سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1966ع

مضمون

صفحو :11

 

آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!

(غ.م.گ)

 

پروفيسر احسان بدوي

سنڌ جي نوجوان، اديب ۽ شاعر، پرويفسر احسان بدويءَ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ 22_ نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.

مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب ۽ اهل قلم پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمت جو سلسلو، پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.

اسان، مارچ 1926ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1945ع ۾ سي.ايس. گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.

19646ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصلڪرڻ وارن شاگردن تي زور آندو ته هو ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ ويو، ۽ اتي ايس.ايم.ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي.اي. آنرس پرشن ۾ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.

تعليم جي دۇر ۾، شمس العلماء علامه دائود پوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي.اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو. علم ۽ ادب سان چاهه هئڻ جي ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ جلدي دل برداشته ٿي پيو.

هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪئي. ان سلسلي ۾ هي پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪئي. ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پڻ ڪيائين.

آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسپال، ايس.ايم. ڪاليج ڪراچيءَ، هاڻي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خرباد چئي، ايس.ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ بااخلاق استاد جي حيثيت سان پندرهن سال خدمت ڪيائين.

علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾، مهراڻ رسالي، ۽ نئين زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا اهن. نثر سان گڏ شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي والد وٽان وديعت ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو، رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.

سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو هميشه ”سنڌي ادبي سنگت“ سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو آيو.

تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. 1_ تنقيد ۽ تنقيد نگاري 2_ ڊان ويسٽ 3_ انقلاب جو فلسفو 4_ منتخب ڪلام سانگي 5_ ڪرامازوف ۽ سندس ڀائر.

سندس انداز بيان، سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو آهي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.

سندس مقالات جو مجموعو سندس والد جناب لطف الله بدوي جمع ڪري رهيو آهي. دعا  آهي ته رب ڪريم شال سندس مغفرت فرمائي ۽ سندس عزيزن بالاخصوص والدين ۽ سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جي تويفق عطا فرمائي: انا لله وانا اليہ راجعون.

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا

سنڌي ادب جي برک ليکڪ ۽ صوفي اهل قلم پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا، شڪارپور ۾ 30_ ڊسمبر 1965ع تي پرلوڪ پڌرايو.

پاڻ شڪارپور ۾ 1898ع ۾، هڪ مشهور شاهاڻي خاندان ۾ جنم ورتائين. اڃا اٺن ورهين جي ڄمار جو هو ته سندس والده وفات ڪئي. والده جي وفات کانپوءِ، سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آيو. سندس  خيال ويدانتي ۽ صوفياڻا هئا. ننڍي عمر کان وٺي، صوفين، درويشن، سامين ۽ جوڳين جي سنگت ۾ رهي، پاڻ ۾ روحاني رنگ پيدا ڪيائين. صوفين ۽ درويشن جي صحبت جي اثر ڪري اجائي ٺٺ ٺانگر ۽ شان شوڪت کان هميسه بيزار رهيو. شاهوڪارشاهيءَ  کان  نفرت هوندي هيس، ۽ طبيعت سادگيءَ ۽ فقيريءَ ڏانهن مائل هيس.

1913ع ۾، شڪارپور ايڪڊميءَ مان بمبئيءَ جي ميٽرڪ پاس ڪيائين، ۽ 1919ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾، بمبئي يونيورسٽيءَ جي بي.اي. پاس ڪيائين، ان کان پوءِ ستت، برهمچريه هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ هيڊ ماستر ٿي ڪم شروع ڪيائين. اتي ٻه سال ساندهه رهيو. ان کان پوءِ قومي اسڪول ۾ ٻياٻه سال ڪم ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کان پوءِ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو جو وائيس پرنسپال مقرر ٿيو.

سندس علمي ۽ ادبي زندگيءَ جو آغاز رسالي ”سنڌوءَ“ کان ٿيو. پاڻ ”سنڌو4“ جي شروعاتي ڇهن مهينن تائين، 1930ع ۾، ايڊيٽر ٿي رهيو.

ان کان پوءِ روهڙيءَ مان هڪ ماهوار اخبار ”روشني وڌيڪ روشني“ ڪڍيائين. ان جو به ڇهه مهينا کن ايڊيٽر ٿي رهيو.

