سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:9 

 ’وفا‘ منظور چوهاڻ

 

 

 

کيئلداس ’فاني‘ جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري

 

شاعر، ماحول جو چترڪار آهي، شاعريءَ ۾ منظرنگاري ڪئي ويندي آهي ۽ اها اظهار جي هڪ سٺي، سولي ۽ بهترين ڪوشش آهي، جنهن سان شاعر پنهنجي ذهني ۽ جذباتي احساسن کي فوڪس ڪري پڙهندڙ تي تصويري عڪس ڇڏي ويندو آهي.

منظرنگاري جي فن بابت راز شر پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ منظر نگاري“ (ايم.اي لاءِ مونوگراف) ۾ لکيو آهي ته:

”شاعر، پنهنجي تجربن جي اظهار لاءِ مختلف وسيلن کي ڪم آڻي ٿو، گويه شاعر جي تخليقي شخصيت، انساني تجربن جو طلسمي خزانو آهي، هو جن وارداتن کان متاثر ٿئي ٿو، اهي هڪ حساس ۽ مشاهداتي ذهن هئڻ جي ناتي قبول ڪندو رهي ٿو، جيڪي تجربا شخصيت تي وڌيڪ اثرانداز ٿين ٿا، اهي ڪنهن نه ڪنهن ريت لفظي تصوير وٺي ظاهر ٿين ٿا. تجربن جون اهي لفظي تصويرون جيڪي شاعر پنهنجي فطين ذهن ۽ ڏاهپ واري فطرت جي اڀياس مان حاصل ڪري ٿو، سي منظرنگاري يا منظرڪشي چوائن ٿا. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ته محسوسات ۽ تجربن جو تصويري بيان منظرنگاري آهي(1).“

ان ڪسوٽيءَ تي دنيا جي مختلف ٻولين جي تخليقڪارن منظرنگاريءَ جي استعمال کي بهتر اظهار جو هڪ وسيلو سمجهندي، ان کي وڏي ترقي ڏياري آهي. ”اها به هڪ چِٽي حقيقت آهي ته ادب ۽ خصوصن شاعري دنيا جي هر ٻولي ۾ موجود آهي. پوءِ توڙي اها ٻولي لکي ويندي هجي يا نه. ساڳئي ريت هر علائقو ۽ ملڪ پنهنجي ضرورتن ۽ آبهوا جي لحاظ کان قدرتي منظرن سان ڳتيو پيو آهي. ضرورت ان اک جي آهي، جيڪا انهن نظارن کي پنهنجي ڪئميرا ۾ فلمبند ڪري(2).“

ڏٺو وڃي ته اسان جي پياري سنڌ ڌرتي به اهڙن بيشمار قدرتي منظرن سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ ميداني علائقا، ريگستاني، جابلو ۽ پهاڙي هر قسم جا علائقا اچي وڃن ٿا، جيڪي پنهنجي فطري منظرنگاريءَ جي نادر شاهدي ڏيئي رهيا آهن. اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ به سٺا، سهڻا ۽ وڻندڙ مثال موجود آهن. آڳاٽي توڙي هاڻوڪي شاعريءَ ۾ سنڌ جي شاعرن ان فيلڊ ۾ خوب ملهايو آهي. سندس شاعري حسين رنگارنگي منظرن جو اعليٰ مثال آهي. شاهه ڀٽائيءَ جو سارو ڪلام ته اهڙن منظرن سان ڀريو پيو آهي، جيڪو شاهه ڀٽائيءَ کي منظرنگاريءَ ۾ وڏي ۾ وڏو شاعر ثابت ڪري رهيو آهي. تنهن کان پوءِ سچل، سامي، مولانا تاج محمود امروٽي، مير علي نواز علوي، شيخ اياز، نثار بزمي، رحمت الله ’شوق‘
شڪارپوري، استاد بخاري ۽ ٻين جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري جو نمونو ڏيئي سگهجي ٿو.

