سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2002ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 2002ع

نفيس احمد شيخ

گذارش

 

عام چونڊون

الحمدلله، وطن عزيز پاڪستان ۾ تازو 10ـــ آڪٽوبر تي عام چونڊن جي انعقاد سان اُهو انتخابي عمل پورو ٿيو آهي، جنهن لاءِ مُلڪي عوام سان گڏ پرڏيهي حلقا پڻ تقاضا ڪندا ٿي رهيا. هاڻي، مروج طريقي سان وفاقي سطح تي قومي اسيمبليءَ لاءِ ميمبر چونڊيا ويا آهن ۽ چئني صوبائي اسميبلن لاءِ نمائندن جي چونڊ عمل ۾ آئي آهي. خاص ڳالهه اها آهي ته ارڙهن ورهين جي عمر جي نوجوانن عام چونڊن ۾ ووٽ ڏنو آهي، جيڪو صدر جنرل مشرف جي حڪومت جو قابل تعريف ڪارنامو آهي.

عام چونڊن جي نتيجن کي عوام ۽ پارٽين اڪثر و بيشتر قبول ڪيو آهي، اُن جو ثبوت پارٽين جو چونڊن ۾ پوريءَ دلچسپيءَ سان شريڪ ٿيڻ آهي. هاڻي، پارٽين جي اڳواڻن جي وچ ۾ آئنده جي لائحه عمل جوڙڻ لاءِ رابطن ۽ ڳالهين جو هڪ طويل سلسلو جاري آهي. انشاالله العزيز، گُفت و شُنيد جا اِهي سلسلا به ڪنهن تعميري ۽ مثبت صورت کي جنم ڏيندا.

اسان صدر جنرل پرويز مشرف جي سرڪار کي هن ۾ سندس غير معمولي ڪاميابيءَ تي مبارڪباد ڏيون ٿا.

چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ ناڪامي هڪ سِڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن. ان فطري حقيقت موجب، جيڪي اُميدوار ڪامياب ٿي ڪونه سگهيا آهن، تن لاءِ آئنده ڪاميابين جا امڪان ٿي سگهن ٿا. جمهوري روايتن کي خيال ۾ رکي اُنهن کي به هانءُ نه هارڻ کپي. اميد آهي ته عوام جي ڏنل فيصلي موجب نوان ادارا، ملڪ ۾ هڪ پائدار جمهوريت جا بنياد مضبوط ڪندا، جن سان ئي ملڪ جو روشن مستقبل وابسته آهي. ــــ ن. ا. ش

 

آديسي اُٿي ويا...!

تاج صحرائي: سنڌي ادب ۽ ثقافت جو بزرگ، سائين تاج صحرائي، تازو 28 ــــ آڪٽوبر 2002ع تي اسان کان جُدا ٿي ويو!

تاج صحرائي، حضرت قلندر لعل شهباز جي فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ وارين ڪوششن جي حوالي سان، هڪ ’اداري‘ جي حيثيت رکندو هو. سڄي حياتي دادوءَ ۾ علمي، ادبي، تعليمي ۽ تحقيقي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ’طالب الموليٰ هاءِ اسڪول‘ دادوءَ جي هيڊ ماستر جي حيثيت ۾ رٽاير ڪيائين. کيس سنڌ جي تاريخ ۽ قديم آثارن سان خاص دلچسپي هئي. سندس ڪتاب: ”سنڌي تهذيب“ ۽ “Manchar Lake” خاص طور مشهور آهن.

رزاق مهر: نوجوان ليکڪ، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناٽڪ نويس هو. 15 ـــ آگسٽ 2002ع تي رحلت ڪيائين. سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”سُڪون ڪٿي آهي؟“ شايع ٿيل آهي. ٽيليويزن تي سندس ڊارمن کي وڏي شهرت حاصل ٿي. ”نئين دنيا پبليڪيشن“ جي سري سان ڳچ رسالا ۽ ڪتابي سلسلا به ڪاميابيءَ سان هلايائين. سندس رحلت تي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ڏاڍو ڏک آهي.

فقير امداد علي سرائي: ’لطيفيات‘ جي سلسلي ۾ فقير امداد علي سرائي هڪ مشهور ۽ معروف نانءُ آهي. مرحوم 25 ـــ سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي. لاڙ سان گڏ، ڀارت جي ڪڇ علائقي ۾ به لطيف سائينءَ جي ڪلام لاءِ وؤڙيائين. سندس ٽي ڪتاب ”املهه اڻ توريا“، ”قديم ڪاپڙين جا“ ۽ ”ڪستي منجهه ڪڻا“ ڇپيل اهن، جي انهيءَ ئي موضوع سان تعلق رکن ٿا. لطيف جو ”ياد حافظ“ هو ۽ پنهنجي گهر ۾ ”لطيف اڪيڊمي“ به قائم ڪئي هئائين. رب پاڪ کيس جنت نصيب ڪري!