سندس لکيتن جو ٻيو دۇر ”مهراڻ“ جي قديم دۇر 1946ع کان شروع ٿيو. 1947ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ”سا.ئين قطب شاهه جهانيه پوٽه“ شايع ٿيو. اهو ڪتاب سنڌي ادب ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان ۾ تصوف ۽ ويدانت جي اپٽار نهايت سليس ۽ وجد آور انداز ۾ ڪيل آهي. سندس قلم جي جولاني، ۽ خيال جي رواني درياءُ جي اٿل وانگر آهي.

ان بعد ورهاڱي کان پو3، جڏهن 1955ع ۾ ”مهراڻ“ رسالي جو ٻيو دۇر شروع ٿيو، تڏهن پاڻ مستقل طور سان ”ادب لطيف“ جي عنوان هيٺ بهترين علمي مضمون لکندو رهيو. ”ادب لطيف“ ۾ زندگيءَ جي گونان گون مسئلن کي ٽئگور ۽ خليل جبران جي اسلوب ۽ انداز ۾ بيان ڪندو رهيو. سندن انهن ”ادب لطيف“ وارن شهپارن جو جرمني زبان ۾ ترجمو ٿيو، ۽ اتي جي ريڊيو استيسن تان وقت بوقت نشر ڪيو ويو. ساڳيءَ طرح سندس اهي مضمون آمريڪا ۽ جرمنيءَ ۾  انگريزي ۽ جرمن زبانن ۾ پڻ شايع ڪيا ويا.

ان طرح سندس مضمون مشهور سالن_شاعر حيدرآباد، مارئي حيدرآباد، فردوس هالا، نئين زندگي ڪراچي، اديون ڪراچي، روح رهاڻ حيدرآباد، کان سوا3، روزانه ”عبرت“ ۾ شايع ٿيندا رهيا. سندس مقالن جي گڏ ڪرڻ جو ڪم، سندس فرزند پروفيسر لجپت ڪري رهيو آهي.

1964ع ۾ سندس ٻيو ڪتاب، ”ايسر آکاڻي“ شايع ٿيو. جنهن تي ”پاڪستان رائٽرس گلڊ“ پاران ٻه سئو رپيا انعام مليو. اهو ڪتاب پنهنجي مواد توڙي پيشڪش جي لحاظ سان شاهڪار آهي. سندس انداز بيان جي جدت ۽ ندرت، تتبع ۽ تقليد کان بالا آهي.

ان سلسلي ۾، آخري وقت تائين، ”ساميءَ“ جي شخصيت ۽ شلوڪن تي ڪم ڪندو رهيو. اٽڪل چار هزار کن سلوڪ گڏ ڪيائين. انهن جي صحت ۽ سمجهاڻيءَ لاءِ سالن جا سال محنت ڪندو رهيو. افسوس جو اهو شاهڪار مڪمل نه ٿيو آهي. پنهنجي پويان لائق فرزند پروفيسر لجپ گاڌي ۽ پوٽو  نريندر ڇڏيو اٿس.

پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز فار رليجن جو ميمبر به ٿي رهيو ۽ 1964ع ۾ فلاسافيڪل ڪانگريس حيدرآباد ۾ مستقل ڊيليگيٽ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي، فلاسافيءَ تي علمي مقالو پيش ڪيو هئائين، جنهن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

30_ ڊسمبر 1965ع تي، تمام ٿوري علالت کان پوءِ هن فاني دنيا کي ڇڏي  وڃي سرڳواس ٿيا.

ساڌو واسواڻي

سنڌ جو مشهور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مهاپرش، ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي 16_ جنوري 1966ع تي پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو.

ساڌو واسواڻي جي عالمانه شخصيت، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس نام ۽ پيغام کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا وافف هئا.

1940ع ۾ هڪ آمريڪي عالم ۽ سياح، پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آهن__ تاج محل، جامع مسجد ۽ اجنتا. ان طرح ٽن ماڻهن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني اهي، رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي. اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.

ساڌو واسواڻي، 25_ نومبر 1879ع تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم ۾ مستغرق رهندي آئي. مزهب جي سلسلي ۾ سڀني مذهبن جو مطالعو ڪري انهن جي صالح ۽ تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا.