ساڳئي صنف تي ورهاڱي کان اڳ جي دور ۾ ڪشنچند ’بيوس‘ ۽ کيئلداس ’فاني‘ وليرام بيگواڻي جو به نالو نمايان نظر اچي ٿو. شاعر کيئلداس وليرام بيگواڻي ’فاني‘ پنهنجي مشاهداتي سگهه ۽ تجربي وسيلي اسان کي ڪهڙيون تصويرون ڪڍي ڏنيون آهن، هتي انهن تصويرن جي ٻولي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرين هن استاد ڪوي بابت ڪجهه وڏن شاعرن ۽ ليکڪن جا رايا ڏجن ته هُو هن شاعر بابت ڇا ٿا لکن.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب

”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته، ”کيئلداس فاني جي شاعريءَ به بيوس جي شاعريءَ جي مرهونِ منت آهي. هُو دکايل وانگر رڳو طرزن تي شعر مرتب ڪونه ٿو ڪري، پر هُو هڪ مفڪر شاعر آهي، هن کي جيڪي نظريا آهن، تن جو گنڀيرتا سان بيان ڪري ٿو. فانيءَ جو شعر فڪر، لفظن جي استعمال ۽ موسيقيت ڪري جديد شاعريءَ ۾ نهايت پيارو ڪلام آهي (3).“

شيخ اياز پنهنجي استاد کيئلداس فاني بابت (جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي) ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:

فاني لفظن جو سنگتراش آهي. انهن کي گهڙي، ڇلي، مهٽي سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾ مجسم ڪندو رهيو آهي. فانيءَ جون ڪي سِٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون، سندس لفظ خوبصورت ڄار آهن، جن ۾ هُو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو(4).“

حقيقت ۾ شيخ اياز جا اهي لفظ کيئلداس فانيءَ کي مصور جي حيثيت ۾ ثابت ڪري رهيا آهن. جڏهن ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته آرٽسٽ کان علاوه شاعر به مصور ٿي سگهي ٿو، ڇو ته جيڪو ڪم آرٽسٽ نٿو ڪري سگهي، اهو هڪ شاعر پنهنجي لفظن جي خوبصورتيءَ سان ڪري ڏيکاري ٿو. مثال طور هڪ فوٽوگرافر يا مصور هڪ هلندڙ شيءِ جو فوٽو ڪڍي ٿو ته ان مان صرف هلڻ جو نمونو نروار ٿئي ٿو، پر هڪ شاعر جي مصوري سبب اها هلندڙ شيءِ تصوراتي طور تي ساڳئي هلندڙ نموني ۾ ائين ڏسڻ ۾ ايندي جو ڄڻ ته اها شيءِ هوبهو اکين آڏو هلندي رهي ٿي، ان مان واضح ٿو ٿئي ته شاعر جي مصوري، فوٽوگرافر جي ڪم کان مٿانهين آهي.

ان ڏس ۾ کيئلداس فانيءَ جي شاعري به قدرتي رنگن ۽ نظارن سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ هر ڳالهه جي مشاهداتي تصوير بيان ٿيل آهي، جيڪو اسان جي سنڌ ڌرتيءَ سان محبت جو بهترين اظهار به آهي، جنهن ۾ ورهاڱي کان پوءِ واري عڪاسي، سنڌي هندن جي مجبوريءَ واري صورت ۾ صاف نظر اچي رهي آهي، جنهن ۾ هُو مارئي وانگر قيد ۾ بند آهن ۽ کين حالتن کان آزادي ملي ته هُو پنهنجي وطن ڏانهن موٽي اچن. اهڙو اظهار شاهه صاحب، مارئيءَ جي روپ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي ته:

جيها جي تيها، مون مارو مڃيا،

مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميها،

منهنجي آهه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

ساڳئي ڳالهه کيئلداس ’فاني‘ وري هيئن بيان ڪئي آهي:

کڻي نيڻ مونن مان مون ڏي نهاري،

هڻي تير طعنن جا ڇڏ ڏيل ڏاري،

وطن کان سگهيا جي سگهو ساهه واري،

جڏو جيءُ جياري آيا ملڪ ماري،

تون هڪ مارئيءَ کي امر آ بڻايو،

لکين ماريُن هت وطن ڪيئن وڃايو.

