قطبي سمنڊن ۾ ترندڙ برفاني پهاڙن وانگر، علم جو
درخت به، جيترو ظاهر ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ان کان ڪيئن
ڀيرا وڌيڪ اونهو ۽ عميق آهي ۽ جهڙيءَ طرح، پربت
جيڏو ائٽلانٽا جهاز هڪ برفاني ٽڪريءَ کي رواجي
سمجهي، ان جي ڀرسان لنگهندي هيٺين برفاني تهن سان
ٽڪرائجي تباهه ٿي ويو هو، اهڙيءَ طرح علم کي
اڻپورو حاصل ڪري ، ان سان هٿ چراند ڪرڻ واري کي
به، اوس ڀوڳڻو پوندو.
ايءَ گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،
پيهي پاتارن ۾، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.
علامه آءِ ـ آءِ ـ قاضي مرحوم، هڪ دفعي ڪچهريءَ ۾
ويٺي فرمايو ته ”ابا، اصلي علم ته شروع ئي اتان
ٿئي ٿو، جتي حواسن جي پهچ ختم ٿي وڃي ٿي. ظاهر آهي
ته حواسن کان پوءِ ادراڪ، ڪشف ۽ الهام جون ئي
منزلون آهن، جن جي وسيلي حقيقي علم جي تهه تائين
پهچي سگهي ٿو. سو سائين، ڳالهه ٿي ڪيم ته انگريزي
دانن ۽ مولوين جي متڀيدن جي، ته هو هڪٻئي کي هرگز
نه سهندا آهن؛ پر شابس آهي گرامي مرحوم کي، جو هو
صاحب انهيءَ سلسلي ۾ دنيا جي ٻين روشن خيال عالمن
وانگر منهنجي دل ۽ دماغ کي، هميشه صاف سٿرو ۽ اڇو
اجرو رکندو آيو. هو ڪنهن به شخص سان محض انڪري بغض
يا بُعد نه رکندو هو، ته هن جو واسطو ڪنهن ٻئي فڪر
جي مڪتب سان آهي.
جيئن ته گرامي صاحب ۽ مان هت حيدرآباد ۾ رهندڙ
هئاسون، تنهنڪري هڪٻئي کي خط پٽ جي ڪڏهن به ضرورت
ڪانه پئي. هونئن ذري گهٽ ڳوٺائي هئاسين، تنهنڪري
اسان جو هڪٻئي سان اچڻ وڃڻ جو سلسلو هوندو هو.
وقتي لفظي ڏي وٺ به ٿيندي هئي، ته وقتي هڪٻئي سان
چرچا گهٻا به ڪندا هئاسين؛ پر تڏهن به دلين ۾
هڪٻئي لاءِ احترام هو. مرحوم روشن خيال ۽ ترقي
پسند عالم هو، ته مان وري مغرب پڙهيل مذهبي متوالو
هوس، تنهنڪري پاڻ ۾ بحث مباحثا به ٿيندا هئا. جڏهن
پنهنجو منفرد مضمون ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽
رجحانات“ مهراڻ ۾ شايع ڪيائين، ته ٻين مُلن وانگر
مون کي به ٻه ٽڪا خيال ٿي پيو، ته مصنوعي ۽ مفروضي
طرح سان، چوٽيءَ جي اهل الله بزرگن جي معرفت دين
جي مقدس اقدار جي مٽي پليت ڪئي ويئي آهي. گرامي
مرحوم کي الائي ڪئين معلوم ٿيو، ته ڪريم بخش چنه
کي اهو مضمون ڏکيو لڳو آهي، سو مهرباني ڪري
منهنجيءَ جاءِ تي آيو ۽ سڄا سارا ٻه ڪلاڪ، ان
موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. بيشڪ وڏي ظرف جو مالڪ
هو. ڪنهن صاحب کي، پنهنجي سوچ ۽ سمجهه، پنهنجو فڪر
۽ فهم آهي. علم جو واڌارو ٿيندو ئي تڏهن، جڏهن
مختلف رايا ۽ نظريا دنيا ۾ ظاهر ٿين ۽ انهن جي
افاديت پرکڻ جو عام ماڻهن کي موقعو حاصل ٿئي. باغ
۾ الڳ الڳ رنگ ۽ واس وارن گلن جي جهرمر ڪهڙي نه
وڻندڙ لڳندي آهي. ڪندو ڪو اعتراض ته ”هن گلاب کي
موتيي يا رابيل واري ٻاريءَ ۾ ڇو لڳايو ويو آهي؟“
ڪراچي هوٽل، جتي سانجهيءَ ٽاڻي گرامي صاحب جي محفل
مچندي هئي، اڄ تائين اها مخصوص ڪنڊ، جتي دوستن
احبابن سان گڏ چانهيون پيئندي ۽ ڳالهيون ٻولهيون
ڪندي گرامي مرحوم پنهنجون سانجهيون گذاريندو هو،
سا جڏهن خالي ڏسندو آهيان، ته دل مان ارمان جون
آهون ۽ درد جون دانهون نڪري وينديون آهن. ڪهڙو نه
مرڪڻو مور، اسان وٽان موڪلائي ويو آهي. خدا شل
بهشت نصيب ڪريس. آمين
ويا سي وينجهار، هيرا لعل ونڌين جي،
تنين سندا پوئيان، سيهي لهن نه سار،
ڪٽين ڪُٽ لهار، تنين سندي ڀيڻيين.