فوزيه سومرو: سنڌي سنگيت ۾ سندس مقام، مرتبي ۽ مڃتا جي پيش نظر، ٻه سال اڳ، کيس ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي، سالاني ”لطيف ايوارڊ“ ڏنو ويو هو. 4 ـــ سيپٽمبر 2002ع سندس زندگيءَ جو آخريءَ ڏهاڙو هو. خدا جو شڪر آهي، جو سندس امر آواز اهلِ سنڌ وٽ رڪارڊ ٿيل ۽ محفوظ آهي.

شفيع محمد جُمن: اُستاد محمد جمن جي گائڪيءَ کي سندس گُڻوان فرزند محمد شفيع قائم رکيو. افسوس جو اهو سلسلو 31 ـــ جولاءِ 2002ع تي ٽُٽي پيو! سنڌ ثقافت کاتي، شفيع کي لطيف سائينءَ جي گذريل عُرس جي موقعي تي سالانه ”لطيف ايوارڊ“ سان پڻ نوازيو هو، پر، افسوس جو بيماريءَ مرحوم کي نهوڙي وڌو!

ادارهء ”مهراڻ“ پنهنجن اِنهن ساٿين، جي هاڻي اسان کان وڇڙي چڪا آهن، جي مغفرت لاءِ دعاگو آهي. شال رب ڪريم سندن پونين کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.


 

 

 

’جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين‘

 

 

 

 

 

آيتون

 

 

 

 

 

 

شاهه جو رسالو: مرتب علامه قاضي


 

 

 

 

 

سامِي کامِي پِرينءَ لَئــٖـي، ڪُسِي ٿِيا ڪَبابُ،

جِهڙو ڏِسَنِ ڏوههَ کي، تِهڙو تَنِ ثَوابُ،

اوتِينِ اَرتــٖـي گاڏئُون، منجهان اِکِن آبُ،

سندو ذاتِ جَوابُ، تُون ڪيئن پُڇين تَنِ کي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 

شاعري

 

لافاني ڪلام

 

نَڪي اوڏو اَک کي، نڪي نَظران ڏُور؛

وڃان اِنَ وَهلُور، جِن ڏِٺوئي اَڻَ ڏيٺَ ۾.

سَڀَتِ پَچَرَ پِريَ جي، سَڀَتِ هوتَ حُضُورُ؛

مُلڪُ سڀ مَنصور، ڪُهِي ڪُهبا ڪيترا.

ڇڏيان هِيُ جهانُ، هُو پڻ گهوري گهوريان؛

پَلڪ پِريان سان، جي مُون سَري جيڏيون.

ڏُونگرَ ڏُکَا لاه، اڳَ مُئي آهي سَسُئي؛

آرياڻي سين آه، ذاتي سڱ ضَعيفِ کي.

جَن ڪَسِيرو قيمت، سي سوداگرُ نه جَهلي؛

تنين لَڌا لَک، جي پَري کان پَري ٿِئا.

سامي ڪَنڌُ ڪَپَاءِ؛ ڪَن ڪپايا خَيرُ ڪين؛

هي تنين جي جاءِ، جنين ٻَئي جَڳَ ڇَڏيا.

خواجه محمد زمان (لُواري شريف)


 

 

لافاني ڪلام

 

هڪ هٿ ۾ وَٽَڙي، ٻئي هٿ ۾ ڪات،

وجهن ڪَرٽُ ڪَپار ۾، هُت ناهي ريت رَکات،

سودو هاٿو هاٿ، قاسم! ڪِج ڪَلال سان.

 

پِرين جي پُڇَنِ، ڪاتِي پُڇي تَنِ کي،

عاشق ڪَري ڪَترا، ٻئا وِجهي ئي ٻَنِ،

وَڍيائِي وِهَسنِ، جي ڪوٺي ڪُٺا سڄڻين.

 

جي ڪوٺي ڪُٺا سڄڻين، راوَلَ روبَروءِ،

جيرا بُڪيون تَنِ جا، لَهسيا پهرينءَ لُوءِ،

قاصائڪي ڪُوءِ، رت ريلوئي نه سُڪي.

 

قاصائڪو ڪَمُ، ڪنهن کؤن سَکئين سُپرين،

هڏ چچيريو چَمُ، ڪاٽيو ڪَريين ڪَترا.

 

ڌَڪنِ مٿي ڌَڪَڙا، چانورَ چَکِنِ جِينءَ،

مُهريون معشوقن جون، تون پُڻ سَهِج تِينءَ،

نِگَهنِ وِجِهي نِينہَ، ڇَڙيو ڇُڳيرن کي.

