رشيد زهراڻي مضمون نمبر:-1
نياڻين جي تعليم جي اهميت
هڪ چوڻي آهي ته، ”توهان هڪ ڇوڪرو پڙهائي صرف هڪ خاندان کي
پڙهايو ٿا، پر هڪ نياڻيءَ کي پڙهائي توهان ڪيترن
ئي خاندانن کي تعليم جهڙي زيور سان سنواري ٿا
ڇڏيو. ”انهيءَ چوڻيءَ مان ئي اسان اندازو لڳائي
سگهون ٿا، ته نياڻين جي تعليم ڪيڏي نه اهميت رکي
ٿي. هونئن به سنڌيءَ جي هڪ چوڻيءَ موجب ته، ”ڌيئر
پرائو ڌڻ هونديون آهن.“
اڄوڪي، نياڻي سڀاڻي پرڻجي؛ ماءُ بڻجي پرائو گهر وسائيندي ۽
جيڪڏهن، هوءَ سڌريل، سلڇڻي ۽ بااخلاق هوندي، ته
پرائي گهر ۾ مانُ ۽ مرتبو لهندي، ۽ هرڪو مٿس گهور
پيو ويندو. ۽ اهي سڀ شيون هڪ پڙهيل ڳڙهيل عورت
وٽان ئي ملي سگهنديون.
پڙهيل ڳڙهيل نينگري، جڏهن ماءُ جو ويس اوڙهيندي، تڏهن، هوءَ اڻ
پڙهيل عورت جي ڀيٽ ۾ پنهنجي گهر جي ماحول جي سٺي
نموني پرگهور لهندي،. مثال طور: هوءَ پنهنجي اولاد
جي هوم ورڪ وغيره ۾ هڪ استاد جيان سندن مدد ڪندي،
انهن جي صحت صفائيءَ ۽ اُنهي سان گڏ هوءَ گهرجي
سامان سڙي جي حفاظت ڪرڻ، ليکي چوکي، اٿڻي ويهڻي،
آئيءَ وئيءَ جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، ۽ پنهنجي گهرجي ٻين
بنيادي ضرورتن جو پڻ خاص خيال رکندي.
واندڪائيءَ جي وقت ۾ بجاءِ ٻين عورتن سان ڪچهري ڪري، وقت وڃائڻ
جي، ڪو نه ڪو سئي سڳي، يا ٽوپي ٽڳي جو ڪم ڪار
ڪندي، جنهن مان نه صرف هوءَ پنهنجي گهر گهاٽ، پر،
ملڪي ناڻي ۾ به اضافو ڪندي. پر، جي ان جي برعڪس اڻ
پڙهيل عورت، نه ته پنهنجي اولاد جي پڙهڻ لکڻ ۾
مددگار ثابت ٿيندي، نه ئي کيس پنهنجي گهر گهاٽ کي
صحيح نموني هلائڻ جو ڏانءُ هوندس. کيس پنهنجي
اولاد جي سٺي کاڌ، خوراڪ جي خبر چار کان ناواقفيءَ
جي باعث، سندس جي صحت جي خرابيءَ جو ڪو به مسئلو
اڀرڻ حتمي شڪل اختيار ڪري ويندو. پڙهيل ڳڙهيل عورت
پنهنجي اولاد کي اخلاق جي زيور سان مالا مال ڪري
ڇڏيندي آهي. ۽ کين سٺو ڳالهائڻ ۽ سٺا ڪم ڪرڻ جا
سبق ڏيندي آهي؛ ماءُ جي ان ناتي جي باوجود انسان،
جيڪا ٻولي، ٻالڪ پڻ ۾ پنهنجي پيءُ، ماءُ کان سکي
ٿو، ان کي مادري ٻولي
(Mother Tongue)
ڪوٺيو وڃي ٿو. نڪي پدري ٻولي
(Father Tongue).
