سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1991ع

مضمون

صفحو :6

 

سنڌ جو دارالمصنفين

(سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ)

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

 

[سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد جا شايع ڪيل ڪتاب، منهنجي والد مرحوم حڪيم قاضي محمّد يعقوب قريشيءَ جي لائبريري ۾ گڏ ڪيل هئا. ننڍ پڻ ۾ انهن ڪتابن کي ڏاڍي چاهه سان پڙهندو هوس، اُن وقت کان وٺي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن سان، وڏو انس پئي رهيو آهي. سندم ڪن ادبي دوستن ۽ سڄڻن، وقت به وقت، صلاح پئي ڏني ته انهي سوسائٽيءَ متعلق هڪ تحقيقي ڪتاب لکان، انهيءَ ڏس ۾ بنده راقم ”سنڌ جو دارالمصنفين“ نالي هڪ ڪتاب لکيو آهي. هيءُ مقالو، منهنجي انهيءَ قلمي ڪتاب جي ڪن چونڊ حصن تي مشتمل آهي. ق – ح – خ] [1]

برصغير هندو پاڪ ۾ ”دارالمصنفين“ اعظم ڳڙهه. هڪ اهڙو عظيم الشان، علمي، ادبي ۽ اشاعتي ادارو آهي، جنهن کي تواريخ ۾ هميشه عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. دارالمصنفين“ جي ڪارنامن جو اثر، برصغير جي اڪثر سڀني صوبن تي پيو. سنڌ صوبو پڻ اُن جي اثر کان رهي نه سگهيو. هونءَ به تواريخي لحاظ کان اهو ڏٺو ويندو، ته هر اها تحريڪ، جنهن برصغير هندو پاڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ جنم ورتو، سنڌ پڻ هر ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي. انهيءَ سلسلي ۾، سنڌ جي سرزمين کي اهو شرف پڻ حاصل آهي ته هتان جي مسلمانن پنهنجي سنڌي زبان، علمي خواهه مذهبي ادب، تواريخ، تهذيب ۽ تمدن کي زندهه رکڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ لاءِ اهڙي قسم جي قومي اشاعتي اداري کي وجود ۾ آندو.

ٽالپرن جي دور ۾، حيدرآباد جي قديم تواريخي شهر ۾ ٽالپرن جي شاهي درٻار، علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن، شعر ۽ شاعريءَ جو مرڪز هئي – هن دور جي خاتمي کانپوءِ حيدرآباد جي شاهي درٻار جي اُها زيب ۽ زينت، بي نور ٿي وئي. حيدرآباد جي انهيءَ قديم علمي ۽ ادبي شهر ۾، ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي نالي سان، هڪ علمي ۽ ادبي قومي ادارو قائم ٿيو؛ جنهن کي بلاشبهه، ”سنڌ جو دارالمصنفين“ سڏي سگهجي ٿو. سنڌ جي هن اداري، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي علم ۽ ادب، تهذيب ۽ تمدن ۽ تعليمي ميدان ۾ وڏي خدمت سرانجام ڏني آهي. هتي سنڌ جي انهي قومي اداري جو مفصل احوال ڏجي ٿو ته جيئن اسان جو نئون نسل انهي مان واقفيت حاصل ڪري ۽ ساڳئي وقت ان کي اهو بخوبي احساس ٿئي ٿو ته سندن اڳين بزرگن، سنڌي زبان ۽ ادب کي ڪهڙين ڪهڙين حالتن پٽاندڙ، زندهه ۽ دائم رکڻ لاءِ جتن ۽ ڪوششون پئي ڪيون آهن!

تواريخي ۽ سياسي پس منظر:

سن 1843ع ۾ انگريزن مياڻي جي ميدان تي، ٽالپرن سان جنگ ڪري، سنڌ ملڪ فتح ڪيو. سنڌ جي فتح پنهنجي جاءِ تي هڪ عظيم سانحو آهي. مياڻي جو جنگي معرڪو، دراصل انگريز سامراج جي مڪاري ۽ فريب ڪاري جو هڪ کليو ثبوت آهي، انهيءَ جنگ کانپوءِ سنڌ ملڪ، پنهنجي قومي آزادي ۽ خودمختياري کان هميشه لاءِ محروم ٿي ويو. اُن دور کان وٺي سن 1947ع تائين هڪ صديءَ جو سمورو عرصو، اڪثر غلامي ۽ محڪوميت جو دور رهيو. سنڌ جي فتح کانپوءِ سر چارلس نيپيئر انتظامي لحاظ کان، سنڌ جو پهريون گورنر ٿيو. هو سنڌ مان ويندي هن ملڪ کي بمبئي پرڳڻي جو هڪ حصو بڻائي ويو. [2] سنڌ جو بمبئي سان الحاق، هڪ غير فطري هو.

بمبئي، سنڌ کان تمام ڏورانهون هنڌ هو. ان ڪري هتان جي ماڻهن کي، پنهنجن معاملن ۾ ڪافي تڪليفون ۽ دُشواريون پيش اينديون هيون. سر چارلس نيپيئر جي وڃڻ کانپوءِ رابرٽ پرنگل کي سنڌ جو پهريون ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. بمبئي جي گورنر طرفان سمورا اختيارات ڪمشنر جي حوالي ڪيا ويا، گويا سنڌ جو ڪمشنر، سنڌ جو حاڪم اعلى هو.

انهي دوران سن 1857ع ۾ ”جنگ آزادي“ وڙهي ويئي، جنهن کي انگريزن، پنهنجيءَ پر ۾ ”غدر“ جو نالو ڏنو. اها آزادي جي جنگ به سامراجي ٽُڪرن تي پليل چند غدارن جي غداري ڪري، ناڪام ٿي وئي، آزادي جي انهي ويڙهه ۾ سنڌ جي عوام پڻ ڀرپور حصو ورتو، انهي جي عيوض، انگريز حاڪمن، سنڌ ۾ ڏاڍ ۽ جبر کان ڪم ورتو، سنڌ جي عوام، ڌارين حاڪمن جي ڏاڍاين ۽ ظالمانه ڪاررواين جي خلاف، پنهنجو آواز بلند ڪيو. انگريزن، آزادي جي انهيءَ آواز کي ڪهڙن ڪهڙن ڪُڌن نمونن ۾ گهُٽيو، ان سلسلي ۾ سنڌ جي تواريخ جا باب ڀريا پيا آهن. (1) جنگ آزادي جي ناڪامي کانپوءِ انگريزن سنڌ جي سڀني اڳين نشانن کي هر لحاظ کان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي؛ جيئن هر فاتح ۽ جابر حڪمران، پنهنجن مقصدن کي سڌ ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي.

جنگ آزادي جي خاتمي کانپوءِ سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن پاڻ ۾ گڏجي، سڀ کان پهريائين ”سنڌ سڀا“ نالي هڪ جماعت قائم ڪئي. هن جماعت جو مکيه مقصد هو ته هندو ۽ مسلمان، سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪن (2) ليڪن انگريزن پنهنجي سياسي حڪمت عملي سان انهي جماعت ۾ ڦوٽ وڌي، انگريزن، هندن کي اهو تاثر ڏنو ته اهو انگريز ئي آهي، جنهن کين مسلمانن جي غلاميءَ کان نجات ڏياري آهي. سنڌ جي مسلمان حاڪمن جي تواريخ کي مسخ ڪري، هندن کي اهو به ذهن نشين ڪرايو ويو ته مسلمان حاڪم تعصبي هئا، دراصل مفتوح ته سنڌي هندو به هئا، پر جيئن ته انگريزن، حڪومت جون واڳون مسلمانن کان ورتيون هيون؛ انهي ڪري انگريزن، سنڌ جي هندن جي هر سطح تي ڀرپور رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ مسلمانن کي هر طرح سان مٽائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئا. سنڌ جي ديني مدرسن ۽ مڪتبن کي، سنڌ جي اڳوڻن مسلمان حاڪمن کان مليل جاگيرون، معاوضا ۽ وظيفا پڻ بند ڪيا ويا. (3) انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ جا مسلمان، هر طرح سان تباهي جي ڪناري تي پهچي ويا.

انهن مٿين حالتن، سنڌ جي مسلمانن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو، ته انهي تباهي ۽ بربادي جي ڪُن مان ٻاهر نڪرڻ جو واحد ذريعو صرف اهو آهي، ته سنڌ کي هڪ دفعو ٻيهر اها ساڳي اڳ واري حيثيت ڏياري وڃي.

اهڙيءَ طرح سنڌ جي مسلمانن ۾، سياسي سجاڳي ۽ جاڳرتا جي لهر پيدا ٿي. سن 1880ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”انجمن اسلام“ جي نالي سان، سنڌ جي مسلمانن هڪ جماعت قائم ڪئي؛ جنهن جا روح روان خانبهادر حسن علي آفندي ۽ مولوي الهه بخش ”ابوججهو“ هئا. (4) انهيءَ جماعت جو صدر، خانبهادر حسن علي آفندي هو، مگر اسان سنڌ وارن جي روايتي حسد ۽ ساڙ واري طبيعت جي ڪري اها جماعت هلي نه سگهي ۽ آخر ختم ٿي وئي. ان کانپوءِ 17- جمادي الاول 1301هه/15 مارچ 1884ع تي مولوي الهه بخش ”اٻوجهي“ جي سعي ۽ ڪوشش سان، ”مجمع محمدي“ •[3] جي نالي سان، هڪ جماعت وجود ۾ آئي؛ جا پوءِ اڳتي هلي، ”سنڌ محمّدن ائسوسيئيشن“ جي نالي ۾ تبديل ٿي ۽ ان کي سنڌ جي هڪ سياسي جماعت بڻايو ويو. (5) ”سنڌ محمّدن ائسوسيئيشن“، سنڌ جي مسلمانن جي هڪ فعال سياسي جماعت ٿي اُڀري. هن سياسي جماعت جي سهاري هيٺ، ”سنڌ جي بمبئي کان علحدگي“ واري تحريڪ شروع ٿي. هن جماعت، سنڌ جي عوام کي، ”آزاد سنڌي قوم“ جو احساس ڏياريو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾، بمبئي کان الڳ ٿي، پنهنجي خودمختيار صوبائي حيثيت ۾ ترقي ڪرڻ ۽ واڌاري جو شعور ڏياريو. (6) ”سنڌ جي بمبئي کان علحدگي واري تحريڪ جي مهم ۾ هندو به شامل هئا، (7) پر پوءِ هندن جي هڪ طبقي، انهي تحريڪ جي مخالفت شروع ڪري ڏني.

پهرين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ڪانگريس، سوراج جي مهم شروع ڪئي ۽ مسلمانن وري ”خلافت تحريڪ“ جو بنياد وڌو. ڪانگريس، ”خلاف تحريڪ“ جي سلسلي ۾، مسلمانن جي تائيد ڪئي. ”سنڌ خلافت تحريڪ“ جي قيادت، حضرت مولانا سيد تاج محمود امروٽي ؒ سنڀالي. (8) ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌ ۾ ”هجرت تحريڪ“ زور ورتو ۽ هتان ڪافي تعداد ۾ مسلمان هجرت ڪري، افغانستان ڏانهن ويا؛ پر افغانن جي غلط رويي سببان، سنڌي مهاجرن سان ڏاڍيون جُٺيون ٿيون ۽ اُهي واپس پنهنجي وطن سنڌ موٽي آيا.

سنه 1913ع ۾ ڪراچيءَ ۾، ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جو ساليانو اجلاس ٿيو؛ جنهن جي مرحبائي ڪميٽي جي چيئرمين سرڳواسي هر چند راءِ وشنداس پنهنجي رپورٽ ۾ واضح لفظن ۾ ظاهر ڪيو ته سنڌ جو بمبئي سان جوڙ، ڪنهن به صورت ۾ درست ناهي.