خليفو نبي بخش لغاري ”قاسم“

 

 

”جيڪو شاعر حقيقت پسند ناهي، سو مُئل آهي، ۽ اُهو شاعر، جيڪو رڳوحقيقت پسند آهي، سو پڻ مُئل آهي، جنهن شاعر ۾ عقل ڪونهي، سو رڳو پاڻ کي سمجهندو يا سندس محبوبا کي سمجهه ۾ ايندو. اها ڳالهه دکدائڪ آهي، جنهن شاعر وٽ ايترا عقلي دليل هجن، جو اُن کي احمق ماڻهو به سمجهي وڃن، سو خطرناڪ حد تائين افسوسناڪ آهي. ان سلسلي ۾ ڪي سخت قاعدا قانون ڪونه آهن. پر اِهي ٻيئي شاعريءَ جي لاءِ سخت جنگ جوٽيو بيٺا هوندا آهن.

ان جنگ ۾ ڪڏهن هڪڙو کٽندو آهي ته ڪڏهن ٻيو، پر خود شاعري ڪڏهن به شڪست نه کائيندي آهي.

ـــ پئبلونرودا

 

 

 

 

 

 

 

شاعري

 

”... مون اسپتال جي ڪمري ۾ انسان، ڪائنات، انساني اقدار ۽ تقدير تي ڪافي سوچيو ۽ اشتراڪيت کان مايوس ٿي، منهنجو مذهبي اقدار ڏانهن لاڙو لازمي هو. پر خدا جي تصور ۾ مستغرق رهڻ جي باوجود مون ۾ ڪنهن لاءِ به نفرت نه آهي. منهنجي دعائن جي ڪتاب مان ظاهر آهي ته دعائن لکڻ وقت مون پوري انسانذات کي ڌيان ۾ رکيو آهي. هن ڪتاب ”سانجهي، سمنڊ، سپون“ ۾ منهنجا بيت اُٿي اور الله سين، ڪنهن به ساڄي ڌُر جي سياست سان واسطو ڪونه ٿا رکن ۽ نه وري مون اهڙي ڪنهن پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي ۽ نه ائين ڪرڻ جو ارادو اٿم. دراصل مان سياست کان هميشه جي لاءِ ڪناره ڪش ٿي چڪو آهيان ۽ سنڌ کي فقط ادب جو لڙهو ڏيئي رهيو آهيان، جيڪو ڪوبه غير يا غنيم ٽپي نه سگهندو.“

شيخ اياز

(7 مئي 1996ع)


 

شيخ اياز

 

تو ماڻيون جي رنگَ رَليون،

ڪَوڙيون جهڙيون ٽُوههَ ـــ وليون.

اَنتُ نهَ ڄاتئه!

نيٺ ڇڏيندين ميلو تون،

هوندين نيٺ اَڪيلو تون.

اَنتُ نهَ ڄاتئه!

سجُ لهي ويو سنڌوءَ ۾،

سانجهه لٿِي سارِي جُوءَ ۾.

اَنتُ نهَ ڄاتئه!

وَڻُ جو ڀَر تي بيٺو آ؟

نيٺ ته اُکڙي وڃڻو آ!

اَنتُ نهَ ڄاتئه!

سانجهيءَ جو مانڊاڻ ڏٺئه؟

۽ پاڻيءِ ۾ پاڻ ڏٺئه؟

اَنتُ نهَ ڄاتئه!

هر شيءِ اچڻي وڃڻي آ،

تُنهنجي مُور نه مڃڻي آ.

اَنتُ نهَ ڄاتئه!

سارو ڏينهن رڳو ڳاتئه!

اَنت نه ڄاتئه، ڇا پاتئه؟

اَنتُ نهَ ڄاتئه!

 

(2)

تنهنجي ڪارڻ ڇا نه ڇَڏيو آ،

آکيرو جنهن جاءِ اَڏيو آ،

سو وڻ تون ئي آهين.

تارا جئن فانوس ٻَرن ٿا،

لوءِ ڇڏيو ٻي لوءِ لَڏيو آ،

آکيرو جنهن جاءِ اڏيو آ،

سو وڻ تون ئي آهين.

آنءُ ته تنهنجي راهه وَتي هئي،

پر هِي ڄاتل ڪيرُ گڏيو آ؟

آکيرو جنهن جاءِ اَڏيو آ،

سو وڻ تون ئي آهين.

جنهن تي پنهنجو پاڻ پَڏيو آ.

سو وڻ تون ئي آهين.

سو وڻ تون ئي آهين.

 

(3)

مان جو وڳهه ڪوٽ ۾،

ساڳو ڀاڳو ڀانُ،

تنهنجو هان مهمان،

چارڻ ٿورا ڏينهڙا!