سندس اوائلي زندگي، تعليم ۽ اخلاقي اصلاح سان شروع ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ پاڻ وڪٽوريا ڪاليج ڪوچ بهار، مهيندرا ڪاليج پٽيالا، ديالسنگ ڪاليج لاهور جو پرنسپال ٿي رهيو آهي. ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس شهرت ۽ عزت، يورپ تائين پهچي چڪي هئي. ان زماني ۾ پاڻ، بين الاقوامي مذهبي ڪانفرنس برلن جي دعوت تي يورپ ويو، اتي ماديات ۽ لامذهبيت جي خلاف اخلاق ۽ روهانيت، پاڪيزگيءَ ۽ صلح پسنديءَ تي، پر اثر ۽ رقت انگيز تقريرون ڪيائين. ان وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ فلاسافيءَ جو پروفيسر هو.

1909ع ۾ يورپ جي مختلف علمي ادارن ۽ عالمي سوسائٽين پاران، مليل دعوت تي مختلف ملڪن ۾ تقريرون ڪيائين. سنس تقرير ۾ ويدانت ۽ تصوف جو عجيب سنگم هوندو هو. هو پريم ڀڳت هو، تنهنڪري سنسد ڪلام ۾ بجليءَ جهڙو تاثير هو. سنس اصلاحي تقريرن، يورپ جي وڏن وڏن عالمن کي روحانيت ڏانهن قريب آندو.

1920ع کان ملڪ جي آزاديءَ جي تحريڪن، ڪانگريس ۽ خلافت ۾ بهرو وٺن لڳو.

خلافت جي پاران،  انگريزن سان ”قطع تعلقات“ جي جڏهن تحريڪ شروع ٿي، تڏهن پاڻ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾ پروفيسر هو. ان سلسلي ۾ جا وڏي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنهن جو پريزيڊنٽ ساڌو واسواڻي هو. ان ڪانفرنس ۾ مڪل جي سڀني ليڊرن__ گانڌي، محمد علي، موتي لال نهرو، شوڪت علي، موالنا آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تقريرون ڪيون.

اڳتي هلي، ”ينگ انڊيا“، ۽ ”هريجن“ اخبارن ۾، جي گانڌيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿينديون هيون، تن جي پهرين  پيجن تي ساڌو واسواڻيءَ جا مضمون ڇپبا رهيا.

ان سلسلي ۾ ”الوحيد“ ڪراچيءَ ۾ سندس ڪافي مضمون ڇپيا، جن ۾ قرآن ۽ حديث ۽ تاريخ جي دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريائين ته هن سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وڍائن مسلمانن جو مذهبي فرض آهي.

1932ع ۾ استعفا ڏيئي ”ميران“ جي نالي ۾ اصلاحي ۽ تعليمي تحريڪ شروع ڪيائين. سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽ پريم ڀڳتي4 وارا هئا. هو تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو، ان هوندي به هو مدي خارج رسمن ۽ خيالن کي چنبڙي پوڻ جي خلاف هو. هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، ”ميران“ ٻائيءَ کي مثالي ۽ آدرشي آئينو بنائي ڪم شروع ڪيو. سندس اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به روحانيت ۽ پاڪيزگي، انسانذات جي محبت ۽ خدمت، مساوات ۽ اخوت تي هڪ روحاني رنگ ۾ رتل نصاب ۽  نظام هلايو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جو ”ميران“ اسڪول هڪ آدرشي اسڪول شمار ڪيو ويو آهي، جو ساڌو  واسواڻي، ورهاڱي تائين هلائيندو رهيو.

1949ع ۾  ساڌو واسواڻيءَ پوني ۾، سنڌ وانگر ”ميران“ آدرشي اسڪول کوليا. ان سلسلي ۾ ميران ٻالمندر، ميران هاءِ اسڪول، ميران اليج، ميران ناري شالا، ميران اسپتال، تعريف جي لائق آهن.

ساڌو واسواڻي، علم ۽ خيال، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال هو، تنهنڪري سندس ادارن ڪڏهن به مالي مشڪلات ڪانه ڏٺي.