سنڌ جو ڪمشنر، سنڌ اندر هڪ ڊڪٽيٽر ٿي، حڪومت ڪري ٿو (9) سن 1917ع ۾ برطانيه سرڪار جو وزير هند، مسٽر مانٽيگو سنڌ ۾ آيو ۽ هن جي اڳيان ”سنڌ محمّدن ائسوسيئيشن“ ۽ ”سنڌ پراونشل ڪائونسل“ جي طرفان، سنڌ جي جدائيءَ وارو سوال پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ سن 1924ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، ”الوحيد“ اخبار جي ذريعي، سنڌ اندر باقاعدي سنڌ جي جدائي واري تحريڪ هلائي؛ جنهن جو ڏاڍو سُٺو نتيجو نڪتو. سن 1925ع ۾ عليڳڙهه ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جو اجلاس ٿيو، جتي پهريون ڀيرو، هندستان جي سطح تي، سنڌ جي جدائيءَ جو مطالبو ڪيو ويو. اهو ٺهراءُ شيخ عبدالميجد سنڌيءَ جي طرفان پيش ڪيو ويو هو. (10) ان کانپوءِ سن 1926ع ۾ ”آل انڊيا مسلم ليگ“ جي دهلي واري اجلاس ۾ پڻ ”سنڌ جي جدائي واري سوال کي دُهرايو ويو. سن 1927ع ۾ ”سنڌ نيشنل ليگ“ قائم ٿي، جنهن جو مقصد پڻ ”سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ وارو هو. ڊسمبر 1927ع ”آل انڊيا ڪانگريس“، سنڌ جي جدائي واري تحريڪ جي مطالبي کي قبول ڪيو. مارچ 1928ع ۾”آل انڊيا ڪانگريس“، سر پرشوتمداس جي صدارت ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ ان کي سنڌ جي مالي حالت جي باري ۾، جاچ پڙتال ڪرڻ جو ڪم سپرد ڪيو ويو. 17- جولاءِ 1928ع تي ”سنڌي هندو – مسلم پئڪٽ“ ٺهيو، جنهن تي هندو ۽ مسلمان اڳواڻن صحيحون ڪيون ۽ پهريون دفعو سنڌي هندن، سنڌ جي جدائي واري سوال کي قبول ڪيو- (11) ان کانسواءِ سيپٽمبر 1928ع ۾ ”آل انڊيا پارٽيز ڪانفرنس“ جي سهاري هيٺ ”نهرو ڪميٽي“ پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ هندن جي سخت مخالفت هوندي به ”سنڌ جي جدائي“ کي قبول ڪيو ويو. (12) اهڙي طرح سان ”سنڌ جي بمبئي کان جدائي“ واري تحريڪ تمام گهڻو زور ورتو ۽ آهستي آهستي ٿي اها تحريڪ سنڌ ۾ هر سطح تي زور وٺندي رهي. آخرڪار سن 1936ع ۾ سنڌ کي هڪ الڳ صوبو بنايو ويو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان وٺي سن 1931ع تائين سنڌ ۾ اهي مٿي بيان ڪيل سياسي حالتون رهيون، جن جي مد نظر ”سنڌ مسلم ليگ ادبي سوسائٽي“ جي قائم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي.

علمي ۽ ادبي پس منظر:

ويهين صدي عيسوي جو شروعاتي دور، سياسي ۽ قومي تحريڪن جو زمانو هو، انهن سياسي ۽ قومي تحريڪن دوران، برصغير جي اڪثر سڀني پرڳڻن ۾، علائقائي ادب کي زور وٺائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي مهم شروع ٿي، انهي ڏس ۾ هندستان جي مختلف علائقن ۾، علم ۽ ادب کي ترقي وٺائڻ لاءِ ڪيتريون تحريڪون ۽ سوسائٽيون وجود ۾ آيون. دنيا جي مُهذب قومن جي بيداريءَ ۽ خاص ڪري برصغير جي سياسي تبديلين ۽ ڦيرين گهيرين سبب، سنڌ جي علمي ۽ ادبي  حلقن ۾ پڻ سنڌي زبان ۽ ادب کي زور وٺائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ اُتساهه پيدا ٿيو. اهڙيءَ طرح دنيا جي مُهذب ۽ زندهه قومن وانگر، سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن ۾ پڻ پنهنجي زبان ۽ ادب کي زندهه ۽ سلامت رکڻ ۽ اُن ۾ جديد دور جي تقاضائن موجب، ادبي ۽ تواريخي سرمايي کي يڪجاءِ ڪرڻ جو شوق ۽ جذبو پيدا ٿيو.

انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت سنڌ ۾، عربي ۽ فارسي ٻوليون رواج ۾ هيون. سنڌ جي مدرسن، مڪتبن ۽ خانقاهن ۾ ديني درس ۽ تدريس، انهن ٻولين ۾ ڏنو ويندو هو. سنڌي زبان پڻ مدرسن ۾ رواج هيٺ هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ، سنڌي ۾ به درس ۽ تديرس جو رواج عام ٿيو. اهڙي رح مسلمانن جو مذهبي، اخلاقي، ادبي ۽ تواريخي سرمايو اڪثر ڪري عربي، فارسي ۽ مروج سنڌي ٻولين ۾ هو، ڪلهوڙن جي دور ۾ مخدوم ابوالحسن جي تيار ڪيل ”عربي سنڌي“ صورتخطي رواج ۾ هئي ۽ سنڌ جي اڪٿر سمورو ديني ادب، انهيءَ صورتخطيءَ ۾ ڊگهن نظمن جي صورت ۾ لکيو ويندو هو. ان دور جو جيڪو به علمي ۽ ادبي سرمايو موجود آهي، اهو گهڻو ڪري صوفياڻي ۽ مذهبي نوعيت جو آهي. سنڌي زبان تي عربي ۽ فارسي ٻولين جي غلبي ڪري ان ۾ سنڌي قوميت جو رنگ بنهه ڪو نه هو.

مخدوم ابوالحسن جي ايجاد ڪيل سنڌي صورتخطي، سنڌ جي ماڻهن ۾، آهستي آهستي پنهنجي مادري زبان ”سنڌي“ لاءِ محبت جو هڪ جذبو پيدا ڪيو. اهڙي طرح سنڌ جي ماڻهن ۾، سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ قوميت وارو هڪ سچو جذبو ۽ روح پيدا ٿيو. انگريزن جي دور حڪومت کان اڳ ۾، سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ اُن وقت جي حڪومتن، ڪنهن به طرح جي ڪابه سرپرستي ڪانه ڪئي. اُن دور ۾ جيڪو به سنڌي ادب پيدا ٿيو، اُن ۾ سنڌ جي مقامي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ صوفي درويشن پنهنجي پنهنجي نموني ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سنڌي زبان ۽ ادب کي هر لحاظ کان مالامال ڪيو. ائين کڻي چئجي ته انهيءَ ادبي تحريڪ ۾، سنڌ جي ماڻهن جو پنهنجو انفرادي عمل دخل هو.

سن 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ سنڌ ۾ علم ۽ ادب لاءِ ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. هن دور ۾ سنڌي زبان کي ”سنڌ جي سرڪاري دفتري زبان“ قرار ڏنو ويو. سنڌ 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر، هڪ ”لٽريچر ڪميٽي“ مقرر ڪئي؛ جنهن جي حوالي اهو ڪم سپرد ڪيو ويو ته سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ علم ۽ ادب کي ترقي ڏياري ۽ مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ جي تيار ڪيل سنڌي صورتخطيءَ ۾ موزون تبديليون آڻي – انهي ڪميٽي سڀ کان پهريائين سنڌي ٻولي جي اکرن، صورتن ۽ آوازن تي توجهه ڏنو، ان کانپوءِ لفظڻ جي جوڙجڪ ۽ بيهڪ تي ڪافي بحث مباحثو ڪري، ان لاءِ قاعدا قانون ۽ گرامر جا اصول مرتب ڪيا ويا.

اهڙي طرح سن 1853ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيئر، سنڌ پرڳڻي لاءِ نئين عربي سنڌي ”الف – ب“ تيار ڪرائي، سنڌ ۾ نئين صورتخطيءَ لکڻ جو رواج عام ڪيو. ان طرح سنڌي نثر لکجڻ جو رواج عام ٿيو. قديم نظم جي بجاءِ جديد سنڌي نثر کي وڌڻ ۽ اُسرڻ ۾ تمام گهڻي هٿي ملي. اهڙي طرح سنڌي زبان جي صورتخطي ۾ هڪ جهڙائي مضمون ۽ عبارت جي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ڪافي ڦيرو آيو.

انگريز سرڪار، سموري سنڌ ۾ ”سنڌي پرائمري اسڪولن“ جو ڄار وڇايو. سنڌ جي ڪن وڏن شهرن جهڙوڪ: شڪارپور، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هاءِ اسڪول پڻ کوليا ويا. ان مان انگريزن جو اهو مقصد هو ته سنڌ وارا، انگريزي ٻولي ۽ ادب کان روشناس ٿين ۽ ٻئي طرف، نئين سنڌي صورتخطي جو سنڌ ۾ باقاعدي رواج جاري ٿئي. سرڪار انهن ٻنهي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي. ساڳي وقت انگريزن، سنڌ ۾ نوڪري ڪندڙ انگيرز عملدارن لاءِ سنڌي ٻولي سکڻ ۽ لکڻ لازمي ٺهرايو، ته جيئن هُو سنڌ جي مقامي ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن کي پوريءَ طرح سمجهي انهن جي ڏکن ۽ سُکن ۾ شريڪ ٿي سگهن.

سنڌ ۾ اسڪولن جي قائم ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري سطح تي، ڪيترائي درسي ڪتاب تيار ڪرايا ويا. سنڌي ٻوليءَ جي نئين صورتخطيءَ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي نثر جو رواج عام ٿيو، پر ان هوندي به نئين رسم الخط ۾ اڃا يڪسانيت پيدا ڪانه ٿي هئي ۽ هرڪو عالم، اديب ۽ شاعر پنهنجي پنهنجي نموني ۾، سنڌي صورتخطي ٻيو استعمال ڪندو هو، ان وقت جي انگريز سرڪار، جيئن اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون، ته تعليم کاتي جي طرفان سنڌي صورتخطيءَ ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. سنڌ جي هندو خواهه مسلمانن ۽ پرڏيهي عالمن، اديبن ۽ شاعرن وڏي محنت ۽ جذبي سان، انهن سرڪاري ڪوششن ۾ ڀروپر حصو روتو. اهڙيءَ طرح ”جديد سنڌي نثر“ آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ ان جي صحيح شڪل ۽ شباهت وجود ۾ آئي.

”جديد سنڌي نثر“ آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ ان جي صحيح شڪل ۽ شباهت وجود ۾ آئي.

”جديد سنڌي نثر“ آهستي آهستي ترقي ڪئي ۽ ان جي صحيح شڪل ۽ شباهت وجود ۾ آئي.

”جديد سنڌي نثر“ جي عمارت کي اَڏڻ ۽ سينگارڻ ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي، سيد ميران محمّد شاهه (اول)، ديوان ڪوڙي مل کلناڻي، مرزا صادق علي بيگ، ديوان اُڌارام، آخوند لطف الله، ديوان ڪيولورام ۽ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ڀرپور حصو ورتو، انهن ڏيهي عالمن کانسواءِ پر ڏيهي عالمن پڻ سنڌي ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ چڱا گهڙا ڀريا. مرزا قليچ بيگ پنهنجي حياتي جا پنجاهه ورهيه سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ۾ پورا ڪيا ۽ پنهنجي لکڻين جو هڪ وڏو قيمتي ذخيرو، سنڌي ادب ۾ هميشه لاءِ يادگار ڇڏيو. سنڌي ادب جي اها عمارت صدين تائين قائم رهندي، انهن اوائلي عالمن ۽ اديبن جون تصنيفون ۽ تاليفون، گهڻو ڪري ڌارين ٻولين جي ترجمن جي صورت ۾ هيون، دنيا جي اڪثر مُهذب ۽ سڌريل ٻولين جي نثر جي شروعات، ڌارين ٻولين جي ترجمن سان ئي ٿي آهي. ڌارين ٻولين جي ترجمن ڪرڻ مان اهو نتيجو نڪتو، جو سنڌي نثر ۾ پختگي ۽ رواني پيدا ٿي. اهڙي طرح سنڌي نثر روزمرهه جي زندگي سان تعلق رکندڙ ڳالهين سان همڪنار ٿيو، ان دور ۾ صحافت جي باقاعده شروعات ٿي ۽ ان جي ذريعي پڻ سنڌي نثر پنهنجو ترقي طرف وک وڌائي.