مُنهنجي چَنگ چِڪن ٿا سڏڙا،

شهنايون ٿي منهنجا هڏڙا،

ڳائي تو ارمانُ.

تنهنجو هان مهمان،

چارڻ ٿورا ڏينهڙا.

واهيري جي ويرَ اچي وئي،

تَندُ اڳي کان وَڌِ مَچي وئي،

جيءَ ڏنو جولانُ.

تنهنجو هان مهمان،

چارڻ ٿورا ڏينهڙا.

پرکي ويٺو اڄ به چنيسر،

منهنجي مُک تي گيت منوهَر.

دودا! گيتَ مهمانُ.

مان جو ڀاڳو ڀانُ،

تو وٽ هان مهمانُ،

باقي ٿورا ڏينهڙا.

باقي ٿورا ڏينهڙا.

 

(4)

گاهه هُيو يا ساوا بادلَ،

جئن جئن هِيرَ گهُلي!

سمنڊ ڏني ڏيکاري اُڀ تي،

آهن ڪيڏيون لهرون جَل ٿل،

ساري پِيڙَ ڀُلي!

ترسو،مان به هلان مرغابيون،

دور اوهان سان گهاريان ڪي پَلَ!

ڇوليءَ جيئن ڇُلي.

ڌرتيءَ جا زنجير جڏهن ٿا،

گَهِلن پيرَ، نه ڪا تن جي جَهلَ،

ڄاڻي روهَه رُلي!

ڪيڏي لونءَ پئي ڪانڊاري،

ڄڻ تاڪِيو ڪو کوليو بخمَلَ!

سانجهي جيئن کُلي.

 

(5)

واٽهڙوءَ جي واٽَ نه جهَل،

ڏاڍو ڏورُ وڃي ٿو هو.

تنهنجا نيڻ ڇُلن ٿا ڇوري، پاڻ ته پَل!

ڏاڍو ڏورُ وڃي ٿو هو.

هيءُ اڪيلو آهه سفر ۾، سامهون گهَلِ!

ڏاڍو ڏورُ وڃي ٿو هو.

روڪي واڳ نه چئَه ڪجهه هن کي، اي وياڪَل!

ڏاڍو ڏورُ وڃي ٿو هو.

ٻُڌ هُو بڙ تان ڪنهن لئه، ڪُوڪي ٺي ڪوَيل.

ڏاڍو ڏورُ وڃي ٿو هو.

ڏاڍو ڏورُ وڃي ٿو هو.

 

(6)

سجُ لهي ويو ڏونگرڙن ۾،

پوياڙي آئي.

سڀئي موٽن ٿا گهرڙن ۾،

پوياڙي آئي.

ڏيهي روز ويا ڏرڙن ۾،

پوياڙي آئي.

ڪنهن جي ذات هئي ذرڙن ۾،

پوياڙي آئي.

پوياڙي آئي.

 

(7)

مانجهي وو!

مانجهي وو!

هنجهه اُڏاڻا انڌياري ۾،

آئي سَرَ تي سانجهِي وو.

مانجهي وو!

مون وٽ آهه مڇيءَ سان تولئه،

اڄ ته ڪُنيءَ ۾ ڪانجهِي وو.

مانجهي وو!

هان! هي پويون ڍُڪُ، سَڏي پَئي،

اوندهه ڪا آڳانجهِي وو.

مانجهي وو!

ڪائي جوتَ پريان جِهمڪي ٿي،

واٽَ نه جنهن کان وانجهِي وو.

مانجهي وو!


 

”سرويچ“ سجاولي

 

غزل

 

تنهنجي ته جلون کي ڏسي، جذبن ٿي ڊوڙون پاتيون،

قدمن چُمڻ لئه ڪيترن، قلبن ٿي ڊوڙون پاتيون.

تنهنجي ته سُوڌي ۽ سنئين قد کي پسڻ لاءِ پرين،

ڪَتبن ڪتابن مان اُٿي، اَلفن ٿي ڊوڙون پاتيون.

سُوڌي سنواريل سينڌ مان، جهلڪون جهٽن جي لئه لَکن،

سجن ۽ چوڏهينءَ جي چِٽن چَنڊن ٿي ڊوڙون پاتيون.

تنهنجي ته وارن جي ورن وڪڙن مان وِهه پيئڻ جي لئه،

ڏَرڙن منجهان ننڍڙن وڏن نانگن ٿي ڊوڙون پاتيون.

هيءَ ڀون سڄي تولئه بڻي، ڀاڳن سندو ڀنڊار تون،

ڀر ۾ سندءِ بيڻ جي لئه بختن ٿي ڊوڙون پاتيون.

توکي ته پرکڻ لئه پرين، عرشن اکيون کولي ڇڏيون،

حورن پرين هرڻن کان اڳ، مَلڪن ٿي ڊوڙون پاتيون.