سندس ادارن لاءِ، سندس جنم دن 25_ نومبر تي هر  سال ڳوٿري پيش ٿيندي هئي. پهرئين ڀيري، پنجويهن هزارن جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، پر کين مليا ٽيتاليهه هزار: ٻئي سال پنجهٺ هزار، ۽ ٽئين سال هڪ لک کان به مٿي، چوٿين سال اڍائي لکن کان مٿي. اهي رقمون، يورپ، جپان ۽ آمريڪا مان گڏ ٿيون. سنڌين ۽ ڀارتي هندن پاران امداد ون الڳ مليون.

سندس ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جيئن “A Wake Young India”، جي سندس يورپ مان اپسيءَ تي مدراس جي مشهور Ganesh & Co ڇپايا.

ساڌو واسواڻي، ڇهاسي ورهين جي ڄمار ۾، 16_ جنوري 1966ع تي سرڳواسي ٿي ويو. شال سندس علم ۽ خيال جي دنيا مان انسانذات، سونهن ۽ سوڀيا،  پيار ۽ پريم، امن ۽ صلح جو رنگ حاصل ڪري.

سندس خيال، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾  ننڍڙو رسالو ”سنت مالا“ اڄ تائين هلندو ٿو اچي. ان ۾ سنسد لام، ”نوري“ ۽ ”نماڻي“، تخلص سان شايع ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ ساڌو واسواڻي هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن پنهنجي ساري حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي.

يار محمد ٽانوري

سنڌ جو پراڻو اديب، شاعر، قومي ورڪر ۽ صحافي، جناب يار محمد ٽانوري، جمعي جي ڏينهن 20_ مئي 1966ع تي، دل ٽٽڻ جي ڪري، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. انا الله وانا اليہ راجعون.

مرحوم مغفور هڪ علم دوست ۽ اهل قلم بزرگ هو. سنڌ جي پراڻن آثارن مان هڪ شاندار مثال هو. سنسد شعر و شاعريءَ جي تربيت، سنڌ جي مشهور عالم ۽ ادي، جناب حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم ڪئي.

سندس ڪلام سنڌ جي جهونن رسالن توڙي اخبارن_ اسلامي دنيا، اسلامي زندگي، الوحيد ۽ اصلاح_ ڪراچيءَ ۾ ڪافي شايع ٿيل آهي.

پاڻ ڳچ عرصو، روزانه الوحيد ۾ به ڪم ڪيائين.

وطن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾،  خلافت تحريڪ ۾ هڪ سرويچ سپاهيءَ جي حيثيت  سان  شامل رهيو، ۽وڏين وڏين ڪانفرنسن جي انتظامي ڪمن ۾، سندس جانفشاني ۽ جدوجهد تعريف جي لائق آهي.

ان طرح مسلم ليگ تحريڪ ۾ به سڀ کان اڳرو رهيو. اخري وقت تائين وطن جي محبت ۾ سرشار رهيو.

ادبي مجلسن ۾، جمعيت الشعراء سنڌ، بزم طالب المولا سنڌ، کان سواءِ، بزم نظامي، بزم سرشار ۽ بزم حڪيم کي هلائيندو آيو.

سندس جنازي نماز ۾ مسٽر جي.ايم.سيد، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ ڪيترن مقامي اديبن، عالمن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. دعا آهي ته رب ڪريم شال کيس مرهي، ۽ سندس اولاد ۽ عيال کي صبر جميل جي توفيق عنايت فرمائي.

علامه نياز فتحپوري

اردو ادب ۽ زبان جي نامور اديب، ممتاز عالم ۽ محقق،  صحافي ۽ نقاد، مهانامه نگار جي مدير اعليٰ نياز فتحپوريءَ، 24_مئي 1966ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. وفات وقت سندس ايڪاسي سال عمر هئي. مرحوم نياز  گذريل اٺن_نون مهينن کان نڙيءَ جي سرطان ۾ مبتلا هو. گذريل سال نومبر تي سندس آپريشن ٿيو، ۽ سندس صحت  ڪجهه سڌرڻ شروع ٿي، پر اها صحتيابي عارضي ثابت ٿي. آخر 24_ مئي تي وفات ڪيائين.

سندس جنازي سان، سندس عزيزن سان گڏ، ادبي جماعتن، وزيرن، اسيمبلي جي ميمبرن، جماعتن جي سربراهن، آفيسرن، پروفيسرن، استادن، شاگردن ۽ ايڊيٽرن شرڪت ڪئي. سندس پويان هڪ بيوه، ٻه فرزند ۽ ٻه نياڻيون آهن.