انگريزن جي ابتدائي دور ۾، سنڌ ۾ ڪو به اهڙو قومي ادبي ادارو يا انجمن ڪانه هئي، جنهن جي سهاري هيٺ، سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪو خاطر خواهه ڪم ٿي سگهي. البت سنڌ جا ڪيترائي هندو خواهه مسلمان عالم، اديب ۽ شاعر  پنهنجي پنهنجي نموني ۾، انفرادي طرح، سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ڪندا ٿي رهيا. ان دور ۾، سنڌي ادب جي ڪن گهڻگهرن ۽ سڄڻن، ڪي انجمنون ۽ سوسائٽيون وجود ۾ آنديون، جن جي ذريعي سنڌي زبان ۽ ادب ڪافي ترقي ڪئي.

سن 1914ع ۾ هاسانند وڪيل ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ قائم ڪئي، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعلچند امر ڏنو مل، انهي ڪم ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي رهيا. هن سوسائٽي جي طرفان نهايت ئي قيمتي ڪتاب شايع ڪيا ويا، سنڌي علم ۽ ادب کي زور وٺائڻ ۽ ترقي ڏيارڻ جي سلسلي ۾ مجموعي طرح اها پهرين ادبي ڪوشش هئي. مرزا قليچ بيگ جا ڪافي ناياب ۽ قيمتي ڪتاب پڻ هن سوسائٽي جي طرفان ڇپرايا ويا.

”سنڌي ساهت سوسائٽي“، جي ماٺي پوڻ کانپوءِ ديوان ڪيولرام ”نيئن سنڌي لائبريري“ جي نالي سان هڪ علمي ۽ ادبي انجمن قائم ڪئي، ديوان صاحب پنهنجي هڙان سٺ هزار رپيه انهي انجمن جي حوالي ڪيا. هن انجمن جي طرفان اٽڪل ساٺيڪو کن بهترين ڪتاب ڇپايا ويا. مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعلچند امر ڏنومل، انهي انجمن جا مکيه ليکڪ هئا.

سن 1920ع ۾ ديوان منوهرداس، ”ڪوڙومل سنڌي ساهتيه منڊل“ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو. هن اداري ورهين جا ورهيه سنڌي زبان جي سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو ۽ اڪثر ڌرمي، علمي، ادبي ۽ تواريخي ڪتاب شايع ڪرايا. هن اداري جو ٻيو اهم مقصد اهو هئو ته ”هندو – مسلم“ اتحاد کي، سنڌي ڪتابن جي ذريعي قائم رکجي.

سن 1929ع ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، هن فاني جهان مان رحلت ڪري ويو. مرزا صاحب جي وفات کانپوءِ سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. ساڳئي وقت سنڌ جو قديم علمي، ادبي 7 تواريخي سرمايو، جو سنڌ جي قديم علمي گهراڻن جي ڪتبخانن ۾، سندن پوين جي لاپرواهي سببان اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي رهيو هو. ان کي پڻ محفوظ ڪرڻ ۽ شايع ڪرائڻ جو سخت ضرورت هئي. سنڌ جون علمي، ادبي ۽ سياسي حالتون پڻ آهستي آهستي هڪ نئين موڙ جي طرف گامزن هيون، انهيءَ سموري ڪم لاءِ ڪنهن موزون ”سنڌي قومي اداري“ جي قائم ٿيڻ جي اشد ضرورت هئي، جنهن جي سهاري هيٺ، سنڌي ادب جي انهيءَ املهه خزاني کي محفوظ ڪري سگهجي.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو قيام ۽ مقصد:

انهيءَ مٿئين بيان ڪيل پس منظر جي مد نظر، سنڌ ۾ هڪ اهڙي قومي اداري يج ضرورت کي محسوس ڪندي، حيدرآباد شهر ۾ ان سسللي جي هڪ تحريڪ هلي، جنهن جو محرڪ خانبهادر محمّد صديق ميمڻ هو. مرحوم محمّد صديق ميمڻ انهيءَ ڏس ۾، اڪيلي سر همت جو سندرو ٻڌي، سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ميدان عمل ۾ آيو. پاڻ پنهنجي همت ۽ اورچائيءَ سان جدوجهد ڪري، سنڌي علم ۽ ادب کي نئين سر سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيائين. هن سنڌ جي منتشر قوم ۾، اتحاد ۽ تنظيم پيدا ڪري، اُن ۾ سجاڳي ۽ بيداري پيدا ڪئي. خانبهادر محمّد صديق ميمڻ جنوري 1931ع ۾ حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جي نالي سان، هڪ علمي ۽ ادبي اداري جو بنياد وڌو. پاڻ انهيءَ سوسائٽي جي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اُن جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ لکي ٿو:

”هن ڪار خير ۾ هر ڪنهن پڙهيل مسلمان کي ٻانهن ٻيلي ٿيڻ، پنهنجو فرض ڄاڻڻ گهرجي. هر ڪنهن پڙهيل مسلمان جو فرض آهي ته هن ادبي سوسائٽي جو ميمبر ٿئي، يقين آهي ته جيڪڏهن اسين سڀئي پڙهيل مسلمان، هن اسلامي ڪم ڏانهن پورو توجهه ڏينداسين، ته اسان جي قوم جو ٻيڙو جو هن وقت جهل جي ڪُنَ ۾ توائي ۾ آهي، سو نڪري پار پوندو ۽ اسلامي علم، ادب ۽ اخلاق، جنهن سان ڪنهن وقت سڄي دنيا سينگاريل هئي، سو وري اسان جي دلين کي منور ڪندو“(13)

خانبهادر محمّد صديق جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿو، ته هن سوسائٽيءَ جي پيڙهه ، مذهبي بنيادن تي رکي ويئي، انهيءَ باري ۾، ميمڻ صاحب، وڌيڪ وضاحت ڪندي، ”سنڌي ساهت ڪانفرنس“ واري صدارتي تقرير ۾ چوي ٿو:

”هن (سوسائٽي) جي پيڙهه، ”مذهب“ جي پڪي بنياد تي رکي وئي آهي، سندس عمارت اڏڻ ۾ سڀئي هُنر هلايا ويا آهن. ”تواريخ“ سندس اعلى رُڪن آهي. ”شعر“ سندس سينگار آهي. ”اخلاق“ سندس ڇِت آهي. ”ڪشاده خيالي“ سندس در آهن“(14)

اهڙي ريت ميمڻ صاحب، هن سوسائٽي جي نالي رکڻ جي وضاحت ڪندي، انهيءَ ساڳئي ”سنڌي ساهت ڪانفرنس“ جي موقعي تي چوي ٿو:

”هن سوسائٽي جو نالو، ڪنهن خاص نقطه نظر سان ”مسلم“ لفظ سان شامل ٿيل آهي. پر عملي طرح هي سوسائٽي، ڪنهن خاص فرقي جا ڪتاب شايع نه ٿي ڪري، سندس ميمبر هندو، مسلمان ۽ ڪرستان هڪ هزار جي تعداد ۾ آهن.“(15)

خانبهادر محمّد صديق ميمڻ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي قيام جي باري ۾ لکي ٿو:

”1- سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي اهڙي ضرورت آهي، جهڙي سنڌ جدا ٿيڻ جي.

سنڌ ملڪ کي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي مان ايترو فائدو پهچڻو آهي، جيترو سنڌ جي جدائيءَ مان.

اسلامي علم ادب جي ترتيب ۽ اشاعت کانسواءِ سنڌ جي جدائيءَ مان فائدو محال آهي.

سڀ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جا ديني، تواريخي، اخلاقي ڪتاب، ميمبر کي گهر ويٺي، بنا قيمت ملندا رهندا-“(16)

ميمبر ٿيڻ لاءِ سال ۾ رڳو 2 رپيا يا 5 رپيا، حيثيت سارو ڏيڻو آهي.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جا ديني، تواريخي، اخلاقي ڪتاب، ميمبر کي گهر ويٺي، بنا قيمت ملندا رهندا-“(16)

انهيءَ مٿئين بيان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي، ته اُن وقت انهيءَ سوسائٽيءَ جي قائم ٿيڻ جي ڪيتري قدر نه ضرورت هئي. هن سوسائٽيءَ اٽڪل پنجهتر کن دلڪش ۽ معياري ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا. اهڙا ديده زيب ۽ دلڪش ڪتاب، اُن وقت تائين سنڌ جي ٻئي ڪنهن به اداري شايع نه ڪيا هئا. سنڌي ادب ۾، سوسائٽي جي انهن شايع ٿيل ڪتابن جو وڏو اعلى مقام آهي.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي وجود ۾ اچڻ جي ضرورت ۽ اهميت جي باري ۾، اسان سوسائٽيءَ جي باني خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي عبارتن جا جنسي ٽڪرا پيش ڪري سوسائٽي جي مقصدن جي ٿوري جهلڪ ڏني آهي، پر سوسائٽي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ان جي اڳيان هيٺيان مکيه مقصد هئا:

”1- سنڌي عام فهم ٻوليءَ ۾ ديني، اخلاقي ۽ تواريخي ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ ميمبرن ۾ تقسيم ڪرڻ.

2- سنڌ جي مسلمانن جي اقتصادي ۽ معاشرتي زندگيءَ جو ڪتابن ذريعي اصلاح ڪرڻ.

3- سنڌ جي اهل قلم اصحاب جي ڀرپور همت افزائي ڪري، انهن جي مدد ڪرڻ (17)

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ پنهنجي اڻ ٿڪ ڪوششن سان، مٿين مقصدن ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي، اُن جو مفصل احوال اڳتي بيان ڪيو ويندو.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي جوڙجڪ

جنوري 1931ع ۾ حيدرآباد شهر ۾، سنڌي عالمن، اديبن ۽ علم دوست ماڻهن جي پاڻ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي؛ جنهن ۾ هن سوسائٽي جو اهو مٿيون نالو تجويز ڪرڻ کانپوءِ اُن کي صحيح نموني ۾ هلائڻ ۽ ان جي جوڙجڪ يا ڍانچي کي تشڪيل ڏيڻ لاءِ اهو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ميمبر شپ لاءِ مکيه ٻه ڪلاس هوندا:

پهريون ڪلاس: هن ڪلاس ۾ ”لائيف ميمبر“ کنيا ويندا ۽ انهن ميمبرن لاءِ چندو، هڪ سؤ رپيا يڪمشت رکيو ويو.

ٻيو ڪلاس: هن ڪلاس کي وڌيڪ ٻن حصن (الف) ۽ (ب) ۾ ورهايو ويو. الف ۽ ب ميمبرن ۾ ڪو خاص تفاوت نه هو؛ البت الف ميمبرن لاءِ چندو، 5 رپيا في سال ۽ ب ميمبرن لاءِ چندو، 2 رپيا في سال مقرر ڪيو ويو.

انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو، ته مٿي ذڪر ڪيل سڀني ميمبرن کي، سال ۾ ڇهه سؤ صفحن جا ڪتاب مفت ڏنا ويندا.

انهيءَ گڏجاڻي ۾ سوسائٽيءَ جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا:

پريزيڊنٽ:              سيد ميران محمّد شاهه

سيڪريٽري:   خانبهادر محمّد صديق ميمڻ

مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر:

مخدوم ميان غلام حيدر صديقي.

حڪيم مولوي فتح محمّد سيوهاڻي.

پير ميان غلام مجدد سرهندي.

خانبهادر رئيس نورالدين احمد غلام علي، پرنسپال ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد.

مسٽر محمّد ابراهيم، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ضلع سکر.

مسٽر عبدالحق، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ضلع ڪراچي.

قاضي جان محمّد، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ضلع نوابشاهه.

قاضي عبدالغني، ايڊمنسٽريٽو آفيسر اپر سنڌ فرنٽيئر (جيڪب آباد).

مسٽر عبدالرزاق ميمڻ، پرنسپال مدرسه هاءِ اسڪول خيرپور ميرس.

مسٽر عثمان علي انصاري، پرنسپال مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز.

مسٽر علي خان ابڙو.

حڪيم شمس الدين صاحب.

حڪيم عبدالڪريم عباسي صاحب.

ميان محمّد هاشم ”مخلص“.

ميان محمّد بخش ”واصف“.

ميان حافظ عبدالڪريم صاحب.

ميان غلام سرور ”قادري“.

ميان محمّد صديق ”مسافر“.

مسٽر غلام مرتضى، ماستر صاحب.

حڪيم قاضي عبدالخالق ”خليق“ مورائي.(18)

مئي 1934ع تي سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو ٿيو، انهيءَ موقعي تي سال 1934ع لاءِ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

پريزيڊنٽ:              سيد ميران محمد شاهه.

وائيس پريزيڊنٽ:      ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“.

جنرل سيڪريٽري:     خانبهادر محمّد صديق ميمڻ.