ٻي ڳالهه ته اسان جي ملڪ ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي آبادي گهڻي
آهي. ۽ جيڪڏهن ملڪ جي اڪثريت تعليم کان محروم رهجي
وڃي، ته توهان خود ئي اندازو لڳايو، ته اسان جو
ملڪ ڪهڙي ترقي ڪري سگهندو-؟ اسان جي ان شعبن جو ڇا
ٿيندو جن ۾ صرف ۽ صرف عورتن جي گهرج آهي؟ ڇا اهي
ادارا بند نه ٿي ويندا-؟ انهن ڳالهين کان واقف
ٿيندي ئي اسان ڄاڻي سگهون ٿا، ته مردن جي تعليم
کانسواءِ نياڻين جي تعليم به ڪيڏي نه قيمتي ۽
اڄوڪي وقت جي گهرج آهي.
عبدالحفيظ النواز ملڪاڻي مضمون نمبر:1
نياڻين جي تعليم جي اهميت
نياڻين جي تعليم جي تمام گهڻي اهميت آهي. ۽ انهي طرف هر ڪنهن کي
توجه ڏيڻ گهرجي؛ ڇو ته صرف ڇوڪرا ئي پڙهي، اسان جي
ملڪ جو نالو روشن نه ڪندا، پر نياڻيون به پڙهي
اڳتي هلي ملڪ جي خدمت ڪنديون. اڳئين دور ۾ نياڻين
جي تعليم جي ڪابه اهميت نه هئي. ڇوڪرين جا والدين
صرف اهو ئي بهانو ٺاهيندا هئا، ته اسان وٽ ڇوڪرين
جو پردي ۾ رهڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، پر هاڻ نياڻين
جي تعليم لاءِ سٺا اُپاءُ ورتا ويا آهن. ڪيترائي
اسڪول کوليا ويا آهن. ان مان ظاهر آهي، ته نياڻين
جي تعليم جي اهميت تمام اهم آهي.
ڪنهن گهر ۾، هڪ عورت پڙهيل هوندي، ته ان جو گهر صحيح اصول ۽
طريقي تي هلندو، پر جنهن گهر ۾ ڪابه عورت پڙهيل نه
هوندي، اتي ڪوبه اصول ۽ صحيح طريقو نه هوندو ۽ گهر
۾ فائدي بدران نقصان ٿيندو.
ان لاءِ اسان کي نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽
ماءُ، پيءُ کي به گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين جي
تعليم ڏانهن توجه ڏين ته جيئن، ڇوڪريون به اڳتي
هلي پنهنجي ڳوٺ، شهر ۽ ملڪ جي خدمت ڪن.
مختيار نصير ڏوگر
صبر جو ڦل
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب شخص رهندو هو. هن کي
هڪ ڏاڍي سهڻي، سلڇڻي، موچاري شڪل واري ڌيءُ هئي،
هن جا ڏينهن غربت ۾ گذري رهيا هئا، هن شخص جو نالو
صابر هو، سندس ڌيءَ جو نالو صنوبر هو، هوءَ نيڪ
سيرت هئي.