علامه نياز، 1884ع ۾، سني گهاٽ، ضلع باره بنڪي ۾ پيدا ٿيو. ان دہر جي نامور عالمن کان علم جي تحصيل ڪري، 1910ع کان علمي زندگيءَ جو آغاز ڪيائين.

سڀ کان اول 1911ع ۾ ”زميندار“ اخبار سان وابسته رهيو. 1911ع ۾ هفتيوار ”توحيد“ جو معاون مدير ٿيو. 1912ع ۽ 1913ع ۾ هفتيوار ”خطيب“ جو قلمي معاون ٿيو. 1919ع ۾ روزانه ”رعيت“ جو چيف ايڊيٽر ٿيو. آخري ۾ فيبروري  1922ع ۾ پنهنجو رسالو ”نگار“ ماهنامو جاري ڪيائين، جو اڄ تائين هلي رهيو آهي.

اڌ صديءَ ۾ پنجٽيهه علمي ۽ ادبي ڪتاب لکيائين، ۽ ”نگار“ جا ڏهه معرڪه آرا ضخيم نمبر شايع ڪيائين، ۽ پورا چوئيتاليهه سال ”نگار“ کي باقاعدي شايع ڪندو آيو. سندس علمي ۽ ادبي، تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا هزارن کان مٿي  آهن.

”نياز“ اردو، فارسي، عربي، ترڪي، هندي ۽ انگيرزي زبان جو عالم هو. مختلف  علوم ۽ فنون ۾ تفسير،  حديث، فقہ، تصوف ، نجوم، نفسيات، علم ڪلام، فلسفه، منطق، لغت، موسيقي، شاعري، تاريخ،  تجويد، انشاء جو وڏو ماهر هو. هڪ اديب ۽ نقاد، محقق ۽ مبصر جي حيثيت سان، برصغير هند_پاڪ ۾ به ”نياز“ کي پنهنجو انفرادي مقام حاصل هو. سندس معيار ۽ مقامي جا تمام ٿورا عالم پيدا ٿيا.

سندس آزد خيال ۽ محققانه طرز تحرير تي مذهبي حلقن پاران نهايت سختگير رد عمل پيدا ٿيو. ان جي پاداش ۾ ”نياز“ ٽيهن سالن تائين هڪ ڪمري ۾ محبوس رهيو، پر آڻ نه مڃيائين. سنس خيالات ۾ ڪو به فرق نه آيو. ديني مسائل جي پيش ڪندي ڪيترا اهڙا اختلافي مسئلا پيدا ڪيائين، جن جي ڪري مٿس ڪفر ۽ الحاد جون فتوائون به آيون. سندس مقابلي ۾ علامه سيد سليمان ندوي،  مولانا، عبدالماجد دريا آبادي، مولانا عرشي امرتسري، ڊاڪٽر تائير، اقبال سليماني، مولانا سعيد احمد اڪبر آبادي، مولانا منظور نعماني، مولانا اسحاق سنديلوي جهڙا محقق ۽ عالم رهيا. آخرڪار وحي ۽ نبوت جي ڪيترن اختلافي مسئلن ۾ رجوع ڪيائين.

سندس ڪتابن ۾: من ويزدان ٻه جلد، استفسارات ٻه جلد، نگارستان، شهاب ڪي سرگذشت مذهب ڪي تاريخ، مذاڪرات نياز، فراست اليد، مالہ و ماعليد، نقاب ڪي بعد، نقشهاي رنگ رنگ، انتقاديات ٻه جلد، شاعر ڪا انجامم، جذبات ڀاشا، جمالستان، مڪتوبات نياز، حسن ڪي عياريان، مشهور ڪتاب آهن. ان طرح چوئيتاليهين سالن جي ”نگار“ ۾، مومن نمبر، پاڪستان نمبر، افساه نمبر، مشرق وسطفيٰ نمبر، مصحفي نمبر، اصناف سخن نمبر، انشائي لطيف نمبر، غالب نمبر، اقبال نمبر، نياز نمبر، اسلام نمبر ۽ نگار جبلي نمبر وغيره نهايت معياري ۽ معلومات افزا آهن.

