب ۾ دلچسپي ۽ شوق هئڻ جي
باوجود پڻ گهڻا ادبي ڪتاب لکي يا شاعري ڪري نه
سگهيو هن عملي طور سنڌ لاءِ اهو ڪجهه ڪيو جو هڪ
حياتي ڇا ماڻهو شايد جهجهين حياتين ملڻ بعد به نه
ڪري سگهي، ڊاڪٽر تنوير سندس عظيم مقصد کي هن ريت
مڃتا ڏني آهي، ”ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جهڙا ماڻهو
ڪٿي؟ سچا، کرا، جن جي اندر ۾ عشق، عشق سنڌ جو، سنڌ
جي پورهيت جو، جن جو خلوص شفاف شيشي وانگر، جن جي
حياتي ڏک، ڏولاوا، پر منهن تي هڪ سدا جرڪندڙ مُرڪ
اها مرڪ جيڪا ڪنهن عظيم مقصد لاءِ تڪليف سهڻ کان
پوءِ سڪون حاصل ٿيڻ مان ملندي آهي.“
ڪامريڊ حيدربخش ”حيدر“ جتوئي 21 مئي 1970ع تي وفات
ڪئي کيس حيدرآباد ۾ سندس وصيت مطابق غلام شاهه
ڪلهوڙي جي مقبري جي ٿلهي تي سپرد خاڪ ڪيو ويو.
پروفيسر شمشاد سومرو
پروفيسر نذير قاضي
(شخصيت، فن ۽ فڪر)
موري جهڙي علمي ۽ ادبي شهر ۾ علمي، ادبي گهراڻي
قاضي خاندان جي جيد عالم، شاعر ۽ بزرگ مولوي محمد
صادق مورائيءَ جي فرزند علم و ادب دوست فرد قاضي
محمد قاسم جي گهر ۾
9- فيبروري 1940ع تي هڪ نينگر جنم ورتو، جيڪو اڳتي
هلي سنڌي ادب جو روشن ستارو ثابت ٿيو ۽ پروفيسر
نذير احمد قاضي جي نالي سان سنڌي ٻوليءَ جو بهترين
ڪهاڻيڪار، اديب ۽ خوبصورت شاعر بڻيو.
سائين نذير قاضي لکڻ جي شروعات 1957ع ۾ ڪهاڻيءَ جي
ترجمي سان ڪئي، جيڪا روسي ڪهاڻي هئي. سندن پهرين
طبعزاد ڪهاڻي
’پڪر‘
(Picker)
آهي جيڪا 65-1964ع ۾ لکيائين. قاضي صاحب جي ٻين
لکيل ڪهاڻين ۾ ’روحي‘،
’پڪر‘، ’واليون‘، ’آخر هي داغ ڪيئن ڌوپبا!‘، ’پيار
جي زبان‘، ’عزت پوش‘، ’بڙ جي ڇانوَ‘، ’ٻليدان‘،
’خدا بخش ۽ خدا‘، ’تاساري‘، ’ڊڀ نه چرسون‘، ’جهنگ
۽ ننگ آهي‘، ’پوءِ ڍائو‘،
’سرچاءُ‘ ۽ ’مجرم مورتي‘ اچي وڃن ٿيون جن مان ڪي
ڇپيل آهن ته ڪي اڻڇپيل
سائين نذير جن جي لکيل ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي اُمنگن،
احساسن ۽ محرومين کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو ويو
آهي. سادي ۽ سٻاجهي ٻولي، نهايت ٿورا لفظ، مقصد جي
مڪمل پهچ سندس ڪهاڻين جي خوبي آهي. سائين نذير
قاضي پنهنجي ڪهاڻين متعلق چوي ٿو ته:
”مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪوشش ڪري ٿورن لفظن ۾ وڏن
ويچارن، سوچن ۽ لوچن کي سموهڻ ۽ سجائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي، جن ۾ ’هاڻي‘ هميشه موجود رهي ٿو ته مستقبل جا
عڪس ۽ اميدون به پنهنجو پاڻ پسائين ٿيون. آشائن،
نرائن، دوکن ۽ دلدارين، ويساهه ۽ ويساهه گهاتين
سان انساني زندگي لَٽي پئي آهي. ڪٿي سونهن آهي ڪٿي
ڪوجهائپ، ڪٿي سک آهي ڪٿي ڏُک، ڪٿي هوند آهي ڪٿي
اڻهوند، ڪٿي رم جهم بوندن بهاري آهي ته ڪٿي ڪڻيءَ
لاءِ مَنُ مُنجهي ٿو. مطلب ته زندگيءَ جا انيڪ رنگ
۽ ڍنگ آهن. زندگي جيئن گذري رهي آهي مون ان کي
تيئن ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪئي
آهي.“
سائين نذير قاضيءَ جي ڪهاڻين جو هتي مختصر طور
جائزو پيش ڪريان ٿو ته جيئن پڙهندڙ به حِظُ حاصل
ڪري سگهن.