جوائنٽ سيڪريٽري:   سيٺ ڪمال الدين ميمڻ ۽ سيد مٺن شاهه

خزانچي:               ميان غلام مرتضى، ماستر صاحب

آڊيٽر:          حافظ ميان عبدالڪريم.

مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر:

مخدوم ميان غلام حيدر صديقي

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

پير غلام مجدد سرهندي

 سيد محمد صالح شاهه

خانبهادر ميان نور الدين احمد

قاضي جان محمّد

مسٽر علي محمد سيال

قاضي عبدالغني.

مسٽر علي خان ابڙو

حڪيم شمس الدين احمد

حڪيم عبدالڪريم عباسي

 مسٽر علي محمّد سيال

 ميان محمّد خان ”غني“

 ميان محمّد بخش ”واصف“

 مسٽر عبداللطيف ميمڻ

مولوي محمد جعفر

 مسٽر فتح محمّد قريشي

 ميان محمّد صديق ”مسافر“

 مسٽر عبدالرسول

 مسٽر آدم هارون صديقي

 مرزا افضل بيگ

 ميان محمّد صالح ڀٽي

ميان يار محمد ٽانوي ”مسلم“

 مسٽر حاجي فيض محمّد ميمڻ

 اپريل 1935ع تي منعقد ٿيل سالياني جلسي ۾، سال 1935ع لاءِ سوسائٽيءَ جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

پريزيڊنٽ:              سيد ميران محمّد شاهه.

وائيس پريزيڊنٽ:      ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“.

جنرل سيڪريٽري:     خانبهادر محمّد صديق ميمڻ.•[4]

جوائنٽ سيڪريٽري:   مسٽر فتح محمّد قريشي ۽

 مسٽر ڪمال الدين ميمڻ

خزانچي:               ميان غلام مرتضى، ماستر صاحب

آڊيٽر:                  حافظ ميان عبدالڪريم صاحب.

مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر:

مخدوم ميان غلام حيدر صديقي

حڪيم فتح محمّد سيوهاڻي

پير غلام مجدد سرهندي

خانبهادر رئيس نورالدين احمد

سيد محمّد صالح شاهه

قاضي عبدالغني

مسٽر علي خان ابڙو

مسٽر علي محمّد سيال

حڪيم شمس الدين

 حڪيم عبدالڪريم عباسي

 ميان محمّد خان ”غني“

 ميان محمّد بخش ”واصف“

 مسٽر عبداللطيف ميمڻ

 مولوي محمّد جعفر

 ميان محمّد صديق ”مسافر“

 مسٽر عبدالرسول

 محمّد آدم هارون صديقي

 مرزا افضل بيگ

 ميان محمّد صالح ڀٽي

 حاجي فيض محمّد ميمڻ

 ميان يار محمّد ٽانوري ”مسلم“ (20)

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ لاءِ هڪ ”بورڊ آف ٽرسٽيز“ پڻ قائم ڪيو ويو، انهيءَ بورڊ جا هيٺيان ميمبر هئا:

مخدوم ميان غلام حيدر صديقي

سيٺ حاجي غلام علي عبدالله ميمڻ

حڪيم ميان عبدالڪريم عباسي

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پنهنجي اشاعتي پروگرام جي سلسلي هيٺ، جيڪي به ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪرايا؛ انهن ڪتابن جي قلمي مسودن تي، نظرثاني ۽ اصلاح ڪرڻ لاءِ، هڪ ڪميٽي جوڙي وئي ۽ ان کي ”تصنيف ۽ تاليف ڪميٽي“ جو نالو ڏنو ويو. اها ڪميٽي هيٺين نامور عالمن، اديبن ۽ شاعرن تي مشتمل هئي:

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي

ڊاڪٽر عمر بن محمّد دائود پوٽو

ميان فتح محمّد قريشي

مولوي ميان احمد هالائي

مولانا دين محمّد وفائي

ميان محمّد بخش ”واصف“

ميان محمّد صديق ”مسافر“

”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جا علمي ۽ ادبي ڪارناما“

(الف) مشاعرو:  سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ شعر و شاعري کي فروغ ڏيڻ لاءِ، مشاعرن جو بنياد وڌو. 24- نومبر 1931ع واري مئنيجنگ ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾، اها رٿ بحال ڪئي وئي ته هر مهيني جي آخري آچر تي ”مشاعرو“ منعقد ڪيو ويندو، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ”مشاعره ڪاميٽي“ قائم ڪئي وئي ۽ ان جا هيٺيان عهديدار هئا:

چيئرمين:              ميان محمّد بخش ”واصف“

سيڪريٽري:   حڪيم الله خان ”ممتاز“

ازانسواءِ، سيد ميران محمّد شاهه، خانبهادر محمّد صديق ميمڻ ۽ عطا محمّد ”عطا“ کي مشاعري جي منتظم ڪاميٽيءَ جي ميمبرن طور کنيو ويو.

هن سلسلي جو سڀ کان پهريون مشاعرو، 13- ڊسمبر 1931ع تي منعقد ڪيو ويو ۽ ان جي مصرع طرح هن ريت هئي:

”سج چڙهي آيو مٿي، اُٿ ننڊ مان بيدار ٿي.“(21)

هن مشاعري ۾ جن شاعرن شرڪت ڪئي، تن ۾ سيد ميران محمّد شاهه ”مير“، خانبهادر محمّد صديق ميمڻ ”صديق“، ميان محمّد بخش ”واصف“، ميان عطا محمّد ”عطا“، ميان حڪيم الله ”ممتاز“، ميان شاهه محمّد تاج ۽ ميان يوسف ”عاصي“ جا نالا قابل ذڪر آهن.

ٻئي مشاعري جي مصرع طرح هيءَ هئي:

”هَٺُ وڃائي هوڏَ ڇَڏِ، ڪِينو مَ رَکُ!“(22)

هن مشاعري ۾ پڻ مقامي خواهه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن حصو ورتو. ان کانسواءِ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ساليانه جلسن جي موقعن تي به طرحي خواهه غير طرحي مشاعرن جون مجلسون منعقد ٿينديون هيون. 6 – مئي 1934ع تي سوسائٽي جي ٽئين ساليانه جلسي سان گڏ مشاعري جو انتظام ڪيو ويو. هن مشاعري جي صدارت ڊاڪٽر عمر بن محمّد دائود پوٽي ڪئي. مشاعري جي ڪارروائي جي شروعات، قرآن شريف جي تلاوت سان ڪئي وئي ۽ ان کانپوءِ حضور سرور ڪائنات جن جي شان ۾، عطا محمّد ”عطا“ صاحب نعت پيش ڪئي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي صدارتي تقرير کانپوءِ مشاعرو شروع ٿيو. (23) هن مشاعري جو هڪ حصو طرحي ۽ ٻيو غير طرحي طرح جي مصرع، سوسائٽي جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ منظور فرمائي مشتهر ڪئي. اها مصرع طرح هن ريت هئي:

”علم مردن کي ملي زالن ڪيو ڪهڙو گناهه؟“(24)

”مشاعري ۾ جن شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، انهن ۾ سيد ميران محمّد شاهه ”مير“، مرزا نادر بيگ ”نادر“، ليکراج ”عزيز“، ميان محمّد ”مسافر“، سيد محمّد حيات شاهه”حافظ“، هرومل سدارنگاڻي ”خادم“، ميان پير بخش ”بشير“، شيخ مراد علي ”ڪاظم“، ميان يار محمّد ٽانوري ”مسلم“، ميان محمد نور نگزاده ”نورنگ“، ميان عطا محمّد ”عطا“، ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”غافل“/ ”خليل“، ميان محمّد يوسف ”عاصي“، قاضي حبيب الله ”آزاد“، ميان قادر بخش ”اختر“، ميان گل محمّد ”آزاد“ صوفي، ميان غلام عمر ”حاذق“، ميان شاهه محمّد ”تاج“، حڪيم محمّد صادق ”طالب“، ميان عبدالعليم ”بسمل“، ديوان خانچند کوڙاڻي ”مجرم“، ميان نواز علي ”نياز“، ميان قادر بخش ”حقير“، پرسرام ”رنجور“/ ضياء، ميان محمّد اسماعيل عرساڻي ”فدا“، جا نالا قابل ذڪر آهن.

انهيءَ مجلس جو غير طرحي مشاعرو، ”برسات“ جي موضوع تي هو ۽ ان ۾ هيٺين شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو: ميان نواز علي ”نياز“، خانبهادر محمّد صديق ميمڻ ”صديق“، ميان محمّد بخش ”واصف“، ميان محمّد صديق ”مسافر“، ليکراج ”عزيز“، هرومل سدارنگاڻي ”خادم“، ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”غافل“/ ”خليل“، ميان محمّد خان ”غني“، ميان عطا محمّد ”عطا“، مرزا نادر بيگ ”نادر“، سيد محمّد حيات شاهه ”حافظ“، شيخ مراد علي ”ڪاظم“، ميان پير بخش ”بشير“، ميان محمّد اسماعيل عرساڻي ”فدا“، ميان محمّد نورنگزاده ”نورنگ“، ميان گل محمّد ”آزاد“ صوفي، ميان حبيب الله ”آزاد“، ديوان خانچند کوڙاڻي ”مجرم“، ميان محمّد هارون ”امير“، ميان يار محمّد ٽانوري ”مسلم“، ميان خاوند بخش ”اختر“، ميان محمّد يوسف ”عاصي“، ميان عبدالعليم ”بسمل“ ۽، پرسرام ”رنجور/ ”ضيا“

هيءُ مشاعرو سانده چئن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. اديبن ۽ علم دوست ماڻهن جو اهو رايو هو ته حيدرآباد ۾ اهڙو پُر لطف ۽ روح افروز مشاعرو، ڪڏهن به ڪو نه ٿيو.(25)

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي چوٿين سالياني جلسي جي موقعي تي، 21- اپريل 1935ع تي مشاعري جي مجلس منعقد ٿي، هن مشاعري ۾ مصرع طرح کان علاوه ”مردانگي“ جي موضوع تي شعر ٺاهڻ لاءِ چيو ويو هو. (26) مصرع طرح هيءَ هئي:

”ڪوشش ڪري سڌاريو، هن وقت حال پنهنجو!“

طرحي مشاعري ۾ جن شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، اُهي هيءُ هئا:

حڪيم فتح محمّد سيوهاڻي ”حڪيم“، ميان محمّد بخش ”واصف“، ميان محمّد صديق ”مسافر“، حافظ عبدالله ”بسمل“، ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“، ميان محمّد خان ”غني“، ميان يار محمّد ٽانوري ”مسلم“، آر جي پنجابي ”عاصي“، حافظ محمّد ”احسن“، ميان فيض محمّد ”فيض“، ميان قادر بخش ”حقير“، ميان محمّد ”سليم“، مخدوم امير احمد ”امير“، ميان پير بخش ”بشير“، قاضي حبيب الله ”آزاد“، حڪيم محمّد صادق ”طالب“، پرسرام ”رنجور/”ضيا“، ڊاڪٽر علي احمد ”علي“، فقير هدايت علي ”تارڪ“، ميان ڪمال الدين ميمڻ ”نثار“، ميان سڪندر ”لقمان“، حاجي ”حقير“ ابن مڱڻ، مرزا قنبر علي بيگ ”حيدري“، ميان عبدالوهاب ”گلال“، ميان نبي بخش بلوچ ”ٽاني“، ديوان منگهارام ”مستان“، ميان محمّد صديق عيساڻي ”صديق“، ميان عيسب علي خواجه ”عيسب“، ميان شير محمّد شڪارپوري، ميان محمّد ابراهيم قريشي ”عاجز“ ۽ ميان شير محمّد بلوچ ”شير“.

”مردانگي“، جي موضوع تي، غير طرحي مشاعري ۾ هيٺين شاعرن ڀاڳ ورتو: ميان محمّد بخش ”واصف“، خانبهادر محمد صديق ميمڻ ”صديق“، ميان محمد صديق ”مسافر“، ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“، حافظ محمّد ”احسن“، ميان فيض محمّد ”فيض“، فقير هدايت علي ”تارڪ“ ۽ حاجي ”حقير“ ابن مڱڻ.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي زير انتظام جيڪي به مشاعرا ٿيا، اُهي پنهنجي نوعيت جا بهترين مشاعرا ثابت ٿيا، هنن مشاعرن جي ڪري، سنڌ جي ماڻهن ۾، شعر ۽ شاعريءَ جو ڪافي شوق پيدا ٿيو. جديد شاعريءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾، سنڌ جي شاعرن وڏو حصو ورتو. ان دور جي سنڌي اخبارن ۽ رسالن، انهن شاعرن کي دل کولي داد ڏنو، انهن مشاعرن ۾ پيش ٿيل طرحي يا موضوعاتي شعرن کي جيڪڏهن گڏ ڪيو وڃي، ته اهو سنڌي ادب جو هڪ بي بها خزانو ثابت ٿيندو.