هيٺئين نظم ۾ مٿين ڳالهه جي عڪاسي چِٽي نظر اچي ٿي.

او منهنجا وطن دلدار وطن،

ڪيا ڪيڏا ڀلائڻ جا مون جتن،

لڳي لنءُ لنءُ ۾ آهي اهڙي لگن،

ڀُل کان نه ڀلن اهي ڀاڻ ڀون،

ڪوشش مون ڪئي ويرٿ سا وئي،

ڳاريندي رهي ڪرمن جي ڪئي،

او منهنجا وطن دلدار وطن.

”هڪ سٺي منظرنگار لاءِ اهو ضروري هوندو آهي ته هُو پنهنجي شاعريءَ ۾ صرف انهن منظرن جو ذڪر ڪري، جيڪي هن جي مشاهدي مان گذريا هجن. هُو صرف ٻڌل ڳالهين ۽ ڪتابي اڀياس تي اڪتفا نه ڪري، ورنه ان منظرنگاريءَ ۾ خاميون رهجي وينديون(5).“

کيئلداس فاني به اهڙن اصولن جي خوب پوئواري ڪئي آهي، سندس هن شعر ۾ چنڊ ۽ ستارن جي روشنيءَ جي منظرنگاري ڪجهه اهڙي حقيقت سان بيان ٿيل آهي، جنهن ۾ ستارن جي روشني چنڊ جي نڪرڻ ساڻ جَهڪي ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ اسان کي چنڊ هوندي ستارن جي روشنيءَ جي ضرورت گهٽ محسوس ٿئي ٿي.

تارا تنهنجي لاٽ، کسجي ويندي کَنَ ۾،

هڻندءِ چنڊ چماٽ، ڪِري پوندين پٽ تي.

’فاني‘ پنهنجي شاعريءَ ۾ تشبيهن ۽ استعارن  کي به استعمال ڪيو آهي، هن پاڻي جي وهندڙ منظر کي ڪهڙي نه خوبصورت تشبيهه ذريعي بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ چوي ٿو ته،

هر گهڙي ڳوڙهن جي وهندڙ تار کي،

يار پاڻي جي رواني ٿا چون.

هن شعر ۾ لطف اندوزيءَ جو وڏو مقصد سمايل آهي، جنهن ۾ منظرنگار اهڙي ته خوبصورتيءَ سان استعارن ذريعي نُقطا بيان ڪري ويو آهي، جيڪي هڪ شعر ۾ ٻه نقطا بيان ڪرڻ ڪو فانيءَ کان سکي.

داڻو داڻي سان مِلي، سڏجي ٿو هڪ سنگ،

بوندون بوندن سان مِلي، سڏجن ٿيون سارنگ،

اهڙو شال اُمنگ، جاڳي هر جاتيءَ ۾.

يا هيءُ شعر به ان جو مثال آهي، جنهن ۾ سال جي چئن مندن کي، رات جي پهرن سان تشبيهه ڏني وئي آهي.

چارئي پهر رات جا، مون لئه چئن مندن جيئن گذرن،

پاسا بدلائيندي ڄڻ ٿو سارو سال نڀايان،

آس نراشا، چنتا چاهه جا من اُڌما اُڀرن،

سک قسمت ۾ ناهي، مان ٿو دک سان روح ريجهايان

هنن شعرن ۾ سرءُ جي گرم ۽ پن ڇڻ واري مند جو تصور اُڀري ٿو.

بادلو وسندا رهو منهنجي ئي وڻ تي،

باغ ڀل ٻيو سرءُ سڀ ساڙي سڪائي.