’سرويچ‘ تنهنجي سونهن تي لالڻ لکڻ ويٺو جڏهن،

ڪلمان پڙهي ڪاغذ وريا، قَلمن ٿي ڊوڙون پاتيون.


 

”محسن“ ڪڪڙائي

 

غزل

 

قُرب مڃبا، جي ڪوئي ڀالُ ڪري،

بس، خوديءَ کي نه پائمال ڪري.

 

هِڪ مِٺيءَ مُرڪ، هٿ جي هِڪ چالي،

نِينهنِ پنهنجو وِڌو نهال ڪري.

 

سَو سَوالي هجن ته هڪ ماڻهو،

ڪنهن جو ڪنهن جو ڀلا خيال ڪري.

 

اک جي ٻولي ته هوءَ به سمجهي ٿي،

پَت وڃايون به ڇو سوال ڪري!

 

جهنگ ۾ هڪ پريءَ جي هڪ جَلوي،

منهنجون وايون ڇڏيون بتال ڪري!

 

سڀ چَون ٿا ته صرف ٻُڌ ’محسن’،

پاڻ ڪنهن ساڻ دل جو حال ڪري؟

 

”تاج“ بلوچ

 

نظم

ٻُڌَ! تو ڪجهه ٻُڌو

تنهنجي ڀڳتن جي ڌرتيءَ جي

سيني ۾ هڪ ٻآڻ اگني جو

اُتريو هو جو قهر بڻجي

اُهو ٻج شعلن جو

هاڻي ته تنهنجي ئي ڌرتيءَ جي

سيني ۾ پوکيو وڃي ٿو

ٻڌو ٻُڌَ! تو ڪجهه ٻُڌو:

آخري هڏڪين جو سو ڪورس

ڳاڙهي پيلي پکين جي ولر

برگدن جي سڙيل ڪارين ٽارين تان

پتا ڇڻي جي ڪِريا

انهيءَ لئه تي جهونگاريو آهي

ٻُڌو ٻُڌَ! تو

ڪاري دونهين جي ويڙهيل چراگاهه ۾

رڍ ٻڪرين جي چيخن جو نغمو

هي تياريون آهن

اُنهيءَ فصل جي جشن جون

نسل پنهنجو جو لُڻندو

فردا جي کيتن مان

جيون جي کين مان

جيون جي شمشان مان

ٻُڌو! ٻُڌَ! تو ڪجهه ٻُڌو!

(صبا اڪرام جو ترجمو)

 

نصير مرزا

 

ننڍڙي بلبل، گُل کي چُمي

ڏيئي

اُڏري ويئي!

گُل پئي ڳاتو، گيت ته اُن کان

ڌُن ئي وسري ويئي!

(2)

هونءَ ته اسين

ٻه آهيون ــــ

پر اسان جي وچ ۾

ٽئين شيءِ به ته آهي،

۽ اُها آهي محبت

چڱو ٿيو، جو

اُها اسان جي مشترڪ آهي

نه ته

مان ته اُن جي هٿان

مري چڪو هجان ها

ڪڏهوڪو!

 

عنايت بلوچ

 

نظم

 

ٿورڙي عرصي ۾ توسان لنئون لڳايون ٿووڃان،

پُور اي منهنجا پرين! تو کان پِرايون ٿو وڃان!

پنهنجي سيني ۾ ته هڪڙو مچ مچايون ٿو وڃان،

درد دونهون تنهنجي دل ۾ ڀي دکايو ٿو وڃان!

جيءُ ۽ جند جان پنهنجيءَ کي جلايون ٿو وڃان،

تنهنجي دنيا ۾ به هڪڙو رنگُ لايون ٿو وڃان!

تنهنجا ٿورا، تنهنجا ڳڻ، ڳايون وڄايون ٿو وڃان،

پيار تنهنجو اي پرين! مان آزمايون ٿو وڃان!

مان نه چاهيندي به تنهنجي دل دُکايون ٿو وڃان!

سور ڪجهه سانڍيم ته ڪجهه تو وٽ ورهايون ٿو وڃان!

راز پڌرو ٿي پيو، پر ڪجهه لِڪايون ٿو وڃان،

تنهنجي ڌڙڪن کي به سيني ۾ سمايون ٿو وڃان،

هي متان سمجهين ته مان توکي ڀُلايون ٿو وڃان،

جسم ورتيون ٿو وڃان، دل کي رهايون ٿو وڃان!

’روح جي راڻي‘، مِٺي! منهنجي نه هرگز روئجان،

ضبط جي ڳوڙهن سان پيئي، زخم دل جا ڌوئجان!

 

آثم ناٿن شاهي

 

غزل

 

پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو،

دل ۾ ٿا وڃن لهندا وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهو.