سندس علمي خدمت جي سلسلي ۾ ڀارت سرڪار پنهنجي ملڪ جو وڏو علمي اعزاز ”پدماڀوشن“ کيس 1962ع ۾ عطا ڪيو.

آخر ۾ پاڪستان ۾ لڏي آيو ۽ اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو. اتي ”نگار“ سان گڏ، ”اردو ادبي بورڊ“ جي لغت لاءِ ڪم ڪندو رهيو.  ان طرح قومي عجائب_ گهر ڪراچي جي لاءِ، هزارها  مخطوطات سان گڏ ڪيترن قلمي ڪتابن ۽ علمي دستاويزن جي ببليو گرايف تيار ڪيائين، ان جو پهريون جلد تيار ٿي چڪو آهي. نياز پڇاڙيءَ تائين، ڏهه_ ٻارهن ڪلاڪ ڪم ڪندو رهيو. بستر مرگ تي به ليٽي ۽ وهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي، مقالا لکندو رهيو. سندس سارو علمي ڪم، هڪ مستقل ايڪڊميءَ جي ڪم کان گهڻو بلند آهي. نياز اهو شخص هو جنهن علم لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. دعا آهي  ته الله کيس مرهي ۽ سندس خطائن تي عفو فرمائي.

عطا حسين شاهه موسوي

سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر ۽ اديب، جناب سيد عطا حسين شاهه موسويءَ، روهڙيءَ ۾ 8_ جون 1966ع تي وفات  فرمائي. انا الله و اناليہ راجعون.

مرحوم  و مغفور، سنڌ جي هڪ بلند پايه سادات خاندان جو  چشم و چراغ هو، ان سان گڏ، هڪ وضعدار ۽ دوست نواز، انشاپرداز اهل قلم هو. سندس انداز بيان نهايت شسته ۽ شائسته، رنگين ۽ شيرين آهي.

پاڻ ساري عمر، تعليم جي خدمت ۾ گذاري، تعليم کاتي جي  هڪ وڏي عهدي تان رٽائرڊ ڪري چڪا هئا.

سندن زندگي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ، عبدالحسين شاهه موسويءَ سان گڏ، نهايت خاموشيءَ سان گذري. پاڻ سهرت تي گمناميءَ کي ترجيح ڏيندا رهيا، ۽ کل خوشيءَ ۾ سڀڪنهن سان ناتو نباهيندا رهيا. هنگامه خيز ۽ جذبات انگيز مسئلن کان هميشه پري رهي، عملي طرح سان علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي اصلاحي خدمت ڪندا آيا.

سندن مقالات جو سلسلو، سنڌي ادب جي سڀني علمي ۽ ادبي رسالن ۽ اخبارن تائين وسيع رهندو آيو آهي.

تاليفات جي سلسلي ۾ سنڌ_سرهاڻ ۽ ڪچ ڪوڏيون_ سنڌي ادب ۾ اسلوب ۽ پيشڪش، مواد ۽  تنوع، جي حيثيت سان شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.

پاڻ وڏا علم دوست ۽ مهمان نواز هئا. سندن علمي ڪتبخاني جا دروازا علم جي پياسن لاءِ هميشه کليل رهيا. اسان سندن وفات حسرت آيات تي، سندن ننڍي ڀاءُ  عبدالحسين شاهه صاحب موسوي ۽ سندن فرزند سيد شفقت حسين شاهه موسوي (سابق صوبائي  ميمبر) ۽ سندن پسماندن سان غم ۾ شريڪ آهيون. رب ڪريم شال کين جنت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سندن پسماندن کي صبر جميل عطا فرمائي.

”گل“ نصرپوري

اي موت! سَنَ ڪو موت پَوَئي! شل مري وڃين!

سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنهنجي پياري شخصيت ۽ من موهڻي مورت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي ورڇي ورهائي، 29_ سيپٽمبر 1925ع تي الوداع ڪري ويو! گل واقعي اسم  يا مسميٰ گل هو. هڪ شريف ۽ ساده دل، با اختلاف ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، هزار خوبين جو مالڪ هو!

اڃا شاخ حيات تي هوُ ”نوشگفته گل“ وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي هو، ته خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمهلائتي جهوٽي، کيس هميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نهوڙي رکيو!

ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. جدوجهد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.

ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀ کان اول، مون سان سندس تعلقات پيدا ٿيا. سندن تحريرن ۽ شعر و شاعري جي اصلاح، ٽن سالن تائين جاري رهي. آخري وقت ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“ سان سندس نيازمندانه تعلقات رهيا، ۽ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۾ دل کولي حصو ورتائين ۽ انهن کان اصلاح ورتائين.

جگر جي خرابيءَ جي سلسلي ۾ وڏي اسپتال ۾ ٽي ڀيرا داخل ٿيو ۽ اتي ٽئين ڀيرا موت سان  مقابل ٿيو.  ٽئي ڀيرا کيس، آڪسيجن ٿئٽر ۾ بند ڪيو ويو. طبع پرسي ۽ نگهداشت جي سلسلي ۾، حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم محمد امين صاحب ”فهيم“ ۽ مان، هر ڀيري اسپتال ۾ ويندا رهياسون. ڊاڪٽرن کي تاڪيد ڪندا رهياسون. دوا دارون جي سلسلي ۾ ڪا به فروگذاشت نه  ڪئي ويئي. سندس غريب مائٽن، اگر تگر گلجي پويان گل ڪيو. ٻه_چار مهينا صحيتاب ٿيو. علم و ادب ۾ سرهاڻ پکيڙيندورهيو، مجلسن ۾ ايندو رهيو، مشاعرن ۾ شعر پڙهندو رهيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو رهيو.

هڪ ڏينهن اوچتو سندس طبيعت وري خراب ٿي، کيس آمريڪن استال  لطيف آباد ۾ داخل ڪيو ويو. هوشيار ڊاڪٽرن جي علاج ۽ تيمارداريءَ سان چوٿون ڀيرو موت جي چنبي مان بچي نڪتو. هلندو رهيو وقت گذاريندو رهيو.

رسالي ”مهراڻ“ لاءِ مرحوم ڪيانيءَ جون تقريرون ترجمو ڪيائين، جي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪيون ويون.

اڃا تائين تقرير هٿ ۾ هئس ته بيماريءَ جي اوچتي حملي جهوري ڪيرائي بستري داخل ڪري وڌس.

علاج جاري رهيو، موسمين جي رس سندس غذا رهي! پر گل کي ته معطر نشونما، ۽ عطربيز چمن واري ماحول جي ضرورت هئي!__ گهر جي تنگ ۽ تايرڪ ڪوٺيءَ ۾ سندس پساهه تي بار پيو. مون ڏانهن خط لکندو رهيو، تاثرات بيان ڪندورهيو، واردات ۽ ڪيفيات جو رنگين وجدانگيز عالم، لفظن جي لباس ۾ مون ڏانهن موڪليندو رهيو. منهنجي تسلي برِ صواب نه ٿي.

29_ سيپٽمبر 1965ع تي پنهنجي پوڙهي پيءُ، غمزده ماءُ، الم نصيب ڀينرن، دلبند ڀائرن کان آخري نموڪلاڻي ڪيائين!__ ۽ سڀني کي ڳر لڳي موڪليائين.

اسان وياسين، ڳوڙها ڳاڙي آياسين! سندس غم نصيب والده جون عرش رسا آهون ۽ دانهون اڄ به عرش عظيم جي دروازن سان ٽڪرائجي رهيون آهن.

نوشگفته گل ائين مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي الله ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه به نه ڏٺائين، اڃا شادي به ڪا نه ڪئي هئائين، سندس مڱڻو ٿيل هو، شاديءَ ۾ اڃا ٻه مهينا دير هئي.

اسان وٽ سندس ڪتاب ”درياءُ  جي ڪپ تي“، سندس شعر ۽ ڪلام جو بياض، مهراڻ رسالي ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ٻه_چار مقالا، سندس ايم.اي ۾ لکيل مقالو، ۽سندس اهي خط، جي مون ڏانهن لکندو رهيو، علمي يادگار طور باقي  رهجي ويا آهن. رهي نام الله ڪا!

ڪَڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻَڌي نينهن جي،

جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،

تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.  (لطيف)

انا لله وانا اليہ راجعون. ”گل“ تو تي الله جي رحمت هجي!

*-------------*---------------*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com