’پِڪر‘
(Picker) هڪ اهڙي
غريب ۽ هوشيار ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪو پنهنجي
پڙهائيءَ ۽ گهريلو خرچ ۾ پنهنجي بيوه امڙ جو هٿ
ونڊائڻ لاءِ شهر جي وڏي ڪلب ۾ شام جو ’پِڪر‘
جي نوڪري ڪري ٿو. راند کيڏندي جيڪي بال ٽينس ڪورٽ
کان ٻاهر ڪِرندا هئا، هُو هي کڻي اچي رانديگرن کي
ڏيندو هو. ڪلب ۾ آفيسرن جا ٻار به انڊور رانديون
کيڏڻ ايندا هئا، هُو هن تي زور ڀريندا هئا ته هُو
ساڻن راندين ۾ شريڪ ٿئي ٿو ته کيس طبقاتي اوچ نيچ
واري ذهنيت جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو هن کي ذلت ۽
نوڪريءَ کان به جواب ملي ٿو. توڻي جو ڪلب جو
سيڪريٽري اهو درد محسوس ڪري ٿو، پر سواءِ جذباتي
همدرديءَ جي هن لاءِ ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهي.
”واليون“ هڪ پوڙهي بيروزگار پيءُ جي ڪهاڻي آهي،
جيڪو زال جي علاج لاءِ پنهنجي نياڻيءَ جي ڪنن کي
ٻُٽو ڪري، سندس واليون لهرائي ڊاڪٽر کان دوا وٺي
ٿو. نياڻيءَ جا ٻُٽا ڪَنَ هن جي دل ۾ ڪئين سوراخ
ڪري ٿا ڇڏين.
”روحي“ هڪ ٽيوشن ڏيندڙ ٽيچر جي ڪهاڻي آهي جيڪو
رُوحي کي ٽيوشن ڏيندي ساڻس پيار ڪري ٿو. رُوحي به
کيس بيحد چاهي ٿي، مگر اهڙي پيار جو انجام جدائيءَ
جي صورت ۾ ٿئي ٿو. رُوحي ٻئي هنڌ پرڻجي وڃي ٿي ۽
ٽيوٽر سندس بيرُخيءَ جو شڪار ٿئي ٿو.
”بُکي“ هڪ اهڙي نوجوان ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا
پيار جي باهه ۾ پاڻ به ٻري ٿي ۽ پنهنجي چاهڻ واري
کي به جلائي ٿي. پيار جي ڀرپور موٽ ۾ هوءَ چاهيندڙ
جي ٿورائتي ته آهي، پر سندس ٻئي سان شادي ڪرڻ کان
پوءِ پنهنجي پهرين پيار کي بيدرديءَ سان ٺڪرائي ٿي
جو سندس فطري بک جو ازالو ٿئي ٿو ۽ پيار ۾ پورنتا
ماڻڻ بعد اڳيون سڀ ڳالهيون نه صرف وساري ٿي، پر
انهن کي حقير سمجهي ٿي.