هر ڪو هن جي تعريف ڪندو هو، صابر جي گهر واري اوچتو هڪ موذي مرض
۾ مبتلا ٿي پيئي، هن ويچاري ڏاڍو خرچ ڪيو. پر،
بيماريءَ ختم نه ٿي، هي ويچارو قرضي ٿي پيو، رات
ڏينهن محنت مزدوري ڪندو هو، صابر سڄو ڏينهن هن جو
تيماداري ڪندو هو. هنن وٽ پئسا ختم ٿي ويا هئا،
هنن جو هاڻي فاقن تي گذارو ٿيڻ لڳو. آخر تنگ ٿي،
گهر کان ٻاهر نڪتو، هن رستي تي ڪجهه سون ڪريل ڏٺو،
هن اهو کنيو ۽ دل ۾ سوچيو ته ”هاڻي منهنجا ڏکيا
ڏينهن دور ٿي ويندا“ اهو سون چورن ڪنهن گهر مان
چورايو هو، ۽ ڪافي سامان چور کڻي ويا، ٿورو سون
هيٺ رستي تي ڪري پيو هو، جيڪو، صابر کي هٿ لڳو،
اوچتو پري کان حڪومت جا ماڻهو نظر آيا، انهن اچي
صابر کي سوگهو ڪيو، هن کي ملزم ڪري عدالت ۾
آندائون، هن غريب شخص کين گهڻوئي ٻڌايو ته ”مان بي
قصور آهيان مون ڪوبه گناهه نه ڪيو آهي، هي هڪ
اتفاق آهي، مون چوري نه ڪئي آهي، مون کي سزا نه
ڏيو.“ پر، قانون کي صرف هڪ اک هوندي آهي. هو صرف
ڏسندا آهن، پر جاچ جوچ نه ڪندا آهن ۽ نه وري ايتري
ڀڄ ڊڪ ڪندا آهن، بس هنن کي سڳ ملي ويو سو هن تي
سڄي سامان جو الزام، هن تي هنيو ۽ چيو ته، يا
سامان سمورو پيدا ڪر، نه ته 10 سالن جي سزا ملندي،
هن وٽ ٻيو سامان ته ڪونه هو، سون جي ڪري ئي کيس
عدالت 10 سالن جي سزا ڏني، هوڏانهن سندس زال ۽
ڌيءَ ڏاڍو غمگين ٿيون، الله تي توڪل ڪري رهڻ
لڳيون.
ائين ڏسندي ڏسندي 8 سال گذري ويا ان وچ ۾، صابر جي زال به گذاري
ويئي، پاڙي جي ڪنهن نيڪ مرد، سندس ڌيءُ صنوبر جي
شادي، هڪ سوداگر سان ڪرائي، اهو سوداگر تمام گهڻو
لالچي هوندو هو، هر وقت پيسن گڏ ڪرڻ جو فڪر لڳل
هوندو هوس، هن هڪ ڏنهن ڪوڙ ڪري، پنهنجي زال کي چيو
ته ”مون کي ڪاروبار ۾ گهاٽو ٿيو آهي سو، جيڪو سون
تنهنجي ماءُ تولاءِ رکيو هو، او مون کي ڏي ته مان
ڪاروبار ڪريان، ويچاري صنوبر، پنهنجي گهر واري جي
مدد لاءِ پنهنجا سمورا سونا، زيور وغيره لاهي کيس
ڏنا، ته جيئن سندس ڪاروبار ۾ رخنو نه پوي، ائين هن
گهر جو سامان به گهڻو وڪڻي ڇڏيو، جڏهن هن ڏٺو ته
صنوبر وٽ مون کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، ته راتو
رات الائي ڪيڏانهن ڀڄي ويو، صنوبر وچاري ڏاڍي
پريشان ٿي، هر هنڌ پنهنجي مڙس کي ڳوليائين. پر، هو
نه مليو، آخرڪار چپ ڪري ويهي رهي، هن وچاريءَ کي،
هن سوداگر مان هڪ پياري سهڻي ۽ من مهني ننڍڙي به
هئي، هي ويچاري جيڪا هر وقت پنهنجي پيءُ کي ياد
ڪندي رهندي هئي، صنوبر وري خدا جي طرفان امتحان
سمجهي صبر ڪيو، هوڏانهن 10 سال پورا ڪري، سندس
پيءُ جيل مان آزاد ٿيو، اصل ۾ هو مجرم نه هو، پر
ماڻهن ۽ قانون جي نظر ۾ هو هڪ مجرم هو، جيل مان
نڪرڻ کانپوءِ، هي سڌو پنهنجي گهر آيو، پر گهر ته
ويران هو. پاڙي وارن ٻڌايس، ته ڪيترا سال ٿيا آهن،
جو هن گهر جا ڀاتي هتان لڏي هليا ويا آهن، وچارو
اتان مايوس ٿي، ڪنهن اڻ ڄاتل منزل ڏانهن راهي ٿيو.