زيب ڀٽي
مولانا گراميءَ سان گڏجاڻيون
مولانا غلام محمد گرامي مرحوم سان منهنجي پهرين
گڏجاڻي سنه 1960ع ۾ ٿي، جڏهن مون کي سنڌ
يونيورسٽيءَ طرفان سنڌ جي سرهندي سڳورن تي ايم .اي
(سنڌي) لاءِ تحقيقاتي مقالو لکڻ لاءِ مليو. تلڪ
چاڙهي حيدرآباد واري سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾
شمشير الحيدريءَ سان اڳيئي آشنائي هئي، جنهن صلاح
ڏني ته مولانا گراميءَ سان انهيءَ سلسلي ۾ ضرور
ملندو رهه. پاڻ به ٿورو پريان ڪجهه لکڻ ۾ مصروف
هو، جنهن سان شمشير مون کي ملايو. پاڻ نهايت خوش
ٿيو ۽ پڇايائين: ” نوجوان! ڇا لکندو آهين ۽ ڇا
ڇپيو اٿيئي؟“ ٻڌايو مانس ته ڪجهه سالن کان ڪهاڻيون
لکيون اٿم ۽ اڪثر سنڌ جي سڀني رسالن (سواءِ مهراڻ
جي) ۾ ڇپيون آهن. پاڻ مهراڻ لاءِ پڻ ڪهاڻي ڏيڻ
لاءِ چيائين. اهڙيءَ طرح ساڻن گڏجاڻين جو سلسلو
رهندو آيو. مون کي سرهندي بزرگن بابت، دادو ضلعي
جي نقشبندي بزرگن ۽ نقشبندي طريقي تي نهايت
عالمانه اندازي ۾ زباني احوال ڏيندو رهندو هو. مون
کائنس جڏهن وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي فلسفي تي
روشني وجهڻ لاءِ چيو ته مولانا مرحوم نهايت
محققانه ۽ موثر نموني ۾ انهيءَ مسئلي تي بحث ڪيو.
مون سندس خيالات جو جڏهن حضرت پير حافظ محمد هاشم
جان سرهندي مرحوم جن سان ذڪر ڪيو ته پير صاحب جن
سندس عالمانه عظمت جي ڏاڍي تعريف ڪئي.
اهڙيءَ طرح اسان جي گڏجاڻين جا سلسلا جاري رهندا
آيا. ادبي ڪانفرنسن ۽ مشاعرن ۾ مولانا مرحوم سان
ملاقات ٿيندي رهي. جيڪڏهن گهڻو وقت ملڻ نه ٿيندو
هو ته وٽس سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ وڃي ملندو
هوس. مولانا صاحب هڪ بيباڪ مقرر هو. پاڻ ته ڪلاڪن
جا ڪلاڪ ڪچهري به ڪندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ تقرير
به ڪري سگهندو هو. ساڳئي وقت اهي سڀيئي خوبيون
تمام ٿورن ماڻهن ۾ هونديون آهن. ميرپور بٺوري ۾ هڪ
ادبي ڪانفرنس ۾ پاڻ حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي
بٺوري جي بزرگن تي ڳالهائي رهيو هو ته ڪافي پري
وارين ڪرسين تي ويٺل ڪي نوجوان دوست ويٺا هئا.