”آخر هي داغ ڪيئن ڌوپبا“، شهيد آفتاب نظاماڻيءَ جي
شهادت جي پسمنظر ۾ لکيل ڀرپور ڪهاڻي آهي، جنهن کي
انساني ناتي، نسلي ڪشمڪش ۽ درندگيءَ جي حوالي سان
ڏٺو ويندو. شهيد آفتاب اردو ڳالهائيندڙ دوست کي
سلامتيءَ سان لطيف آباد ڇڏي اچي ٿو ۽ پاڻ لساني
دهشتگردن جو بک ٿئي ٿو. سندس زخمي ۽ رتو رت ٿيل
ميت جڏهن وصول ٿئي ٿو تڏهن ڪفن مٿان رت جا داغ
ڏسندي، ڪردار چئي ٿو ”آخر هي داغ ڪيئن ڌوپبا.“
”پيار جي زبان“ ۾ گونگي کي پنهنجي سؤٽ سان انڪري
نٿو پرڻايو وڃي جو هُو ڳالهائي نٿو سگهي. ٿورن
ڏينهنِ ۾ گونگو پيار جي سگهه تي پنهنجي سؤٽ سان
”ڪورٽ مئريج“ ڪري ٿو ۽ سڀني کي دل جي چاهت جو قائل
بڻائي ٿو ڇڏي ته ان آڏو ڪو بند ٻڌجي نه ٿو سگهي.
”عزت پوش“ هڪ پروفيسر ۽ سندس گهر واريءَ جي ڪهاڻي
آهي جيڪو رٽايرمينٽ بعد پنهنجي عزت ۽ ناموس کي
برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي گڏ ڪيل ڪُل پونجي
فراخدليءَ سان خرچ ڪري ٿو، ايستائين جو هُو پنهنجي
ناياب لائبرري به وڪڻي ٿو ڇڏي، پر پنهنجي شان مان
سان زندگي گذارڻ تي حرف اچڻ نٿو ڏئي. هن جنهن
اداري مان رٽاير ڪيو، ان ۾ پينشن جي سهوليت ڪانه
هئي. آخرڪار پنهنجي عزت پوشيءَ جو ڀرم رکڻ لاءِ
هُو ان وڏي شهر کي خيرباد چوڻ تي مجبور ٿئي ٿو،
جتي هن ڀرپور جواني ۽ لڙندڙ زندگيءَ جي قيمتي،
آدرشي ۽ تعليمي عرصو گذاريو. هُو ڪنهن کي ٻڌائڻ
بنا پنهنجي اباڻي ڳوٺ هليو ٿو وڃي، جتي پاڻ پنهنجي
گهر واريءَ سان گڏ بيحد غربت ۽ گمناميءَ واري
حياتي گذارين ٿا ۽ هُو وڏيري وٽ منشگيري ڪري ٿو.
ڪهاڻيءَ ۾ انوکو موڙ ان وقت اچي ٿو جڏهن وڏيري جو
پٽ جيڪو شهر ۾ سندس شاگرد هو ۽ سندس بيحد ادب ۽
عزت ڪندو هو، اوچتو ٻنيون گهمڻ اچي ٿو ۽ پنهنجي
استاد کي ان حالت ۾ ڏسي، سندس اؤج، دٻدٻي ۽ علمي
وقار کي ياد ڪري ڏاڍو مغموم ٿئي ٿو.
”ٻلدان“، قربانيءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ نوجوان
حسين ڇوڪري پنهنجي مضبوط الحواس سؤٽ سان شادي ڪري
ڇڏي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي هن جي خاندان جي عزت
برقرار رهي ٿي سگهي، سهاڳ رات گهوٽ کي دورو پوي ٿو
۽ هن جا ارمان چکيا تي چڙهن ٿا.