پر هي جتي به وڃي پيو، ماڻهو هن کي ڏوهاري سمجهن
پيا. آخر هڪ ديندار، نيڪ دل امير ماڻهو، کيس
پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ سندس تمام گهڻي (چاڪري) خدمت
ڪيائين ۽ هن کي ڪجهه پئسا ۽ چانديءَ جو سامان به
ڏنائين ۽ چيائين ته ”هن سان ايمانداريءَ سان محنت
ڪري روزي ڪمائجان.“ صابر نيڪ مرد کان موڪلائي اٿي
اڳتي هليو ته هن جا الفاظ، جيڪي نيڪ مرد هن کي چيا
هئا، ته ”زندگي ڏيڻ لاءِ آهي ۽ نه وٺڻ لاءِ آهي.“
هي الله تي توڪل ڪري اڳتي هليو، هڪ ڳوٺ ۾ آيو، اتي
ڪنڀر ٿانون جو وڏو دڪان کوليو ويٺو هو، هن اهو
دڪان ٿانون سميت خريد ڪيو ۽ ٻيو به دڪان خريد ڪري
پنهنجو نوڪر رکيو، آهستي آهستي، هو علائقي جو وڏو
امير ليکجڻ لڳو، هن جي شهرت پري پري تائين پکڙجي
ويئي، هن جي دل ۾ غريبن لاءِ پيار ۽ محبت هئي، ان
علائقي جي شهر ۾ هڪ عاليشان بنگلي ۾ رهڻ لڳو. هن
هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ مدرسا، اسڪول، يتيم خانه ۽
اسپتالون ٺهرايون، هن ٿانون جون ڪيتريون فيڪٽريون
هنيون، جيڪي، هن اُن نيڪ مرد جي نالي سان کوليون
هيون، سندس ڌيءَ به سندس ئي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي
هئي، هڪ ڀيري صنوبر جي ڌيءَ بيمار ٿي پيئي، هن کي
پئسن جي سخت ضرورت ٿي پئي، هن ”فيڪٽري جي مئنيجر
کي ڪجهه پيسن لاءِ چيو، جنهن چيس“ فيڪٽريءَ جو
مالڪ گهڻو رحم دل آهي، جي تون ان سان ملندينءَ ته
هو تنهنجي مدد ضرور ڪندو. صنوبر ٻئي ڏينهن صبح جو
سوير، فيڪٽريءَ جي مالڪ سان ملڻ ويئي، جيئن اندر
داخل ٿي ته اندر ڪرسيءَ تي ويٺل پنهنجي پيءُ کي
سڃاتائين، پر دل ۾ شڪ ٿيس ته ”متان مون کي غلط
فهمي ٿي هجي، منهنجو پيءُ ته جيل ۾ هو، ان ڪري
ڪيترائي سال گذري ويا آهن، الائي زندهه به آهي يا
نه؟“ ايتري ۾ سندس پيءُ، صابر پڻ پنهنجي ڌيءَ کي
سڃاتو، پوءِ ٻئي پاڻ ۾ مليا، صنوبر، پراڻي جاءِ
مان لڏي پنهنجي پيءُ جي عاليشان محل ۾ پنهنجي ڌيءَ
سميت رهڻ لڳي. ڪيترائي نوڪر چاڪر خدمت ۾ هر وقت
حاضر هيس. اهڙي طرح انهن جا ڏکيا ڏينهن دور ٿيا،
جيڪو به ڪنهن سان نيڪي يا ڀلائي ڪندو آهي، الله
تعاليٰ ان جو ان کي ضرور اجر ڏيندو آهي، الله
تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کان امتحان به وٺندو آهي، نيڪ
انسان هميشه صبر ڪندا آهن چوندا آهن، ته صبر جو ڦل
مٺو ٿيندو آهي.
سنڌيڪار: اعجاز اسد پليجو
ڏسو آئون ڪيئن وڏو ٿيو آهيان؟See how I grow
چوزي جي آتم ڪهاڻي
ڏسو! هئيڊي رونءَ (نرم پرن) وارو چوزو/ڪڪڙ جو ٻچو
(CHICK) ڪيئن وڏو ٿي هڪ سهڻو ڪڪڙ ٿيو پوي.