(ب) شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ورسي ملهائڻ: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ڪيل فيصلي مطابق، 2- جنوري 1932ع تي حيدرآباد جي ”ٿياسافيڪل هال“ ۾، حضرت سشاهه عبداللطيف ڀٽائي ؒ جي ورسي ملهائڻ جو انتظام ڪيو ويو. هن ورسيءَ جي صدارت سيٺ غلام علي چاڳلا ۽ سيد غلام مرتضى شاهه ڪئي. ان موقعي تي ڪيترن عالمن ۽ اديبن پنهنجيون تقريرون ۽ لکيل مضمون ۽ مقالا پڙهيا. سيد ميران محمّد شاهه ”شاهه جي حياتي“، تي عالمانه انداز ۾ روشني وڌي – سيد غلام مرتضى شاهه ”شاهه صاحب جو سوز“ جي عنوان تي رسالي مان بيت پيش ڪيا. لعل چند امر ڏني مل ”شاهه جي رسالي جو چونڊ ڪلام“ جي سري هيٺ، شاهه جي  آزاد خيالي ۽ وطن جي حب تي روشني وڌي، ڄيٺمل پرسرام ”شاهه صاحب جو ڪلام“، قرآن شريف ۽ مثنوي مولانا روم جي مطابق پيش ڪيو. ميان محمّد بخش ”واصف“، شاهه صاحب ۽ شريعت جي پابنديءَ جي عنوان سان هڪ مقالو پيش ڪيو. هن ورسيءَ جي موقعي تي شاهه جي فقيرن، پنهنجي اصلوڪي پراڻي انداز ۾، شاهه جو ڪلام ڳائي ٻڌايو. اهڙي نموني سنڌ ۾، ”شاهه ڀٽائيءَ جي ساليانه ورسي“ ملهائڻ جو رواج پڻ سوسائٽي جي طرفان شروع ڪيو ويو. (27)

(ج) قومي ڪتبخانو قائم ڪرڻ: سنڌ جي قديم 7 جديد علمي ۽ ادبي ذخيري کي سهيڙڻ لاءِ هڪ قومي ڪتبخاني جي ضرورت کي محسوس ڪندي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ ”مسلم لائبريري“ جي نالي سان هڪ ڪتبخانو قائم ڪيو. هن لائبريريءَ ۾، ٿوري ئي عرصي ۾، ننڍا وڏا اٽڪل ٻه سؤ کن ڪتاب گڏ ڪيا ويا. اخبار بينيءَ جي چاهه وڌائڻ لاءِ اُن وقت جون مشهور قومي اخبارون پڻ هن لائبرييرءَ ۾ رکيون وينديون هيون. اهڙيءَ طرح سان هيءَ لائبريري، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو هڪ مرڪزي ”دارالمطالع“ بڻجي پيو.(28)

(د) مسلم ادبي پريس جو قيام: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي اڳيان، پرنٽنگ پريس جو مسئلو، وڏو اهم هو. سال 1931ع ۾ سوسائٽي جي طرفان جيڪي ڪتاب ڇپايا ويا، تن ۾ اڪثر عربي ۽ فارسي عبارتن ۽ لفظن ۾ غلطيون هيون، انهيءَ جو وڏو ڪارڻ اهو هو ته اُهي ڪتاب غير مسلم پريسن ۾ ڇپايا ويا هئا. انهيءَ ڪري سوسائٽي کي پنهنجي پريس جو هجڻ تمام ضروري هو. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، حڪيم قاضي ميان عبدالخالق ”خليق“ مورائيءَ ”مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس“ قائم ڪئي؛ جنهن ڪري سوسائٽي جي ڪتابن ڇپجڻ ۾ آساني ٿي. حڪيم صاحب نه صرف عالم هو، بلڪه وڏو اهل قلم پڻ هو. سوسائٽيءَ جي تصنيفات ۽ تاليفات بابت سندس عالمانه صلاحون، نهايت مفيد ۽ ڪارگر ثابت ٿيون (29) حڪيم صاحب جي وفات کانپوءِ پريس جو انتظام، سيٺ ڪمال الدين ميمڻ جي حوالي رهيو. هن پريس ۾ نه رڳو سوسائٽي جا ڪتاب ڇپبا هئا، ليڪن ڪاروباري بنيادن تي، ٻين ليکڪن جا ڪتاب پڻ شايع ڪرڻ ۾ ايندا هائ.

(هه) سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو اشاعتي سلسلو:

سيرت طيبه: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي قائم ٿيڻ کانپوءِ، سوسائٽي جي منتظمين، سڀ کان پهريائين تصنيف، تاليف ۽ اشاعت جي طرف توجهه ڏنو. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، برصغير جي مشهور علمي، ادبي ۽ مذهبي اشاعتي اداري، ”دارالمصنفين“ اعظم ڳڙهه کان ڏاڍي متاثر هئي. ان اداري جو سڀ کان وڏو پهريون عظيم ڪارنامو اهو هو ته هن حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي سيرت طيبه تي هڪ مستند ڪتاب ”سيرت النبي“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ جڳ مشهور ڪتاب جو مؤلف شمس العلماءُ شبلي نعماني هو. مولانا شبليءَ جي اوچتي وفات کانپوءِ سندس شاگرد رشيد سيد سليمان ندويءَ انهيءَ رهيل ڪم کي پايه تڪميل تي پهچايو. ساڳيءَ طرح سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پنهنجي اشاعتي سلسلي جي شروعات، سيرت طيبه جي موضوع سان ڪئي. سوسائٽيءَ سن 1931ع ۾، سنڌ جي مشهور عالم، اديب ۽ شاعر ميان محمّد بخش ”واصف“ کان حضور نبي ڪريم جن جي سيرت پاڪ تي ”اسان جو پيارو رسول“ نالي هڪ ڪتاب تصنيف ڪرايو. هيءُ برڪت ڀريو ڪتاب، مارچ 1931ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو. ”واصف“ صاحب هن ڪتاب کي وڏي محبت ۽ محنت سان، نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ تصنيف ڪيو. هن ڪتاب ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي حيات پاڪ تي مفصل روشني وڌي ويئي آهي ۽ اهو واضح ڪيو ويو آهي، ته سندن نبوت ۽ اسلام، هڪ اهڙي همہ گير تحريڪ هئي؛ جنهن دنيا ۾ وڏو عظيم انقلاب آندو ۽ سموريءَ دنيا کي اونداهي مان ڪڍي، روشنيءَ ۾ آندو. اهڙي طرح سوسائٽيءَ ”سيرت طيبه“ جي موضوع تي، سنڌي زبان ۾ ٻيا به ڪيترائي عمدا ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪرايا، جهڙوڪ: رسول پاڪ يعني حضرت محمّد عربي ﷺ غلام محمّد شاهواڻي (1940ع)، ڪامل رهنما خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1949ع) ۽ قوت العاشقين – مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1950ع).

سوانح: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پنهنجي اشاعتي پروگرامجي سلسلي ۾، ”سوانح“ جي موضوع تي پڻ ڪافي ڪتاب شايع ڪرايا، جن ۾ اسلام جي برک مشاهيرن ۽ سنڌ جي ڪيترن بزرگ شخصيتن جون سوانح حيات آهن، جي علمي لحاظ کان وڏي اهميت واريون آهن. دراصل سوانح حيات، علم تواريخ جو هڪ نهايت اهم شعبو آهي. قديم زماني کان وٺي، سوانح حيات لکڻ جو رواج هلندو پيو اچي. ٻين قومن جي ڀيٽ ۾، مسلمان عالمن ۽ اديبن پڻ هن فن تي ڪافي ڪجهه لکي، اُن کي ترقيءَ جي منزل تي پهچايو آهي. هن دور ۾ به مشاهيرن، عالمن، بزرگن ۽ قومي ڪارڪنن جون سوانح حيات لکيون ويون آهن، جن تي تنقيد ۽ تحقيق جي روءِ ۾ روشني وڌي وئي آهي.

دراصل مشاهيرن ۽ بزرگ شخصيتن جي سوانح حيات لکڻ جو اهوئي مقصد آهي، ته اُن جي روشنيءَ ۾، انسان ذات پنهنجي ترقيءَ جو مفيد ذريعو ۽ راهون ڳولي. اهڙيءَ طرح اُنهن بزرگن جي روهاني روشني، ايندڙ نسلن لاءِ رهبري ۽ رهنمائي جو ڪم ڏئي ٿي. خاص طرح سان اُهي قومون جيڪي علمي ترقي کانپوءِ ڪن سببن ڪري وپئتي پئجي وڃن ٿيون ۽ تنزل طرف ڌڪبيون وڃن ٿيون، انهن لاءِ اڳين بزرگن جا ڪارناما، وڏودرجو رکن ٿا. گويا مشاهيرن ۽ قومي ڪارڪنن جي سوانح حيات جو مطالعو، ڪنهن قوم به ۾ پنهنجي وڃايل عزت کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪوشان رهڻ جو شعور ۽ جذبو پيدا ڪري ٿو.

انهن مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ اسلام جي نامور مشاهيرن ۽ مدبرن سان گڏ، سنڌ جي بزرگن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ اڪابرن جا ڪارناما، ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا؛ ته جيئن سنڌي قوم، ان مان سبق حاصل ڪري ۽ انهن بزرگن جي نقش قدم تي هلي، ترقيءَ جي منزل ماڻي سگهي!، سوسائٽيءَ جي پليٽ فارم تي، ڪيترائي اهڙا سنڌي مورخ ۽ تذڪره نويس اچي گڏ ٿيا؛ جن سوانح حيات ۽ تذڪره نويسيءَ جي جديد اصولن کي سامهون رکي، انهيءَ فن تي قلم کنيو ۽ سنڌي  زبان ۾ ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا. اهي ڪتاب، سوانح جي فن جو هڪ بهترين مثال آهن ۽ اڄ به سنڌي زبان ۾، هڪ لاثاني شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا، مثلاً: فاتح سنڌ – غازي محمّد بن قاسم جي سوانح عمري – حڪيم قاضي عبدالخالق ”خليق“ مورائي (1931ع)، خليفه اول حضرت صديق اڪبر رضه حڪيم قاضي عبدالخالق ”خليق“ مورائي (1933ع)، هضرت عمر بن عبدالعزيز – شيخ عبدالمجيد سنڌي (1933ع) سڄاڻ زالون – محمّد صدق ”مسافر“ (1934ع)، امام اعظم عليہ الرحمة يعني سوانح عمري حضرت امام ابو حنيفه ؒ - لطف الله بدوي (1934ع)، امام اعظم عليہ الرحمة يعني سوانح عمري حضرت امام ابو حنيفه ؒ - لطف الله بدوي (1934ع)، سعيد بن جبير رضه – مولانا ميان محمّد نورنگزادو (1935)، سيف الله يعني سوانح عمري حضرت خالد بن وليد رضه – فضل بن محمّد قائماڻي (1935ع) قرب قليچ – محمد صديق ”مسافر“ (1936ع)، ڏهه جنتي- غلام رباني اعواڻ (1938ع) ۽ حضرت مخدوم نوح عليہ الرحمة – مخدوم ميان غلام حيدر صديقي (1940ع).