”مجرم مورتي“ هڪ انوکو ۽ نرالو ڏيک پسائي ٿو،
ڪهاڻي پڙهندي ذهن ۽ جسم ۾ ڏڪڻي پئجي وڃي ٿي. وڏي
شهر جي ميوزيم ۾ ڪم ڪندڙ پٽيوالي جي ماءُ سخت
بيمار آهي، ٿوري پگهار مان هُو پنهنجي امڙ جو پورو
سورو علاج ڪرائي سگهي ٿو. هڪ ڏينهن جيجل جي طبعيت
ڏاڍي بگڙي وئي ته هُو قرض حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو، پر ڪامياب نٿو ٿئي. ويڳاڻو ۽ وياڪل هو ميوزم ۾
رکيل گوتم ٻڌ جي مورتي هيٺان پَٽَ تي ويهي ٿو رهي
۽ ڏک ۽ بيوسيءَ وچان هن جي اکين مان لُڙڪ لارون
ڪري وهن ٿا ته اوچتو آواز ٻڌي هُو ڇِرڪي هيڏانهن
هوڏانهن نهاري ٿو. هن ٻڌو ته گوتم ٻُڌ جي مورتي هن
کي چئي رهي هئي:
”مون کي چوراءِ! مون کي چوراءِ ۽ پنهنجي امڙ جو
علاج ڪراءِ.“ چوريءَ جي ترغيب جو اهو انداز دل ۽
ذهن کي هڪ شديد جهٽڪو رسائي ٿو ۽ درد جون سوٽون
اُڀرڻ لڳن ٿيون.
”خدا بخش ۽ خدا“، عقيدي جا پاڪيزگي ۾ شديد فطري
جنسي تقاضا وچ ۾ ڪشمش جي ڪهاڻي آهي پارسائيءَ جو
غلبو، فطري تقاضا کي پاپ ڄاڻي، ان جي ذريعي کي
هميشه لاءِ نيست و نابود ڪري ٿو ڇڏي. مدرسي ۾ ديني
علم پڙهائيندڙ نوجوان مولويءَ جي جنسي اُمنگن کي
ڳولهي لهڻ ۽ ان تي ضابطو نه حاصل ڪري سگهڻ سببان
خود کي ناڪاره بڻائي ٿو ڇڏي، مگر پوءِ به هُو ذهني
۽ قلبي سڪون ماڻي نٿو سگهي، تهائين وڌيڪ ابتري جو
شڪار ٿي وڃي ٿو.
”تاساري“، جنسي اُڃ سانڍيل ان ڪرڙوڍ عملدار عورت
جي ڪهاڻي آهي جيڪا گهريلو جوابدارين جي ڪري، ان
طرح جي گهرج کي دٻائي ٿي ڇڏي ۽ جوابدارين مان
فراغت حاصل ڪرڻ بعد، وڏي نفسياتي ڇڪتاڻ ۾ مبتلا ٿي
وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته هاڻي هوءَ هميشه پاڻ کي ان جي
غلبي هيٺ محسوس ڪري ٿي ۽ جنسي اُڃ اُجهائڻ جي
ڳولها ۾ پنهنجي ئي اداري جي نوجوان ڊرائيور سان
شادي ڪري ٿي جيڪو سندس اُڃ جو استحصال ڪري کيس
اوڙاهه ۾ اُڇلائي هليو ٿو وڃي.
”جهنگ ننگ آهي“، ماحولياتي سٺاڻ برقرار رکڻ لاءِ
هڪ نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو تڪليفون ۽ مصيبتون
سهي ٿو، پر پنهنجي جهنگ کي وڍڻ نٿو ڏئي.
اهڙي ريت ”بڙ جي ڇانوَ“، ”ڊڀ نه چرسون“، ”پوڍائو“
۽ ”سرچاءُ“ به سماج مان کنيل ڪردارن جي من پيڙائن
جون ڪهاڻيون آهن.
1956ع کان 1961ع جو عرصو جيڪو سائين نذير قاضي جن
جو نوابشاهه ۾ گذريو، اهو ادبي لحاظ کان نهايت
ڀرپور گذريو. نوابشاهه جي ادبي سنگت ۾ سندس انهن
دوستن ۽ شاعرن سان ڪچهريون ٿيون جن بعد ۾ ادبي
دنيا ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪيو، تن ۾ بردو سنڌي، امير
بخش ’نظر سنڌي‘ عالماڻي، نور محمد ’نور‘ عباسي،
قاضي عبدالجليل ’امرجليل‘، گل محمد چنو، عبدالجبار
’قاصر‘ کوسو، احمد علي آرائين ’مفلس‘، قريشي حامد
علي خانائي، معصوم هالائي، قمرالدين ٻگهيو ’قمر
شهباز‘ ۽ ٻيا ڪيترائي اچي وڃن ٿا.