آني مان ڦٽڻ:
منهنجي ماءُ، آنن تي آرو ڪريو ويٺي آهي. هر آني منجهه هڪ چوزو
ٿئي ٿو، انهن مان آئون به هڪ آهيان. مان پنهنجي
آني جي کل يا کوپي
(Egg Shell) کي ٽُڪي، ٽوڙي ڌڪي نيٺ ٻاهر نڪري آيس. هاڻ آئون آني کان آزاد
آهيان.
آني کان ٻاهر:
آئون هڪ ڪلاڪ (ڄمار ۾) جو آهيان ۽ منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون به ڦٽن
پيا. اسان سڀ گڏجي چُون چُون جي تنوار ڪريون پيا.
منهنجون کنڀڙاٽيون ورڇجي ويون آهن ۽ اهي ڪونئري / نرم بج يا ٻر
سان ڍڪيل آهن.
چُڳڻ سکيس:
آئون ٽن ڏينهن جو آهيان، ۽ مون کي بک، محسوس ٿي رهي آهي. منهنجي
ماءُ داڻو پئي چڳي (کائي)، ڏسان پيو. آئون وڌي وڃي
اما جي چهنب وٽان داڻو کڻان ٿو. داڻو مزي وارو آهي
۽ مون پنهنجو پاڻ چڳڻ جوفيصلو ڪيو آهي.
پاڻي پيئڻ:
هاڻ آئون اٺن ڏينهن جو ٿي ويو آهيان . منهنجي کنڀڙاٽين تي نوان
پر ڦٽن پيا.
اما، ڇا پئي ڪري ؟ اها پاڻيءَ جي پيالي ۾ پنهنجي چهنب ٻوڙي رهي
آهي. آئون پيالي ۾ ٽپي/ گهڙي پيس. پاڻي ڏاڍو ٿڌو
آهي. منهنجي ڀيڻ به ان ۾ گهڙي پئي.
ڪوڙو ٽاهه/خوف:
آئون ٻن هفتن جو ٿي ويو آهيان،اڄ آئون اما سان گڏ پنهنجو کاڌو
پاڻ ڳولي رهيو آهيان.
اما، کنڀ/پک ڦڙڪائي پئي، لڳي ٿو ڪو خطرو يا ڳڙ ٻڙ آهي! اما، ڪُڙ
ڪُڙ ڪري، اسان کي مڙئي (ڀڄائي) پئي، اوسي پاسي ته
ڪجهه به نه آهي، اهو ڪوڙو خوف/ٽاهه آهي. اما،
اسانکي واپس گهُرائي/ سڏي ٿي.
اَبا سان ملڻ:
آئون ڄمار ۾ چئن هفتن جو ٿي ويو آهيان ۽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو
آهيان.
ڏسو! بابا ڪيڏو نه وڏو آهي، بابا ڏاڍو يار ويس ۽ مهربان آهي. هو
مون کي پنهنجي پٺيءَ تي چڙهڻ جي موڪل ڏيندو آهي.
وڌي ويجهي وڏو ٿيڻ:
هاڻ آئون ڄمار ۾ اَٺَن هفتن جو ٿي ويو آهيان. منهنجا ڀائر به
وڏا ٿي ويا آهن.
مون کي پنهنجي مٿي تي هڪ چمڪندڙ ڳاڙهي چؤنر/موڙ(Comb)
چهنب هيٺيان ڳاڙهيون پاپڙيون
(Wattle) ظاهر ٿي پيون آهن.
آئون وڌي وڏو ۽ سگهارو ٿي ويو آهيان ۽ لٿي پٿي پنهنجي سنڀال ڪري
سگهان ٿو.
آئون پنهنجي چهنب وسيلي پاڻ کي صاف ۽ اڇو اُجرو رکندو آهيان.
مون کي پنهنجي پرن تي ناز آهي.
سميع ساجد جوڻيجو
محبت جو گيت
ٻڌو ڳالهه منهنجي ذرا هيءَ ٻارو،
محبت جا ڳايو اوهين گيت يارو.
ڪيو ڪين ڪنهن سان يار نفرت،
محبت جو جهر جهنگ وڄايو نغارو.