ديني ادب: سن 1843ع ۾ انگريزن مياڻي جي ميدان ۾ ٽالپرن کي شڪست ڏيئي، سنڌ ملڪ حاصل ڪيو. ٽالپرن جي صاحبيءَ تائي، سنڌ ۾ اسلامي تعليم جو گهڻو اثر رهيو. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾، اُن دور جي عالمن ۽ اڪابرن جي مدد سان سنڌ ۾، ديني ۽ مذهبي تعليم تمام گهڻو زور ورتو ۽ اهو علمي ورثو، ٽالپرن کي ورثي ۾ مليو. جڏهن سنڌ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، ته ان وقت به سنڌ ۾ ديني ادب تمام گهڻو هو؛ ليڪن انگريزن پنهنجي شطرنجي چال سان، مسلمانن کي اسلامي تعليم ۽ قدرن کان دور ڪرڻ لاءِ انگيرزي تعليم جو ڄار وڇايو. سنڌي زبان کي سنڌ صوبي جي سرڪاري زبان جي حيثيت ڏني وئي ۽ اُن سان گڏ انگريزي ٻوليءَ کي به سرڪاري لکپڙهه لاءِ سنڌ اندر رائج ڪيو ويو. اُن مان نون حڪمرانن جو اهو مقصد هو ته سنڌ جي ماڻهن کي ظاهري تعليم سان گڏ حاڪم جي تابعداري ۽ مذهب کان پري رکيو وڃي. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو، جو ٿعوري وقت ۾، سنڌ اندر، ديني تعليم ۽ ادب گهٽجڻ لڳو. قديم زماني جو مذهبي ۽ ديني ادب، جيڪو سنڌ جي ماڻهن وٽ موجود هو، اهو آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳو يا اڏوهيءَ جو کاڄ ٿيڻ لڳو. مسلمانن جي ننڍن ٻارن خواهه وڏن ۾، اسلامي اصولن کان ناوقفيت ٿيڻ لڳي، انهن ڳالهين کي آڏو رکي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پنهنجي اڳيان، ديني ادب ۽ ان جي اشاعت واري مقصد کي، سڀ کان وڌيڪ مقدم رکيو.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي پنهنجي قيام کانپوءِ اهو ظاهر ڪيو ته سنڌ جي ديني ادب کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويندو، انهيءَ سلسلي ۾ سوسائٽي جڏهن تصنيف ۽ تاليف سان گڏ پنهنجو اشاعتي سلسلو شروع ڪيو ته سڀ کان پهريائين ديني ۽ مذهبي ڪتابن جي اشاعت ڏانهن توجهه ڏنو ويو، ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ ننڍن ٻارن لاءِ ديني ۽ مذهبي ڪتابن جي سخت اڻاٺ هئي. نه صرف ننڍن ٻارن لاءِ پر وڏن پڙهيل خواهه اڻ پڙحيل مسلمانن لاءِ پڻ انهيءِ قسم جو ديني ڪتابن جي سخت ضرورت هئي. سنڌي زبان ۾ ديني ڪتابن جو هئڻ ان ڪري به ضروري هو ته هن پرڳڻي اندر مسلمانن جي گهڻائي هئي، ان ڪري انهن لاءِ لازمي هو، ته هُو اسلامي اصولن ۽ مذهبي ڳالهين کان واقف ٿين، ان ضرورت کي محسوس ڪندي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي سنڌي زبان ۾ ديني ۽ مذهبي ڪتابن لکرائن ۽ ڇپرائڻ جو معقول بندوبست ڪيو. سوسائٽي سنڌ جي ڪيترن ئي نامور ديني عالمن ۽ اديبن کان، مذهبي ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪرائي، ڇپائي جي زيور سان آراسته ڪيا، جهڙوڪ: اسلامي رسمون ۽ وڏا ڏينهن – گل محمّد ”آزاد“ صوفي (2931ع)، شهيد ڪربلا •[5] - ؟ (1932ع) بيت الله ۽ مسجد نبويءَ جي مختصر تاريخ – ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“ (1933ع)، اسلامي تصوف – مترجم: مخدوم ميان غلام حيدر صديقي (1934ع)، اسلامي شريعت، ڀاڱو پهريون – محمّد بخش ”واصف“ (1934ع) تاريخ القرآن – حاجي فيض محمّد ميمڻ (1936ع)، قرآني دعائون يا واليءَ در وينتون – محمّد عثمان ڏيپلائي (1936ع)، حقوق الذميين – مولوي عبادلرحيم مگسي (1938ع) فلسفه اسلام – حاجي فيض محمّد ميمڻ (1938)، نبين جا قصا – حاجي فيض محمّد ميمڻ (1939ع)، چاليهه حديثون – غلام محمّد شاهواڻي (1940ع)، اسلامي شريعت، ڀاڱو ٻيو، محمّد بخش ”واصف“ (1942ع)، اسلامي شريعت ڀاڱو ٻيو، محمد بخش واصف (1942ع)، اسلامي هدايت نامو – مترجم: مولانا فضل احمد غزنوي (1942ع)، جواهرات – مترجم: مولانا عبدالڪريم چشتي (1942ع)، اسلامي عقائد – مترجم: رسول بخش آخوند (1943ع)، اسان جو پيارو قرآن – مولانا عبدالواحد سنڌي (1944ع)، حقوق الوالدين – قاضي ميان عبدالخالق (1944)، ارڪان اسلام – مترجم رسول بخش آخوند (1945ع) ۽ مقاصد اسلام – مترجم قاضي عبدالرزاق (1945ع).

اصلاحي ۽ اخلاقي ڪتاب: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي ديني ۽ مذهبي ادب سان گڏ، اصلاحي ۽ اخلاقي ڪتابن جي هئڻ جي به ضرورت محسوس ڪئي، ان دور ۾، سنڌ جي مسلمانن ۾ اهڙيون رسمون، رواج ۽ عادتون داخل ٿي ويون هيون، جن جي اصلاح ۽ سڌاري جي سخت ضرورت هئي. ائين کڻي چئجي ته ان دور ۾ سنڌي معاشري اندر، خاص طرح مسلم معاشري ۾ تمام گهڻيون اوڻايون پيدا ٿي چڪيون هيون، جاگيرداري نظام ۽ ڌارين حڪمرانن جي پشت پناهيءَ سبب، مسلم معاشرو زبون حالت کي پهچي چڪو هو، ان دور جي مسلمانن جي معاشرتي ۽ اخلاقي لحاظ کان پوئتي پوڻ جي حالت جي باري ۾ خانبهادر محمّد صديق ميمڻ لکي ٿو.

”هن وقت جيڪو لٽريچر (علم ادب) سنڌ ۾ پيدا پيو ٿئي، تنهن مان گهڻو ڪري نفاق، تنگ دلي ۽ ماده پرستي يا مايا پرستي جي بوءِ پيئي اچي. اهڙي علم ادب مان جيڪو نقصان قوم کي پيو پهچي، سو سڀ ڪو علم وارو محسوس ڪري سگهي ٿو.

اڄ روحانيت جي بجاءِ ماده پرستي آهي، اتفاق جي بجاءِ نفاق جاري آهي. تواضع جي بجاءِ تڪبر ۽ وڏائي گهر ڪري ويئي آهي. مذهب جي آڙ ۾، هڪ ٻئي جا گلا ڪاٽي رهيا آهيون. اهي بد خصلتون، بد عادتون ۽ وحشي هلتون جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلد بند ڪرڻ گهرجن.“ (30)

انهن مڙني مٿين ڳالهين کي زباني تقرير جي بدران ڪنهن اهڙي نموني سُڌاري ۽ اصلاح جي ضرورت هئي، جنهن سان بگڙيل معاشري ۾ سُڌارو آڻي سگهجي. انهيءَ مقصد کي آڏو رکي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي اصلاحي ۽ اخلاقي ڪتابن لکرائڻ ۽ ڇپائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو. سنڌ جي ڪيترن نامور عالمن ۽ اديبن کان طبعزاد ڪتاب لکرايا ويا ۽ ڪن کان وري ٻين ٻولين جا بهترين اصلاحي ۽ اخلاقي ڪتاب ترجمو ڪرائي، ڇپايا ويا. مثلاً: قرآن ۽ نئين روشني – مترجم: حڪيم قاضي عبدالخالق ”خليق“ مورائي (1932ع)، دين ۽ دنيا  - قاضي عبدالرزاق (1932ع)، ٽن ڏينهن جي بادشاهي يا هاريءَ جي حڪومت – خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1932ع)، مسلمان عورتن جي شجاعت، رسول بخش آخوند (1933ع)، مسلمان جي تنزل جا اسباب ۽ علاج – فتح محمّد قريشي (1933ع)، دُر – يتيم يا گوهر ناياب – فتح محمّد قريشي (1935ع)، ضمان الفردوس – مرزا قليچ بيگ (1935ع)، عقود السلالي يا موتين جو هار _ مترجم: مرزا قليچ بيگ (1937ع)، ترقي سنڌ مسلم _ علي خان ابڙو (1939ع)، دختران اسلام – مسز عبدالرزاق مُغل (1939ع)، اسلامي نظام تعليم – مترجم: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1940ع)، جواهر اسلام _ مترجم: غلام محمّد شاهواڻي (1940ع)، مدرسة البنات جو افتتاح _ مرتب: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1940ع)، تهذيب اخلاق_ مترجم: مرزا قليچ بيگ (1940ع) ، ترڪن جي بهادري – غلام محمّد شاهواڻي (1941ع)، گلشن بهار – غلام محمّد شاهواڻي (1942ع)، اخلاق محسني، ڀاڱو پهريون – مترجم: محّد صديق. ”مسافر“ (1943ع)، سچائي ۽ همت – خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1943ع)، توبة النصوح – مترجم خانبهادر محمّد صديق ميمڻ؟ (1944ع)، اخلاق محسني، ڀاڱو ٻيو – مترجم: محمّد صديق ”مسافر“ (1947ع).

سنڌ جي تواريخ تي تحقيق: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ، سنڌ جي قديم تواريخ کي صحيح نموني ۾ مرتب ڪرائڻ لاءِ، سنڌ جي ڪيترن ئي نامور مصنفن ۽ مورخن جون خدمتون حاصل ڪيون. عربن کان اڳ ۾ سنڌ تي ڪهڙيون قومون راڄ ڪنديون رهيون ۽ ان کانپوءِ ڪهڙن ڌارين حڪمرانن سنڌ تي قبضو ڪيو، انهيءَ بابت سمورو تحقيقي احوال قلمبند ڪرائڻ لاءِ هڪ جامع منصوبو تيار ڪيو ويو. انگيرزن سنڌ تي پنهنجي حڪومت دوران، پنهنجن مقصدن ۽ مفادن خاطر، هن پرڳڻي جي تواريخ تيار ڪرائي هئي، انهيءَ تواريخي مواد ۾ اهو ڏيکاريو ويو هو، ته صرف مسلمان حملي آور هئا ۽ اهي هندن تي غاصبانه نموني ۾ حڪومت ڪندا هئا؛ حالانڪه ائين نه هو. مسلمانن جا هر ملڪ سان، قديم دور کان وٺي، واپاري، سماجي، سياسي، علمي ۽ ثقافتي ناتا قائم هئا.

عرب دور کان اڳ ۾، سنڌ بابت جيڪو تواريخي مواد ملي ٿو، اهو سڀ روايتي انداز ۾ آهي. قديم دور تي هن وقت تائين ڪو به مستند تواريخي ڪتاب مرتب نه ڪيو ويو آهي. قريباً 1400ع تائين، سنڌ جي تواريخ جو مواد، عربيءَ ۾ ملي ٿو. ان کانپوءِ سن 1500ع کان 1800ع تائين غزنوي ۽ دهليءَ جي سلطانن، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو راڄ رهيو. ان دور جو سمورو تواريخي سرمايو، فارسي زبان ۾ ملي ٿو. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي قيام تائين، تاريخ معصومي،[6] تحفة الڪرام، چچنامو، بيگلارنامو، ارغون نامو، ترخان نامو، تاريخ طاهري وغيره سنڌيءَ ۾ ترجمو نه ٿيا هئا. سوسائٽيءَ انهيءَ مٿئين سموري تواريخي مواد کي مڪمل نموني ۾، نئين ۽ جديد اصولن تي سوڌي ۽ سنواري، ”سنڌ جي هڪ مستند تواريخ ”تيار ڪرائڻ جو منصوبو تيار ڪيو. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ پنهنجي اشاعتي پروگرام تحت ”تاريخ سنڌ“ جا پنج ڀاڱا شايع ڪرايا: تاريخ سنڌ، ڀاڱو پهريون – مولوي نور محمد نظاماڻي (1931ع، تاريخ سنڌ، ڀاڱو ٻيو – مولوي نور محمّد نظاماڻي (1932ع)، تاريخ سنڌ، ڀاڱو ٽيون – عبدالغني عبدالله (1939ع)، تايرخ سنڌ، ڀاڱو چوٿون – محمّد صديق ”مسافر“ (1941ع)، تايرخ سنڌ، ڀاڱو پنجون – محمّد صديق ”مسافر“ (1941ع)، انهيءَ سلسلي ۾، مير حسن علي خان ٽالپر جو منظوم ”سنڌ جو شاهنامو، يا ”ڪلهوڙن جي هار“[7] ميان غلام نبي ميمڻ کان مرتب ڪرائي، سن 1938ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. ان کانسواءِ ”تواريخ“ جي موضوع تي هيٺيان ڪتاب پڻ پڌرا ڪيا ويا: هندستان جي تهذيب – مترجم: عبدالشڪور منشي (1941ع)، هندستان ۾ مسلم حڪومت جي تهذيب – مترجم: رحيم بخش ميمڻ (1944ع) ۽ خلافت راشده – خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1947ع).