 

هوا لڳي ته ڪري پونداسين،

ٻئي هنڌ وري وڃي وسنداسين،

ساهه سرءُ جي جهڙپ سڪايو،

ليٽي پيٽي پر اُٿنداسين

کيئلداس ’فاني‘ جيئن ته ڳوٺاڻي ماحول ۾ ڄائو، نپنو هو ۽ سندس ميان جو ڳوٺ به اهڙن قدرتي منظرن جو مثال هو، جنهن ۾ هڪ طرف پوکن ۽ فصلن جي ساوڪ، من موهيندڙ نظارا پيش ڪري رهيا هئا ته وري ٻئي طرف ننڍن ننڍن واهن ۾ تڙڳندڙ ٻار، ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ قسمين قسمين پکين جو اچڻ ۽ مِٺيون لاتيون لنوڻ ۽ شام جو مال جو ورڻ ۽ انهن جي ڳچيءَ ۾ پيل چڙن ۽ ٽلين جو آواز دل کي سرود پهچائيندڙ منظر هئا، انهن سڀني ڳالهين کان علاوه ميان جي ڳوٺ ۾ ادبي ماحول جو ملڻ فانيءَ جي شاعريءَ تي به اهڙو اثر ڇڏيو، جنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻي ماحول جو هجڻ لازمي ڳالهه آهي، هن شعر ۾ ساوڻ جي مينهن جي عڪاسي ٿيل آهي:

اڄ سو وارُ وري آيو،

پاڻي پنبڙين تي تري آيو،

پَلَ ڇا سال سڄو سري آيو،

ٻُجهي نه من جي پياس،

دل ۾ آهه دلاسو آس

يا هن شعر ۾ پکين جي مٺڙين لاتين جي ٻولي هن طرح بيان ڪئي اٿس:

هُن ڀر هوا اندر جا گهُو گهُو،

هِن ڀر کڄي اچي ٿي هُو هُو،

ڪونج اها سڀ تنهنجي ڪُو ڪُو،

کـــــينـــــچـــــــي هـــــــــوش حـــــــــواس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

مطلب ته کيئلداس ’فاني‘ جي شاعري سندس شخصيت وانگر معصوم ماٺي ۽ گهري آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ لفظن جي رنگين منظرن ۾ وڃائبو وڃي، سندس خوبصورت پسمنظر ۾ چيل شعر سان هن مقالي کي پورو ڪجي ٿو ته:

جو ڪوڙو ڪين لڳندو سچ نه هوندو،

جو ڦينگن سان وسامي مچ نه هوندو.

 

حياتي آهه شيشي ٽاڪئين جيان،

جو پرزا ٿي به ڳنڍبو ڪچ نه هوندو.

 

مددي ڪتاب

  1. شاهه لطيف جي شاعري ۾ منظرنگاري، 1995ع، راز شر، (ايم.اي مونوگراف)، ڪراچي، مشعل اڪيڊمي، (ڇاپو پهريون).

  2. شاهه لطيف مصور جي روپ ۾، ليکڪ: پروفيسر مظهر علي قريشي، 1- مارچ کان 22- مارچ 1992ع، هفتيوار وينجهار.

  3. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، 1983ع، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، حيدرآباد، زيب ادبي مرڪز، (ڇاپو ٻيو).

  4. جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، 1987ع، شيخ اياز، ص 143،  الهاس نگر، ساهت سڀا پبليڪيشن.

  5. اياز ۾ منظرنگاري، تاجل بيوس، شيخ اياز نمبر، ماهوار سهڻي، مارچ 1990ع.

  6. کيئلداس فاني، 1995ع، سمنڊ سمايو بوند ۾، مرتب: انورفگار هڪڙو، سنڌي ادبي بورڊ، (ڇاپو پهريون).

نئون ڪتاب

 

 

ڪتاب: تڪراري مفصل سنڌي لغت جو تنقيدي جائزو

مصنف: عبدالڪريم ”آزاد“ سميجو

قيمت: -/200 رپيا

ڇپائيندڙ: تعليم ۽ تعمير فائونڊيشن سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org