محبت جا پوکيو سَر-راه ٻُوٽا،
محبت جوگڏجي هڻو روز نعرو.
رکي جو به دل ۾ محبت جو جذبو،
صحيح آه سوئي ته انسان سارو.
محبت ڪري جو ننڍن ۽ وڏن سان،
اهو ٻار سڀ کي ته لڳندو آ پيارو.
ڀلا ٻار ”ساجد“ اهي ئي ٿين ٿا.
محبت جو ورتيون هلن ٿا جي چارو.
سنڌيڪار: ظهر سولنگي
پانڊا جانور جون عادتون ۽ حرڪتون
اوهان ٽيليويزن تي پانڊا جانور ضرور ڏنو هوندو، يا ان جون
تصويرون ڪتابن ۾ ڏٺيون هونديون، هي چين جو امن
پسند ۽ سادو مزاج رکندڙ جانور آهي، اچو ته پانڊا
جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪريون:
پانڊا، گهڻو ڪري بانس ۽ ڪجهه ٻين ٻوٽن ۾ رهندا آهن. پر، تعجب جي
ڳالهه هي آهي، ته اُهي ٻوٽا خور نه آهن. انهن کي
جتي به موقعو ملندو آهي، ته اهي هڏا کائيندا آهن ۽
گوشت به کائيندا آهن. پانڊا، بظاهر ته بي ڊول نظر
ايندا آهن، پر جڏهن دشمن سان مقابلو ڪندا آهن، ته
وڏا چالاڪ ۽ خطرناڪ هوندا آهن. پانڊا هڪ خاص قسم
جي بانس جا شوقين هوندا آهن، جنهن کي ڪوئا به گهڻو
پسند ڪندا آهن، جتي ڪوئا لڪل هوندا آهن، اتان
پانڊا، انهن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ ان
لاءِ هنن وٽ هڪ بهترين طريقو هوندو آهي، سڀ کان
پهرين پانڊا، ٻرن ۾ چبن سان مٽي وجهن ٿا، نتيجي ۾
ڪئو، ٻر ۾ نٿو رهي سگهي ۽ ٻر مان ٻاهر ڊوڙي ٿو، ته
پانڊا چنبو هڻي، ڪئي کي پڪڙي ٿو ۽ شروع ۾، ڪئي کي
نه ٿو کائي، ٻلين وانگر ڪئي سان کيڏي ٿو ۽ ڪئو ڀڄڻ
لاءِ مئل هئڻ جو بهانو ڪري ٿو، جيستائين پانڊا ڪڪ
نه ٿو ٿئي ايستائين، راند هلندي رهي ٿي ۽ جڏهن
پانڊا بيزار ٿئي ٿو، ته اها ڪئي جي پڄاڻي هوندي
آهي، پانڊا نه صرف ڪئن پڪڙڻ جا ماهر هوندا آهن.
پر، گدڙن سان وڙهڻ جا به ڪاريگر هوندا آهن، جيئن
ته اسان کي معلوم آهي، ته گدڙ چالاڪ ۽ مڪار هوندا
آهن، اڪثر ڪري، اهي ٽولن جي صورت ۾ پاڻ کان وڏن
جانورن جو شڪار ڪندا آهن، ايستائين جو ڀورا رڃ ۽
جهنگلي سوئر، انهن کي ڀڄڻ ۾ پاڻ کان تيز ڄاڻن ٿا.
پر پانڊا کي گدڙ کي ڦاسائڻ جو پنهنجو طريقو هوندو
آهي، اهي وڻن تي چڙهي وڃن ٿا ۽ گدڙن جو انتظار ڪن
ٿا، پوءِ جڏهن گدڙ وڻن هيٺان لنگهن ٿا ته پانڊا ٽپ
ڏيئي گدڙن جي پويان حملو ڪن ٿا، گدڙ اڳئين حملي تي
زور ڏئي ٿو، جڏهن ته پانڊا اوچتو، ان جي پٺئين طرف
کان حملو ڪري ٿو، ڪڏهن ڪڏهن پانڊا، گدڙن کي بلڪل
چيڀاٽي ڇڏين ٿا، پانڊا، جيتوڻيڪ دشمنن لاءِ خطرناڪ
آهن، پر انسان جا گهرا، دوست هوندو آهن، جڏهن
سيارو ايندو آهي، ۽ هاري جابلو ڳوٺن ۾ گوشت ۾
مزيدار کاڌو پچائن ٿا، ته انهن کاڌن جي خوشبوءِ تي
پانڊا پهچي ٿا وڃن.