سنڌي ادب: سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي، سنڌ جي تواريخي مواد کي سهيڙڻ ۽ سميٽڻ کان پوءِ، سنڌي علم ۽ ادب جي طرف توجهه ڏنو. سنڌي علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري سان گڏ، سنڌ جي قديم ڪلاسيڪي ادب کي به ظاهر ڪرڻ لاءِ پروگرام رٿيو ويو. سوسائٽي جي ڪوشش سان، ڪيترن ئي مصنفن جي قلمي مسودن کي گمناميءَ جي ڪُن مان ٻاهر ڪڍي، انهن کي نهايت سهڻي نموني سان شايع ڪرايو ويو. انهيءَ ڏس ۾ سوسائٽي ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪتاب شايع ڪرايا. مثلاً: ادبي تحفو مرتب: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1932ع)، ديوان گل[8]- مرتب: قاضي عبدالغفور هالائي (1933ع)، مسدس اٻوجهو – مولوي الهه بخش ”اٻوجهو“ (1934ع)، رهنمائي شاعري، ڀاڱو پهريون – ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“ (1935ع)، رهنمائي شاعري، ڀاڱو ٻيو- ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“ (1936ع)، ديوان فاضل[9] - مرتب: محمّد صديق ”مسافر“ (1937ع)، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو پهريون – خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1937ع)، اسلامي ڪتبخانا – مترجم: سيد حسام الدين راشدي (1938ع)، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو – خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1951ع) رسالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي ؒ - مرتب: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1951ع) ۽ ديوان سانگي – مرتب: خانبهادر محمّد صديق ميمڻ (1952ع).

مدرسة البنات جو قيام: سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ کي وجود ۾ آئي، نَوَ سال پورا ٿي چُڪا هئا، انهيءَ عرصي ۾ سوسائٽي سنڌي ڪتابن جي اشاعت، مشاعرن، تحريرن ۽ تقريرن ۽ دارالمطالع جي قائم ڪرڻ سان، سنڌ جي ماڻهن ۾، علم ادب جو شوق پيدا ڪيو ۽ کين انهيءَ ڳالهه جو احساس ڏياريو ته سنڌي قوم به دنيا جي ٻين مهذب قومن وانگر، هڪ زنده ۽ متمدن قوم آهي ۽ اُن ۾ ايتري صلاحيت موجود آهي، جو اُها پنهنجيءَ زبان ۽ ادب جو تحفظ ڪري سگهي ٿي!. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي وجود، پاڻ کي سنڌ وارن وٽ تسليم ڪرايو، ته واقعي سنڌ ۾ هيءَ ئي هڪ ادارو آهي، جو علمي طرح سان، سنڌي زبان ۽ ادب ۽ سنڌي مسلمانن جي خدمت ڪري ٿو. سوسائٽيءَ علمي ۽ ادبي خدمتن سان گڏ تعليمي ميدان ۾ پڻ گرانقدر خدمتون سرانجام ڏنيون، انهيءَ سلسلي ۾ نياڻين جي تعليم طرف وڌيڪ توجهه ڏنو ويو.

انگريزن، سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌي پرائمري ۽ انگيرزي هاءِ اسڪول کوليا. ان سان گڏ ڪن خانگي ادارن جي طرفان پڻ انگريزي اسڪول هلي رهيا هئا، انهن اسڪولن ۾، صرف ڇوڪرن جي تعليم جو بندوبست ڪيل هو. ڪن اسڪولن ۾، ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪريون پڻ تعليم پرائينديون هيون، جن ۾ مسلمان ڇوڪريون، تمام ٿوريون هونديون هيون. سنڌ ۾، مسلمان ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪو به ثانوي اسڪول ڪو نه هو، جتي هو دنيوي تعليم سان گڏ انگيرزي ۽ دبئي تعليم حاصل ڪري سگهن. هن کان اڳ ميان حسن علي آفندي، سيد الهندي شاهه ۽ ميان نور محمّد مسلمان ڇوڪرن لاءِ، ڪراچي، نوشهروفيروز ۽ حيدرآباد ۾ تعليمي درسگاهون قائم ڪيون؛ جن ۾ پڻ مسلمان ڇوڪرا، انگريزي تعليم سان گڏ ديني تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي زناني تعليم جي اهميت کي محسوس ڪندي، ان طرف سڀ کان وڌيڪ توجهه ڏنو.

سنڌ 1939ع ۾ سوسائٽيءَ جي بانيڪارن سيد ميران محمّد شاهه، خانبهادر محمّد صديق ميمڻ ۽ محمّد اسلم، ”انجمن حمايت الاسلام“ لاهور جي زناني اسڪول ۽ جالنڌر جي ”مدرسة البنات“ جو وڃي معائنو ڪيو. ”انجمن حمايت الاسلام“، مسلمان نياڻين جي تعليم جي سلسلي ۾، وڏي خدمت سرانجام ڏئي رهي هئي. ان اسڪول ۾، انگريزي تعليم سان گڏ ديني، هُنري ۽ خانه داريءَ جو ڪم پڻ سيکاريو پئي ويو. ساڳئي وقت، جالنڌر جو ”مدرسة البنات“، هندستان جي نياڻين جي هڪ اعلى درسگاهه هئي؛ جنهن ۾ پڻ مٿئين ريت، تعليم ڏيڻ جو نمونو، رواج ۾ هو. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، انهن ٻنهي اعلى درسگاهن جي آزمودي ۽ تجربي کي آڏو رکي 1- اپريل 1940ع تي حيدرآباد شهر ۾، ”مدرسة البنات“ جي نالي سان، نياڻين جي درسگاهه جو بنياد وڌو. (31) هن مدرسي ۾ انگريزي تعليم سان گڏوگڏ قرآن ڪريم، عربي، سنڌي، اردو ۽ دينيات جي تعليم ڏيڻ جو بندوبست ڪيو ويو. انگريزي، عربي ۽ اردو تعليم پڙهائڻ لاءِ هڪ اعلى تعليميافته، عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي بي – اي – پاس مسلمان معلمه مقرر ٿيل هئي. ان کان علاوه، ٻه تجربيڪار مسلمان ماسترياڻيون ۽ قرآن ڪريم سيکارڻ الءِ هڪ خاص معلمه مقرر ٿيل هيون. مدرسي جي منتظمه ڪاميٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر مس محمّد علي ۽ هيڊ مسٽريس مس اي – شيخ صاحبه هئي. مدرسي ۾ نياڻين جي پردي جو پورو پورو بندوبست ٿيل هو. نيانين جي آڻڻ ۽ نيڻ لاءِ، پٽيوالين ۽ هڪ خاص بس جو انتظام ٿيل هو. (32) هيءُ مدرسو شروع ۾، هڪ خانگي جاءِ ۾ هلايو ويو. بعد ۾ مدرسي جي عمارت لاءِ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ، سنڌ سرڪار جي منظوري سان، ڏهه هزار فوٽ زمين ڏني.(33)

25- آگسٽ 1940ع تي مدرسة البنات جي سنگ بنياد رکڻ لاءِ آنربل سيد غلام مرتضى شاهه (جي ايم سيد)، وزير تعليم سنڌ جي صدارت ۾، هڪ جلسو ٿيو. ڊاڪٽر شيخ محمّد ابراهيم ”خليل“ افتتاحيه قصيدو پڙهيو. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي سيڪريٽريءَ خانبهادر محمّد صديق ميمڻ جي رپورٽ کانپوءِ سوسائٽي جي صدر، سيد ميران محمّد شاهه پنهنجي تقرير ۾ اسلامي، سياسي ۽ معاشرتي نقطه نظر سان، عورتن جي تعليم تي روشني وڌي. شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمّد دائود پوٽي تعليم نسوان تي، اسلامي احڪامن جي مدنظر تي، هڪ پُراثر تقرير ڪئي. مخدوم ميان غلام حيدر صديقي پنهنجي هٿن سان، مدرسي جي عمارت جو سنگ بنياد رکيو. آخر ۾ سيد غلام مرتضى شاهه پنهنجي صدارتي تقرير ۾، سوسائٽي جي ڪم کي ساراهيو ۽ پنهنجي طرفان پوري امداد ڪرڻ جو يقين ڏياريو. (34) ٻئي ڏينهن 26 – آگسٽ 1940ع تي، مسلمان عورتن جو جلسو سڏايو ويو، جنهن جي صدارت بيگم حاجي عبدالله هارون ڪئي. (35) انهيءَ جلسي جي ڪارروائي، روزنامه ”الوحيد“ ڪراچي، 3- آگسٽ 1940ع واري اشاعت ۾ وڏي سُرخيءَ سان شايع ڪئي. ”مدرسة البنات“ اڄ به قائم آهي ۽ اسان جي بزرگن جي ڪيل ڪوششن ۽ محنتن جو هڪ روشن مينار آهي.

پُڄاڻي

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، هڪ اهڙي دور ۾ پيدا ٿي؛ جنهن کي ائين کڻي چئجي، ته اهو ڌارين جي بالادستي جو دور هو. اُن دور ۾ سنڌ، انتظامي لحاظ کان، بمبئي پريزيڊنسيءَ جو هڪ پرڳڻو هئي. ان بابت اسان منڍ ۾، ڪافي تفصيل سان بيان ڪري آيا آهيون. سنڌ ملڪ، بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڪافي پري هو ۽ اُن کي هر لحاظ کان  نظرانداز رکيو پئي ويو. سنڌ ۾ قائم ٿيل تعليم کاتو پڻ ان ڏس ۾، سنڌي زبان، ادب، ثقافت ۽ معاشري جهڙين ڳالهين کي، وسيع نموني ۾ ايترو اُجاگر ڪري نه سگهيو. ان دور ۾ ٻيون ڪيتريون علمي ۽ ادبي تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون هيون، جن پنهنجيءَ پنهنجيءَ پر ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي وڌڻ ۽ ويجهڻ لاءِ، ڪوششون پئي ورتيون: ليڪن اُهي به ڪن سياسي ۽ فرقي پرستيءَ جي دامن ۾ جڪڙجي، پوئتي پئجي ويون، اهڙي ڏکئي ۽ مشڪل وقت ۾، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو قيام، سنڌ وارن لاءِ هڪ عظيم ڪارنامي کان گهٽ نه آهي. سوسائٽي جي اعلى معيار، وسعت نگاهه، حيرت انگيز ڪارنامن ۽ مثالي ڪدردار کي ڏسي، اسان سنڌ واسين کي، اُن تي جيترو به فخر ۽ خوشي ڪرڻ گهرجي، اها تمام ٿوري آهي، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي علم ۽ ادب، دين ۽ مذهب، تواريخ، فن ۽ ثقافت بابت، جيڪا اڻ ٿڪ ڪوشش ۽ خدمت ڪئي آهي؛ اها صدين تائين، سنڌ جي علمي ۽ ادبي تواريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکندي. دنيا جون زندهه ۽ مهذب قومون، پنهنجن اهڙن ادارن جي ڪيل خدمتن تي، هميشه ناز ۽ فخر ڪنديون آهن. سوسائٽيءَ لڳاتار ويهه ورهيه، سنڌ جي خدمت ڪئي ۽ مٿي بيان ڪيل مختلف عنوانن تي، پنجهتر ڪتاب ڇپائي، سنڌي زبان ۽ ادب جو دامن ايترو ته وسيع ڪيو، جو اهي ڇپايل ڪتاب صدين تائين يادگار جي حيثيت رکندا.