”پٿر سنڌيءَ“ ٿوري هلڪي هڪل ڪئي ته ”گرامي صاحب!
هاڻي مئلن جون ڳالهيون ڇڏيو.“ پاڻ دوران تقرير،
بنا ڪنهن هٻڪ جي اسٽيج تان جواب ڏنائين ته ”چپ ڪر،
تون پٿر آهين، انسانن جون ڳالهيون سمجهي ڪين
سگهندين!“
ائين چئي پنهنجي تقرير جو تسلسل جاري رکيائين. پاڻ
ڪڏهن به ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيائين. گهڻي ۾ گهڻو
ننڍن کي کلي چوندو هو ته ”وڏا شيطان آهيو.“ ڪن
دوستن کيس چيڙائڻ لاءِ چيو ته سائين قبله مخدوم
طالب الموليٰ توهان کي ايڏو ڪو نه ٿو ڀانئي، جيترو
توهين سمجهو ٿا. مخدوم صاحب توهان کي هميشه پنهنجي
کاٻي طرف ويهاريندو آهي، ته پاڻ مشڪي جواب ڏنائين
ته بابا! دل به ته کاٻي طرف هوندي آهي ۽ چيڙائڻ
وارا لاجواب ٿي ويا.
مهراڻ جي مواد حاصل ڪرڻ ۾ مولانا ذاتي دلچسپي
وٺندو هو. سنڌ جي سڀني اديبن ۽ شاعرن کي مواد
موڪلڻ لاءِ خط به لکندو هو ته روبرو به چوندو هو.
هڪ دفعي لاڙڪاڻي ۾ ڊسمبر 1973ع جي 3-4 تاريخ تي
سنڌي ادبي ڪانفرنس هلي رهي هئي. شام جو وقت هو.
مولانا صاحب ڪنهن دوست جي ڪار ۾ ڪيڏانهن وڃي رهيو
هو. اوچتو مون تي ۽ ڊاڪٽر قيوم ”طراز“ تي نظر پئجي
ويس. گاڏي روڪائي، اسان کي چيايئن ته ”ڪيئن پڪڙجي
پيا. زيب! تون مهراڻ لاءِ ڪا تازي ڪهاڻي ڏي ۽
ڊاڪٽر صاحب ! تون تازو گيت لکي زيب کي ڏي، پاڻهي
مون کي حيدرآباد ڏيئي ويندو.“
اهڙي طرح جڏهن به گرامي صاحب وٽ ويندو هوس، ته
پڇندو هو ته اڄڪلهه ڇا لکيو اٿئي؟ ڪجهه نه ڪجهه ڪو
مضمون يا شعر وغيره لکڻ بابت ٻڌائيندو هوسانس ته
ڏاڍو خوش ٿيندو هو. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مون
مولانا مرحوم کي مهراڻ جي آفيس ۾ هميشہ قلم هٿ ۾
ڏٺو ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهندو هو ۽ لکندي لکندي
ڪچهري به ڪندو رهندو هو.
مولانا مرحوم سان گڏجاڻيون ته گهڻيئي ٿيون، جن مان
مٿين مختصر گڏجاڻين جو ذڪر ڪيو اٿم. ساڻن منهنجي
آخري گڏجاڻي جولاءِ 1976ع ۾ ٻه دفعا ٿي. هڪ سنڌي
ادبي بورڊ جي آفيس ڄامشوري ۾، جتي کيس مهراڻ لاءِ
ڪهاڻيون ڏيڻ جي واعدي موجب، هڪ ڪهاڻي اتي ئي پرڀو
ناشاد وٽ ويهي ڊائريءَ تان اتاري روبرو کيس ڏنم.
باقي هڪ ڪهاڻي ٻئي ڏينهن وٽس حيدرآباد گاڏي کاتي ۾
گهر ڏيڻ ويس. شام جو وقت هو، گرمي به گهڻي هئي.