پردي جي پٺيان ويهي پُتليون ٿو نچائي ڪو،

رونشو ٿا ڏسن بيٺا خچرن تي چڙهيل ماڻهو.

ڪنهن ٻُڪ ۾ وتا ناهن، ڪنهن جهول جهليا ناهن،

لڙڪن جي ڦڙن جهڙا اکين مان وهيل ماڻهو.

جي پاڻ رواجن جي ٽياسن تي ڏنگيل آهن،

اڳتي نه وڌي سگهندا، سي پٺتي رهيل ماڻهو.

هڪ پيڙ هجي ڦٿڪن، ڪجهه درد هجن روئن،

سُڏڪا به ويا ڀُلجي ڳڻتين ۾ ڳهيل ماڻهو.

جن قتل ڪيا تن سان ڀي سڱ نه ٽوڙيائون،

قبرن ۾ ويا گهلي جيئرن کي مُئل ماڻهو.

ليکو ٿا ڪيون ويهي ’آثم‘‘ ته زماني ۾؛

پڙهيلن ۾ هزارين آهن ”ڄٽ پڙهيل“ ماڻهو.

 

”وفا“ ناٿن شاهي

 

غزل

 

وڏين اکين، ڊگهن وارن کي پوڄيون،

اچو، خوش رنگ گلزارن کي پوڄيون.

 

رچي ويا رنگ ڪيئي روشنيءَ ۾،

وفا! گلپوش رخسارن کي پوڄيون.

 

چون ٿا سرو وقد محفل ۾ ايندو،

قد و قامت جي جنسارن کي پوڄيون.

 

درياِ خُلد ۾ حورون فرشتا،

زيارت ڪوش ديدارن کي پوڄيون.

 

ڏسو گرداب ۾ ٻيڙي تري پئي،

اچو سُهڻين ۽ ميهارن کي پوڄيون.

 

’وفا‘! جنت به خود حيران آهي،

چوي ٿي دل گنگهارن کي پوڄيون.

 

”سوز“ هالائي

غزل

 

نيڻ پٿر ٿي ويا، جذبا به پٿر ٿي ويا،

اُف! خدايا! ڪيترا ماڻهو به پٿر ٿي پيا.

 

موسمون مَٽجي ويون، آهن سڄي ماحول جون،

هاڻ بازن ساڻ ڳيرا، گڏ رهڻ آهن لڳا.

 

اڄ ڪناري تي بيهي، هر ڪوئي موتي ٿو گهري،

نيڻ کولي نيري ساگر ڏي نهارڻ کانسواءِ.

 

ڪيترو آهي لڄي ٿيو، سمنڊ پنهنجي پاڻ کان،

ٿيو سِپيءَ کي بُوند هڪڙيءَ مان جڏهن موتي عطا.

 

ڪيئن سپيءَ جو ساهه ويو، موتيءَ جي تخليق ٿي،

عڪس ڪو اوتي سگهي ها، ڪاش ان تصوير جا.

 

روشنيءَ مان روشني پيدا ڪريو، اي دوستو!

سج گرهڻ ۾ به جيئن ڌرتي رکي روشن اُها.

 

گُل بنا خوشبوءِ جي ڀي گُل سڏائي ”سوز“ ٿو،

گُل بنا گلشن جو تصور ئي ڪرڻ ممڪن نه آ.


 

اياز گل

غزل

 

اَلائي ڇا ڇا وڃائي، وساري پهتاسي،

اوهان جي در تي ائين عمر ڳاري پهتاسي.

 

ڏسڻ ۾ ٽهڪ ٽڙيا ٿي، اسان جا ٽانگر جيان،

اندر اندر ۾ لکين لڙڪ هاري پهتاسي.

 

اسان جي دل ۾ به هڪ شام هئي لٿل، ڄڻ ڪي،

اوهان جي شهر جڏهن شام ڌاري پهتاسي.

 

سڙي رهيو هو، سڄوئي وجود سوچن جو،

ائين ها يار وٽان ڏينهن ٺاري پهتاسي.

 

اوهان جو هوڏ کي زندهه رکڻ، ضروري هو،

اسان اکين جا سڀئي خواب ماري پهتاسي.

 

نه راهه، راهه ڏني ڪا، نه ماڳ پنهنجو ڪيو،

اسان کان پڇ ته ڪيئن وقت ٽاري پهتاسين.

 

انڌيري راهه ٿا چاهيون، ائين متان ڪو چئي،

اندر جا گهاو ڪري ديپ ٻاري پهتاسي.

 

ادل سومرو

 

وائي

 

”ڪنهن کي ڳولين ٿو؟“

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

ڏينهن ٻري ٿو ڇانو ۾، ويهين نٿو ڇو،

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

ڇا تون اچي جهنگ ۾، ڀُليو آن رستو،

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

هيڏي ساري شهر ۾، تنهنجو ناهي ڪو!