ڪجهه پانڊا ڳوٺن ۾ کاڌي جي تلاش لاءِ ويندا آهن، اهي ڳوٺاڻن جي
رڙين تي ڌيان نه ٿا ڏين، اهي زمين تي ويهي رهن ٿا
۽ ماڻهن ڏانهن گهوڙي تڪن ٿا، جيڪڏهن توهان پانڊا
کي ڌڪ هڻندا، ته اهو ليٽي پوندو ۽ هوا ۾ پنهنجا
چنبا لوڏيندو، ان جي ان سادگي جي ڪري ماڻهو کلي
پوندا آهن، پانڊا ڪڏهن ڪڏهن گهرن ۾ اوچتو اندر اچن
ٿا ۽ کائڻ لاءِ ڪٻٽن مان ڪا شيءِ تلاش ڪن ٿا. ان
کان پوءِ گهڙي پل لاءِ پانڊا گهر جي اڱڻ ۾ ننڊ ڪن
ٿا. ڳوٺاڻا پانڊن کي شريف جانور سمجهن ٿا، تنهنڪري
انهن کي جبل ڏانهن واپس موڪلڻ کان پهريان، ان سان
کيڏن ٿا.
پانڊا گهڻو پاڻي پين ٿا، جڏهن هڪ پانڊو، نديءَ تي اچي ٿو ۽
پنهنجو پاڇو پاڻي ۾ ڏسي ٿو، ته سوچي ٿو ته شايد
ٻيو پانڊو به پاڻيءَ جي اندر آهي. اهو جلدي ۾ پاڻي
ايستائين پئي ٿو، جستائين، هن جي اڃ ختم نه ٿي
وڃي، پر، ڪجهه قدم واپس ورڻ تي، پانڊو اوچتو ان
ڳڻتي ۾ بيهي رهي ٿو ۽ سوچي ٿو ته ”شايد ٻيو پانڊو
سمورو پاڻي پي نه وڃي.“ هو واپس نديءَ ڏانهن موٽ
کائي ٿو. پر، پاڇو اڃا تائين پاڻي ۾ موجود آهي ۽
پوءِ وري پاڻي پيئڻ شروع ڪري ٿو. اڪثر ڪري پانڊو،
ايترو پاڻي پيئندو آهي، جو هو شرابي انسان وانگر
نظر ايندو آهي ۽ ٿاٻا کائيندو آهي.
پانڊا چين جو هڪ قيمتي ۽ قابل احترام جانور آهي، ان جو نسل پوري
ملڪ ۾ وڌيڪ رهيو آهي، هاڻ ڪجهه سالن کانپوءِ،
پانڊا ٻين ملڪن ڏانهن دوستيءَ جي سفير طور به
موڪليا پيا وڃن.
قربان جعفري قسط-13
اڪبر جي مهاڀارت
هڪڙي ڏينهن، هڪڙي ڪهاڻي چوندڙ اڪبر کي مهاڀارت مان ڪجهه ڪهاڻيون
ٻڌايون، هر هڪ کي پانڊن ۽ ڪورن جي ڪهاڻي جي خبر
هئي، پر هو ان کي ٻيهر ٻڌي خوش ٿيندا هئا.
جڏهن ڪهاڻي چوندڙ ڳالهه پوري ڪئي. درٻارين مان هڪڙي چيو،
”بادشاهه سلامت، توهان ڪنهنکي پنهنجي حياتيءَ جي
باري ۾ لکڻ لاءِ ڇو ڪين ٿا چئو؟ اهو هڪڙو حيرت
انگيز ڪتاب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هتي توهان جهڙو
بادشاهه ڪڏهن ڪين ٿيو آهي.“
”سچ“، اڪبر چيو.