مون کي گهر ۾ اندر گهرايائين. سندس لئبرريءَ واري
ڪمري ۾ وٽس مرحوم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو وڏو
فرزند، مظهر جتوئي ويٺل هو ۽ پاڻ گوڏ ۽ گنجيءَ سان
هڪ ٽپائي تي لکي رهيو هو ۽ هڪ تمام پراڻي نسخي تان
ڪو حوالو لکي رهيو هو. مون سان ملڻ بعد چيائين،
”زيب! ٻه-ٽي منٽ ترس، آءُ هي حوالو لکي وٺان.“
تيسين مون مولانا مرحوم جي بي انداز فائلن ۽ ڪتابن
ڏانهن ڏسندي ڏسندي جائزو پي ورتو. پوءِ واندو ٿي
خبرون پڇيائين. مون کيس ٻي ڪهاڻي پڻ مهراڻ لاءِ
پيش ڪئي. پاڻ ڏاڍو سرهو ٿيو. چيائين ادا! اصلي
ڪهاڻين جي اسان کي ڏاڍي گهرج هئي. تو ٻه ڪهاڻيون
ڏيئي ڪنهن حد تائين پورائو ڪيو آهي. هاڻي واري
سان ٻئي ڪهاڻيون ڇپينداسين. ان کان پوءِ پاڻ
ٻڌايائين ته ”سنڌي ادب جي تاريخ “ ويٺو لکان. تون
مون کي خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي لکيل ادبي
تاريخن جا پهريان ڇاپا، تو وٽ هجن ته مون کي ڪجهه
وقت لاءِ ڏي. مون ساڻس واعدو ڪيو ته پهريون ڀاڱو
پراڻو مون وٽ آهي، باقي ٻيا ڀاڱا به ڪاليج جي ڪنهن
پراڻي لئبرريءَ مان هٿ ڪري توهان کي ڏيندس. افسوس
جو مرحوم جي اها خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ئي هوس
ته پاڻ اسان کان اوچتو هليو ويو.
بهرحال گرامي هڪ وڏو مقرر ۽ مدبر هو، گرامي هڪ وڏو
محقق ۽ مورخ هو، گرامي هڪ وڏو مفڪر ۽ مدبر هو،
گرامي هڪ وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو ۽ سڀ کان وڌ
گرامي هڪ عظيم انسان هو!
اديبن ۽ فنڪارن جو فرض
”اسان جي اديبن ۽ فنڪارن تي فرض آهي ته هو پنهنجي
’فن ۽ آرٽ‘ ۾ زندگي ۽ روشني پيدا ڪن، سرد دلين ۾
’حدت ۽ حرارت‘ پيدا ڪن، مردهه دلين ۾ زندگيءَ جو
صحتمند خون گرم رکن ۽ پنهنجي فن ۾ حقيقت پسندانه
روح پيدا ڪن.“
--غ .م . گرامي
(مهراڻ: 3-1962ع)
محمد سومار شيخ
سدا بهار شخصيت
محترم غلام محمد گرامي سنڌ جو ”سدا بهار“ اديب ۽
شاعر هو. مرحوم سان پنهنجي ملاقات 1955ع ڌاري
آر-ايڇ- احمد بوڪسيلر ۽ پبلشر جي دڪان تي ٿي هئي.
اُن وقت منهنجو ڪتاب ”آڌي رات“ ڇپجي پڌرو ٿيو هو،
پبلشر صاحب منهنجو گرامي صاحب سان تعارف ڪرايو، ۽
هيڏي وڏي شخصيت واري بزرگ کي، مون پنهنجو ڪتاب
”آڌي رات“ اُتي جو اُتي تحفو ڪري ڏنو ۽ پاڻ ڪتاب
ڏسي بيحد سرهائي محسوس ڪيائون ۽ مون کي همٿايائون،
ته ادبي گهڙن ڀرڻ کان پاڻ کي پاسي نه ٿين لاءِ نه
صرف زور ڏنائون، پر اِهو به چيائون ته اوهان
پنهنجا حلقا پيدا ڪريو ۽ سنڌي علم و ادب جي جيتري
خدمت ٿي سگهي اوتري ڪريو. پوءِ آءُ ساڻس گڏجي،
سندس گهر ويس. پان پنهنجي وسيع لئبرري مون کي
ڏيکاريائون، جنهن ۾ هر قسم جي موضوع جا ڪتاب پيل
هئا. رسالن ۽ اخبارن جا فائل ترتيبوار پيل هئا.
تازو شايع ٿيل ڪتاب چچنامو، جيڪوسندن لئبرريءَ ۾
موجود هو، اهو مون کي تحفي ۾ ڏنائون. انهيءَ کان
پوءِ ، مون کي لئبرريءَ کي وسيع ڪرڻ جو شوق جاڳيو.
جيتوڻيڪ مون وٽ اڳيئي لئبرري هئي، پر لئبرريءَ کي
وڌائڻ جو شوق مون کي گرامي صاحب ڏياريو.