مون کان وڻ پُڇن ٿا.

ڪڏهن روئندي گل کي، ڏٺو آهي تو،

مون کان وڻ پُڇن ٿا.


 

مختيار ملڪ

 

غزل

 

شاعري شيش محل آ منهنجو،

آئينو هرڪو غزل آ منهنجو.

اڄ ملاقات توسان پهرين آ،

تنهنجو نالو ته ٻڌل آ منهنجو.

چنڊ جو هم شڪل هُيو شايد،

ڄڻ ته هُو اڳ به ڏٺل آ منهنجو.

پوءِ به رسمن ۾ ويو آ الجهي،

ذهن توڙي جو کُليل آه منهنجو.

هن جي وڇڙڻ جو ٻُڌي ڇرڪي ويس،

ڊيل جان هانءُ ڊنل آ منهنجو.

ڪُوڪ ڪويل جي ٻُڌي مون ڀانيو،

درد اُن منجهه لِڪل آ منهنجو.

تو وٽان مان ته هليو آيو هان،

ڪجهه ته تو وٽ به رهيل آ منهنجو.

سج ساڀيا جا کڻي آ ڪرڻا،

ماڪ ۾ خواب ڀنل آ منهنجو.


 

احمد سولنگي

غزل

 

ڪيرُ لکي ويو هر ڪاغذ ۾،

پياسا پياسا ٿر ڪاغذ ۾.

 

جبلن جيڏا جملا تنهنجا،

ڪيڏا ڪارونجهر ڪاغذ ۾.

 

هر محلو هر موڙ ۽ رستو،

گهٽي گهٽي ۽ گهر ڪاغذ ۾.

 

ڪنهن جيءَ قسمت جا اوسائين!

کُليل آهن در ڪاغذ ۾.

 

وقت اُڏايا لفظ پکين جيئن،

گهايل تِن جا پَرَ ڪاغذ ۾.

 

ظالم ماڻهو مارن بيٺا،

کوليو ڪي خنجر ڪاغذ ۾.

 

يا مان ميڙيان يا مان چونڊيان،

گل هن يا پٿر ڪاغذ ۾.

 

احمد ٽالپر

غزل

 

يار! توکان سواءِ زندگي ڇا ڪبي،

تو بنا جا ملي سا خوشي ڇا ڪبي.

 

آس جيڪا بدلجي نراسا ٿئي،

سا اجائي اندر ۾ رکي ڇا ڪبي.

 

جنهن ۾ تصوير تنهنجي نظر جي نه سا،

درسني دل ۽ اک آرسي ڇا ڪبي.

 

رُت بسنتي نه ڪا مُند ملهاري مٺا،

تو بنا چيٽ يا ڪا ڪَتي ڇا ڪبي.

 

تنهنجي درشن بنا دل جي درمان لئه،

ڪا دوا، ڪا سُتي يا ڦَڪي ڇا ڪبي.

 

جنهن ۾ ميڙو نه توساڻ ممڪن هجي،

سا حياتي پرينءَ! پوءِ ڊگهي ڇا ڪبي.

 

ڪيڏي نعمت کڻي ڇو نه جنت هجي،

پنهنجي ”احمد“ بنا سا وٺي ڇا ڪبي.

 

احمد خان ”مدهوش“

 

غزل

 

چون ٿا حسن جي آ دلفريبي، دلڪشي، دوکو ــــ

مگر موڳي هي منهنجي دل، قبولي ئي نٿي دوکو.

خدا خود آدميءَ کي آ ڪشش جي رنگ سان ٺاهيو،

ٿيان ڪافر، اگر سمجهان وجود آدمي، دوکو.

وڃي ٿي زندگي بي دم. تڏهن رهجي اي انسانو!

جڏهن ڪائي ڏئي ٿي زندگيءَ کي زندگي دوکو.

اجايو عشق تي الزام آ، ورنه حقيقت ۾،

نه معشوقي قريب آهي، نه ڪائي عاشقي دوکو.

محبت پاڪ جذبو آ، انهيءَ جذبي کي ورجايو،

جو هن جذبي کان سگهيو آ، نه ڪنهن کي ڀي ملي دوکو.

اُنهيءَ جي فلسفي جي ڳالهه تي ايمان ڪيئن آڻيان؟

نظر جنهن کي اچي ٿي، دوست! دنيا ئي سڄي دوکو.

سمايل روح ناهي جيڪڏهن ’مدهوش‘ شعرن ۾،

ته اهڙي قسم واري آ سموري شاعري دوکو.