سوسائٽي جو ٻيو عظيم ڪارنامو اهو آهي ته هن پنهنجي پليٽ فارم تي، سنڌ جي وڏن جيد عالمن، اديبن، شاعرن ۽ اهل ذوق کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، مرڪزيت قائم ڪئي، سواءِ ڪنهن مت ڀيد جي انهي سڀني عالمن ۽ اديبن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو. سوسائٽي ۾ ڪڏهن به ٻه اکيائي کان ڪم نه ورتو، ننڍن خواهه وڏن، مشهور خواهه غير معروف اديبن ۽ شاعرن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي ۽ انهن سڀني جي هڪ جهڙي همت افزائي ڪري، کين سنڌي ادب سان متعارف ڪرايو. طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن کي همٿايو ويو، جنهن جو بنياد، اڳ ۾ ئي جميعت الشعراءِ سنڌ طرفان پئجي چڪو هو. اهڙي طرح سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ، سنڌي زبان ۽ ادب جي سڀني تقاضائن کي ظاهر ڪري، ادب جي اصل مقصد ۽ رخ کي اجاگر ڪيو.

سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي کي هلائڻ ۽ اُن کي ترقي وٺرائڻ ۾، خانبهادر محمّد صديق ميمڻ جو وڏو ڪردار آهي، جيتوڻيڪ ميمڻ صاحب، ڪنهن حد تائين تنقيد جو هدف به رهيو؛ ليڪن هُن ڪڏهن به همت نه هاري. هُن پنهنجي خلوص وارن دلي دوستن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي مجموعي قوت ۽ همت سان، سوسائٽي کي لڳاتار ويهه ورهيه هلايو. هن اداري کي ڪابه سرڪاري سرپرستي حاصل ڪانه هئي. شروع ۾، کين پنهنجي پريس به ڪانه هئي، ليڪن انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، هن باهمت مرد، سوسائٽي کي هلايو ۽ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته قيام پاڪستان کانپوءِ به هن اداري جي شمع ٽمڪندي رهي، جتي خلوص، محبت ۽ اورچائي هوندي آهي اتي انسان ڪڏهن به نااميد ۽ نراس نه رهندو آهي. آخر ۾، هن علمي ۽ ادبي اداري جي اها ٻرندڙ شمع، دنيا جي انقلابن ۽ حالتن جو شڪار ٿي، هميشه لاءِ گُل ٿي ويئي. جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب زندهه آهي، تيستائين سوسائٽيءَ جا علمي ۽ ادبي ڪارناما ياد رهندا.

هتي، افسوس سان اهو ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته سنڌ جي قومي، علمي ۽ ادبي ادارن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي انهن ناياب ڪتابن کي، ٻيهر شايع نه ڪيو آهي، جنهن ڪري اسان جو اهو سمورو علمي ۽ ادبي خزانو ناس ٿي ويندو ۽ انهن ڪتابن جا نالا يادگار طور وڃي رهندا. دراصل سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو روح روان، سنڌ جو مشهور عالم ۽ روحاني رهبر، مخدوم ميان غلام حيدر صديقي هالائي هو؛ جنهن هن اداري جي هڙئون ۽ وڙئون، تمام گهڻي مدد ڪئي، انهيءَ ساڳئي خاندان جو هڪ اعلى اديب، شاعر ۽ روحاني رهبر، قبله مخدوم محمّد زمان ”طالب المولى“ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين آهي. سندن خدمت ۾ نماڻو عرض آهي ته پنهنجي وڏن جي هن قومي ورثي کي، تباهي ۽ برباديءَ کان بچائڻ لاءِ ڪو قدم کڻي.

آخر ۾ ايترو ضرور چوندس، ته انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو کي جس هجي، جنهن سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جي ڪن تواريخي ڪتابن کي ٻيهر شايع ڪرايو آهي. اچو ته اسان سڀ گڏجي، سنڌ جي اهڙن قديم علمي ۽ ادبي ادارن طرفان شايع ٿيل ڪتابن کي وري وري ڇپايون ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جو دامن هميشه مالا مال رهي. ڪنهن شاعر، ڪهڙو نه سچ چيو آهي:

”قوم زندهه ٿي رهي، پر جي زبان زندهه رهي!“

حوالا

تفصيل لاءِ ڏسو ”گدائي“ عبدالڪريم، ”1857ع جي جنگ ۾ سنڌ جو حصو“ (مضمون).

ماهوار  ”نئين زندگي“ ڪراچي سنڌ، مارچ 1968ع، ص 30 کان 34.

رامواڻي موتيرام – ايس: ”سنڌ ۾ پبلڪ جيوت جو اوائلي دور“ (مضمون)، ڏسو هفتيوار ”هند واسي“ بمبئي، 1969ع، ص 5

 Sorley. H. T. The Gazetteer of West Pakistan – The former Provice of Sindh, West Pakistan Government Karachi, 1968, pp 67.

”اٻوجهو“ الهه بخش مولوي: ”مسدس اٻوجهو“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ، 1934 ص 54

ايضاً، ص 56

سيد جي ايم: ”سنڌ جي بمبئي کان آزادي“، حيدري پرنٽنگ پيرس حيدرآباد سنڌ، 1968ع، ص 91، 92

شيخ عبدالرزاق ”راز“: ”آزادي جي تحريڪ ۽ سنڌ“ (مضمون)، ڏسو ماهوار ”نئين زندگي“ ڪراچي سنڌ، آگسٽ 1968ع، ص 29

ايضاً، ص 28

سيد ميران محمّد شاهه: ”سنڌ جي علحدگي جي تواريخ“ (مضمون)، ڏسو روزنامه ”الوحيد“ ڪراچي سنڌ جو ”سنڌ آزاد نمبر“، 1936ع، ص 115

ايضاً

ايضاً، ص 116

ايضاً

ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، سال 32-1931ع ۽ ادبي تحفو“، مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، ص ج

ميمڻ محمّد صديق: ”سنڌي ساهت ڪانفرنس 1936ع – صدارتي تقرير“، مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، ص 16

ايضاً

ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، سال 32-1931ع ۽ ادبي تحفو“، مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، ڏسو پويون سر ورق.

ايضاً، ص ج

ايضاً

 ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 34- 1933ع ۽ ادبي تحفو، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ، ص الف، ب

 ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 35 – 1931ع ۽ ”ادبي تحفو“، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پيرس حيدرآباد سنڌ، ص 1، 2

 ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد، سال 32 – 1931ع ۽ ”ادبي تحفو“، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پيرس حيدرآباد سنڌ، ص 6

 ايضاً، ص 13

 ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 34 – 1933ع ۽ ”ادبي تحفو“، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پيرس حيدرآباد سنڌ، ص 1

ايضاً، ص 3

 ايضاً، ص 2

 ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 35 – 1934ع ۽ ”ادبي تحفو“، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پيرس حيدرآباد سنڌ، ص 34، 35

 ميمڻ محمّد صديق: ”سالانه رپورٽ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو ساليانو جلسو، سال 32 – 1931ع ۽ ”ادبي تحفو“، ص 14

 ايضاً، ص 31

 ايضاً، ص 32

 ايضاً، ص 29، 30

 ميمڻ محمّد صديق: ”مدرسة البنات جو افتتاح“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ، 1941ع، ص 7

 ايضاً

 ايضاً، ص 8

 ايضاً، ص 37

 ايضاً، ص 38


 


”دارالمصنفين“ اعظم ڳڙهه، هندستان جي مسلمانن جو هڪ مشهور علمي ۽ ادبي اشاعتي ادارو آهي. برصغير جي مشهور عالم، اديب ۽ محقق مولانا شبلي نعمانيءَ، هن اداري کي وڏي جدوجهد ۽ ڪوشش سان قائم ڪيو. علامه شبلي نعماني سنه 1914ع ۾ اعظم ڳڙهه جي هڪ پُر فضا ۽ پُرسڪون ماحول ۾، هن اداري کي وجود ۾ آندو. مولانا صاحب پنهنجو خانداني گهر ۽ باغ، هن اداري لاءِ وقف ڪري ڇڏيا، برصغير جي وڏن جَيد عالمن، اديبن ۽ محققن کي گڏ ڪري، هن اداري ۾ آندو ويو. سن 1915ع ۾ سيد سليمان ندوي، مسعود علي ندوي ۽ مولانا عبدالاسلام ندوي جهڙن علم دوستن ۽ محققن باقاعده هن اداري ۾ علمي، ادبي ۽ تواريخي ڪم، عملي طرح سان شروع ڪيو. هن اداري جا مکيه مول ۽ مقصد هي هئا:

1-        سموري برصغير جي وڏن اهل قلم ۽ مصنفين کي جمع ڪري، هڪ باقاعدي جماعت کي وجود ۾ آڻجي.

2-       اعلى ۽ بلند پايي جي ڪتابن کي گهڻي تعداد ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪرائجي.

3-       علمي ۽ اعلى درجي جا معياري ڪتاب شايع ڪرايا وڃن.

هن اداري سڀني علوم جي وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ هر فن تي نهايت اعلى ۽ عمدا ڪتاب شايع ڪرايا. خاص طرح، مسلمانن جي تواريخي سرمايي کي يڪجاءِ ڪري، ان کي سلسليوار شايع ڪرايو ويو، ان کانسواءِ علمي، ادبي ۽ مذهبي ڪتاب پڻ شايع ڪرايا ويا. سچ پچ ته هيءُ ادارو ئي هو، جنهن برصغير جي مسلمانن ۾ علمي، ادبي، مذهبي ۽ تواريخي ساڃاهه پيدا ڪئي. هيءُ ادارو اڄ تائين قائم آهي. (ڏسو، ڊاڪٽر سيد محمّد عبدالله:”اردو دائره معارف اسلاميه“، جلد 9، دانش گاهه پنجاب لاهور، 1986ع، ص 38-135).

 سر چارلس نيپيئر ڇهه سال سنڌ جو گورنر ٿي رهيو. اُن وقت پنجاب اڃا سکن جي قبضي ۾ هو ۽ انگريزن اُن کي فتح نه ڪيو هو، جيڪڏهن پنجاب، اُن وقت انگريزن جي قبضي ۾ هجي ها ته سنڌ کي بمبئي جي بجاءِ پنجاب سان ملايو وڃي ها. لارڊ ڪرزن جي ڏينهن ۾ پڻ سنڌ جي پنجاب سان ملائڻ جي تحريڪ هلي هئي، مگر ان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيا. [سيد ميران محمّد شاهه ”سنڌ جي علحدگيءَ جي تواريخ“ (مضمون)، ڏسو روزنامه ”الوحيد“ ڪراچيءَ جو ”سنڌ آزاد نمبر“ 1936ع، ص 115هه]

[3]  • مولوي الهه بخش ”اٻوجهي“ پنهنجي جاءِ تي هڪ مجلس ڪوٺائي، جنهن ۾ 63 ماڻهو حاضر هئا. خانبهادر حسن علي آفندي ۽ سيٺ فتح علي، مولوي صاحب جي ”مجمع محمّدي“ جي تائيد ڪئي. مولوي صاحب 18 – جون 1884ع تي مرزا عالم محمّد جي مدد سان شڪارپور ۾، 20 سيپٽمبر 1884ع تي مرزا قلب عليءَ جي سهڪار سان لاڙڪاڻي ۾ ۽ 12 مارچ 1885ع تي جيڪب آباد ۾ ”مجمع محمّدي“ جون شاخون قائم ڪيون. (ڏسو ”اٻوجهو“ الهه بخش مولوي: ”مسدس اٻوجهه“، ص 2)

[4]  • سن 1935ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جي شاخ قائم ڪئي وئي ۽ ان جو سيڪريٽري يار محمّد ٽانوري ”مسلم“ کي مقرر ڪيو ويو.

[5]  • هيءُ ڪتاب، وڏي جستجو ۽ تلاش جي باوجود، دستياب ٿي نه سگهيو آهي. سنڌ جي عالمن ۽ اديبن کي نماڻي گذارش آهي ته جنهن به صاحب وٽ اهو ڪتاب موجود هجي ته راقم کي ضرور ڄاڻ ڪرڻ فرمائي. (ق –ح-خ).

[6]   ديوان ننديرام سيوهاڻي سن 1854ع ۾، ”تاريخ معصومي“ جو ”تاريخ سنڌ“ جي نالي سان سنڌي نثر ۾ ترجمو ڪيو.

[7]  هن ڪتاب تي راقم جو تفصيلي مقالو، ٽماهي ”مهراڻ“ نمبر 2، سال 1987ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

[8]  ”ديوان گل“ پهريون دفعو سن 1868ع ۾، خليفي گل محمّد پاڻ بمبئيءَ مان شايع ڪرايو هو.

[9]   ”ديوان فاضل“ پهريون دفعو سن 1875ع ۾ ڇپيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 \
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com