پنهنجي ڪم سانگي، جڏهن به حيدرآباد وڃڻ ٿيندو هو،
تڏهن گرامي صاحب وٽ به ويندو هوس. سندس صحبت مان
مون ڪافي ڪجهه پرايو. حيدرآباد جي ادبي حلقن مان،
جيڪي ماڻهو روح ۾ رهيل آهن، انهن مان گرامي صاحب
سان گڏ محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو،
استاد غلام علي الانا وٽان پڻ ڀيرو ڪندو هوس.
1957ع کان 1959ع تائين، ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ، منهنجو حيدرآباد رهڻ ٿيو. بسنت هال جون
سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون، سنڌي ادب لاءِ نکار
پيدا ڪندڙ هيون. انهن گڏجاڻين ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي
۽ مٿيان بزرگ سنڌي ادبي سنگت جا روح روان هئا.
گرامي صاحب انهن محفلن ۾ وڏي چاهه سان حصو وٺندو
هو ۽ پنهنجي علم کان، نئين نسل کي فيض ياب ڪندو
هو. ان وقت پاڻ ٽماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر هو ۽
شمشير الحيدري اسسٽنٽ ايڊيٽر هو. مهراڻ جي آفيس ۾،
انهن بزرگن وٽ هميشه علم ۽ ادب جي اُڃايلن جو ميڙ
رهندو هو، جنهن ۾ حقير به شامل هو.
1957ع جي پڇاڙيءَ ڌاري، ٽريننگ ڪاليج ۾، اسان
شاگردن هڪ ادبي انجمن کولي هئي، جنهن ۾ ولي محمد
سرشاري، محمد انيس ۽ ٻيا ساٿي هئاسين. استاد ابن
ايلياس سومرو، محمد ابراهيم عباسي ۽ مرحوم استاد
پناهه علي شاهه، علمي ادبي حلقن کي همٿائيندڙن مان
هئا. سنڌ جا مشهور معروف اديب، انهن گڏجاڻين ۾
ڊي-هال ۾ شريڪ ٿيندا هئا، جن ۾ گرامي صاحب به
هوندو هو ۽ تعميراتي تنقيد سان، اسان شاگردن کي
همٿائيندو هو.
ڳالهين ڪندي وقت گذري ويو. حيدرآباد ۾ رهي، سنڌي
ادبي سنگت جي سايي ۾، سنڌي ماڻهن جي ذهنن جي
پرورش ٿي، جنهن ۾ اسان کي به پروڙ پيئي. انهيءَ
قومي ڪم ۾، سنڌ جي عالمن،اديبن، دانشورن وڏو ڪم
ڪيو، جن ۾ مرحوم گرامي صاحب جو نالو سر فهرست هو.
مولانا گرامي، جيئن ته مولوين جي وضع قطع جهڙو
ماڻهو هو؛ پر پاڻ انهيءَ قالب ۾ رهي به، مُلن واري
ڪٽر ذهنيت جي سخت خلاف هو. هن بزرگ پنهنجي سڄي
زندگي، هٿ ٺوڪين مُلن جي خلاف جهاد ۾ گذاري. هن
مذهب اسلام جي روح کان، اسان کي واقف ڪيو، سندن
اهي ديني خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سچ پچ
ته مولانا عبيدالله سنڌيءَ کان پوءِ، ديني خدمتن ۾
سندن اسم گرامي وٺي سگهجي ٿو. حقيقت به هيءَ هئي،
ته پاڻ مولانا سنڌي جا فدائي هئا. پاڻ مولانا
سنڌيءَ جي فڪر ۾ مڪمل رڱيل هئا. مولانا سنڌي جي
تعليم جي روشنيءَ ۾، گرامي صاحب جن قرآن شريف جو
تفسير تيار ڪيو هو، جنهن جو قلمي نسخو محمد عثمان
ڏيپلائيءَ وٽ موجود آهي افسوس هيءُ آهي ته اهو
علمي ۽ ديني صحيفو، اڃا تائين اشاعت جي زيور سان
آراسته ٿي نه سگهيو آهي.