”پر ڪتاب ڪير لکندو؟“
هڪڙي درٻاري، جنهن بيربل کان نفرت پئي ڪئي، پنهنجي دل ۾ سوچيو
ته؛ ”مان بادشاهه کي صلاح ڏيان ته اهو بيربل لکي.
جيڪڏهن هن ڪين لکيو، ته بادشاهه ڪاوڙبو ۽ هن کي
درٻار مان تڙي ڪڍندو.“
هن بادشاهه کي چيو، ”بادشاهه سلامت، بيربل ئي ايترو هوشيار
ماڻهو آهي. جيڪو توهان جي حياتيءَ جي تاريخ لکي
سگهي ٿو.“
جڏهن اڪبر، بيربل کي ڪتاب جي باري ۾ چيو، بيربل سمجهيو پئي، ته
هو ڪڏهن به اهڙو ڪتاب لکڻ جي قابل ڪين ٿيندو، پر
هن چيو، ”بادشاهه سلامت، مون کي ڪتاب مڪمل ڪرڻ
لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال کپندو. مون کي سفر ڪرڻ جي
ضرورت پوندي، انهن جنگين جي باري ۾ به ڪجهه ڄاڻڻ
لاءِ، جيڪي اوهان وڙهيون ۽ بادشاهتيون، جيڪي اوهان
کٽيون آهن. مان انهن ماڻهن بابت جن تي اوهان راڄ
ڪيو ٿا، سڀ ڪجهه ڄاڻڻ چاهيان ٿو. مون کي ڪجهه رقم
جي ضرورت پڻ پوندي.“
اڪبر، بيربل کي ڏهه لک رپيا ڏنا. هن رقم سان بيربل، اڪبر جي
سموري بادشاهي ۾ سفر ڪري روڊ، رستا، واهه ۽ کوهه
جتي جتي انهن جي ضرورت هئي، ٺهرايا. هڪڙي سال پوري
ٿيڻ تي، هو هڪڙو تمام وڏو ۽ ڀاري ڪتاب کڻي درٻار
ڏانهن موٽي آيو. هن جي اندر هڪڙو اکر به لکيل ڪين
هو.
”مان ذري گهٽ ڪتاب ختم ڪيو آهي“، بيربل چيو. ”مون وٽ رڳو هڪڙي
ڪهاڻي لکڻ لاءِ رهيل آهي. پر مان اها لکڻ کان اڳ ۾
راڻي کان سندس اجازت ضرور وٺندس.“
اڪبر، ايستائين انتظار ڪرڻ قبول ڪيو، جيستائين بيربل کي راڻي جي
اجازت ملي. بيربل راڻي وٽ ويو ۽ چيائين، ”بادشاهه
سلامت مون کي سندن حياتيءَ جي ڪهاڻي لکڻ لاءِ چيو
آهي. مهاڀارت جي بهادر راڻي دروپدي پنهنجي دشمنن
هٿان قيد ٿي هئي. اوهان منهنجي ڪتاب جي هيروئن
آهيو، مان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته دروپدي جيان،
دشمنن هٿان، توهان جي مذاق اُڏائي وئي ۽ بي عزتي
ڪئي وئي؟ ڇا مون کي اوهان جي اجازت آهي؟“
راڻي کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ”جيڪڏهن تو منهنجي باري ۾ اهڙيون
ڳالهيون لکيون“، هن چيو، ”مان تنهنجي سسي لهرائي
ڇڏيندس. اهو ڪتاب هڪدم ساڙي ڇڏ.“
بيربل ڪتاب هڪدم ساڙي ڇڏيو. پوءِ هو، اڪبر وٽ ويو ۽ هن کي
ٻڌايائين ته ڇا ٿيو هو. ”جيڪڏهن توهان جي مرضي هجي
ته مان وري ڪتاب لکان. بادشاهه سلامت.“ هن چيو.
”نه“، اڪبر غمگين ٿيندي چيو. ”اهومها آزار ٿيندو.“
(هلندڙ) |