سائين نذير صاحب ادبي سنگت جي اوائلي گڏجاڻين ۾
ڪهاڻيون پڙهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شاعري به پيش ڪندو
هو. اڳتي هلي سائينءَ پنهنجو سڄو زور ۽ توجهه
شاعريءَ تي ڏنو. سندن 60 واري ڏهاڪي ۾ مزاحيه ۽
اصلاحي شاعري ڪيائون جيڪا پڪي پختي لاجواب آهي.
پاڻ موري جي بزمن ’بزم سعيد‘، ’بزم قاسم‘، ’اداره
روح ادب‘، ’عزيز ادب‘ ۽ ٻين بزمن پاران ٿيندڙ طرحي
۽ غير طرحي مشاعرن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. سندن اها
مزاحيه ۽ اصلاحي شاعري 1962ع کان 1964ع تائين
’عبرت‘ اخبار جي ڪالم ’نظري خوش گذري‘ ۾ شايع ٿي،
جنهن ۾ قاضي صاحب جو تخلص ’ن.ق.پاهوڙو‘ هوندو هو.
سائين نذير قاضي جي خوبصورت مزاحيه ۽ اصلاحي
شاعريءَ جون ڪجهه جهلڪيون هتي ڏجن ٿيون:
• پارليامينٽ ۾
ويٺا آهن موج سان بيڪار پارليامينٽ ۾،
منهنجي مٺڙي ملڪ جا ڪي يار پارليامينٽ ۾.
چونڊجي هتئون هليا، تقدير ٺاهڻ قوم جي،
هُت اٿن عهدن سندي اپٽار پارليامينٽ ۾.
چونڊجڻ کان اڳ اوهان ٿي خوب تقريرون ڪيون،
هاڻي ڪئي ڇو ماٺ آ، پارليامينٽ ۾.
پڪ اٿم ’پاهوڙا‘ ٿورو خيال خانن کي ٿيندو،
جي پڙهي ڪوئي سندءِ اشعار پارليامينٽ ۾.
(1962ع)
• مطلب جا يار آهن
کارائيندا نه ڪڏهين کائڻ لاءِ تيار آهن،
مطلب جي آهي دنيا، مطلب جا يار آهن.
هڪڙو آهي غريبي ٻيو هاضمو آ،
ڪيڏانهن وڃان ٻڌايو؟ هڪ ڊزن ٻار آهن.
(6- فيبروري 1963ع)
• عاشق
بنجي عاشق مان پيو آهيان وڏي آزار ۾،
پاسريون ٻئي ڀڳيون هن، سينڊلن جي مار ۾.
کيسا خالي ۽ هليا يار بيڌڙڪ ماڙين مٿي،
خوب ٿي يارن جي مرمت حسن جي بازار ۾.
بيل گاڏي مون به آندي، اي سڄڻ! تو واسطي،
پر رقيبن سان هليو وئين، ڇو چڙهي تون ڪار ۾؟
(3- مارچ 1962)
• امتحان ٿيندو
نهاري جي حسينا ڪا ته، اُلفت جو گمان ٿيندو،
۽ عاشق وٽ انهيءَ دم ئي سندس درڙو نشان ٿيندو.
فراق يار ۾ يارو ڳايان سر ڀيروي ليڪن،
گڏهه جي
هينگ جو پاڙي ۾ سڀڪنهن کي گمان ٿيندو.
(15- جولاءِ 1962ع)
• ڏکيو جهان
هن ڏکئي
جهان ڏاڍي جهان ۾، سڀ جي لاچار ته ڏس،
مفلسي
مسڪين ڪنهن جي، ڪنهن جي زرداري ته ڏس.