ڪاليج مان موٽڻ کان پوءِ به، مون محترم استاد
گراميءَ کان ناتو ڪونه ڇنيو. پاڻ روپا ماڙيءَ ۾
جيڪي صدارتي خطبا ڏنا هئائين، اُهي اڄ به هينئين ۾
پيا هُرن ۽ پڙاڏو ٿيو ڪَنن ۾ پيا پهچن. جيتوڻيڪ
انهن خطبن ۾ گرامي صاحب اها ڳالهه کنئي هُئي ته
سنڌ تي علاوالدين خلجيءَ ڪاهيوني ڪو نه هو ۽ سنڌ
تي علاوالدين تُرم شيرين ڪاهيو هو. اِهو ساڳيو
نظريو مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو به هو؛ پر ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ ۽ ٻيا صاحب، اصلي حوالن سان دودي
چنيسر جي قصي ۾، علاوالدين خلجيءَ کي سنڌ تي
ڪاهيندڙ ڏيکارين ٿا.خود شاهه صاحب به علاوالدين جي
ڪاهه کي ڳايو آهي. اِهو هڪ علمي بحث هو، جو استاد
غلام محمد گرامي صاحب جي خطبن کان پوءِ ڇڙيو ۽
انهيءَ مان سٺا تاريخي نتيجا اخذ ٿيا.
محترم غلام محمد گرامي لواري شريف ۾ ادبي ڪانفرنس
جو بنياد رکيو ۽ اديب ۽ شاعر، جيڪي لواري شريف
واري سنڌ جي باڪمال صوفي شاعرحضرت خواجه محمد زمان
رحه جي بارگاهه ۾ عقيدت پيش ڪرڻ کان محروم هئا،
انهن کي لواري شريف ۾ گڏ ڪيو ۽ هاڻ اها اديب
ڪانفرنس سال بسال وڏي اهتمام سان ٿيندي اچي.
انهيءَ ڪانفرنس جو پايو وجهندڙ گرامي صاحب جن
هئا. لواري شريف ۾ خواجه صاحب جي شاعريءَ ۽ تصوف
تي ڏنل سندس خطبا ۽ لواري وارن بزرگن جي شان ۾ چيل
سندن شعر لک لهندڙ آهن.
محترم غلام محمد گرامي صاحب پاڪستان رائيٽرس گلڊ
جي اوائلي دور ۾ اُن جو نه صرف سرگرم رُڪن هو؛ پر
اشاعتي ڪاميٽي جو به ميمبر ۽ معاون هو. انهيءَ
اداري جو آءُ به ميمبر هوس. منهنجا ڪيترا مقالا
۽ڪتاب، رائيٽرس گلڊ جي مشوري موجب کيس اڀياس لاءِ
مليل هئا. منهنجا قلمي نسخا نظرثاني لاءِ، گرامي
صاحب وٽ سواءِ ڪنهن اوني جي پيا هوندا هئا ۽ پاڻ
اصلاح ڪريو، اُهي مون کي واپس ڪندا هئا. پڇاڙيءَ
تائين اِها پَرِ رهي. منهنجو لکيل ڪتاب ”گل گامش
سومرو“ وٽن نظرثاني لاءِ ڇڏيل هو، افسوس جو سندن
زندگي بقا نه ڪئي!
منهنجو ڪتاب ”ڪڇين جا قول“ (ڪڇ جي ادبي تاريخ) سنڌ
ادبي بورڊ کيس نظرثاني لاءِ ڏنو هو. انهيءَ کي پاڻ
وڏي پاٻوهه سان ڏٺو هئائون، ۽ انهيءَ ۾ مناسب
درستيون ڪيون هئائون.
بهر صورت منهنجا ساڻس ناتا 1955ع کان وٺي آخر
حياتيءَ تائين رهيا ۽ مون کيس هميشه ”تعميري نقاد“
جي حيثيت سان ڏٺو. سندس قربائتيون رهاڻيون وسرڻ
جون نه آهن.
ادب ۽ جاهليت
’ادب‘ ۽ ’جاهليت‘_ اِهي ٻه متضاد چيزون
آهن.
’ادب‘ زندگيءَ جو معمار ۽ سنواريندڙ آهي،
۽ جاهليت، علم
۽ دانش، فڪر ۽ ارتقا جي دشمن.
_غ. م. گرامي
(مهراڻ :2-3، 1961ع)
قاضي غلام محمد قريشي
حريفان بادها خوردند رفتند
تهي خمخانها کردند رفتند
آهه! مولانا گرامي! هڪ عالم، اديب، شاعر، محقق ۽
مفڪر اسان کان جدا ٿي ويو!