 

قاضي خادم

پَل

 

پل ڄڻ جيون جو ايٽم آ

اُن کي ٽوڙڻ ڏاڍو اوکو.

اُن ايٽم جي پنهنجي دنيا

پنهنجا سج چنڊ ستارا

پنهنجا سمند، جبل جهرڻا

پنهنجا صحرا پنهنجون واديون

تن وادين جون انت نه ڇيڙو

تن وادين ۾ گم ڪئين يادون

يادون جن ۾ پل ٿا پلجن

ڪن يادن جو رنگ گلابي

ڪن ۾ پيلو پن ڇڻ جو رنگ

ماءُ جي لولي، ٻار جون ڪيهون

پيار ڪهاڻيون

انقلاب، جنگ ۽ راتاها

آزادين جا سونهري سج

ظالم ۽ مظلوم جو رشتو

پل جو هڪ قصو آهي

ڪالهه جا دشمن، اڄ جا ساٿي

سڀ سمايل هڪ پل ۾ جيئن

گل ۾ خوشبو.

 

مقصود ”گُل“

 

ترائيل

(1)

ڪيئن ميڻ بتيون، گل بسيءَ تي ٿيون نچائن!

مينديءَ جي مٺي مهڪ ۾ سرهاڻ نچي ٿي،

 

چهرن ۾ سَکين ساڻ ڄڻ چانڊان پچي ٿي،

وهوا جي اڄ واءُ ۾ واکاڻ نچي ٿي،

 

ٿيون رقص ڪندي پيار پَريون پاڻ پسائن،

ڄڻ موج منجهان مست ٿي مهراڻ نچي ٿي،

ڪيئن ميڻ بتيون گل بسيءَ تي ٿيون نچائن!

(2)

ٽمڪائي اکيون راهه نهارن ٿا ستارا،

هي اُڀ مٿي رات جو تارا جي ٻرن ٿا،

چپ چاپ چپن منجهه سي ڪا بات چون ٿا،

نيڻن ۾ جهلي جوت سندءِ راه ڏسن ٿا،

ڪن ٿا سي سندءِ سونهن جو پرچار پيارا،

مُک تنهنجو ڏسي دور کان ديدار وٺن ٿا،

ٽمڪائي اکيون راهه نهارن ٿا ستارا.

(3)

بدبخت نظر، سخت اثر، عيد کسي ٿي!

سنڌوءَ جي سُڪي پيٽ ۾ واري ٿي اُڏامي،

ڪيئن آب بنا ڀونءِ سندي اُڃ اجهامي،

جيوت جو خدا سل نه ڪري ديپ وسامي،

بي درد ۽ بي فيض عطا ديد کسي ٿي،

مايوس آ ماحول دکيا درد فضا ۾،

بدبخت نظر، سخت اثر، عيد کسي ٿي.


 

ذوالفقار سيال

 

غزل

 

حُسن به آ، جمال نيڻن ۾،

ڪيڏو آهي ڪمال نيڻن ۾!

آ هجر جي مُندن جو آئينو،

۽ ٿيو آ وصال نيڻن ۾!

هن اداسيءَ جو ٻيو سبب هوندو،

ڪهڙو آهي سوال نيڻن ۾!

ماڻهو پيرن مان هِت هلن ٿا پيا،

مان ڏسان تنهنجي چال نيڻن ۾!

ڪا اداسي، نماڻي ديد سندئي،

ڇو رهيو آ ملال نيڻن ۾!

ڪين ڪنهن کان لڪي سگهيو آهي،

عشق جي آ ڌمال نيڻن ۾!

ڪير تنهنجي اڳيان نهارينديو؟

آ غضب جو جلال نيڻن ۾!

’زلف‘ ماضي بچيو آهي مون وٽ،

مون وڃايو آ حال نيڻن ۾!‘


 

نظام ”زائر“

 

گيت

 

زندگي جو سفر آهه ڏاڍو ڏکيو،

ڪجهه ته اڳتي اچو، ڪجهه ته سولو ڪيو.

 

پيار جي راهه ۾ ڪجهه ته ڪرڻو اَٿو،

موت کان اڳ ائين ڪين مرڻو اَٿو؛

سوچ کان ڪم وٺو سوچ کان دوستو!

ڇو ٿڌا ساهه ويهي اِئين ٿا ڀريو؟

 

پيار وارو پکي نيٺ ويندو ملي،

وِک وڌايو اُنهي جي طرف اڄ کلي؛

اُن جي موجودگي آهه هر جاءِ تي،

سُنهن سنسار ۾ اُن کي ڳولي لهو.

زندگي سان اي ’زائر‘ رهن رونقون،

زندگي کي اُجاڙين پيون نفرتون،

جي حياتي نه محفوظ هوندي ڀلا،

سونهن سنسار جي ڇا ڪنداسين ڏسيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com