جو رُسي ٿو گهر کان، سو عاشق سڏائي ٿو پاڻ کي،
عشق جي وڌندڙ هتي اي يار! بيماري ته ڏس.
سو ڪريو درخواستون پر نوڪري مشڪل ملي،
حال هيڻا جنهن ڪيا سا بک بيڪاري ته ڏس.
ويا وڌي اسڪول ۽ ڪاليج پنهنجي ملڪ ۾،
علم جي هوندي به هِت اونداهه انڌوڪاري ته ڏس.
هَرُ ڏئي، محنت ڪري، تتيون ٿڌيون جيڪي سهي،
جو سدا بکيو رهي، سو، اي سڄڻ هاري ته ڏس.
زن مريدي يار ’پاهوڙا‘ وڌي وئي ملڪ ۾،
مڙس کي تنهن تي نچائي، سابه گهر واري ته ڏس.
(9- سيپٽمبر 1962ع)
• ملامت ئي ڪانهي
گهمي ڏس جهان ۾ صداقت ئي ڪانهي،
ڏنڊو زور آهي، عدالت ئي ڪانهي
جنين غرق ٻيڙو ڪيو قوم جو آ،
’پاهوڙا‘ انهن تي ملامت ئي ڪانهي.
(9- جون 1963ع)
• مون ڇا سمجهيو
ٿلهو ٿنڀرو توکي ڄاڻي پهلوان مون سمجهيو،
نڪري پئين بزدل مٺا، توکي جوان مون سمجهيو.
آ سبب ڪوئي نه ڪوئي، جو سڄڻ تون ٿو ڪرين،
پيار ’پاهوڙي‘ سان پسين بنا مون سمجهيو.
(16- جولاءِ 1963ع)
سائين نذير قاضي مزاحيه شاعريءَ سان گڏوگڏ وائي،
غزل، نظم، آزاد نظم، ٽيڙو ۽ چؤسٽا ۽ ٻين صنفن تي
پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس شاعريءَ جا موضوع ۽
گهاڙيتا نوان ۽ نرالا آهن. معاشري ۾ غريب ۽ امير
جي فرق کي هڪ حساس انسان ڪتاب جي ’اوچي ۽ سادي
ڪاپيءَ‘ ۾ پڻ ڏسي ٿو. سندس نظم ”سوال“ ان موضوع تي
هڪ انوکي تحرير آهي:
”پوءِ ڇو سائين؟“
اوچا ماڻهو
اوچو پنو
اوچي ڪاپي
سادا ماڻهو
سادو پنو
سادي ڪاپي.“
’حرامي ٻار‘ نذير قاضي جن جو هڪ لازوال
آزاد نظم آهي، جنهن ڍير تي اُڇلايل هڪ انساني جان
جي حوالي سان انسانيت ۾ مهذب دنيا کي شاعر للڪاري
ٿو ته:
اوڙي پاڙي هُل مچي ويو
گندي ناليءَ منجهه پيو هو
تازو ڄاول ٻار هُيو سو.
هرڪو سمجهي
هيءُ جو ٻار نئون ڄاول آ،
سو پڪ ٻار حرامي آهي!
ڪنهن هڪ ناريءَ پنهنجي لڄ لٽائڻ کانپوءِ
پنهنجي پاپ لڪائڻ خاطر
هن کي اُڇلايو آهي
اوڙي پاڙي هُل گهڻو آ
ڪوبه هن کي هٿ نٿو لائي،
ائين لڳي ڄڻ پئبو
پاپ جي پيدا پاپ ئي آهي
پاپ کي آخر پاپ ئي چئبو
معصوم ٻالڪ روئي رڙي ٿو
شايد پنهنجي امڙ سڏي ٿو
هن جا چپ به چوسڻ چاهن
پنهنجي امڙ جي ڇاتين کي ٿا
جن ۾ هن لاءِ امرت آهي
ليڪن هن جي ماءُ ڪٿي آ؟
شايد ڪاٿي ستي جتي ٿي ويٺي آهي!!
شاعر سوچي
هن جو نڪ به نڪ جهڙو آ
منهن مهانڊو ٻارن وانگيان
|