ادب زندگيءَ جو ترجمان آهي. ادبي تخليق ڪندڙ جو
موت، اُنهيءَ زندگي جو موت آهي، جنهن جي هو
ترجماني ڪري ٿو. مولانا صاحب انهيءَ پايي جو اديب
۽ دانشور هو، جنهن پنهنجي علم ۽ فڪر، مطالعي ۽
مشاهدي جي دنيا ۾ پنهنجي توانائي ۽ حوصلي، قوت ۽
وقت جو وڏو حصو صرف ڪيو. هن سماهي ”مهراڻ“ ۾ هر فن
تي مستند ۽ معتبر مواد پيش ڪيو. تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ
ڪري، قارئين تائين ”مهراڻ“ کي اهڙيءَ ريت پهچايو،
جو سنڌ جا ايندڙ نسل هن رسالي ڏانهن علمي ۽ ادبي
تحقيق لاءِ انسائيڪلوپيڊيا جي حيثيت ۾ رجوع ٿيندا
رهندا.
آءُ مولانا گراميءَ جي علمي تبحر جو قائل هوس.
سندس رسالو ”مهراڻ“ هميشه مطالعي ۾ رهيو. عربي ۽
فارسي زبانن جي مطالعي جي ذّوق ڪري، انشا پر
دازيءَ ۾ سلاست ۽ رواني، لذرت ۽ لفظن جي هم
آهنگيءَ ۽ چاشنيءَ جو شائق پئي رهيو آهيان. شاعري
۾ نازڪ خياليءَ ۽ باريڪ بينيءَ، تخيّل جو پرواز ۽
فڪر ِ لطيف پسنديدگيءَ جو سبب پئي رهيو آهي.
انڪري، مولانا صاحب جي تحرير يا تقرير منهنجي خيال
جي نڪته عروج کان ميسارجڻ ناممڪن آهي.
اڄڪلهه سنڌيءَ کي خالص سنڌي بنائڻ جو رجحان گهڻو
نظر پيو اچي ۽ ”آدرش“ ۽ ”سهڪار“ وغيره جهڙن لفظن
جي ڀرمار آهي، تڏهن به مولانا گراميءَ جي انشاءَ
پردازي ۽ خطابت، جيڪا فارسي ۽ عربي آميز لفظن ۽
محاورن تي مشتمل هئي، ان جي چاشني ۽ ميٺاج، پختگي
۽ حسن زياده موثر ۽ وڻندڙ آهي. اسان وٽ اڃا به
عالم، محقق، اديب ۽ شاعر موجود آهن، جيڪي مشرقي
علوم، عربي ۽ فارسي سان آراسته هئڻ سان گڏ، جديد
علوم کان بخوبي واقف آهن. انهن جي ذهني ۽ علمي
صلاحيتن مان فائدي وٺڻ جي سخت ضرورت آهي؛ باقي رخت
ِ سفر ٻڌڻ کان پوءِ، آخري رسمن ادا ڪرڻ، گلن جون
چادرون ۽ اجرڪ چاڙهڻ، ۽ ورسيون ملهائڻ جا ته اسين
ڀڙ آهيون!
مولانا گرامي اهو دانشور، عالم ۽ اديب هو، جنهن
نهايت نازڪ ۽ ڏکئي وقت ۾ ۾ هڪ مصلح ۽ صلح پسند،
امن طلب ۽ ايمان پسند، خيرانديش ۽ مخلص خدمتگذار ۽
خادم خلق جي حيثيت ۾ رهي ڪم ڪيو. هن پنهنجي قول ۽
فعل، تحرير ۽ تقرير سان خوش ڪرداري جي دانشمندانه
نصب العين تي هلي ڏيکاريو. سندس ماحول، اختلاف ۽
انحراف جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هو؛ پر پاڻ نهايت اعتدال
۽ احتياط جي راهه تي هلندو رهيو. اُهو وقت اڃا ياد
آهي، جڏهن اجائي هنگامه آرائيءَ ۽ اشتعال انگيزيءَ
جو هل هو، پر مولانا مرحوم نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جي
تلقين ۽ تلبيغ کي هر گز نه ڇڏيو. سندس گفتار ۽
رفتار ۾ ميانه روي ايتريقدر ته هوندي هئي، جو
ماڻهن جي ذهني سطح ۽ علمي صلاحيت آهر ڳالهه ٻولهه
ڪندو هو. |